; سنڌي شخصيتون: راز ناٿن شاهي

27 December, 2021

راز ناٿن شاهي

راز ناٿن شاهي

ناميارو شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ مصور

محمد سليمان وساڻ



ناليواري شاعر راز ناٿن شاهيءَ جو اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي آهي، سندس جنم ۷ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم خيرپورميرس جي ناز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. کيس ادب سان لڳاءُ پنهنجي ناني مرحوم محمد اعظم ’اعظم‘ ميراڻيءَ کان ورثي ۾ مليو. راز ناٿن شاهي ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار طور متعارف ٿيو. هي پهريان علي شير ۽ ’عين شين‘ جي نالن سان ڪهاڻيون لکندو هو. سندس لکڻيون سنڌي روزنامن، هفتيوار اخبارن ۽ مختلف ماهوار رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هڪ سال ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو، جنهن بعد ئي هن شعر جي مختلف صنفن تي به لکڻ شروع ڪيو. شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آندائين. سندس شعر سنڌي زبان جي مشهور رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪرڪيٽ رانديگر، اسٽيج فنڪار ۽ مصور پڻ آهي. هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.


هن جو وڏو عرصو پي. ٽي. وي تي ڪاتب ۽ خطاط طور ڪم ڪندي گذريو آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي مختلف پروگرامن جي سِرن جي خطاطي راز ناٿن شاهي ڪندو رهيو آهي، جيڪا ڏاڍي پسند ڪئي وئي آهي.

’راز‘ ناٿن شاهيءَ سنڌي ۽ اردو خطاطيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس شاهه لطيف جي سنڌي بيتن ۽ آغا سليم جي شاهه جي منظوم اردو ترجمي تي مشتمل بيتن جي خطاطيءَ جي نمائش ۱۶ اپريل ۲۰۱۰ع تي ظفر ڪاظمي گئلري، سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ٿي.

سيني سيني درد جون ويرون،

اک اک پاڻي، من من جھيرون.

ـ

گھر گھر اوندھه، در در ٺوڪر،

ڇوري ٻار جيان تقديرون.

ـ

ھٿ ھٿ ڪشتو، ويران رستا،

ڪوڙي خوابن جون تعبيرون.

ـ

ڪير ڏسي ٿو، ڪير پڙھي ٿو،

ڳاڙھي رت جون ھي تحريرون.

ـ

عريان عريان، بي جان بي جان،

منھنجي سوچڻ جون تصويرون.

ناٿن شاهي دل جي دوري سبب، ۴ نومبر ۲۰۱۹ع تي، لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون.


راز ناٿن شاهي

سندس وڇوڙي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون

سنڌ اندر جن شخصيتن پنهنجي هڪ جنم ۾ ڪيترن ئي جنمن جيترو ڪم ڪيو تن مان راز ناٿن شاهي به هو، جيڪو ٽيون ڏينهن ۴ نومبر تي گلشن حديد ۾ دل جي دوري سبب ۷۲ سالن جي عمر ۾ اسان کان موڪلائي ويو آهي.

راز ناٿن شاهي جي سڃاڻپ جا ڪيترا ئي وڏا، سگهارا ۽ فخر جوڳا حوالا رهيا آهن. هن هڪ ئي جنم ۾ نامياري اديب، ڪهاڻيڪار، شاعر، ڪالم نگار، صحافي ۽ پيغام رسالي جي ايڊيٽر طور يادگار ڪم ڪيو پر اُهو ڪم جيڪو رڳو راز ناٿن شاهي ئي ڪري سگهي پيو، سو آهي “خطاطي” وارو ڪم. اڳتي هلي راز ناٿن شاهيءَ جڏهن محسوس ڪيو ته فن خطاطي جو اهو ناياب ڪم جيئن ته گھٽ ماڻهو ٿا ڪن ته هُن ان ڪم کي وڌيڪ وقت ڏنو ۽ اهو ڪم ئي سندس گذر معاش جو وڏو ذريعو بڻيو. فن خطاطي ۾ راز ناٿن شاهي کان اڳ ۽ پوءِ بيشڪ ٻيا به وڏا نالا آيا جن پنهنجو مقام ٺاهيو پر راز ناٿن شاهي انکان اڳ ۾ اڪيلي سر اخبارن، ٽي وي، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ پنهنجون خدمتون ڏنيون ۽ سڄي زندگي ان ڪم کي ارپي ڇڏي. سندس فن خطاطي ۾ يادگار ڪم گنج شريف جي خطاطي ۽ ڀٽائي جي بيتن جي خطاطي کي سونهن ڏيڻ شامل آهي.

“فن خطاطي” وارو هڪ ئي شعبو اهڙو آهي جيڪو ملڪ جي سڀ کان وڏي يعني صدارتي ايوارڊ جو حقدار آهي پر افسوس ته سندس زندگيءَ ۾ کيس اهو اعزاز نه بخشيو ويو جنهن لاءِ هو سڀني حوالن سان مستحق هئو پر اسان جو خيال آهي ته راز ناٿن شاهي جو قد ڪاٺ ان صدارتي ايوارڊ کان وڌيڪ مٿانهون آهي.

راز ناٿن شاهي سنڌي ميڊيا پوءِ اُها پرنٽ هجي يا اليڪٽرانڪ تنهن جي ضرورت بڻجي ويو هو. هلال پاڪستان ۽ برسات اخبارن سندس صلاحيتن ۽ خدمتن جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ راز جي فن پارن به کين چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. راز ناٿن شاهي جي ڪيليگرافيءَ اخبارن کي حسين ترين سُرخين سان مالا مال ڪيو. ايئن اخباري مئگزين توڙي علمي ادبي رسالن ۾ به پنهنجي خطاطيءَ واري فن سان نئون روح وڌو، اڳتي هلي راز ناٿن شاهي پنهنجي ان فن کي ڪمپيوٽرائزڊ به ڪيو ۽ ڪمپيوٽر کي خطاطيءَ جو فن ڏنو. ان خطاطي جو اهو ڪمال آهي ته اها هٿ جي هنر ۽ ٽيڪنالاجي جو انوکو سنگم بڻي. ائين راز ناٿن شاهي پنهنجي خطاطي واري فن کي جُدت سان به نوازيندو رهيو، هو هڪ جاءِ ۽ هڪ سڃاڻپ تي بيٺل نه رهيو.

راز ناٿن شاهي پي ٽي وي ڪراچي، جي تاريخ جو به هڪ يادگار باب هو. هُن لڳ ڀڳ سڄي زندگي پي ٽي وي کي ڏني ۽ ڏسندڙن کي خوبصورت خطاطي وارا اکر پڙهايا، جن ۾ ڊرامن ۽ پروگرامن جا نالا توڙي انهن ڪردارن جي ڪم کي لکت ۾ متعارف ڪرايو جن کي پڙهندي اکيون پڻ سريليون ٿي وينديون هيون، اکرن سان عشق ٿيڻ لڳندو هو. اسين سڀ راز ناٿن شاهي جي خطاطي واري فن جا عاشق آهيون. مطلب ته سندس اخبارن، رسالن ۽ پي ٽي وي تي ڪيل خطاطي وارو ڪم مثالي ۽ يادگار آهي.

راز ناٿن شاهيءَ جا ٻيا به سگهارا پاسا آهن، هُن سنڌي ادب کي ڪهاڻيون ڏنيون ۽ جڏهن شاعريءَ جو ذڪر نڪرندو ته راز ناٿن شاهي جي نالي بنا جديد سنڌي شاعري جي تاريخ مڪمل نه سمجهي ويندي. ڇا شاعري جي تاريخ ون يونٽ واري دور جي ڪرب کي محسوس ڪندڙ هن ماسٽر پيس کي نظر انداز ڪري سگهي ٿي ته “تون چوين ٿي ته نوان گيت لکان روز لکان، پر ذرا سوچ چري ڇا پئي گُهرين تون مونکان.هي نئون دور نئون جَڳُ آهي، نير اکڙين مان وهائڻ جي اجازت ڪانهي....هيءَ جيڏي خوبصورت ۽ پاور فل شاعري آهي تهڙي ئي انجي روح کي جهومائي ڇڏيندڙ ڌن ۾ بيدل مسرور ان کي ڳائي امر ڪيو آهي. اها به افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي سنڌي شاعر جو شاعري جو مجموعو به سندس زندگيءَ ۾ نه ڇپجي سگهيو، باوجود انجي ته هو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو سينئر ترين ۽ بيحد سرگرم ميمبر به رهي چُڪو هو. سنڌي ادبي سنگت به شاعريءَ جي ان اهم ڪتاب کي وقت تي شايع نه ڪرائي سگهي. جڏهن ته راز ناٿن شاهي جي سٺي پي آر به هُئي پر هي پنهنجي دور جا اُهي خوددار اديب، صحافي ۽ آرٽسٽ هيا جن پنهنجي ذات ۽ پنهنجي پذيرائي لاءِ پي آر کي استعمال نه ڪيو. سو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ راز ناٿن شاهي جي هڪ بهترين شاعريءَ واري ڪتاب کان محروم آهي.



ايئن راز ناٿن شاهي صاحب، روزاني عوامي آواز ۾ هفتيوار ڪالم به لکيا جيڪي پڻ ڪتابي شڪل ۾ اچي سگهن ٿا. ڪجهه وقت راز ناٿن شاهي سرڪاري رسالي “پيغام” ۾ به ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ ان ۾ به يادگار تجربا ڪيا ۽ پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ سبب ان کي ادبي رسالي جو ويس پارائي ڏيکاريو. سنڌي ڪتابن جا يادگار ٽائيٽل به راز ناٿن شاهي جي ياد ڏياريندا رهندا. سندس ڪم ئي اهڙو آهي جيڪو وسرڻ يا نظرانداز ڪرڻ جهڙو ئي ناهي.

هُو آخري وقت تائين قلمي ۽ تخليقي پورهيو ڪندو رهيو ۽ ڀٽائي صاحب جو اهو شعر راز ناٿن شاهي جهڙين شخصيتن لاءِ منسوب ٿيندو رهندو ته “جان جان هئي جيتري، ورچي نه ويٺي، وڃين ڀونءَ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين”.

اسان سڀ راز ناٿن شاهيءَ جي وڇوڙي تي سوڳوار آهيون. پاڻ سوچيون ٿا ته سندس تعزيت ڪنهن سان ڪيون، سو اسان سندس تعزيت هلال پاڪستان، برسات ۽ پي ٽي وي تي ڪم ڪندڙ سندس دوستن ۽ ساٿين سان ڪنداسين پر سڀ کان وڏي تعزيت “سنڌي فن خطاطي” سان ڪنداسين جنهن جو روح روان راز ناٿن شاهي هو ۽ جيڪو هاڻ نه رهيو آهي.


راز ناٿن شاھي

نير اکڙين مان وهائڻ جي اجازت ڪانهي...

امر پيرزادو

سنڌ جي تخليقي آرٽسٽ سائين راز ناٿن شاهي سان پهريون تعارف سندس جڳ مشھور سدا بهار نظم تون چوين ٿي ته نوان گيت لکان روز لکان هيو، جيڪو بيدل مسرور جي آواز ۾ اسان پنهنجي وڏي ڀاءُ زبير جي شاديءَ جي راڳ تي ٻلهڙيجيءَ ۾ ٻڌو هيو ۽ پوءِ ڪڏھن ان ڪلام جي سحر مان نڪري نه سگهيا سين.

راز ناٿن شاهي منهنجي بابا انور پيرزادي جو دوست هيو ۽ گلشن حديد ۾ اڪثر اسان جي گهر انهن جو دانشوراڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون جيڪي ڪنهن ناياب ڪتاب جهڙي ڄاڻ ڏئي وينديون هيون. راز ناٿن شاهي هڪ مڪمل، فل ٽائيم آرٽسٽ هيو، هڪ ئي وقت شاندار ڪيليگرافر، خوبصورت شاعر، مڃيل ليکڪ ڪميٽڊ صحافي ۽ هڪ ٻاجهارو انسان هيو جيڪو هر وقت سنجيده ڳالهيون به کل ڀوڳ واري ماحول ۾ ڪري ويندو هيو.

هن سڄي عمر سچائي سان آرٽ سان زندگي گذاري ۽ ڪنهن سهاري جي ڏاڪڻ نه چڙھيو ان ڪري آخري وقت تائين پيٽ گذر ۾ پورو هيو ۽ بسن جا سفر ڪندي نظر ايندو هيو پر هن جي چهري تي مايوسي ڪڏھن ڪو نه ملندي هئي، هو وڏي عمر جو هوندي به اسان سان ائين ملندو هيو ڄڻ اسان جو دوست هجي، هو مون کي سدائين نوجوان شاعر ڪري مخاطب ٿيندو هيو پر هو خود به هڪ نوجوان شاعر لڳندو هيو.

راز سائين سان وڌيڪ ويجهڙائي تڏھن ٿي جڏھن مان سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جو سيڪريٽري ٿيو هيس ۽ مان راز سائين کي ميمبر به ڪيو ۽ ڪاروباري ڪميٽي ۾ به پو هو اسان سان گڏ شامل ٿيو، هونئن ته هو سنگت جو پراڻو ميمبر هيو پر سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۾ هو منهنجي حجت ڪري ريگيولر اچڻ لڳو هيو ۽ پو اسان هڪ گڏجاڻي صرف هن جي شاعري لاءِ رکي هئي جنهن ۾ هن جي آواز ۾ تون چوين ٿي ته نوان گيت لکان سميت ڪيترا ئي نظم ٻڌا هئاسين، ڪيڏي عجيب ڳالهه آھي ته هن جي زندگيءَ ۾ هن جي شاعريءَ جو ڪتاب ڪو نه آيو ۽ هاڻي به الائي محفوظ ٿي سگهي الائي نه ڇو ته قدر ڪرڻ اسان لئه سڀ کان ڏکيو ڪم رهيو آھي.

راز جا هٿ اکر ڄڻ لکت جي شاعري هئا، اکرن جو ميڪ اپ سندس لکيل جملن ۽ ڪيليگرافي مان نمايان هوندو هيو، هو ڀٽائي جا بيت لکندو هيو ته هڪ اڳي ئي سهڻا ويتر مينهن اٺام واري ڪيفيت محسوس ٿيندي هئي. مان خوشنصيب آھيان جو راز صاحب منهنجي ڪتاب عشق جي ڪيليگرافي ڪئي هئي ۽ بابا جي ڪتاب “ڀڻ جهڻ” جو ٽائيٽل توڙي مهين جودڙو ۽ انٽرويو ۽ تقريرون جي ڪيليگرافي به سندس ئي هٿ جي سونهن جا نمونا آھن.

اهڙا ماڻھو پنهنجي آرٽ مان اتساهه وٺي جيئندا آھن ۽ اهو شدت سان احساس ڏياري ويندا آھن ته ڪي ماڻھو اوهان جي دل ۾ خاموشي سان ھڪ خاص جاءِ ٺاهي چڪا هوندا آھن جنهن جي خبر اوهان کي اوچتو تڏھن پوندي آھي جڏھن سندن وڇوڙو اوهان جي دل ۾ گهرو چڪ هڻي ويندو آھي ۽ هڪ اداسي اوهان جي همسفر بڻجي ويندي آھي. سندس ستر جي ڏھاڪي جو هڪ سدا بهار نظم اڄ جي حالتن سان به ڪيڏو نه ٺھڪندڙ آھي ته

نير اکڙين مان

وهائڻ جي اجازت ڪانهي

تون چوين ٿي ته

نوان گيت لکان روز لکان

پر ذرا سوچ چري

ڇا ٿي گهرين تون مون کان


راز ناٿن شاهي ۽ ڪجهه يادگيريون

الطاف مجاھد

اڪثر ڪري ۴۰ سالن تائين جي عمر خوشيون ڏسڻ جي هوندي آهي، پوءِ ته ڏک ڏسڻا پوندا آهن، پيارن جي جدائي جا! اها ڳالهه اسان جي هڪ سينئر گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏهاڪا پهرين چئي هئي، جيڪا ان وقت مٿي تا، جيڪان گذري وئي پر اڄ جڏهن راز ناٿن شاهي جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي ته گهڻا ئي پيارا ياد اچي ويا، جيڪي اڄ هن جهان ۾ نه رهيا آهن. ڪهڙا ڪهڙا سهڻا پنهنجي فن ۾ باڪمال، ڪارنامه انهن جا لازوال پر خاڪ جي اندر ستل آهن ۽ شايد حشر ۾ ئي ملاقات ٿئي، پر اتي ته سڀني کي پنهنجي پنهنجي لڳي پئي هوندي. نفسا نفسي جو عالم هوندو. هلو ته حاضر لمحن ۾ وڃڻ وارن جي ياد تازي ڪريون.

تقريبن ۸۰ جو ڏاهاڪو هو، جڏهن سڀني جنگ جي آفيس وڃڻ شروع ڪيو. جنگ پريس جي پٺين عمارتن مان هڪ جميل اختر خان، انور شعور، اقبال مهدي، شاهد رسام ۽ ڪيترا ئي، شڪيل عادل زادي سان انهن جي گفتگو ٻڌڻ ۽ علم جا موتي چونڊڻ، عادت جهڙي بڻجي وئي هئي. نوڪري به جنگ ۾ هئي، ان لاءِ گهڻو پنڌ نه ڪرڻو پوندو هو، اُتي هڪ ملاقات راز ناٿن شاهي سان به ٿي. منهن ۾ مٺاڻ، ڳالهائڻ ۾ پنهنجائپ ملي ته هيٺ چانهه جي ڪيبين تي ويهڻ لڳاسين. اسان جهڙا گهڻا ئي ڪلو جي کوکي تي چانهه پيئندا ۽ خواب ڏسندا هئا. هن شهر ۾ اڳيان وڌڻ لاءِ جيئن جوش مليح آبادي هن شهر کي شهر نامراد ٻڌايو هو ته هن جي هوا کائي ۽ پاڻي پي وڌ ۾ وڌ چئن پنجن سالن ۾ اوليا، اوباش، ملائڪ، شيطان ۽ ديوتا يا راڪشش ٿي ويندا آهن. ڇوته ٻهراڙي جي خمير مان اٿيا هئا ان ڪري اسان ٻيو ڪجهه ته نه بڻجي سگهياسين، پر ائين رهياسين جيئن ڳوٺ مان اچڻ وقت هئاسين.  ڀاءَ يونس همدم جي موجودگي ۾ راز ناٿن شاهي سان آرٽ ڪائونسل ۾ گهڻيون ملاقاتون رهيون ۽ ڪيترا ئي دفعا پريس ڪلب ۽ ٻين تقريبن ۾ به گڏ رهيو. هميشه مسڪرائيندي ڏٺو. ياسر قاضي، شبير سومرو، آصف قاضي، مولائي ملاح سان جڏهن به ذڪر ٿيو ته ان جي تعريف ئي ٻڌڻ ۾ آئي. هو لڪيرن ۽ لفظن جو ماهر هو، ڪيلي گرافي جي دنيا ۾ گهڻا تجربا ڪيا، ٽي وي تي ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي اشتهارن جي ادارن ۽ رسالن ۾ به صلاحيتن کي پاڻ مڃايو. هڪ دفعو فن ۽ شخصيت تي گفتگو ۾ پنهنجي شاعري واري صلاحيتن جو به اعتراف ڪيو ۽ ڪلام به ٻڌايو. پنهنجي شعرن ۾ هو چنڊ سان مخاطب هو ۽ ان جي محبوب سان پنهنجي پياري جي ڀيٽ ڪندو هو. منفرد لهجي ۾ خوبصورت خيال ۽ ماحول ۾ شعرن کي نئون روپ ڏنو.

هو ٻڌائڻ لڳو ته ان عهد ۾ آزاد نظم جو تجربو ڪيو، جڏهن سنڌي ۾ صنف متعارف ٿيڻ شروع ٿي هئي ۽ اهو به ته قطعو، غزل، ڏوهيڙو ۽ وائي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ان لکڻ کي سڄي سنڌ ۾ پسند ڪيو ويو، خيرپور ناٿن شاهه مردم خيز خطو آهي، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ به نالو ڪمايو، شاعري ۾ وفا ناٿن شاهي، نشتر ناٿن شاهي ۽ آتم ناٿن شاهي جي نالن کي ڪير وساري سگهي ٿو. انهي قبيلي جو هڪ فرد راز به هو، جنهن جو اصل نالو ته علي شير ميراڻي هو پر تخلص غالب ٿيو ۽ انهي سڃاڻپ سان زنده رهيو ۽ نالو ڪمايو. بدقسمتي اها هئي ته صدارتي ايوارڊ ۽ حسن ڪارڪردگي جا اعزاز مليا پر هن کي نظر انداز ڪيو ويو. هڪ دفعي چوڻ لڳو ته هو پاڪستان کان ۷ ڏينهن وڏو آهي، ۷ آگسٽ تي پيدائش ٿي. مون پڇيو ته ۶۰ سالن جو ٿي ويو هوندين ته کلي چيائين ته پر دل جوان آهي ۽ پنهنجي فن ۾ نون تجربن جو حوصلو به رکان ٿو. وفات کان ٽي چار ڏينهن پهرين ملاقات ٿي، خوش باش ۽ تازو توانو لڳو پيو هو، سلام دعا ٿي پر ان جي مصروفيت جي ڪري ڪچهري نه ٿي سگهي. اڱاري ۵ نومبر تي ڀاءَ آصف قاضي جي وال تي هن جي وڇوڙي جو اطلاع لکيل هو. فون ڪيو ته سندس پٽ جمشيد ميراڻي تصديق ڪئي ته سومر جي شام تي هو دار فاني مان هليو ويو آهي. محترم ڊاڪٽر مسرت خواجه، احسن عباس، شعيب ڀائي، عزيز صاحب ڪنهن ڪنهن سان تعزيت ڪئي وڃي، هو پنهنجي جدائي جو صدمو ڏئي گهڻو پري وڃي چڪو هو جتان ڪير به واپس نٿو اچي.

زندگي جون ۷۲ بهارون ڏسڻ واري راز ناٿن شاهي جي رفاقت جا ڏينهن ياد رهجي ويا، هن جي پونيئرن ۾ ان جي بيوهه، ڌيئرون ۽ پٽ ئي نه لاتعداد واسطي وارا به آهن، جن سان گڏ هن ڪم ڪيو يا پنهنجي فن ۽ گفتگو سان پنهنجو ڪيو. ڪجهه مهينا اڳ هڪ سنڌي رسالي ۾ راز جي شخصيت تي مضمون شايع ڪيو ته خوشي ٿي ته شايد اها تحرير بااثر حلقن جو ڌيان ڇڪائي پر اهو خيال خيال ئي رهيو ته هن زماني ۾ ماڻهو ڪٿي توصيف جا مستحق ٿين ٿا. راز ناٿن شاهي ڀرپور زندگي گذاري، هو لفظن، رنگن جي استعمال تي قادر هو. خوبصورت شعر ۽ ديده زيب لکڻي هن جي ياد ڏياريندي رهندي، هو زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن تي بار نه ٿيو زندگي جو آخري ڏينهن به قلمي پورهئي ۾ گذريو، ڪاش مرڻ کان پوءِ ئي ان جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي. ان جي ڪلام ۽ ڪيلي گرافي جي نمونن کي ثقافت جو ادارو پذيرائي ڏي، اهو هن تي احسان نه پر حقدار کي حق ملڻ هوندو.

نه قطب هون نه قلندر، نه ڪوئي دوسرا وصف،

ڪوئي تو آئي، کهني، آدمي يه هي!

No comments:

راءِ ڏيندا