; سنڌي شخصيتون: عبدالڪريم مغل

21 December, 2021

عبدالڪريم مغل

عبدالڪريم مغل



لالا نور خان نوناري

عبدالڪريم مغل، ٺل شهر ۾ پھرين جنوري ۱۹۶۱ تي، قادر بخش مغل جي گهر ۾ اک کولي. بنيادي تعليم ٺل مان حاصل ڪرڻ بعد، ميٽرڪ ۱۹۷۵ ۾ ميونسپل ھاءِ اسڪول جيڪب آباد ۽ انٽر ۱۹۷۹ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. سال ۱۹۷۹ع ۾ ڊگري ڪاليج ۾ ليبارٽري اسٽنٽ مقرر ٿيو. سال ۱۹۸۶ ۾ ايم اي اسلامڪ ڪلچر، ۱۹۹۲ ۾ ايم اي جرنلزم ۽ ۱۹۹۴ ۾ ايم اي سنڌي مان ڪئي. ايم اي صحافت لاءِ روزانا “جاڳو” ڪراچي تي ھڪ مونوگراف لکي ڏنائين ۽ ان وقت ٺل جو پھرين ماڻھو ھو جنهن ايم اي صحافت ۾ ڪئي.


عبدالڪريم مغل پاڻ ھڪ بھترين محقق صحافي اديب ۽ سماج سڌارڪ آهي. “ابو حيدر آزاد” سندس تخلص ۽ ادبي نالو آھي. سال ۱۹۷۷ ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين.

سندس علمي ادبي ڪاوشون سنڌ جي ناليواري اخبارن ڪاوش ھلچل خبرون پاڪ سنڌ عوامي آواز سنڌ ۾ ڇپجنديون رھن ٿيون. صحافتي سفر جي شروعات ۱۹۸۱ مان روزنامه نجات مان ڪيائين. ان کان علاوه ملڪ جي مشهور اخبارن روزاني عوامي آواز، روزاني هلچل، روزاني سارنگ، روزاني سوڀ، روزنامه خبرين ۾ تعلقي رپورٽر رهيو آهي ۽ ۱۹۹۲ ۾ سندس ادارت ھيٺ ٺل مان هفتيوار خادم ڪڍيائين، جيڪا مستقل طور تي ٺل مان نڪري ٿي.

عبدالڪريم مغل ڪينجھر رسالي جي گدائي نمبر ۾ عبدالوھاب سھتي سان گڏجي انجو مواد گڏ ڪيائين ۽ ان رسالي ۾ گدائي بابت سندس لکڻيون شامل آھن.

ان کان علاوه امداد اوڍي جي آتم ڪٿا “جل مشعل جل” ۾ امداد اوڍي بابت لکيائين، جنهن جو ذڪر ان ڪتاب ۾ امداد اوڍي پڻ ڪيو آهي. ٺل جي سماج سڌارڪ محمد صفر لاشاري جي ڪتاب “صفر” ۾ صفر لاشاري جو تعارف لکيائين. محبوب سومرو پاران شھيد الله بخش سومرو لاء ڇپيل ڪتاب ۾ محبوب سومرو جي مواد معلومات ۽ تصويرون گڏ ڪرڻ ۾ ليکڪ جي مدد ڪئي. جنهن جو ذڪر محبوب سومري ساڳي ڪتاب ۾ چڱي ريت ڪيو آهي.

عبدالڪريم مغل سنڌ ڪاليجز ليبارٽريز ايسوسيئيشن جو ڊويوزنل صدر پڻ چونڊيو ويو. پاڻ ھڪ سماجي ڪارڪن طور ۱۹۹۰ ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ ۱۹۹۳ع ۱۹۹۴ع ۾ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو.

سگا جي طرفان ھر سال ٺل جي شھر ۾ مفت اکين جي ڪيمپ لڳرائيندو آهي ۽ ھن وقت تائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ۲۰ کان مٿي ڪيمپون لڳرائي چڪو آهي. سندس سماجي توڙي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور کيس ڪيترا ئي عملي ادبي ۽ سماجي ايوارڊ ايوارڊ سلور ميڊل ۱۹۹۳ سگا مرڪزي کان ايوارڊ حيدري ٽرافي ۱۹۹۸ اکين جي ڪئمپ بلوچستان لاءِ سگا مرڪز کان سگا طرفان مڃتا بهترين اکين جي ڪئمپ ٽرافي بلوچستان ۹۹-۱۹۹۸ مرڪزي کان ايوارڊ گولڊ مڊيل ۱۹۹۹ سوشل ورڪر سگا مرڪزي کان مڃتا ايوارڊ ٽرافي بهترين صحت ورڪر ٺل اين جي اوز نيٽ مڃتا ايوارڊ ٽرافي Volunteers Bring A Change،   ۵ ڊسمبر ۲۰۰۶ پاران NCHD  جيڪب آباد مڃتا ايوارڊ ٽرافي سي اي سي ايل نيشنل ايوارڊ ۳۱-۳۰ ڊسمبر ۲۰۱۰ بطور صوبائي ڪوآرڊينيٽر سي اي سي ايل پاڪستان مڃتا ايوارڊ ٽرافي سنڌ ڪاليجز ليباريٽري اسٽاف ويلفئير ايسوسيئيشن بطور صدر لاڙڪانه ريجن ۲۰ آگسٽ ۲۰۱۴مڃتا ايوارڊ ٽرافي بهترين ڪارڪردگي ۵۰ سونا سال نومبر ۲۰۱۷ جشن عبدالمجيد خان کوسو ۽ سيد عيسن شاهه هاءِ اسڪول ٺل اپريل ۲۰۱۸. مڃتا ايوارڊ ٽرافي ۵۰ سونا سال نومبر ۲۰۱۷ جشن عبدالمجيد خان کوسو ۽ سيد عيسن شاهه هاءِ اسڪول بهترين پرفارمنسي پاران پريس ڪلب ٺل اپريل ۲۰۱۸. بهترين سماجي ڪارڪن گدائي ايوارڊ ۲۰۱۸ مڃتا ايوارڊ ٽرافي “جيڪب آباد لٽريچر فيسٽيول” آس ريسرچ فائونڊيشن جيڪب آباد ۳-۲ اپريل ۲۰۱۹ شامل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا