; سنڌي شخصيتون: بدر ڌامراهو، لطيف شناس، استاد لغاري، رياض ڪلھوڙو،
Showing posts with label بدر ڌامراهو، لطيف شناس، استاد لغاري، رياض ڪلھوڙو،. Show all posts
Showing posts with label بدر ڌامراهو، لطيف شناس، استاد لغاري، رياض ڪلھوڙو،. Show all posts

27 December, 2021

بدر ڌامراهو

بدر ڌامراهو

لطيف شناسيءَ تي ڪم ڪندڙ قلمڪار

استاد لغاري



لطيف شناسيءَ تي عالمانه معيار جو عاليشان ڪم ڪندڙ اديب، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب جو تحقيقي ڪتاب “لطيفي انسائيڪلو پيڊيا” منهنجي ميز تي موجود آهي. دل چوي ٿي ته اڄ انهيءَ قيمتي ڪتاب مان، ڪُجھ قُرب جا ڪڻا ڪڍي، پنهنجو پيارو پياسي مِٺڙو مَنڙو مَنائجي. واضح هجي ته آئون ڪو نقاد ناهيان، جو مذڪوره ڪتاب تي تيز تند تکي تنقيد ڪريان يا چڱي چوکي چُڀندڙ چيرڦاڙ ڪري پنهنجي پاڻ کي مڃايان. مون کي صرف محبت جا ٻه ٽي ماڻڪ ۽ موتي مولڻا آهن. ٻه ٽي ٻاڙا ۽ ٻاتا ٻاتا ٻول ٻولڻا آهن ۽ ڳالهڙين جا ڳاڙها ڳُوڙها ڳهڻا ڳولڻا آهن. موجوده ويجھي دور ۾، لطيف شناسيءَ تي جيڪي اديب ۽ عالم ڪم ڪري ويا آهن، يا اڃان آلڙين اکڙين کي اوجاڳا ڏيئي لکي رهيا آهن، ته انهن ۾ محترم بدر ڌامراهو صاحب جو نالو مڙني کان مٿانهون بيٺو آهي. ٻين اهڙن عظيم عالمن ۾، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، ج ع منگھاڻي، محمد حسين ڪاشف، معمور يوسفاڻي، انب گوپانگ، استاد امير علي خان، راهب علي لاڙڪ ۽ غلام شبير پيراهين سميت، سوين سَو نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. (طوالت سبب هتي اختصار کان ڪم وٺجي ٿو) مِٺي مِٺي ماٺ ميٺ ۾، جرمنيءَ جي جوڙيل هٿ بٿيءَ ۾ گاسليٽ وجھي، وِلهِيءَ وٽ وڏي ڪري، اُن جِي جِهيڻِي ۽ جِهڪِي روشنيءَ تي، قيمتي ڪامياب قلمي پورهيو ڪندڙ، شاھ جو شيدائي ۽ لطيف جو پيارو پارکو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب، ڪتاب “لطيفي انسائيڪلو پيڊيا” جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو، ته “اسان هن وقت تائين، صرف فني ۽ فڪري لحاظ کان شاھ تي ڪم پئي ڪيو آهي. سائنسي ۽ تاريخي نقطهءِ نگاھ کان، شاھ تي ڪم ٿيو ئي ناهي.” بلڪل درست! اسان هن وقت تائين اهو به طئي ڪري نه سگھيا آهيون، ته “شاھ جو پنهنجو پيور، نج ۽ حقيقي ڪلام ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي؟” مارڪيٽ ۾ ۱۰۰ قسم جا شاھ جا رسالا موجود آهن. هر هڪ رسالي ۾ ڪلام جو تعداد مختلف آهي ۽ سڀني سُرن ۾ فرق موجود آهي. نه فقط ايترو، پر بيتن ۽ واين جون پڙهڻيون به پنهنجيون پنهنجيون ۽ جدا جدا بيٺل آهن. بيتن جون اڌو اڌ سٽون اڳتي پوئتي ڪيل آهن. ڪن بيتن جون مورڳو سٽون ئي غائب آهن. سائنسي ۽ تاريخي نقطءِ نگاھ وارو ڪم ته انهيءَ کان اڃان اڳتي رهيو پيو آهي. بهرحال “جَنِ کي جِيائِين، پِريَنِ پاڻُ پَسائِيو، تَنِ کي تِيائِين، لِيئا پائِڻ آئِيا.” (شاھ)