; سنڌي شخصيتون: بابو عبدالعزيز سومرو - امتياز منگي

10 December, 2021

بابو عبدالعزيز سومرو - امتياز منگي

بابو عبدالعزيز سومرو

امتياز منگي



سنڌ جو اهو اترادي شهر ڪشمور جنهن ۾ ڪنهن ماءُ جي هنج جهڙا جنڊي جا هندورا ڏسڻ لاءِ شڪارپور جا شهنشاه ڪاريگر صبح جو سوير نڪرندا هئا ته ٽوڙي بنگلي واري روڊ تي واقع ننڍي ڳوٺ چِمني، ڀرسان پري پري تائين ڦهليل تلائن وٽان گذرندي انهن کي ذري برابر به احساس نه هوندو هو ته ڪشمور ۾ کاٺ جي چِير مشين پويان هڪ اهڙو شخص به رهندو هوندو جو هن گولي جو پهريون سنگتراش آهي جيڪو ڪاٺي کي قوس و قزح بڻائيندو آهي. چنيوٽ شهر جا ڊکڻ، جڏهن هن سان ملن ٿا ته انهن کي پنهنجي بي رنگ فرنيچر کان الرجي ٿيڻ لڳي ٿي. پنهنجي ڌن ۾ مگن هن مست ملنگ کي اها پرواه ناهي ته اسلامي مملڪت هئڻ جي ناتي هو اسلامڪ آرٽ تي ڪم ڪري ها يا صادقين وانگر آيتون گهڙي ها ته کيس پذيرائي ملي ها؟ هن جي شاهڪار تخليقن کي پئرس جي لوور ميوزيم ۾ سجايو وڃي ها جيڪڏهن هي لاهور جي گلبرگ جو رهاڪو هجي ها. نيشنل ڪاليج آف آرٽس جا شاگرد پنهنجا رنگن وارا برش ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏن ها جڏهن هن جي فن جي نفاست کي پرکِن ها ۽ شايد هن  تي پي ايڇ ڊي ٿيڻ لڳي ها. هن فنڪار کي ڪل ئي ناهي ته هن جي فن کي تڏهن ساراهيو وڃي ها جڏهن هو ڪنهن وزير مشير جي عاليشان بنگلي تي جنڊِي جو ماڙيون ٺاهي ها؟ ڪير آهي اهو ڪلاڪار؟ بابو عزيز سومرو.


بابو عبدالعزيز سومرو اتر جي هوا جهڙو ماٺيڻو ۽ دلربا مزاج رکندڙ آهي. هن جو وجود به نوري ڄام تماچي جي پيار ڪهاڻي جو حصو آهي. جنهن ۾ ڄام تماچي ٺٽو ۽ جهرڪن جي وچ ۾ هلايا ٽڪري تي آرام ڪري، ڪينجهر ڪناري اچي ويهندو هو. ٻيڙي تي چڙهي هو جهوليندو هو لهرن جي لئه تي. پر بابو عزيز ته اهڙو جهولائيندڙ ٻيڙو تخليق ڪيو آهي، جيڪو خشڪيءَ تي بغير هوا جي جهولندو آهي. موسيقيت سان ڀرپور لوڏن تي، ماڻهوءَ جي اعصابن مٿان سڪون طاري ٿي وڃي ٿو. ذهني طور تي تازا ٿي وڃن ٿا، جڏهن ڪو هندوري ۾ لڏي ٿو.

اڄ به پنجاسي سالن جي ڄمار ۾ هيڻائپ، مايوسي ۽ بيزاري کي لتاڙيندي، هو منتظر آهي ته ڪو هن جي فن کي اڳتي وڌائي. پوري زندگيءَ ۾ هن کي هڪڙو قدردان مليو هو، جنهن هن کي سِوِل ايوارڊ ۾ تمغه امتياز سان نوازيو. اهو ڪو اوپرو يا غير نه پر پنهنجي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو هئي، جنهن ايوان صدر ۾ هن جي نالي جو اعلان ٻڌڻ سان ڀرپور تاڙيون وڄايون هيون. پر مور مري ويا ۽ هن علائقي مان هڪ ڏينهن فن ۽ فنڪار به بي موت مري ويندا.

مان ۲۷ فبروري تي شام جو جڏهن پنهنجي نوعيت جي منفرد فنڪار جي گهر پهتو هيس ته نثار سومرو پنهنجي آفيس ۾ منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. بابا عزيز! سنهڙو جسم، ڪلهي تائين لڙڪيل وڏا وار، ننڍيون وکون کڻندو اندر داخل ٿيو. اسان سڀ تعظيم ۾ اٿي بيهي رهيا هياسين. جنڊيءَ جي ڪم جو هڪ ڪلاسيڪل خالق، اسان جي سامهون هيو. چوندا آهن ته؛ جنهن انسان جي اندر ۾ سونهن ۽ سرت آهي، اها ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ٻاهر نڪري نروار ٿيندي آهي. هن جي آڱرين ۾ عجيب رڌم رکيل آهي. هڪ نظر سان ڪو يوگي ٿو لڳي، جيڪو ڄڻ ڪو آسڻ ڌاري ويٺو هجي.

هو اڄ به اهو واقعو وساري ڪو نه سگهيو آهي، جنهن ۾ هن کي سرائيڪيءَ جو عظيم گائڪ پٺاڻي خان سمجهي، ڪلام جي فرمائش ڪئي وئي. هو پنهنجن ڪشمور جي يارڙن، جن ۾ مرحوم رشيد احمد لاشاري، فيض بخشاپوري ۽ شعبان بخت سان ڪيل ڪچهرين جو ذڪر ڪندي، خاموش ٿي وڃي ٿو. سهگل، مڪيش ۽ طلعت محمود جا درد ڀريا ڪلام، کانئس وسريا ڪو نه آهن. جوانيءَ ۾ قائد اعظم جو گارڊ رهندڙ هيءُ ڪردار، پاڪستان ٺهڻ بعد، مڃتا ماڻي ڪو نه سگهيو آهي. سال ۱۹۹۷ع ۾ لاهور ۾ الحمرا ۾ هڪ نمائش منجھ کيس ايلس فيض سان گڏ هڪ اهم ڪاميٽيءَ ۾ کڻي هر معاملي تي صلاح ڪئي وئي. سال ۱۹۹۴ع ۾ لوڪ ورثا طرفان، کيس اسلام آباد ۾ ڪرايل (First International Islamic Artisans-At-Work-Festival) ۾ مڃتا جو ايوارڊ ڏنو ويو. ڪڏهن کيس ڪشمور ڇانوڻي جي تقريبن ۾ مهمان خاص مدعو ڪيو ويو ته ڪڏهن آمريڪي سفارتخاني هن جو ڪم ڏسي تعريفي خط ارسال ڪيا.

پر ڇا اھي خبرون اڪثر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيون آهن ته هڪ فنڪار پنهنجا تمغا وڪڻي علاج ڪرائڻ چاهي ٿو. هو معاشي بدحاليءَ جو شڪار رهي ٿو، پٽ جي نوڪريءَ لاءِ پريشان آهي. روحي بانوءَ کي پاڳل خاني مان ڪڍي، ٻاهرين ملڪ مان سندس علاج ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي. اهي اهڙا سوال آهن جن جو جواب صرف سرڪار کان ٻڌڻ چاهيندا آهيون. پاڻ کي ڪجهه به ناهي ڪرڻو. 

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جنڊيءَ جي منفرد فن رکندڙ هن لافاني ڪردار جي نالي سان، ڪو ادارو کوليو وڃي ۽ هن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو وڃي ۽ رهائش لاءِ پنهنجو گهرڙو اڏائي ڏنو وڃي.

 

(امتياز منگي صاحب جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۷ فيبروري ۲۰۱۵ع ڌاري رکيل ۽ ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي اتان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا