راز ناٿن شاهي
ناميارو شاعر، ڪھاڻيڪار
۽ مصور
محمد سليمان وساڻ
ناليواري شاعر راز ناٿن
شاهيءَ جو اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي آهي، سندس جنم ۷ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر خيرپور ناٿن
شاهه ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم خيرپورميرس جي ناز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. کيس ادب
سان لڳاءُ پنهنجي ناني مرحوم محمد اعظم ’اعظم‘ ميراڻيءَ کان ورثي ۾ مليو. راز ناٿن
شاهي ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار طور متعارف ٿيو. هي پهريان علي شير ۽ ’عين شين‘ جي نالن
سان ڪهاڻيون لکندو هو. سندس لکڻيون سنڌي روزنامن، هفتيوار اخبارن ۽ مختلف ماهوار رسالن
۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هڪ سال ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن
ٿيو، جنهن بعد ئي هن شعر جي مختلف صنفن تي به لکڻ شروع ڪيو. شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص
ڪتب آندائين. سندس شعر سنڌي زبان جي مشهور رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هو شاعر هئڻ سان
گڏ هڪ بهترين ڪرڪيٽ رانديگر، اسٽيج فنڪار ۽ مصور پڻ آهي. هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي
اٿس.