بدر ڌامراهو
لطيف شناسيءَ تي ڪم ڪندڙ
قلمڪار
استاد لغاري
لطيف شناسيءَ تي عالمانه
معيار جو عاليشان ڪم ڪندڙ اديب، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب جو تحقيقي ڪتاب “لطيفي انسائيڪلو
پيڊيا” منهنجي ميز تي موجود آهي. دل چوي ٿي ته اڄ انهيءَ قيمتي ڪتاب مان، ڪُجھ
قُرب جا ڪڻا ڪڍي، پنهنجو پيارو پياسي مِٺڙو مَنڙو مَنائجي. واضح هجي ته آئون ڪو نقاد
ناهيان، جو مذڪوره ڪتاب تي تيز تند تکي تنقيد ڪريان يا چڱي چوکي چُڀندڙ چيرڦاڙ ڪري
پنهنجي پاڻ کي مڃايان. مون کي صرف محبت جا ٻه ٽي ماڻڪ ۽ موتي مولڻا آهن. ٻه ٽي ٻاڙا
۽ ٻاتا ٻاتا ٻول ٻولڻا آهن ۽ ڳالهڙين جا ڳاڙها ڳُوڙها ڳهڻا ڳولڻا آهن. موجوده
ويجھي دور ۾، لطيف شناسيءَ تي جيڪي اديب ۽ عالم ڪم ڪري ويا آهن، يا اڃان آلڙين اکڙين
کي اوجاڳا ڏيئي لکي رهيا آهن، ته انهن ۾ محترم بدر ڌامراهو صاحب جو نالو مڙني کان
مٿانهون بيٺو آهي. ٻين اهڙن عظيم عالمن ۾، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر احسان
دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده
حسين، ج ع منگھاڻي، محمد حسين ڪاشف، معمور يوسفاڻي، انب گوپانگ، استاد امير علي
خان، راهب علي لاڙڪ ۽ غلام شبير پيراهين سميت، سوين سَو نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. (طوالت
سبب هتي اختصار کان ڪم وٺجي ٿو) مِٺي مِٺي ماٺ ميٺ ۾، جرمنيءَ جي جوڙيل هٿ بٿيءَ ۾
گاسليٽ وجھي، وِلهِيءَ وٽ وڏي ڪري، اُن جِي جِهيڻِي ۽ جِهڪِي روشنيءَ تي، قيمتي ڪامياب
قلمي پورهيو ڪندڙ، شاھ جو شيدائي ۽ لطيف جو پيارو پارکو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب، ڪتاب
“لطيفي انسائيڪلو پيڊيا” جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو، ته “اسان هن وقت تائين، صرف فني ۽ فڪري
لحاظ کان شاھ تي ڪم پئي ڪيو آهي. سائنسي ۽ تاريخي نقطهءِ نگاھ کان، شاھ تي ڪم ٿيو
ئي ناهي.” بلڪل درست! اسان هن وقت تائين اهو به طئي ڪري نه سگھيا آهيون، ته “شاھ
جو پنهنجو پيور، نج ۽ حقيقي ڪلام ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي؟” مارڪيٽ ۾ ۱۰۰ قسم جا شاھ جا رسالا موجود آهن. هر هڪ
رسالي ۾ ڪلام جو تعداد مختلف آهي ۽ سڀني سُرن ۾ فرق موجود آهي. نه فقط ايترو، پر
بيتن ۽ واين جون پڙهڻيون به پنهنجيون پنهنجيون ۽ جدا جدا بيٺل آهن. بيتن جون اڌو اڌ
سٽون اڳتي پوئتي ڪيل آهن. ڪن بيتن جون مورڳو سٽون ئي غائب آهن. سائنسي ۽ تاريخي نقطءِ
نگاھ وارو ڪم ته انهيءَ کان اڃان اڳتي رهيو پيو آهي. بهرحال “جَنِ کي جِيائِين،
پِريَنِ پاڻُ پَسائِيو، تَنِ کي تِيائِين، لِيئا پائِڻ آئِيا.” (شاھ)
مون (استاد لغاريءَ)
سان وري وڏي وارتا اها ٿي، جو مون شاھ جي رسالي تي ترجمي، تحقيق، تشريح، ترتيب توڙي
قلمي نسخن لکڻ جي لاءِ، هڪ عالم ۽ اسڪالر جي تحقيق کي مستند سمجھيو. وڏن وڏن
واشگاف وضاحتن ۽ حوالن سميت، ان عالم سڳوري جي روبرو، سندن حياتيءَ ۾ ويهي ڪم ڪيو،
ته تيستائين مون کي مان ملندو رهيو. البت ان محقق جي انتقال فرمائي وڃڻ کان پوءِ،
مون کي معلوم ٿيو، ته اُن عالم سڳوري جي تحقيق کي، هڪ ته سماج ۾ تعميري نظر سان نه
ٿو ڏٺو وڃي ۽ ٻيو ته مواد جي مالڪي ڪندڙ مهربانن پاران، منهنجي محبت کي سراسر سنگسار
۽ مُڪمل طور مسمار ڪيو ويو. “دوست، دوستيءَ کي پاڙي ويا، مان ڪِريس ته هُو لتاڙي ويا.”
(ايم ڪمل) چون ٿا ته “سچ تڏهن قتل ٿيندو آهي، جڏهن سچ کي سمجھندڙ ماڻهو خاموش ٿيندا
آهن ۽ ڪُوڙ تڏهن ڪامياب ٿيندو آهي، جڏهن سچ جا ساٿي ساٿ ڇڏي ويندا آهن.”
جِيت جِيت ڪي عُمر
گُذارِي، هُڻ هار وِي ڏيک فقِيرا!
جِيتي دا مُل هِڪ ڪوڏِي،
تي
هارِيي دا مُل هِيرا،
هِيرا لهندا لک ڪروڙ،
تي ڪوڏِي لهندِي
ڪسِيرا،
آکي(حمل؟) جَين هار
نه مَنِي، او بي
مُرشد بي پِيرا.
اهڙيءَ ريت مون
پنهنجي هار کي، جڏهن ڳچيءَ جو هار بنايو، تڏهن منهنجي هار، منهنجي سگھاري صبر اڳيان
هار کائي ويئي. ان معاملي ۾، سهڻي ۽ سنجيده دوست، محترم بدر ڌامراهو صاحب جيڪا
منهنجي رهنمائي ڪئي، اها تاريخ جي ورقن ۾ تحفيظ ٿي چڪي آهي. “لوگ منتظر ٿي، ڪه همين
ٽُوٽتا هُوا ديکين، اور هم ٿي، ڪه برداشت ڪرتي ڪرتي پٿر هوگئي.” (نامعلوم) ڏاها ماڻهو
هميشه ان فڪر ۾ هوندا آهن، ته “وڌ کان وڌ ماڻهن کي مظبوط ڪيئن ڪجي؟” ۽ ننڍا ماڻهو
هر وقت رڳو ان فڪر ۾ هوندا آهن، ته “فلاڻي جا پير ڪيئن ڪڍجن؟” سياڻا چون ٿا، ته “هڪ
بهترين باڪردار انسان بنجڻ لاءِ، هن سماج ۾ اسان جو مرڻ ضروري آهي. جيئڻ لاءِ هزار
تهمتون توهان جون منتظر هونديون آهن.”
فِڪر مَنجھ
فنا ٿِيا، هُئڻ
هاريائُون،
نِست گھوڙو نِينهن
جو، ڌُران نه ڌاريائُون،
اُڇت ويا اُڪرِي،
چِڪ نه چاڙهيائُون،
وَرق تِنهن وِصال جا، ٻَنڌڻ
ٻاريائُون،
نَفعي ۽ نُقصان جا، ڪاڳر ڪاڙهيائُون،
سُک نه سُتا ڪَڏهِين، گھر نه گھاريائُون،
اِن پَرِ عبداللطيفُ چَئي،
اندر اُجاريائُون،
موتُ ماريائُون، موتُ
نه ماريا ڪاپڙي.
هاڻي وري واپس ورون
ٿا، ڪتاب “لطيفي انسائيڪلو پيڊيا” ڏانهن. مذڪوره ڪتاب ۾، شاھ جي رسالي ۽ شاعريءَ بابت،
هڪ درجن کن دروازا کُلن ٿا، جن جو وچور هيٺينءَ ريت آهي. ۱: الله پاڪ، اُن جي پيغمبرن ۽ پنجتن پاڪ جو ذڪر،
۲: وڻ ٽڻ ميوا ۽ اناج، ۳: پکي پکڻ، ۴: چوپايا جانور، ۵: جيت جڻا ۽ بلائون، ۶: سُورما ۽ سُورميون، ۷: پورهيت، ۸: ذاتيون، ۹: جوڳي فقير، ۱۰: هٿيار، ۱۱: ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا ۽ درياءَ، ۽ ۱۲: رنگن جو استعمال. فاضل ليکڪ پهرين باب ۾
لکي ٿو، ته “شاھ جو سڄو رسالو، الله پاڪ (جل جلاله) ۽ اُن جي رسول (صلي الله عليه و
آله وسلم) جي ذڪر ۽ ساراھ سان ڀريو پيو آهي. ڪافي سارن بيتن ۽ واين ۾، سڌو سنئون اهڙا
اسمِ گرامي ڪتب آندل آهن.” باب ٻئي ۾ لکيل آهي، ته “حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ
رحه جي شاعريءَ جي خصوصيت هيءَ به آهي، ته هُن سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي اُهڃاڻن کي
آڻڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي وڻن، ٻُوٽن، ولين، ميون ۽ ٻين ڪيترين ئي ننڍين وڏين شين کي
پنهنجي شعر ۾ سمايو ۽ سموهيو آهي.” باب ٽئين ۾ لکيو ويو آهي، ته “جيئن ته شاھ صاحب
جبل، جھر جھنگ، ڍنڍون، ڍورا، واهڙ، انهن جا ڪپر ۽ ڪنارا، سمونڊر ۽ دريا به گُهمي ڏٺا.
هُن اُتي ڪيترا ئي پکي پکڻ به ڏٺا. شاھ صاحب انهن جو سرسري جائزو ناهي ورتو، پر انهن
جو گهرائيءَ سان ويهي اُڀياس به ڪيو آهي. اُنهن جون عادتون، خصلتون ۽ جبلتون به
پرکيون اٿس.” باب چوٿين ۾ فرمايل آهي، ته “اُٺ، ٻڪر، جَنبُو، ڏاند، روجھ، سَرھ، ڪُتو،
ڪَيسر، کر، گڏھ، گھوڙو، مِرُون، هاٿي ۽ هرڻ وغيره، اهي سڀ جا سڀ چوپايا جانور آهن.
انهن مان ڪي پالتو ته ڪي وري جھنگلي جانور آهن.” باب پنجين ۾ جيت جڻن سميت، سُرندڙ،
پُرندڙ، چُرندڙ ۽ ريڙهيون پائيندڙ بلائن جي باري ۾ به قلم کي ڪتب آندو اٿس. باب ڇهين
۾ سُورمن ۽ سُورمين بابت لکيو ويو آهي، ته “جڏهن دودي سومري ۽ علاوالدين جي درميان
جنگ لڳي، ته دودي پنهنجا ننگ، ابڙي اڙٻنگ ڏانهن سام ڪري موڪليا. ابڙي اڙٻنگ سامون
پنهنجي پناھ ۾ وٺڻ کان پوءِ، پنهنجن پُٽن حوالي ڪري، لشڪر وٺي ميدان تي آيو ۽
علاوالدين جي لشڪر جو مُڙسيءَ سان مقابلو ڪندي، سامُن تي سِر ڏيئي سَرهو ٿيو.” باب
ستين ۾ لوهار (پورهيتن) جي باري ۾ لکيل آهي، ته “لوهار، لوهارڪو ڌنڌو ڪندا آهن. ڌُوڌا
دُکائي، ڌنوڻيون ڌنوي، لوھ تپائي، اُن تان ڪٽ لاهي، مختلف اوزار ۽ هٿيار جوڙيندا
آهن.” باب اٺين ۾ لکيل آهي، ته “شاھ جي رسالي جي اُڀياس ڪرڻ سان، سنڌ ۾ موجود ڪيترين
ئي ذاتين جي نشاندهي ٿئي ٿي.” باب نائين ۾ جوڳي فقيرن جا ڪُڙم قبيلا ۽ قسم بيان ڪيا
ويا آهن. مثلا: آديسي، آڌوتي، بيکاري، ڀڀوتي، تياڳي، جوڳي، سامي، سنياسي، ڪاپٽ، ڪاپڙي،
ڪن ٽوپيا، ڪن پٽ، ڪن چير، ڪن ڪٽ، ڪنوٽيا، کاهوڙي، گرناري، گُنگا، گودڙيا، لال، لانگوٽيا،
لاهوتي، مهيسي، نانگا ۽ ويراڳي وغيره. باب ڏهين ۾ جنگي ۽ عام واهپي وارن هٿيارن جو
ذڪر فرمايل آهي. باب يارهون قديم ماڳ مڪانن، ڍنڍن، ڍورن، دريائي وهڪرن، سامونڊري ٻيٽن،
ڳوٺن، شهرن، ديهن جي دنگن بابت دميو پيو آهي. آخر ۾ جڏهن باب ٻارهين تي اچبو، ته
ان ۾ رنگن بابت روح پرور منظر ۽ مانڊاڻ منڊيل نظر ايندا.
هن وقت محقق جي ميز
تي “شاھ جي رسالي ۾ تلميحات شريف” جو تحقيقي مسودو موجود آهي. اُهو ڪتاب شاھ جي
رسالي تي لکيل سمورين ڏسڻين، لُغتن، معنيٰ جي پٽين، سمجھاڻين ۽ انسائيڪلو پيڊيائن
کان به زياده اهم ۽ انمول ثابت ٿيندو. سندس مان ۾ لکڻ لاءِ عاليشان الفاظن جا ابابيل، مون کي ڏُور ڏُور کان
ڏيکاريون ڏيئي، قطار در قطار الاءِ ڪيڏانهن گُم ٿيو ٿا وڃن؟ ۽ منهنجي محفوظ مقالي
جي ور وڪڙن ۾ ڦاسن ئي نه ٿا. ان ڪري اڄوڪي آرٽيڪل جي آخر ۾، “رسول حمزا توف” جا لکيل
لفظ، سندس نالي منسوب ڪندي، آئون پنهنجي قلم ۽ ڪاغذ کي ٺپيان ٿو: “جڏهن توکي معلوم
ٿئي، ته هڪ هزار ماڻهو توسان محبت ڪندا آهن، ته سمجھجانءِ، ته انهن ۾ هڪ مان به آهيان.
جڏهن توکي معلوم ٿئي، ته هڪ سَو ماڻهو توسان محبت ڪندا آهن، ته سمجھجانءِ، ته انهن
۾ هڪ مان به آهيان. جڏهن توکي معلوم ٿئي، ته فقط هڪ ماڻهو توسان محبت ڪري ٿو، ته سمجھجانءِ،
ته اُهو مان ئي آهيان. ۽ جڏهن توکي معلوم ٿئي، ته توسان ڪو به محبت نه ٿو ڪري، ته
سمجھجانءِ، ته مان مري ويو آهيان.”
(روزاني ھلال پاڪستان
ڪراچي ۾ اربع ۲۸ اپريل ۲۰۲۱ع. تي ڇپيل)
ڊاڪٽر بدر ڌامراهو
(تفصيلي تعارف)
رياض ڪلهوڙو
مائٽاڻو نالو: بدرالدين
ادبي نالو: بدر ڌامراهو
والد جو نالو: عبدالمجيد ڌامراهو
شاعري ۾ تخلص: عزيز
ڄم جي تاريخ: ۱۵ ڊسمبر ۱۹۶۱
ڄم جو هنڌ: ڳوٺ ڌامراها، تعلقو
۽ ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ
بنيادي تعليم: گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڌامراها،
ثانوي تعليم: مئٽرڪ: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڌامراها، ۱۹۷۷ع
انٽر: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، ۱۹۷۹ع
بي ايس سي: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ۱۹۸۲ع
ايم اي سنڌي: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ۱۹۸۵ع
بي ايڊ: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ۱۹۸۷ع
ايم ايڊ: الخير يونيورسٽي آزاد ڪشمير،
ايم فل: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ۱۹۹۶ع
موضوع: سنڌي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا
پي ايڇ ڊي: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، ۲۰۱۴ع
موضوع: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ
جي ادبي خدمتن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
ملازمت: ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين، ايڇ ايس ٽي (سائنس ٽيچر)،
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو ڄام، ضلعو حيدرآباد، سنڌ.
۱۹۸۵ع کان ۱۹۹۹ع تائين، ايڇ ايس ٽي (سائنس ٽيچر)، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو،
سنڌ.
۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۷ع تائين، ايڇ ايس ٽي (سائنس ٽيچر)، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڌامراها، ضلعو لاڙڪاڻو،
سنڌ.
۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۳ع تائين، هيڊ ماستر (گزيٽيڊ آفيسر)، گورنمينٽ هاءِ اسڪول
۲۰۱۴ع کان ۲۰۱۸ع تائين، پرنسپال، گورنمينٽ هائرسيڪنڊري اسڪول ڌامراها، ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ.
۲۰۱۸ع کان
اڄ ڏينهن تائين، رجسٽرار، ڊپارٽيمينٽل ايگزمنيشن فار ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن،
ريجن لاڙڪاڻو، سنڌ.
تنظيمن سان لاڳاپا: ميمبر ۽ سڪريٽري
، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو، ۱۹۹۶ع کان اڄ ڏينهن تائين
ميمبر، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، لاڙڪاڻو.
چيئرمين، ادبي شعبو، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان،
لاڙڪاڻو
ڇپيل ڪتاب: (الف) نصاب
”هيرن جي کاڻ (ٽن ڪتابن جو
مجموعو)“ رهبر پبليڪشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۰ع
”سنڌي ادب (آتم ڪهاڻيون)“ رهبر
پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (اساسي شاعري)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو،
۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (تحقيق ۽ تنقيد)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو،
۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (لطيفيات)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (لوڪ ادب)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (لسانيات)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (جديد ادب)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (نظم)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”سنڌي ادب (نثر)“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”پڇاڳاڇا“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۱۹۹۲ع
”ٽيچرز چونڊ گائيڊ“ رهبر بوڪ اڪيڊمي
لاڙڪاڻو
(ب) تحقيق ۽ ترتيب
”لاڙڪاڻو: ماضي ۽ حال“ (ترتيب)
موهين جو دڙو پبلڪيشن ايجنسي لاڙڪاڻو، ۲۰۰۱ع
”سنڌي ادب جو مقدمو (ڇاپو
پهريون)“ رهبر بوڪ اڪيڊمي لاڙڪاڻو، ۲۰۰۴ع
”انٽرويو“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۲۰۰۵ع
”ٻالڪ سائنسي انسائيڪلوپيڊيا“ رهبر پبليڪيشن لاڙڪاڻو
”جعفر پنهور جو ڪلام“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۰۷ع
”لطيفي انسائيڪلوپيڊيا“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،
۲۰۰۷ع
”سنسڪرت سنڌي لغت“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيايو، ۲۰۰۸ع
”علمي سنڌي اردو لغت“ ڪاٺياواڙ اسٽورس ڪراچي،
”لغات سچل سرمست رح“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۱۷ع
”لغات بيدل ۽ بيڪس“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۲۰۲۰ع
مضمون ۽ مقالا:
۱. ”ڌامراها شهر جو تاريخي ورق“. ماهوار پيغام ڪراچي. اپريل ۱۹۸۲ع
۲.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا همعصر“ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي. ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۸۹ع
۳.
”حامي صاحب جي نثر نگاري“ روزاني پڪار سکر. ۵ جولاءِ ۱۹۹۱ع
۴. ”هڪ
عوامي شاعر جعفر علي پنهور فقير“. سه ماهي مهراڻ ۳، ۱۹۹۲ع
۵.
”ادبي جماعتن جو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو“. ماهوار پيغام ڪراچي. مارچ ۱۹۹۳ع
۶.
”سرمستي ۽ سچل“ ماهوار عوامي سوڀ لاڙڪاڻو. شمارو ۵، مارچ ۱۹۹۴ع
۷. ”مسافر
ناول جو جائزو“ هفتيوار نئين سوچ، شمارو ۷، اپريل ۱۹۹۴ع
۸. ”ماهوار سنڌو رسالي جو سنڌي ادب ۾ حصو“. ماهوار نئين زندگي، اپريل ۱۹۹۴ع
۹. ”جيڪب آباد ۾ طباعت ۽ اشاعت“. هفتيوار نئين سوچ. شمارو ۲، جنوري ۱۹۹۵ع
۱۰. ”مخدوم عبدالصمد (سنڌي ٻوليءَ جو پهريون پبلشر ۽ ڪتب فروش)“. ماهوار نئين زندگي، مئي ۱۹۹۵ع
۱۱. ”لاڙڪاڻي
ضلعي جا اشاعتي ادارا“ لاڙڪاڻو صدين کان هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو. ۱۹۹۵ع
۱۲.
”شاهه جي رسالي ۾ وليون، وڻ ۽ ٻوٽا“ ڀٽائي جرنل، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور،
۱۹۹۵ع
۱۳. ”لاڙڪاڻي
ضلعي جا اشاعتي ادارا“ ماهوار نئين زندگي، نومبر ۱۹۹۵ع
۱۴. ”سنڌ
جي مرڪزي ادبي جماعت (جمعيت الشعراءِ سنڌ)“.
ماهوار نئين زندگي، ڊسمبر ۱۹۹۵ع
۱۵.
”اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)“
ماهوار نئين زندگي، سيپٽمبر ۱۹۹۶ع
۱۶. ”لاڙڪاڻي
جون ادبي جماعتون ۱“ ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر ۱۹۹۷ع
۱۷. ”لاڙڪاڻي
جون ادبي جماعتون ۲“ ماهوار نئين زندگي، نومبر ۱۹۹۷ع
۱۸.
”ادبي تحريڪون ۽ ادبي جماعتون ۱“ماهوارنئين
زندگي، فيبروري ۱۹۹۸ع
۱۹. ”
ادبي تحريڪون ۽ ادبي جماعتون ۲“
ماهوار نئين زندگي،مارچ ۱۹۹۸ع
۲۰. ”
ادبي تحريڪون ۽ ادبي جماعتون ۳“ ماهوار
نئين زندگي، اپريل مئي ۱۹۹۸ع
۲۱.
”شاهه جي رسالي جا وڻ ٽڻ ۽ پکي“شاهه ۽سنڌ،ڪراچي يونيورسٽي ۱۹۹۸ع
۲۲. ”ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ سڄڻ ۽ سارون، ميمڻ عبدالمجيد ادبي
سوسائٽي لاڙڪاڻو، ۱۹۹۸ع
۲۳. ”ساڃاهه
۽ سرت جو صاحب (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)“ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي،۱۱ فيبروري ۱۹۹۹ع
۲۴. ”سر ڪوهياريءَ
۾ وراڻ جي سٽاءَ“، سر ڪوهياري: (مرتب) منظور احمد قناصرو، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ۲۰۰۷
۲۵.
”شاهه لطيف جو سائنسي شعور“ ٽماهي ڪلاچي، (ايڊيٽر) ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي. جلد ڇهون، شمارو ٽيون، سيپٽمبر
۲۰۰۳ع
۲۶. ”سر
ديسيءَ جا مبهم ڪردار“ ديسي سيڻ ڪجن (سر ديسيءَ جو مطالعو)، (مرتب) تاج جويو، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه، ثقافتي مرڪز، ۲۰۰۵ع
۲۷. ”ڪلهوڙا
حڪمرانن جا سپهه سالار“ ڪلهوڙا دور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو، (مرتب) جهانگير
عباسي ۽ مشتاق ڪلهوڙو، عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ، اپريل ۲۰۱۹ع
۲۸.
”جذبن جو پورهيت شاعر“، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ادب ۽ شخصيت، (سهيڙ) ساجد سنڌي،
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پهريون، ۲۰۱۹ع
۲۹.
”پيرل قنبر جي شعر جو تاتپرج“، پيرل قنبر: تخليقڪارن جي آئيني ۾. (مرتب) ڪوڙل
قربدار، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر، ۲۰۱۳ع
۳۰. ”لاڙڪاڻي
ضلعي جون اخبارون ۽ رسالا: تاريخ جي روشني ۾“، سلسليوار سنگت، (ايڊيٽر) يوسف سنڌي،
نمبر ۹، جولاءِ آگسٽ ۲۰۰۷ع
۳۱.
”پهرين ڊراميٽڪ سوسائٽي“، ڇهه ماهي سمبارا مئگزين، (ايڊيٽر) عبدالنبي ساريو، سال ۲۰۱۷.۱۸ع، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو.
۳۲. ”لاڙڪاڻو:
تحقيق جي روشنيءَ ۾“، سلسليوار تخيل، (ايڊيٽر) بشير احمد هيسباڻي، شمارو ۱۲، ۲۰۱۸ع، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد.
۳۳. ”رتوديرو
شهر ۽ پسگردائي جا تاريخي ماڳ مڪان“، ماهوار نئين زندگي، (نگران) ٺاڪر داس، جلد
نمبر۵۶، شمارو، ۶،۷، جون جولاءِ ۲۰۰۳ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان، حيدرآباد.
۳۴. ”لاڙڪاڻي
جون ادبي تنظيمون (قسط ۱)“ ،
ماهوار نئين زندگي، (نگران) ٺاڪر داس، سيپٽمبر آڪٽوبر ۱۹۹۷ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان، حيدرآباد.
۳۴. ”لاڙڪاڻي
جون ادبي تنظيمون (قسط ۲)“ ،
ماهوار نئين زندگي، (نگران) ٺاڪر داس، نومبر ۱۹۹۷ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان، حيدرآباد.
۳۵.
”شاهه لطيف جو سُورمو ڄام انڙ“ ، ماهوار نئين زندگي، (نگران) ٺاڪر داس، ڊسمبر ۱۹۹۵ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان، حيدرآباد.
۳۶.
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا: تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“،سلسليوار تخيل، (ايڊيٽر)
بشير احمد هيسباڻي، شمارو ۱۰، ۲۰۱۸ع، مارئي اڪيڊمي حيدرآباد.
۳۷. ”ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مهراڻ ۾ ڇپيل مقالن جو جائزو“، ٽماهي مهراڻ، سيارو ۲۰۰۶ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
۳۸.
”شاهه لطيف کي تنقيد کان مٿانهون تسليم ڪريون“ روزاني ڪاوش حيدرآباد، بروز، سومر
پهرين ڊسمبر ۲۰۰۳ع
۳۹.
”شاهه سان منسوب ڌاري ڪلام بابت ڪجھ حقيقتون“، روزاني ڪاوش حيدرآباد، بروز اڱارو، ۲۷ جولاءِ ۲۰۰۴ع
۴۰. ”آزاديءَ
جي تحريڪن ۾ سنڌ جي ادبي جماعتن جو حصو“،ماهوار نئين زندگي، (نگران) ٺاڪر داس، آگسٽ
سيپٽمبر ۲۰۰۳ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان،
حيدرآباد
۴۱. ”ڄام
زخمي: ماڻهپي جو شاعر“. نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري، مارچ اپريل ۲۰۱۶ع، حيدرآباد.
۴۲.
”تنقيدون ۽ تجزيا: ڪتاب جو تنقيدي جائزو“،نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري، ڊسمبر ۲۰۱۴، جنوري ۲۰۱۵ع، شهدادڪوٽ.
۴۳. ”ادب
۽ فڪري مغالطا“، ماهوار سوجھرو، ايڊيٽر تاج بلوچ، ڊسمبر ۲۰۱۰ع، ڪراچي.
۴۴.
”عفار تبسم جي شاعري...“، ماهوار سوجھرو، ايڊيٽر تاج بلوچ، مارچ ۲۰۱۱ع، ڪراچي.
۴۵. ”تقي
شاهه جي شاعري جو جائزو“، ماهوار پيغام، ؟
۴۶.
”شاهه جي رسالي ۾ وراڻ“،ماهوار نئين زندگي، (نگران) ٺاڪر داس، مئي، ۲۰۰۱ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان، حيدرآباد
۴۷.
”حامي صاحب جي نثر نگاري“، روزاني پڪار سکر، ۵ جولاءِ ۱۹۹۱ع
۴۸.
”رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ماتلي“، روزاني هلال پاڪستان، سنڊي مئگزين، ۸ مارچ ۲۰۱۵ع، بروز آچر.
۴۹.
”تاريخي ناول، ڪويڄن ڪٺي آهيان: جي وڄا تي هڪ نظر“، روزاني خبرون، ڪراچي، ۱۴ جون ۲۰۱۰ع، بروز سومر
۵۰. ”ٻولي“،
هلال پاڪستان، ۱۹ ڊسمبر ۲۰۱۱ع،
۵۱.
”شاهوڪار سنڌي ٻوليءَ نظر انداز ڇو ۽ ڇاڪاڻ...!“، روزاني فاسٽ ٽائمز لاڙڪاڻو، ۱۸
ڊسمبر ۲۰۱۱ع،
بروز آچر
۵۲. ”سنڌ
جو روشن ستارو: اياز قادري“، قادري قلم قبيلو، (فقير ميان محمد صالح قادريءَ جي ۲۰۰ سالا عرس جي موقعي تي ڇپايل) سووينيئر، ايڊيٽر ذوالفقار قادري، ۲۰۰۱ع
۵۳.
”پيرل قمبر جي شعر جو تاتپرج“،نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري، مارچ، ۲۰۰۳ع شهدادڪوٽ.
۵۴. ”سر ڪوهياري
۾ وراڻ جي سٽا“، ڀيڄ ڀٽائي مئگزين، شهدادپور، ضلعو سانگھڙ، چيف نگران نور سنڌي،
نومبر ۲۰۱۶ع.
۵۵. ”ادب
۽ زندگي“،نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري، مئي جون، ۲۰۱۴ع شهدادڪوٽ.
۵۶. ”سنڌي
ادبي سنگت: تاريخ جي روشني ۾“، ماهوار سنڌ رويو، ڪراچي، چيف ايڊيٽر عرفان عباسي،
سنڌي ادبي سنگت سنڌ. ڊسمبر ۲۰۰۷ع
۵۷.
”عاشق منگيءَ جي ڪتاب ڏوري ڏٺم ڏيهه جو اڀياس“،نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري، مئي ۲۰۱۳ع شهدادڪوٽ.
۵۸.
”شاهه، سچل ۽ وريل فقير جي شعر جو تقابلي جائزو“،نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري،
آگسٽ ۲۰۱۳ع شهدادڪوٽ.
۵۹. ”لاڙڪاڻي
جي قدمت، لاڙڪاڻو لفظ جو مفهوم“،نئين آس، ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري، آگسٽ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع شهدادڪوٽ.
ڪهاڻيون:
۱. ”محبت جو وڇوڙو“ ماهوار پيغام ڪراچي، اپريل ۱۹۸۲ع
۲. ”جن
لاءِ مياس سي ڪانڌي ڪين ٿيا“ ماهوار پيغام ڪراچي، جون ۱۹۸۳ع
۳.
”يونيفارم“ روزاني مهراڻ حيدرآباد، ۱۳
فيبروري ۱۹۸۵ع
۴. ”جيئڻ
ڪاڻ جتن“ ماهوار پيغام ڪراچي. اپريل، مئي ۱۹۸۵ع
۴. ”جيئڻ
ڪاڻ جتن“ ويڪلي مجاهد، شهدادڪوٽ. ۱۵
جولاءِ ۱۹۸۶ع
۵. ”ٽيوشن
في“ سرهاڻ پبليڪيشن سيوهڻ، سالگرهه نمبر ۱۹۸۹ع
۶.
”زندگيءَ جي پيڙا“ ماهوار هزار داستان، نومبر ۱۹۸۹ع
۷. ”سچ
جو سفر“ ماهوار هزار داستان، مارچ ۱۹۹۰ع
۸. ”سڻڀا
وار“ ماهوار هزار داستان، جون ۱۹۹۰ع
۹.
”اوه! بيوقوف“ ماهوار نئين زندگي، جولاءِ آگسٽ ۱۹۹۶ع
۱۰. ”ويڌن“
ماهوار نئون چنڊ، نئون چنڊ پبليڪيشن ڊکڻ، شڪارپور ۱۹۹۶ع
(رياض ڪلھوڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا