بابو عبدالعزيز سومرو
امتياز منگي
سنڌ جو اهو اترادي شهر ڪشمور
جنهن ۾ ڪنهن ماءُ جي هنج جهڙا جنڊي جا هندورا ڏسڻ لاءِ شڪارپور جا شهنشاه ڪاريگر
صبح جو سوير نڪرندا هئا ته ٽوڙي بنگلي واري روڊ تي واقع ننڍي ڳوٺ چِمني، ڀرسان پري
پري تائين ڦهليل تلائن وٽان گذرندي انهن کي ذري برابر به احساس نه هوندو هو ته ڪشمور
۾ کاٺ جي چِير مشين پويان هڪ اهڙو شخص به رهندو هوندو جو هن گولي جو پهريون
سنگتراش آهي جيڪو ڪاٺي کي قوس و قزح بڻائيندو آهي. چنيوٽ شهر جا ڊکڻ، جڏهن هن سان
ملن ٿا ته انهن کي پنهنجي بي رنگ فرنيچر کان الرجي ٿيڻ لڳي ٿي. پنهنجي ڌن ۾ مگن هن
مست ملنگ کي اها پرواه ناهي ته اسلامي مملڪت هئڻ جي ناتي هو اسلامڪ آرٽ تي ڪم ڪري
ها يا صادقين وانگر آيتون گهڙي ها ته کيس پذيرائي ملي ها؟ هن جي شاهڪار تخليقن کي
پئرس جي لوور ميوزيم ۾ سجايو وڃي ها جيڪڏهن هي لاهور جي گلبرگ جو رهاڪو هجي ها.
نيشنل ڪاليج آف آرٽس جا شاگرد پنهنجا رنگن وارا برش ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏن ها جڏهن هن
جي فن جي نفاست کي پرکِن ها ۽ شايد هن تي
پي ايڇ ڊي ٿيڻ لڳي ها. هن فنڪار کي ڪل ئي ناهي ته هن جي فن کي تڏهن ساراهيو وڃي ها
جڏهن هو ڪنهن وزير مشير جي عاليشان بنگلي تي جنڊِي جو ماڙيون ٺاهي ها؟ ڪير آهي اهو
ڪلاڪار؟ بابو عزيز سومرو.