ڪامريڊ صالح بلو
هڪ سچي سياسي ڪارڪن جو وڇوڙو
عوامي آواز ايڊيٽوريل
جهونو سياسي ڪارڪن، صحافي.
سماجي اڳواڻ ۽ ادب دوست ڪامريڊ صالح بلو به هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو.
نوابشاهه جي مٽي مان جنم وٺندڙ هن شخص
سموري عمر عوام جي خدمت ڪندي گذاري، بلوغت واري وهي کان هن سماج جي مدي خارج ريتن
رسمن ۽ ڏاڍ جي نظام کي ٽيڪ ڏيندڙ قانون خلاف جيڪو بغاوت جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو هو، هن
ان جو نه رڳومان رکيو پر پنهنجي ڳالهه تي عمر جي آخري گهڙي تائين به قائم رهيو. سموري
سنڌ جا سياسي ڪارڪن صالح بلو کي هڪ سچي کري، بي لوث ۽ ايماندار ڪارڪن طور سڃاڻندا
هئا.
سنڌ ۾ هڪ اهڙو به دور رهيو آهي. جڏهن سياسي ڪارڪنن جو
ايمان اڄوڪي دور جي ماڻهن جيان مهمان نه هوندو هو پر سچائي، ايمانداري ۽ وفاداري
ئي هنن جي سڃاڻپ هوندي هئي. اها شايد عجيب هجي پر اها وڏي حقيقت آهي ته سنڌ جي
سياسي ڪيڊر ۾ اهڙا سوين نه پر هزارين ڪارڪن هوندا هئا.
صالح بلو سياست ۱۹۶۰
واري دور کان شروع ڪئي جڏهن هو اسڪول کان اڳتي پڙهڻ جي
لاءِ ڪاليج پهتو هو. اهو ايوب شاهي جو دور هو، ان آمر جو جيترو ظلم پئي وڌيو ته سنڌ
مان ان جي جواب ۾ ايتري ئي مزاحمت به جنم وٺي رهي هئي.صالح بلو به ان سٿ ۾ شامل ٿي
ويو، هن عوام دشمن سماج کي بدلائڻ جو خواب ڏٺو، ان خواب کانپوءِ سموري زندگيءِ هن
کي سک سان سمهڻ نه ڏنو. انهيءِ خواب جي تعبير لاءِ هن پنهنجي سموري سگهه ۽ وت آهر
جدوجهد ڪئي. بلڪه ڪيترن ئي محاذن تي هن ٻين کان وڌيڪ ڪم ڪيو.
محمد صالح بلو نواب شاهه شهر جي
خوشحال شخص احمد خان مٺياڻي جي گهر ۾ سن ۱۹۴۹ ۾ جنم ورتو هو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي علائقي مان ورتي، ان بعد جڏهن ڪاليج
پهتوته هو سنڌ ۾ ايوب آپيشاهي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ شامل ٿي ويو، اهو نطرياتي سياست
جو دور هو، صالح بلو پڻ روشن خيال فڪر پکيڙيندڙن سان گڏيو، انهن سان گڏجي سياست جو
حصو ٿي ويو.
هو سنڌ جي انهن ٿورن سياسي ڪارڪنن
مان هو جن هڪ ئي وقت شاگردن، هارين ۽پورهيتن سان گڏ جدوجهد ڪئي هئي، صالح بلو ٿوري
ئي وقت ۾ پنهنجي سياسي ڪارڪن وارو تعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هن سنڌ جي مختلف
وسندين، ڳوٺن، شهرن ۾ سياسي سرگرمين ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهيو.
ستر وارين چونڊن ۾ هن به بهرو
ورتو هو، فارم ڀرائڻ کانپوءِ جڏهن چونڊ سرگرميون شروع ٿيون ته مخالفن هن کي هٿ کڻائڻ
جا لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو پر جڏهن ڪامريڊ صالح بلو هنن جي ڪنهن به لالچ ۾ نه
آيو ته آخر ۾ سندس مخالفن هن کي کڻي گم ڪري ڇڏيو هو. جيڪو وري اليڪشن ختم ٿيڻ
کانپوءِ ظاهر ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ تڏهن اهو به آزار هوندو هو، قبائلي ۽ جاگيرداريءِ
جي گڏوچڙ معاشري ۾ اتي جي بااثرن جي ذهني ڪيفيت اهڙي هوندي هئي. جنهن ۾ هن وقت به ڪو
خاص فرق نه آيو آهي.
ڪامريڊ نواب شاهه ۾ ادبي
سرگرمين کي شروع ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرو رهيو، هن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي ادب دوستن کي
ميڙي چونڊي گڏ ڪري انهن جي ادبي تربيت جي لاءِ گڏجاڻيون پڻ شروع ڪيون هيون، جنهن مان اڳتي هلي نوجوانن
جي بهتر ذهني آبياري ٿي.
صالح بلو صحافت کي به گهڻو وقت ڏنو،
جنهن جي شروعات هن ۱۹۷۷ ۾ سنڌ
نيوز کان ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ کاٻي ڌر جي دوستن سان ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڪم ڪندو
رهيو، جڏهن ۱۹۸۹ ۾ عوامي آواز نڪتي ته هن جهر
جهنگ وڃي عوامي آواز کي عوامي اخبار مڃرائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو.ان کانپوءِ به جيڪي
ترقي پسند ڌر جي دوستن اخبارون جاري ڪيون صالح بلو انهن سان سندن صلاحن توڙي عملي ڪم
۾ گڏ رهيو.
صالح بلو کي فيچر لکڻ تي ،اي پي
اين ايس پاران هڪ کان وڌيڪ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.
هن شخص زندگي ۾ جيڪو واءُ وريو
ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيو، هن زندگيءَ کي ڪڏهن به معيار
نه ڏني نه ئي هن ڪڏهن ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪئي. هو پنهنجي رمز ۾ رهندڙ ماڻهون هو.
پنهنجي ۾ ئي مگن رهندو هو.
صالح بلو جهڙو ٻاهران نرم،نازڪ،سادو،سٻاجهو
،سچو ۽ کرو هوندو هو.پنهنجي اندر ۾ به اهڙو ئي هوندو هو، جيئن هن کي دوستن کان ڪا
شڪايت نه هوندي هئي ايئن دوستن کي به ڪا شڪايت نه هوندي هئي. ها هو تنظيم جي اصولن
ضابطن تي عمل ڪندڙ ماڻهون هوندو هو، جنهنڪري هو نه ڪنهن سان رعايت ڪندو هو ۽ نه ئي
رعايت وٺندو هو. سندس اهڙين خوبين ڪري هو اڃان به وڌيڪ محبتون ميڙي وٺندو هو.
سنڌ جي هن منفرد ڪارڪن سياست،
ادب، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمت جي شعبن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون، هو هر قسم جي
ڪامپليڪس کان آجو، دل جو صاف سٿرو، صاف گو.پنهنجي ڳالهه تي بيهندڙ شخص هو.
سنڌ جي هن شخص کي سموري سنڌ جي
سياسي پارٽين جا اڪثر اڳواڻ ذاتي طور سڃاڻندا هئا.جيڪي هن جي دل سان عزت ڪندا هئا،
سدا کلڻو ملڻو، هميشه خوش رهندڙ پنهنجي ڪنهن به درد جي دانهن نه ڪندڙ صالح بلو جون
خوبيون، سندس خواب، سندس خيال۽ سوچ زندهه رهندي، ماڻهون جي وئي پڄاڻان ماڻهن جي
خوبين کي ياد ڪيو وڃي ٿو پر هن شخص ۾ ايتريون خوبيون هيون جو هو سنڌ جي سياسي حلقن کان ڪڏهن به وسري
نه سگهبو.
صالح بلو ڪجهه وقت کان شهر جي
گدلاڻ ۽ گوڙ کان پرڀرو ٿي پنهنجي اباڻي زمين تي پنهنجي پنهنجي نالي سان هڪ ڳوٺڙو
آباد ڪيو هو جتي هن اسڪول، اسپتال، دستڪاري جو مرڪز پڻ قائم ڪرايو هو. جتي ئي هو
رهندو هو.
ٻين ڳالهين جيان هتي هي ذڪر به
بيجا نه ٿيندو ته صالح بلو، نوابشاهه جي جڳ مشهور تعليمدان ايم ايڇ خواجه جي ياد ۾
گلن جي نمائش پڻ ڪرائيندو هو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ۾ ۲۰
ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
محمد صالح بلو
۽ نوابشاهه جي هڪ باغي
جو آواز به سانت ٿي ويو!
فياض چنڊ ڪليري
ڳڀو پاڻي
ڍڪ سين، جي تون ٻوڙي کائين،
پنهنجي
اوچي ڳاٽ کي، مُور نه جهڪائين،
ته
تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻين ٿي وڃي.
اڄ نواب شاهه جون هوائون، ويڪرا
رستا ۽ وجود ۾ ڪنبڻيون پيدا ڪندڙ سرد موسم هوندي اکين منجهان اداسي جا ٽانڊا اڇلجي
رهيا آهن ڇاڪاڻ ته نواب شاهه شهر جيڪو ڪنهن زماني ۾ هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر خلاف جهڙيندڙ
“باغين جو شهر” ليکيو ويندو هو، ۷۰ ۽ ۸۰ وارن ڏهاڪن تائين هن شهر ۾ جڏهن به وقت جا حاڪم يا ڪامورا غريب ۽ مسڪين
عوام جي مفادن جي ابتڙ ڪو نادري حڪم جاري ڪندا هئا ته ان دور جا باغي ايڏي ته طاقت
۽ سگهه رکندا هئا جو هڪڙي ڪال تي سمورو شهر بند ٿي ويندو هو ۽ ڪرفيو جهڙو سماع
محسوس ٿيندو هو، سيد رشيد احمد شاهه ايڊووڪيٽ، قاضي فيض محمد ۽ انهن جا دوست، ساٿي
اهڙي باغياڻي سگهه رکندڙ هئا ۽ انهن خوددار ماڻهن جي لاڏاڻي کانپوءِ هن شهر ۾ هو اڪيلو
ئي باغي رهجي ويو هو جنهن کي نواب شاهه سميت سڄي سنڌ ڪامريڊ محمد صالح بلو جي نالي
سان سڃاڻيندي هئي.
بلو جو لقب کيس سندس نظرياتي
استاد قاضي فيض محمد انهن ڏينهن ۾ ڏنو هو جڏهن هو کاٻي ڌر ۾ تمام گهڻو متحرڪ هوندو
هيو ۽ هاري تحريڪ جي اڳواڻي ڪندو هيو. ان زماني ۾ قاضي فيض محمد، ڄام ساقي کي ”مولوي“
۽ محمد صالح کي ”بلو“ جو لقب ڏنو هو ته جيئن سرڪار ۽ سرڪار جا واٺا ۽ لاٺڙيا هنن
باغين کي پنهنجي پنجوڙ ۾ ڦاسائي نه سگهن. محمد صالح بلو، نواب شاهه جي هڪ زميندار
۽ سونارڪي ڪرت رکندڙ گهراڻي ۾ ماضي جي هڪ امير ترين شخص احمد خان مٺياڻي جي گهر ۾ ۱۹۴۹
ڌاري، شهر جي اوائلي پاڙي غريب آباد ۾ جنم ورتو. سندس
والد جو نواب شاهه شهر ۾ اوائلي دور ۾ “زميندار جيوئلرز” جي نالي سان سونارڪو دوڪان
هوندو هيو (جيڪو موجوده دور ۾ سندس فرزند سينئر صحافي نبي بخش بلوچ) سنڀالي رهيو
آهي. انهيءَ سونارڪي دوڪان تان سونارڪي ڪرت سکي موجوده دور جا ڪيئي ڪروڙ پتي
سونارا پنهنجا ڌار دوڪان کولي شهر ۾ موجود آهن، محمد صالح بلو جي سياسي زندگي جي
شروعات ۱۹۶۰ واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي همعصر
دوستن ڪامريڊ صفت رند، ڪامريڊ امداد چانڊيو، ڪامريڊ غلام سرور چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي
شاگرد سياست سان ڪئي، هي دور ايوب جي خطرناڪ مارشلا جو دور هيو جڏهن زبانن ۽ تخيل
تي تالا لڳل هيا ان جي باوجود ڪامريڊ صالح بلو پنهنجي دوستن سان وڏي بهادري ۽
خودداري سان سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن کان ٿورو عرصو پوءِ هو کاٻي ڌر جي
سياست سان سلهاڙجي ويو ۽ شهيد نذير عباسي، ڄام ساقي، پروفيسر اعزاز نظير، پروفيسر
جمال نقوي، ايڊووڪيٽ شبير شر، ڪامريڊ حسن عسڪري ۽ ان دور ۾ ٻين اعليٰ پائي جي ڪميونسٽن
سان گڏجي اميري ۽ غريبي جو فرق ختم ڪرڻ، برابري وارو جهان قائم ڪرڻ جهڙي ڏکي سياست
۾ پير پاتو ۽ هتي نواب شاهه ۾ سندس همعصر ساٿين ۽ سينيئرن ۾ سيد رشيد احمد شاهه،
قاضي خالق، ڪامريڊ امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي، احمد خان جمالي، نور احمد چنڙ، ڊاڪٽر
خير محمد جوڻو، ڪامريڊ صفت رند، علي حسن چانڊيو، ادريس جتوئي، امير حمزو انڙ،
سارنگ سهتو ۽ ٻيا دوست هيا، جن سان صالح بلو، نظرياتي جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ بعد
۾ سنڌ اندر هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ سان سلهاڙجي ويو ۽ سندس اندر ڪامريڊ
صالح بلو ۽ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي جوڙي
مور پکين جي جوڙي وانگر مشهور هوندي هئي.
سنڌ اندر ايم آر ڊي جي تحريڪ
دوران جن ماڻهن نواب شاهه مان پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪئي ڪامريڊ صالح بلو به انهن
مان هڪ هيو هن پنهنجي نوجوانيءَ جون ڪيئي حسين شامون، راتيون ۽ پرهون نظرياتي
سياست جي پاداش ۾ سکر سينٽرل جيل سميت سنڌ جي مختلف جيلن ۾ گذاريون، ڪامريڊ محمد
صالح بلو پنهنجي سياست جي عروج وارن ڏهاڙن ۾ سڄي سنڌ جي ڳوٺن واهن، وستين کان
سواءِ اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ سياسي جلسن، جلوسن، هاري ڪنوينشنن
۾ شرڪت ۾ گذاريون، نواب شاهه ۾ ان زماني ۾ هڪ طرف سيد رشيد احمد ايڊووڪيٽ جي آفيس
نماءُ اوطلاق هوندي هئي جتي ضلعي جا ڪامريڊ، شاعر، اديب ۽ عاشق جمع ٿيندا هئا ته ٻئي
طرف غريب آباد واري علائقي ۾ ڪامريڊ صالح بلو جي اوطاق ان دور جي سرڦرين، باغين، ڪامريڊن،
شاعرن ۽ دانشورن لاءِ پناهه گاهه بڻيل هوندي هئي جتي پاڪستان جا چوٽي جا سياستدان،
غوث بخش بزنجو، قاضي فيض محمد، شهيد نذير عباسي، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، عزيز ڪينجهرائي،
صوفي حضور بخش سميت اڪثر نالي چڙهيا قوم پرست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ هفتن جا هفتا رهيا
پيا هوندا هئا، صالح بلو ۷۰ جي ڏهاڪي
۾ عام چونڊن دوران صوبائي اسمبلي جي سيٽ تي فارم ڀرايو هو، مخالفن پاران هٿن کڻڻ
لاءِ سندس مٿان تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو، کيس لالچون ۽ آڇون ڏنيون ويون پر صالح
بلو ڪنهن ٻي مٽي ۽ مزاج جو ماڻهو هو، هن سموريون آڇون ۽ لالچون ٿُڏي ڇڏيون، ان دور
جي سياستدانن جڏهن صالح بلو کي ڪنهن به صورت ۾ هٿيار فٽا ڪندي نه ڏنو ته کيس
گماشتن هٿان کنڀرائي ڪنهن جهنگ ۾ وڃي ٻه ٽي ڏينهن کيس سوگهو ڪري رکيو ۽ چونڊون ٿيڻ
کانپوءِ کيس ڇڏيو ويو.
محمد صالح سياست سان گڏوگڏ ادب
جو به وڏو خدمتگذار رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ نواب شاهه جي بنياد وجهندڙن ۾ سندس
شمار ٿئي ٿو، پاڻ شروعاتي سالن ۾ سنگت نواب شاهه جو سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ مختصر
افسانو تحرير ڪرڻ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي، هن ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ پنهنجا درجينن
افسانا ۽ ڪهاڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون، سندس همعصر ليکڪن ۽ شاعرن ۾ سائين عبدالحڪيم
ارشد، منظور حسين قريشي، ماڻڪ منير، بردو سنڌي، پير ضياءَ خياروي، نور احمد چنڙ،
بشير احمد ٻگهيو، مير عبدالرسول مير، تاج جويو، الحاج رحيم بخش قمر لاکو، نور
عباسي، پروفيسر عبدالله مگسي ۽ ٻيا شامل هئا، محمد صالح بلو ادب سان گڏوگڏ جديد سنڌي
صحافت جو علمبردار ۽ نامور ڪالم نگار، تحقيقي رپورٽر طور پاڻ مڃايو،کيس صحافتي مڃتا
طور ٻه ڀيرا پاڪستان جو سڀ کان وڏو صحافتي (اي پي اين ايس) ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، هن
روزاني سنڌ نيوز اخبار سان صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن بعد سنڌي ٻولي جي
پهرين ڪمپيوٽرائيزڊ روزاني عوامي آواز اخبار جي ڪڍڻ تي هن پنهنجي ساٿين ڊاڪٽر جبار
خٽڪ، احمد خان جمالي، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڊاڪٽر اسماعيل اڊيجو، امداد علي اوڍو ۽
ٻين دوستن سان گڏجي پارٽنرشپ تي عوامي آواز اخبار کي سنڌي قوم جي ترجمان اخبار طور
مڃرائڻ ۾ جدوجهد ڪئي جنهن بعد هن پنهنجي نظرياتي ساٿين ڪامريڊ غلام رسول سهتو،
مهيش ڪمار، ڪامريڊ رشيد راڄڙ سان گڏجي روزاني سنڌ اخبار پڻ شروع ڪئي محمد صالح بلو
انهن اخبارن جا ايڊيٽوريل به لکندو هو ته ڪالم ۽ مضمون پڻ سندس معمول جو حصو هيا،
بعد ۾ هن نواب شاهه شهر ۾ پنهنجي ذاتي پندرهن وار اخبار سنڌ گرين شايع ڪرڻ شروع ڪئي
جيڪا گذريل ۲۰، ۲۵ سالن کان مسلسل شايع ٿيندي رهي آهي ۽ ڪامريڊ صالح بلو کي جس هجي جو ڪنهن
به سرڪاري اشتهار يا مدد کانسواءِ مسلسل ۽ لڳاتار هن هڙان وڙان خرچ ڪري اها اخبار
شايع ڪئي.
محمد صالح بلو جي خودداري،
بهادري ۽ بيباڪي کي نواب شاهه جا سياسي، سماجي ماڻهو توڙي وقت جا ڪامورا انتهائي
عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ميڊم فريال ٽالپور صاحبه،
حاجي علي حسن زرداري کيس عزت ۽ مان ڏيندا هئا، ساڳئي وقت نواب شاهه ۾ مختلف وقتن ۾
رهندڙ ڊپٽي ڪمشنر آفتاب ميمڻ، عبدالزاق قريشي، آغا جان اختر، گل محمد عمراڻي،
گهنور خان لغاري، عبدالقادر منڱي، سيد جمال مصطفيٰ شاهه، عبدالعليم لاشاري،
عبدالرشيد زرداري ۽ ٻيا پڻ محمد صالح بلو جا يا ته پراڻا ڪلاس فيلوز هيا يا ته
سندس دوست ۽ ساڻس محبتون ڪندڙ آفيسر هيا، محمد صالح بلو ۲۰۰۰
ڌاري پنهنجي زندگي شهر جي شور شرابي، آلودگي کان بيزار ٿي
ايئرپورٽ روڊ تي واقع پنهنجي اباڻي زمين ۾
وڃي پنهنجي نالي سان ڳوٺ محمد صالح بلو وڃي وسايو جتي هن سرڪاري اسڪول، سرڪاري
اسپتال، هنري مرڪز پڻ قائم ڪيا، جڏهن ته هن پنهنجي امڙ جي نالي سان منسوب خديجه
هنري مرڪز غريب آباد ۾ قائم ڪيو جتي علائقي جي نياڻين کي مفت ۾ هنري سکيا فراهم ڪئي
ويندي آهي، محمد صالح بلو نواب شاهه شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ۹۰ واري ڏهاڪي دوران عورتن ۽ ٻارن جون بازارون ۽ ميلا منعقد ڪرايا، هن نواب
شاهه تعليمي انقلاب آڻيندڙ سائين ايڇ ايم خواجه جي نالي سان ڪيترن سالن تائين گلن
جي نمائش برپا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪامريڊ محمد صالح بلو هڪ سماجي تنظيم سنڌ
جرنسلٽ نيٽ ورڪ فار رورل ڊولپمنٽ (سڄڻ آرڊي ) قائم ڪئي جنهن جو مقصد سماجي، علمي
ادبي ۽ صحت جي حوالي سان ماڻهن ۾ مفت جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ سميت ضلعي جي
مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳرايون جنهن ۾ مختلف شعبن جا مقامي ملڪي ۽ پرڏيهه
مان ماهر ڊاڪٽر شريڪ ٿي غريب ۽ نادار مريضن جا مفت ۾ آپريشن ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي
دوائون فراهم ڪندا هئا ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ هر مهيني اهڙي ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائڻ سندس
معمول هوندو هو.
محمد صالح بلو جي شخصيت هڪ ئي
وقت سياست، صحافت، ادب، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمتن جهڙن مقدس شعبن ۾ ورهايل هئي،
مونکي اهو سڄي زندگي افسوس ۽ پچتاءُ رهندو ته استاد محمد صالح بلو کي ڪچهرين ۾ ڪيئي
ڀيرا چوڻ باوجود مون حياتي ۾ ساڻس يادگار مڃتا رهاڻ نه ملهائي ۽ هو پرديسي پکين
وانگر پنهنجون ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهڻ جهڙيون حسين يادون اسان وچ ۾ ڇڏي ۱۹
ڊسمبر ۲۰۲۱ جي
سرد صبح جو اسان سڀني کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ۾ ۲۰
ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
صالح بلو
بخشل باغي
اڄ صبح جو هڪ تمام وڏي ڏک جي
خبر فيسبوڪ جي پيج تي اکين اڳيان ڪنهن ڀيانڪ حقيقت جيان نروار ٿي سامهون آئي ته، ڪامريڊ
صالح بلو اڄ پنهنجو جسماني سفر پورو ڪري مٽيءَ جو وڃي مهمان بڻيو آهي.سچ ته دل ڏاڍي
ڏکاري ٿي من کي ملول ڪرڻ لڳي.
استاد صالح بلو هاري تحريڪ جو
متحرڪ، سچو ڪارڪن هو۔ هن نه رڳو پورهيت تنظيمن ۾ ڀرپور ڪردار ڪيو پر هن اڄوڪي دور
۾ اصل صحافت جي مفهوم ۽ معنيٰ کي سچائيءَ جي آڌار تي اپنائيندي جيڪو ڪردار ادا ڪيو
هو اهو سچ ته سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن صحافين ئي اپنائي مثال قائم ڪيو آهي. هُو
سنڌي ادبي سنگت نواب شاھ جو بنيادي ۽ متحرڪ ڪارڪن هئڻ سان گڏ هڪ ڪهاڻيڪار پڻ هيو
جيڪي ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيل آهن۔ هن پنهنجي قلم جو تقدس رکندي سنڌ اخبار، عوامي
آواز يا سنڌ گرين اخبار ۾ سچ جا اهڙا اهڙا ته جوهر پسايا آهن جو ٻڌي ۽ پڙهي چڱن ڀلن
جي جسمن ۽ دلين ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي ويندي هئي۔ انهن اخبارن ۾ سندس سماجي ۽ سياسي مضمون
توڙي ڪالم، هن ڪوڙي دور ۾ سچي ڪٿا طور هڪ
تاريخي حيثيت رکن ٿا. منهنجو استاد سان پنهنجائپ ڀريو تعلق ساٿي ٻارڙا سنگت واري
دور يعنيٰ لڳ ڀڳ ۸۸ع کان هو۔ منهنجون ساڻس ڪيتريون
يادون ۽ ڪچهريون هيون جيڪي ڪنهن مضمون جي صورت ۾ لکبيون۔۔ استاد صالح ظلم خلاف
سدائين سراپا احتجاج رهندڙ اهڙو ته ڪامريڊ هو جنهن پڇاڙيءَ تائين پنهنجي نظريي کي
تازو توانو رکيو ۽ پنهنجي سچ چوڻ ۽ لکڻ واري عمل تي سدائين قائم ۽ دائم رهيو.
(بخشل باغيءَ جي فيسبڪ پيج
’بخشل باغيءَ جون دوستن سان تصويرون البم-۵‘ تي ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي رکيل ۽ ۲۰ ڊسمبر
۲۰۲۱ع تي اتان کنيل)
صالح بلو
امداد اوڍو
اسان جو دلبر دوست ۽ ساٿي صلح
بلو به وڇڙي ويو. پنجاھ سالن جو نظرياتي سفر گڏجي ڪيوسون. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن
۾ گڏ رھياسون پوءِ صحافتي سفر به گڏجي ڪيوسين. عوامي آواز جي ابتدا واري ڏکي دور ۾
ھن وڏي محنت ڪئي. نواب شاهه سميت پوري سنڌ ۾ اخبار کي عوام تائين پھچائڻ ۾ وڏو ڪردار
ادا ڪيائين. روزاني سنڌ کي اوج تي پھچائڻ وارو به صالح بلو ھيو. ھن پنهنجي سموري
زندگي پورھيت جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏي. پاڻ سچو ۽ کرو انسان ھيو. فوجي ڊڪٽيٽر پرويز
مشرف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري مسئلي تي گورنر ھائوس ڪراچي ۾ سنڌي ايڊيٽرن سان ملاقات
۾ کيس لانگ بوٽي ڪري مخاطب ٿيو ھيو. سنگت جي ڪوتاهين تي به کرو موقف رکندو ھيو.
وري محبتن ڏيڻ جو به مور ھيو اڪثر سنـگت جڏھن به
نواب شاهه ويندي هئي ته جيءَ ۾ جايون ڏيندو ھيو. ھن جون زندگي ۾ ڪيل قومي
خدمتون اسان جي دلين ۾ ته سدائين زنده رھنديون پر کيس سنڌ جي تاريخ ۾ کيس سنھري
اکرن ۾ ياد ڪيو ويـندو. مرڻو ته ھر ماڻهوَ کي آهي پر ڪي انسان پنهنجي قومي پورھئي سبب
ھميشھ لاءِ امر ٿي ويندا آهن. انهن ۾ اسانجو دلبر دلير ساٿي ڪامريڊ صالح بلو به
شامل آهي. ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اسان جي گهر جو ھڪ پيارو ڀاتي اسان کان وڇڙي ويو
آهي. ڪيترو ڏک ڪجي ھڪ ڳالهه جو اطمينان به آهي ته صالح بلو ھن دنيا ۾ اچڻ واري مقصد سان سچائي
رھيو جنهن جي پاداش ۾ جيل به ڀوڳيائين. ڪامريڊ جي خوابن جي ساڀيان لا۽ اسان سموري
سنگت کي ھڪ ٿي جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. ڪامريڊ سان گهاريل گهڙين جو تفصيلي ذڪر ڪبو.
فلحال ته ڪامريڊ جي وڇوڙي ھيڻو ڪري ڇڏيو
آهي. واقعي جڏهن پنهنجا پيارا وڇڙي وڃن ٿا ته ويڳاڻپ سان گڏ دلي صدمو ٿئي ٿي.
ڪامريڊ صالح بلو کي سرخ سلام۔
(امداد اوڍو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
صالح بِلو
سِنِڌُ امڙ جو صالحُ پُٽُ
معشوق ڌاريجو
صالحُ بِلو سِنِڌُ امڙ جو اھو
صالحُ پُٽُ ھو، جنھن جو اوچتو وڇوڙو اَڻَ ڳَڻِيون اکيون آليون ڪري ويو آھي.
سومر ويھه ڊسمبر ٻه ھزار ايڪيھه
تي صبح جو سَويرَ مير بيتاب پريي جي موبائيل ڪال آئي. پنھنجي اخبار ۾ ڇپيل ڪالم جو
ٻُڌايائين ۽ چيائين ته: ”يارَ! بِلو صاحب به گذاري ويو!“ مون کان دانھن نڪري وئي؛
”اڙي! ڪڏھن!؟“ چيائين؛ ”خبر ئي ڪانھي تو کي!؟“ چيم؛ ”نه يارَ! مون کي خبر ئي ڪانھي،
نه ته تدفين ۾ وڃان ھا.“ کيس ٻڌايم ته؛ ”منھجو ايندڙ ڪالم بِلو صاحب تي ھُجي ھا.“
ھا منھنجو ھي ڪالم جيڪو مون اڌ لکي به ڇڏيو ھو، سو بِلو صاحب تي ھُجي ھا. مون ته
کيس جيئري ڀيٽا ڏيڻ ٿي چاھي، پَرَ افسوس جو مون دير ڪئي....!! پنھنجي اخبار جي
آخري صفحي تي مٿان مٿان ٻه ڪالمي خبر ۾ لکيل آھي ته: ”ناليوارو صحافي ۽ کاٻي ڌر جو
اڳواڻ صالح بلو لاڏاڻو ڪري ويو.“ ھيٺان صالح جي تصوير آھي. ساڳي سنڌي ٽوپي، چشمو
پاتل، ڳچيءَ ۾ مفلر، ڪارو ڌاڳو، قميص مٿان جَرِسي، ساڳيو شانُ شوڪت ۽ اکين ۾ مظلوم
۽ محڪوم طبقي جي خوشحاليءَ جو خواب ۽ اڻٽر عزم.
بَلوءَ جھڙا پُٽَ مائرون ورلي ڄڻينديون
آھن. صالحُ پنھنجي جيجل جي ٿَڃُ ملھائي، اَبي ۽ اَمڙ جي رکيل نالي جو ڀرم رکندي پاڻ
کي آخري دم تائين صالحُ پُٽُ ثابت ڪيو. سڄي ڄمار کاٻي ڌر ۽ ھاري ڪاميٽيءَ سان پاڻ
کي سلھاڙي، ھن پنھنجي سخن ۽ سچائيءَ جو جيڪو ثبوت ڏنو آھي، ان کي مظلومن ۽ محڪومن
جا حامي ۽ حمايتي ھڪ حوالي طور ھميشه ياد رکندا.
ڪي ڪي اتفاق به ڏاڍا عجيب ٿيندا
آھن. جيئن صالحُ بِلو پورھيتن ۽ ھارين جو اڳواڻ ھو، تيئن ھن جو جنم به پھرين مئي اڻويهه
سو اڻونجاھه ۾، پورھيتن جي عالمي ڏينھن تي ٿيو ھو. محمد صالح ولد احمد خان مِٺاڻي
بلوچ کي ننڍپڻ ۾ گهر وارا بِلو سڏيندا ھئا. انڪري ھن ان پِيارَ جي نالي کي پنھنجي
نالي سان جوڙي ڇڏيو.
سنڌ جي مھان مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ ھن سنھڙي، سيپڪڙي، جسماني طور ڏٻري،
ٿڪل ۽ بظاھر ھيڻي پَرَ پنھنجي سوچَ ۽ جذبن ۾ ٻيڻي ھمراھَه سان منھنجي شناسائي ھاءِ
اسڪول واري زماني ۾ ٿي ھئي. مون کي ياد ٿو اچي ته اسان ڪجھه دوست سندس غريب آباد
واري گهر جي اوطاق واري ڪمري ۾ گڏ ٿيا ھئاسين. ان کان پوءِ جڏھن آئون سنڌي ادبي
سنگت ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيس ۽ ضلعي نواب شاھه جو پھريون آئيني ۽ چونڊيل ضلعي رابطا سيڪريٽري
ٿيس ته نواب شاھه جي پروگرامن ۾ جام شرڪت ڪرڻ لڳس، ته ھي پروگرامن جي جان ھوندو
ھو. وَسيم، سارنگ، فَياض، ضَراب، سميت سڀ دوست ھن جو وڏو احترام ڪندا ھئا. ڪجهھ
دوست کيس استاد ڪري سڏيندا ھئا. اڪثر ڪري ھي ۽ نور احمد چنڙ ته ڄڻ ٽچ بٽڻ ھوندا
ھئا. چرچا گَهٻا ڀوڳَ ٺاٺا وڏو مزو ھوندو ھو.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال جا پروگرام
ھجن يا پريس ڪلب جا، نيشنل سينٽر جا يا ڊي سي اسڪول جا ھي ٻئي انھن پروگرامن جي
جان ھوندا ھئا. صالح جا ٽھڪ ڏاڍا سدا بھار ھوندا ھئا. نواب شاھه جي ھر محفل صالح
بلوءَ ۽ نور احمد چنڙ کان سواءِ ٻُسي ٻُسي ۽ بي رنگ لڳندي ھئي. اڳتي ھلي جڏھن سنڌ
اخبار شروع ٿي ته سندس ڪالم ڀيڙ تي ڏونڪو ثابت ٿيا. ڀَلي خانُ، خانَ جو پُٽُ ھُجي
پَرَ صالح بلوءَ جي وَرِ چڙھيو ته ڏيرُ ٿي ويندو. ھن جي بي باڪيءَ ۽ سچائيءَ جا
انيڪ مثال موجود آھن جن کي ترتيب ڏئي سندس شاندار سوانح حيات لکي سگهجي ٿي. صالحُ
بلِو سينيئر سياسي ورڪر، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ھو. صاف شفاف ۽ اڇي اجري ڪردار جو مالڪ
صالحُ بِلو وڏو مھمان نواز رھيو آھي. منھنجو دوست اسرار لانگاھ ته سندس مھمان
نوازيءَ جا انيڪ داستان بيان ڪندو آھي.
ھن جي دوستيءَ جو وڏو حلقو ھو.
جن ۾ شھيد نظير عباسي، ڄام ساقي، رئيس بروھي، انور پيرزادو، گلاب پيرزادو، غلام
حسين شر، امداد چانڊيو، سرور چانڊيو، ايڊوڪيٽ سيد رشيد احمد، قاضي فيض محمد، محمد
بخش ڌامراهه، منظور احمد قريشي، اسرار لانگاھه، پير بخش لانگاھه، ڪامريڊ غلام رسول
سھتو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، صفت رند، مھيش ڪمار، پير شھاب، الھه بخش ڀنڀرو، سڄڻ
رند، غلام رسول زرداري، بھادر ڪلوئي، پانڌي خان جمالي، عبداش پنھور، مراد چانڊيو،
خادم چانڊيو، شاھنواز چنڙ ۽ ٻيا شامل ھئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو المعروف ڊاڪٽر خيرل، جڏھن به پنھنجي ڳوٺ مير
محمد جوڻي ۾ ايندو ھو ته صالحُ بِلو ضرور وٽس ايندو ھو يا ڪا فوتگي ٿيندي ھئي ته
به ھي پھچي ويندو ھو. استاد رحيم بخش لاکو به پيو ساڻس ڀوڳڙا ڪندو ھو ۽ پنھنجي دل
وندرائيندو ھو. صالح بلوءَ جو سونارڪو دڪان موني بازار نواب شاھه ۾، ڪپڙي مارڪيٽ
جي سامھون اڄ به موجود آھي.
جيڪو سندس دوستن لاءِ، سندن
پناھه گاھه وانگر ھو. ھن دڪان جي ڀر ۾ ھڪڙو
ننڍڙو ڪارنر ڪتابن جو به آھي. جيڪو ڪمائيءَ لاءِ نه پر شعور جي ڦھلاءَ لاءِ قائم ڪيائين.
صالحُ بِلو ھڪڙو مستقل مزاج ۽ ڪميٽيڊ سياسي ورڪر ھو. ھن پندرنھن وار سنڌ گرين
اخبار، ٻه ھزار ھڪ ۾ جاري ڪئي ۽ آخري پساھن تائين ان کي جاري رکيائين. سندس ٽيجهي
واري ڏينھن ڪنھن دوست جي ھٿ ۾ ھڪ پلاسٽڪ جي ٿيلھي ھئي، جنھن ۾ مختلف ماڻھن ۽ ادارن
کي موڪلڻ لاءِ سنڌ گرين جون ڪاپيون ھيون جن کي ويڙھي پِنَ ھَڻي، ٽِڪليون ھَڻي ريل
۽ پوسٽ رستي موڪلڻ لاءِ تيار ڪري رکيو ھيائين. جن مٿان سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏَسُ
پَتا لکيل ھئا. آءُ سندس نفاست ۽ ڪم جي سليقي کي ڏسي دنگ رھجي ويس. سنڌ گرين جي
آخري شماري ۾ به سندس مضمون ڇپيل آھي. صالح بِلوءَ جو ڳوٺ نواب شاھه جي ھَوائي اَڏي
جي ڀَرِ سان لڳو لڳ آھي. ھن ننڍي ھوندي کان ئي جھازن جي پرواز ڏٺي ھئي. شايد ھن
جھازن جي ان پرواز کي ڏسي ئي پنھنجي ذھن ۾ اھڙي پرواز رکي ھجي. جيڪا کيس عقابن جي
اڏار کان به اوچو وٺي وئي. ان حوالي سان حسن درس جون سٽون آھن ته:
”اڏامن کان اڳتي اڪرندي حَسَنَ،
پکين کان پُڇاڻو ڪَجي دل ڏِجي.“
۽ صالحُ بِلو پکين جي اڏامن کان
به اڳتي اُڪِري، ديسَ ۽ دنيا جي درد وندن کي دل ڏئي چُڪو ھو. اسان سدائين کيس اوچي
ڳاٽ ڏٺو ھو. صالح بِلوءَ جيئن پنھنجي سفر کي شروع ڪيو، تيئن ھو ڪٿي به نه رڪيو ۽
بنا ڪنھن ساھي جي جاکوڙيندو رھيو. ھن اياز شيخ جي آتم ڪٿائي عنوان ´ڪٿي نه
ڀڃبو ٿڪ مسافر` جيان، پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪٿي به ٿڪ نه ڀَڳو ۽ سڄي عمر ڏورَڻَ جو ڏس ڏيندي
ڀٽائيءَ جي بيتَ جو پيغامُ بڻيو ته
”جيسيين ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي سڄڻين.“
صالح بِلوءَ جا ڪالم محفوظ آھن،
الائي نه!؟ پَرَ اڏوھيءَ جي وَرِ چڙھي وڃڻ کان اڳ ۾، انھن جو ڪتابي صورت ۾ اچڻ اشد
ضروري آھي. آچر اڻيھه ڊسمبر ٻه ھزار ايڪيھه عيسويءَ جي صبح تي وڇڙي ويل سنڌ جي ھن
آدرشي سياسي، سماجي ورڪر ۽ صحافيءَ جو ڪم ۽ ڪردار اسان لاءِ اتساھه جي علامت بڻجي
سگهي ٿو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾
۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڪامريڊ محمد صالح بلو
جنھن جي وڇوڙي کي سال
پُنو؟
عبداش پنھور
نوابشاهه شهر جي غريب آباد پاڙي
۾ هڪڙو ماضيءَ جي “سرخ پرچم” واري هلچل جي ساٿين جو ٿاڪ هوندو هو ۽ اتي ڪيترائي
دوست رهيا ۽ پليا پر هاڻ اُهي پاڻ کي تمام وڏو تونگر ٿا سمجهن، جيڪڏهن سهتو ۽ بلو
جديد صحافتي ڪردار ادا نه ڪن ها ته ڪيترائي معتبر نالا اڄ ڳوليا به نه لڀن ها،
نوابشاهه شهر ۾ اها اوطاق “ سيٺ بلو” جي نالي سان هوندي هئي. هُو سيٺ ان ڪري سڏبو
هو جو پاڻ وچ شهر جي ڪپڙي واري بازار جي هنج ۾ سونارڪي منڊيءَ جو واپاري پڻ هو، ۽
زميندار وري الڳ هو، نوابشاهه ايئرپورٽ لڳ زمين اڄ به موجود آهي، ها! محمد صالح
بلو. جنهن کي امداد چانڊيو غلام رسول سهتو، ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻوجهڙا گهاٽا ۽
حُجائتا ساٿي سنگتي رڳو “ بلڻ ” ۽ “شهيدبلڻ ” پڻ سڏيندا هئا. ترقي پسند تحريڪ ۾
سرگرم ۽ سنڌهاري ڪيمٽيءَ ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهندڙ محمد صالح بلو کي سانوڻ
فقيرکان وٺي اسان واري سموري ٽهي وري کيس “استاد محترم” جي لقب سان سڏيندي رهندي
هئي، ڇو ته اهو اسان جي ول ۽ ولهار جو سياسي فڪري استاد هيو، تنظيم سازيءَ تي هن
جي تمام وڏي گرفت رهندي هئي. سياست ۽ صحافت جو سنگم محمد صالح بلو، ٻالڪ پڻ کان کيٽو
ڪندڙ انسان رهيو، ڇو ته چڱائي جي پاسي رهندڙ هيءُ ماڻهو پنهنجي سماج ۾ بُرائيءَ
وارن لڇڻ جو سخت ترين مخالف رهيو. ڀلا محمد صالح بلو، اهڙا ڳُڻ ڪٿان سکيا؟ ها!
ضرور اهو سوال تمام اهم سوال آهي، اچو ته تنهن ڳالهه جو پيروکڻو. اهو ايوبي آمريتي
دور وارو زمانو هو جڏهن باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سندس ساٿي هالاڻي وارو
قاضي فيض محمد محرابپور وارو ڪامريڊ محمدهاشم گهانگهرو، نوابشاهه وارو ترقي پسند
شاعراديب احمد ضيا (ارد و ڳالهائڻ وارو) سيدرشيداحمدشاهه، ماسٽر منظور قريشي، سڪرنڊ
وارو حڪيم سليمان لاکو. ڪنڊياري وارو نوراحمد چنڙ، دوڙ وارو ڪامريڊ لقمان، ڪانگريسي
(وڳڻ ) چاچا عارب بروهي کان رئيس خان بروهي ۽ بهادرڪلوئي تائين، اهي سمورا سنڌهاري
ڪاميٽي ۽ شاگرد تنطيم جاسرگرم ڪردار هئا، ته انهن جي ڪوشش سان اها ول ساماڻي جنهن
۾ غلام محمد سيال کان منظور سولنگي جهڙا ڪامريڊ ساماڻيا (.تڏهن ضلعو نوابشاهه ايڏو
وڏو ضلعو هوندو جنهن ۾ هاڻوڪوضلعو نوشهروفيروز جون حدون شامل هيون) تازوئي لاڏاڻو ڪري
ويل هڪڙو ماٺيڻو ماڻهو محمداشرف ميمڻ پڻ ساڳي ول جو ولهار ڳڻي سگهجي ٿو پر اها خبر
گهڻن ماڻهن کي ناهي ته ماڻيٺو ماڻهو محمداشرف ميمڻ ۽ سنڌهاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر ڪامريڊ
غلام رسول سهتو هڪٻئي جا ڪيترا ويجها ساٿي رهيا آهن.
سو محمد صالح بلو به اهڙي ماحول
۾ ساماڻيو هو، هڪڙو شهري ٻار سرخ سوچ جي ور چڙهي ويو ته وري نه وريو. مهان راڳي
سينگار علي سليم ڇا ته مهان شاعر مصري شاهه جي هڪڙي ڪافي ڳائي ته “ مان ته وريو نه
ٿي وران، جي وران ته پوءِ واريوڙي يار” محمد صالح بلو، اهو اڻ موٽ کاهوڙي ۽ عظيم
پورهيت هلچل جو سرواڻ ساٿي رهيو آهي، جيڪو جاکوڙي ۽ ارڏو ڪردار هو، جنهن سدائين هيڻن
کي حوصلا ڏنا، هُوجدوجهد دوران ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو، جيل ويو، سکر جيل تائين
هن سيپڪڙي ساٿي ڀوڳنائون ڀوڳيون. محمد صالح بلو ته بقول شيخ اياز جي ته “ جيڪو سچ
مچائي مچ،سو مچ وڏي شيءِ آهي“ واري سفرجو سفير رهيو جنهن وٽ اهو به سنيهو هو ته “
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان “ سندس صحافتي سفر به اهڙوئي انوکو
هو ڀلي ڪير سندس سربراهي واري اخبار “سنڌگرين ” جا رڳو تصوري ڪيپشن پڙهي ڏسي ته لڳاتار
ڀنڀورکي باهه لڳائيندو رهندو هو.ڪامريڊ محمد صالح بلو اسان واري ٽهيءَ جو استاد
هو، سياسي اختلافن هوندي به اسان واري ٽهي محمد صالح بلو جو تمام وڏو ادب ۽ احترام
ڪندڙ ٽهي آهي. ترقي پسند شاگرد تنظيم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پاڪستان جو
بنياد ته ۱۹۵۰ع ڌاري پيو، سُرخ پرچم جا ساٿي
تنهن فڪري تنظيم جا سرواڻ رهيا، جنهن ۾ برک ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي (جنهن کي
پروفيسر جمال نقوي پنهنجي ڪتاب ۾“ سُرخ ڪمانڊر” لکيو آهي، اهو به شامل آهي) پر ۱۹۵۲ع ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنس فيڊريشن پاڪستان بندش لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن سنڌنيشنل
اسٽوڊنس فيڊريشن ته ڪڏهن وري حيدرباد اسٽوڊنس فيڊريشن، جيڪب آباد ۽ نوابشاهه اسٽوڊنس
فيڊريشن جهڙن نالن سان ترقي پسند فڪر جو پرچار پي ڪيو آهي.
سرخ پرچم وارن ڏاهن ۽ مفڪرن
هميشه شاگردن ۾ سياسي پيوندڪاري پئي ڪئي آهي، ان ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاڪستان
کي ٻيهر شهيدنظير عباسيءَ جي سرواڻيءَ ۾ بحال ڪيو ويو، سنڌي ٻولي واري هلچل دوران
گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو ته شاگرد اڳواڻ نظيرعباسي گرفتارٿيو، گرفتاري دوران
عذاب گهر ۾ تشدد ۾ شهيد ٿيڻ کانپوءِ چچرل لاش جي صورت ۾مليو، تنهن واقعي کان اڳ
اسفنديار ولي ۽ نظيرعباسي جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ گير شاگرد ترقي پسند تنطيم لاءِ جوڙيل
هڪ ڪاميٽي پڻ وجود عمل ۾ اچي چُڪي هئي. ۹ آگسٽ ۱۹۸۱ع کان پوءِ ڪميوسنٽ پارٽي آف پاڪستان
گڏيل فيصلو ڪندي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنس فيڊريشن پاڪستان کي بحال ڪيو ۽ پهريون چيئرمين
جيل ۾ پمفليٽ ڪيس جو قيدي شاگرد اڳواڻ امدادچانڊيو کي مقررڪيو ويو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر
طالب لاشاريءَ کي مقررڪيو ويو هو، صوبي سنڌ لاءِ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنس فيڊريشن پاڪستان
جو چيئرمين محمدخان سولنگيءَ کي مقررڪيو ويو هو ۽ جنرل سيڪريٽري علي حسن چانڊيو کي
مقررڪيو ويو هو، هاڻي جيڪڏهن ان دور جا سياسي نالا پڙهندا سين ته ماڻهو ڏسندا ته
اهي سڀ جا سڀ ضلعي نوابشاهه سان واڳيل آهن، هڪڙي ضلعي جا رهواسي آهن. اُن سوال جو
تمام سادو جواب به اهوآهي ته، ننڊي کنڊ جو تمام وڏو برک ڪميونسٽ اڳواڻ دانشورسوڀراج
المعروف ڪامريڊ سوڀوگياچنداڻي جا وڏڙا به ڪنڊيارو ضلعي نواب شاهه جا رهواسي هئا
پوءِ لڏي ويا لاڙڪاڻي پر تڏهن سوڀو ٻالڪ هو.
ٺاروشاهه ۾ ماستر چندر جو ميلو
لڳل هوندو هو، سڪرنڊ ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي سميت ترقي پسند اديب شاعر کاٻي ڌر جي سوچ رکڻ
وارا نان مسلم سنڌي گهڻي ڀاڱي هن ضلعي جا رهواسي هئا، ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال به سياسي
طور لوڪ اڳيان ايندو رهندو آهي ته سوڀو سنڌ کي ڇڏي ڇو نه ويو ۽ ٻيا پڙهيا لکيا سنڌي
ڇو سنڌ ڇڏي ويا؟ ۽ وري هندستان ۾ وڃي شاعر ڪرڻ لڳا ته “ وطن لاءِ جان گهوري.
گهوري، سا ٿوري ٿوري، سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آيا” اها شڪويٰ ڳائي به وئي
آهي، خير اهو هڪ الڳ موضوع آهي، باقي ڪامريڊ محمد صالح بلو انهن هيڻن هارين،
پورهيتن جو عظيم اڳواڻ آهي، جنهن کي ايندڙ زمانو پڻ ڊگهي وقت تائين ياد ڪندو
رهندو، ڇو ته محمد صالح بلو، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف هو، ڇو ته محمد صالح بلو ظلم ۽
ظالم جو مخالف هو، ڪامريڊ محمد صالح بلو سدائين مسڪين ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽
انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. نوابشاهه شهر ۾ هرسال پهرين مئي ته مزدورن جي عالمي ڏينهن
تي گڏيل جلسو ضرور ڪرائيندو هو، اهو جلسو گهڻو ڪري چڪرابازارکان ريگل چونڪ تائين
وچ روڊ تي ٿيندو هو ۽ ڪامريڊ محمد صالح بلوتنهن جلسي ۾ ڪيترائي سال اسٽيج سيڪريٽري
پڻ رهيو، هن ٻار پڙهايو واري مهم ۾سنڌهاري ڪاميٽيءَ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوندي
به بهترين هلچل هلائي، ثقافتي سنڌي ميڙ ۽ ميلا هن تڏهن ڪرايا جڏهن سنڌي ثقافتي ڏينهن
لوڪ اڃا نه ملهائيندو هو، نوابشاهه ۾ برک تعليمي مهان شخصيت ايڇ ايم خواجه جي
تسلسل کي قائم رکندي ڪامريڊ محمد صالح بلوگلن جو ميلو لڳرائيندو رهيو، هر سال ڪتابن
جو ميلو پڻ لڳرائيندو هو، ڪامريڊ محمد صالح بلو اهڙا ڪم تڏهن شروع ڪيا جڏهن ڪو به
گلن جو ميلو، ڪتابن جو ميلو، ثقافتي ميلو نه لڳائيندو هو پر ڪامريڊ محمد صالح بلو
جا اهڙا ميلا متل رهندا هئا، پوءِ اهو تعليمي ادارو ايڇ ايم خواجه هاءِ اسڪول هجي
يا غريب آباد وارو اسڪول هجي، ڪامريڊ محمد صالح بلو جا ميلا متل هوندا هئا، وڏا وڏا
ماهر ڪامريڊ محمد صالح بلوجي لڳايل ميلي ۾ شرڪت ڪندا هئا. تعليم دوست ماحول لاءِ ڪامريڊ
محمد صالح بلو جون ارپيل خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جهڙيون ناهن، اهڙي ريت وري صحت جي
شعبي ۾ پڻ ساڳئي طرح سان سول اسپتالن جي ماحول تي کيس تمام وڏي چڙ رهندي هئي ته مسڪين
ماڻهن کي ظالم ڊاڪٽر ڏنگين ٿا، تمام گهڻو هن تنهن سلسلي ۾ پڻ لکيو آهي، ميڊيڪل جي
شعبي بابت چوندو هو ته پڙهيل ماڻهو ڊاڪٽر ڏسو، مسڪينن، مزدورن، هارين سان اسپتالن
۾ ڪيڏو ظلم مچائي ويٺاآهن. برک ڪيمونسٽ وڪيل ۽ اڳواڻ سيد رشيد احمد شاهه جي لاڏاڻي
کان پوءِ ڪامريڊ محمد صالح بلو ضلعي پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽيءَ جوڪيترائي سال پرائيويٽ
ميمبرپڻ رهيو، هڪڙ ي ڀيري اجلاس ۾ کير جي اگهه جو في ڪلو اگهه ۲۷ رپيا ڪرڻ لاءِ ڊي سي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو، تنهن اجلاس ۾ ڪامريڊ محمد صالح
بلو پڻ شريڪ هو، شام جو اجلاس جي خبر سرڪاري هينڊ آئوٽ ۾ ۲۷ بدران ۲۸ رپيا لکجي آئي ته ڪامريڊ محمد
صالح بلو صفا باهه ٿي پيو، سخت ردعمل ڏيندي ڊي سي کي فون ڪيو ته هاڻ وري ڇا آهي؟
اطلاعات کاتي جي ملازم کي به نه ڇڏيائين، نيٺ ڊي سيءَ کي پنهنجو غلط جاري ڪيل هينڊآئوٽ
واپس وٺڻو پيو ۽ هڪ ڪلاڪ دوران ڪامريڊ محمد صالح بلوپاران نشاندهي ڪيل اگهه ۲۷ رپيا مقرري واري سرڪاري پڌرائي ڪرڻ وارو سرڪاري بيان صحافين کي ٻيهر ڏنو
ويو، پهريون سرڪاري بيان واپس ورتو ويو، جڏهن سال اڳ ڪامريڊ محمد صالح بلو لاڏاڻو ڪري
ويو تنهن کان پوءِ جو هڪڙو ساٿي ساڳئي ضلعي سطح جي اهم اجلاس ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندوآهي
۽ چوندو آهي ته هاڻ ته رڳو اسان چانهن، بسڪيٽ کائي اٿندا آهيون نه ته اڳ ڪامريڊ
محمد صالح بلوهوندي سوال تي سوال ۽ ڊگهي وقت تائين ضلعي گڏجاڻي جا اجلاس هلندا
هئا، خاص ڪري ڪورونا وائرس بابت اجلاس ته ڏاڍا دلچسپ رهيا. صحافتي هلچل دوران اي
پي اين ايس جا هن ۲ وڏا مڃتا ايوارڊ حاصل ڪيا، سو
اڄ ڪامريڊ محمد صالح بلو جي وڇوڙي کي سال پُنو آهي، کيس سرخ سلام هجي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰
ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا