منور ابڙو
رنگن، پاڇن ۽ لڪيرن جو
جادوگر
آصف رضا موريو
منور ابڙو ۲۴ ڊسمبر ۱۹۶۸ع تي لاڙڪاڻي شهر جي تعلقي ڏوڪري سان متصل
ڳوٺ پيارو واهڻ ۾ پيدا ٿيو. بنيادي طور تي منور هڪ سول انجنيئر، شاعر ۽ چترڪار آهي
پر سندس شهرت جو سبب، سندس ٺاهيل خوبصورت ڪارٽون آهن. جيڪي شايع ٿيندڙ مختلف اخبارن،
رسالن ۽ جريدن جي زينت بڻيا رهن ٿا. منور، مهراڻ يونيورسٽي نواب شاه مان ۸۸ بئچ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري ۱۹۹۳ع ۾ حاصل ڪئي. ۹۶/۱۹۹۵ جا ٻه سال نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ بطور ڪنسلٽنٽ ڪم ڪيو.
جتان دنياءِ آرٽ ۾ قدم رکڻ لاءِ، استعيفى ڏني.
منور ابڙو جي هڪ
شاعري جي ڪتاب “آءٌ، پريميڪا ۽ مهراڻ” منظر عام تي اچي چڪو آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو
ڪتاب “ڪيمپس جا ڏينهن ۽ هاسٽل جون راتيون” پرنٽنگ جي مرحلن ۾ آهي. هن وقت منور ابڙو
پاڪستان ميڊيا ۾ ڪارٽونسٽ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڇپجندڙ چترڪار آهي، جنهن جا شهپاره
وڏي ذوق ۽ شوق سان ڏٺا ويندا آهن. پنهنجي ان حسين ڪارڪردگي جي مڃتا طور کيس بهترين
ڪارٽونسٽ APNS
جو ايوارڊ به ملي چڪو آهي.
پينٽر، شاعر،
انجنيئر، ڪيليگرافر ۽ ڪارٽونسٽ کان پوءِ منور هاڻي، اداڪار به بڻجي چڪو آهي ڇو ته
هن ڪارٽون نالي ڪرشن چندر جي لکيل ڊرامي ۾ به ڪم ڪيو آهي، جنهن کي امانت مغل پروڊيوس
ڪيو هيو ۽ ڊائريڪٽر صنم بلوچ هئي.
منور هن وقت هڪ غير
معمولي انساني گڻن جو مجموعو، انساني سادگين جو بي تڪلف امتزاج، انتهائي ساده دل،
بي تعصب، منافقت ۽ رياڪاري کان پاڪ معصوم فطرت ۽ بکنوي انداز وارو وصفدار انسان آ
جيڪو پنهنجي املهه فن جي بي مثاليءَ کان بي نياز، پنهنجو پاڻ کي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ
وارو مزدور سمجهندو آهي. هو عبادات ۽ اعتقادن جي دنيا جو ماڻهو نه سهي پر هن سان
ملي، انساني روحانيت جو قائل ٿيڻو پوي ٿو. سندس انداز سدائين کان دلربائي ۽ مرحبا
نه رهيو آهي، هو اسان دوستن جي حلقي ۾ اهڙو دوست رهيو آهي، جنهن جا جذبات ميڊيا جي
رنگين دنيا ۾ رهندي به ڪنهن باقره عورت جيان ٿڌا رهيا آهن. اهو آهي منور ابڙو جنهن
جي متعلق ٻيو ڪو مڃي يا نه مڃي پر هو طبيعتاً درويشن ۽ ولين جي سلسلي جي ڪا گم شده
ڪڙي ئي آهي جو شهرت ۽ عزت جي اونچي مينارن تي بيهي ڪري به هو نماڻائي ۽ منڪسر مزاجي
جي مٽي ڳوهيندو نظر ايندو آهي. ان سانوري آرٽسٽ جي ڌيمي لهجي ۽ گھَرِي نيڻن ۾ سندس
فن وانگر سمنڊ جهڙي گھرائي ۽ سڪون ڏٺو وڃي ٿو.
مثبت انساني قدرن
جي کوٽ واري هن دور ۾ ايترن گُڻن ۽ صفتن جو ڪنهن هڪ انسان ۾ هجڻ جو تصور ممڪن نظر
نه ٿو اچي پر اهو سچ آهي ۽ جيڪو به شخص منور ابڙي کي سڃاڻيندو هوندو اهو پڇڻ تي اها
راءِ مان هن مضمون لکڻ ۾ گھڻي احتياط کان ڪم ورتو آهي نه ته هن جي ورسٽائل شخصيت
منهنجي لفظن ۽ مطلبن کان گھڻي مٿاهين آهي.
منور اڄ جنهن عزت ڀريئي
مرتبي تي بيٺو آهي جيڪڏهن ان کان ڪنڌ جھڪائي هيٺ ڏٺو وڃي ته هڪ ڏکي مگر پرعزم
زندگيءَ جو تمام ڊگھو سلسلو نظر ايندو جيڪو سندس ڳوٺ پيارو واهڻ ۽ اتي پپر جي سٺ
ستر ساله وشال وڻ جي ڇانو واري اوطاق، دادو ڪينال جي ڪچي پڪي رستن ۽ چنا پل کان شروع
ٿي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه تائين ڪنهن منبر آزما امتحان جيان پکڙيل
آهي.
فنِ مصوري هڪ الڳ
قسم، تخليق ۽ مختلف نوعيت جي قوت گويا ٿيندي آهي جيڪا رنگين پاڇن ۽ لڪيرن جي ترڪيب
سان زندگي جا سٺا برا رخ جماليات ۽ احساسن جا الڳ چهرا نشر ڪندي آهي. منور ابڙو اهو
قوتِ گويا جو هڪ معتبر نالو آهي جنهن پنهنجي ذات جي سڃاڻپ لاءِ هڪ اهڙو اسلوب اختيار
ڪيو آهي، جنهن سندس تخليقي صلاحيتن کي دنياء آرٽ جا نئين کان نوان افق تلاش ڪرڻ ۾
مدد ڏني آهي.
منور ابڙي جو اهو
اسلوب انساني حقن جي تذليل ۽ تقير خلاف خاموش پر تمام سگھارو هٿيار آهي سندس فن ۾
لفظن، جملن ۽ گرامر جي جاءِ تي لڪيرون، پاڇا، ڇانورا ۽ حاشيا، شعور جي پکيڙ جو ڪم
سرانجام ڏئي معاشري جي رسندڙ ناسورن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ سياست ۽ سماجيت جي ٺڳي
پڻي ۽ اجائي مذهبيت جي خرابين جي ظريفاڻي انداز ۾ قلعي لاهيندو نظر اچي ٿو.
پنج هزار سال پراڻي
۽ دنيا جي پهرين ترقي يافته تهذيب جي تباهه ٿيل شهر مهين جو دڙو جي آثارن جي
اولهندي پاسي واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ پيارو واهڻ جي هن ڳوٺاڻي پر انجنيئر گريجوئيٽ
نوجوان جي جھدوجھد ننڍپڻ کان ئي گھڻي سخت ۽ تلخ هئي، جڏهن اڃان ڏهن ٻارهن سالن جو
مس هيو ته سندس والد جو انتقال ٿي ويو. احساس يتيمي جي هنيانءَ ڏار احساس جي
باوجود ماءُ جھڙي معتبر هستيءَ جو هٿ سندس مٿي تي هيو، جنهن محبت ۽ مدد سان منور پنهنجي
شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ پوري ڪري مهراڻ يونيورسٽي نواب شاهه ۾ داخلا ورتي جتي تعليمي
سرگرمين تي اصلاحي معاملن کي فوقيت ڏيندي منور ۽ دوستن جي چهرن جي ڪارٽوني مشق
جاري رکي.ان وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ ٻين استاد مصورن کي ڇپندو ڏسي منور به انهن وانگر
چپجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جا خواب ڏسندو هيو. جن کي هو ان ڊوڙ ۾ کوڙ ساترو پوئتي ڇڏي
آيو آهي.
منور ٻارهين جماعت
پاس ڪرڻ کانپوءِ (NED) يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڻ داخلا لاءِ فارم ڀرايو
هيو جيئن ته ان يونيورسٽي ۽ ڪراچي جھڙي راڪاس شهر جو خرچ برداشت ڪرڻ سندس وس کان چڙهيل
هيو ان لاءِ هن مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ بهتر سمجھيو. اتي داخلا وٺڻ پٺيان به
هڪ ڪهاڻي شامل هئي، جيڪا هيئن آ ته، نواب شاهه ۾ واقع سڪندر آرٽ گيلري جو مالڪ
قاضي خضر حيات منور جي والد جو شاگرد هو جنهن جو ان ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ استاد جي وفات
کان پوءِ به ٿيندو رهيو، قاضي صاحب منور جي شوق مان چڱي طرح واقف هيو. ان لاءِ کيس
نواب شاهه وٺي ويو، جتي هو منور کان سيرامڪس ۽ تصويرون ٺاهڻ واري ڪم ۾ مدد وٺندو هو.
نواب شاهه مان ان
دور ۾ هڪ چار صفحن جي هفته وار اخبار نڪرندي هئي جيڪا سموري شروع کان آخر تائين
منور هٿ سان لکندو هيو.سالن تائين اها اخبار ماڻهو پڙهندا رهندا رهيا پر منور جي
ڪتابت ايتري ته خوبصورت هئي جو ڪڏهن به ڪنهن محسوس نه ڪيو ته اها هٿ سان لکيل آهي،
ڇو جو هو وڏي ڪمال سان لفظ، سٽون هڪ ڪالم ٻه ڪالم ٽي ۽ چار ڪالم ٺاهيندو تصويرون ۽
ڪارٽون ٺاهيندو ۽ پيسٽنگ ڪندو هيو. ان کانسواءِ منور پريس ڪارڊ، بينر، پوسٽر وغيره
به ٺاهيندو هيو. جنهن مان مليل رقم مان هو پنهنجي پڙهائي جو خرچ پورو ڪرڻ سان گڏ ڪجھ
خرچ بچائي ڳوٺ موڪليندو هيو. پڙهائيءَ جي دوران به يونيورسٽي جي “اي” سيڪٽر ۾ منور
جي تصوير جي نمائش ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ وائس چانسلر کان علاوه شهر جي معتبر شخصيتن
شرڪت ڪئي هئي. هاسٽل ۾ به سندس ڪمري کان ڇت تائين ان جون ٺاهيل تصويرون اهڙي طرح
رکيل هونديون هيون جو ڪمري جون ڀتيون نظر نه اينديون هيون.
مهراڻ جي شروعاتي
ڏينهن ۾ منور تمام سادو ۽ ڳوٺاڻو هيو ڪلاس ۾ چپ چپ ڪري ويهندو هيو. ليڪچر سمجھ ۾
اچي يا نه پر ٻڌندو ضرور غور سان هيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس آڱرين ۾ پڪڙيل پينسل
محورِ رقص رهندي هئي ۽ هو استادن جي حرڪتن، ڳالهائڻ جي انداز ۽ چهري جي نقش کي ڪاغذن
تي چٽيندو رهندو هيو. منور اڄ به دوستن منجھ ڪچهري ڪندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪندو آ
ته ڪلاس جو آخري پيرڊ جيڪو ورڪشاپ جو هوندو هيو ان کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ جڏهن سمورا
شاگرد ڪلاس روم ڇڏي ويندا هئا ته منور اهو سمجھي هاسٽل ڏانهن پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويندو
هيو ته شايد موڪل ٿي وئي.
ان دوران هڪ ٻيو
قصو به منور سان ائين ٿيو، جو سندن داخلا سردين جي موسم ۾ ٿي ته اهو سمورو عرصو منور
ٿڌي يخ پاڻي سان وهنجندو رهيو حالانڪ سڀني هاسٽلن ۾ گرم پاڻيءَ جا گيزر لڳل هوندا هئا.
هڪ ڏينهن منور ڏٺو ته هڪ ڇوڪري پاڻي ڀريو ته ان مان گرم گرم ٻاڦ نڪري رهي هئي. ان ڇوڪري
کان جڏهن هن سبب پڇيو تڏهن کيس خبر پئي ته باٿ روم جي ڀت تي ٽنگيل ڊگھي بالٽي جھڙي
شيءِ کي گيزر چئجي ٿو.
مهراڻ يونيورسٽي ۾
اڄ تائين به انتهائي متحرڪ ۽ مصلح سماجي تنظيمون شاگردن، غريبن ۽ مريضن جي ڀلائي لاءِ
سرگردان آهن. جن مان هڪ آهي “مبڊا” مهراڻ بلڊ ڊونرز ايسوسيئشن ان تنظيم جو مقصد آهي
ته ضرورت جي وقت شهرن ۾ جي اسپتالن ۾ ايندڙ مريض کي يونيورسٽي جي شاگردن کان خون
جو عطيو ڏيارڻ ان مقصد لاءِ منور ۽ ان جي دوستن جن ۾ حزب الله ڪيهر، جميل سومرو،
عثمان عباسي، افتخار تنيو، وغيره خاص هئا. جن وٽ يونيورسٽي جي تمام شاگردن جي رت
جي گروپن جي فهرست موجود هئي. ان کانسواءِ هي سڀ نواب شاهه شهر جي تمام اسپتالن ۽
طبي مرڪزن سان رابطي ۾ هوندا هئا.
مهراڻ ۾ ٻئي تنظيم
هئي انجنيرنگ انٽيليڪچوئل فورم جنهن جو مقصد هو شاگردن لاءِ تعليم جي فروغ، تفريحي
ڪوئز مقابله منعقد ڪرائڻ، ڪاليج جو مئگزين ڪڍرائڻ، هاسٽل ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ،
ڪتابي ميلا وغيره شامل هيو. انهن ٻنهي تنظيمن جو منور نه رڳو باني ميمبر هو پر روح
روان پڻ هيو. اڄ به منور جي ملاقات جڏهن ڪنهن استاد، جونيئر شاگرد يا مهراڻ جي ملازم
سان ٿيندي آ ته انهن ٻنهي تنظيمن جي پارت ڪندو آ.
دوران تعليم مهراڻ
يونيورسٽِي جي خوبصورت منظرن معاملات، دوستن، مخالفن، ڪامريڊن کان علاوه ڪيمپس جي
ڏينهن ۽ هاسٽل جي راتين کي پنهنجي شاعري ۾ ساراهيندڙ منور اتان ڊگري حاصل ڪري ڪجھ
عرصو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ هيو. پر آخرڪار اسان جي قومي الميي بيروزگاري کان تنگ ٿي
حصولِ رزق لاءِ ڪراچي جھڙي سفاڪ پر غريب پرور شهر ۾ قدم رکيو جتي پنهنجي خوابن جي
تعمير لاءِ ذهن تيار ڪرڻ ان لاءِ ۽ سڀ کان پهريون مقصد هيو سندس خوابن ۾ ڪو شخصي خواب
نه هيو بلڪه ساڻس وابسته شين جا خواب هئا جيئن ڀاءُ جي تعليم، ڀيڻ جي گھرداري ۽ والدهه
جي ڀلي ۽ سک جا خواب، پنهنجي ذميدارين کي نڀائڻ چاهيندڙن کي پورا ڪرڻ جا خواب هئا
جن کي تعمير جي ڇانوَ ڏيڻ لاءِ منور نٽهڻ اس جو سفر پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو. سچائي
جي هن سفر ۾ قهر جو سج پنهنجي پوري حشر سامانن جي باوجود سندس مستحڪم ارادا پگھيري
نه سگھيو ۽ گذرندڙ وقت سان سندس عزم گھاڻي ڇانورا ڪڪرن جو روپ ڌاريندو ڏينهون
ڏينهن گھاٽي کان گھاٽو ٿيندو رهيو. منور جو ڪاميابي جو راز ذاتي خواهشن جي نفي ۽ ٻين
ماڻهن مان سندس محبت ۾ پوشيده آهي. سندس ماحول جي محرومين ان جي اندر ۾ خلوص، همدردي
۽ قرباني کي جنم ڏنو. هن ڄاڻي ڇڏيو هو ته هن ۾ تخليق جون عظيم صلاحيتون ستل آهن جن
کي جاڳائڻ جي ڌن جو حوصلو همزاد جيان هميشه هن سان گڏ رهيو.
ڪراچي ۾ منور گمنام
جزيري وانگر پاڻ کي کوجڻ جو عمل گلاس ٽاور جي هڪ عام اڌاري دڪان تان شروع ڪيو، جتي
هو ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي حسبِ فرمائش ويهه پنجويهه روپين ۾ انهن جون تصويرون، عيد
ڪارڊ، نظارو يا ڪارٽون وغيره ٺاهي ڏيندو هيو. ان دوران هو رهندو به اڌاري گھر ۾ هيو.
پنهنجي ماني پاڻ پچائيندو هيو. ڪپڙا پاڻ ڌوئيندو هيو. ۽ بسين جو ڪرايو بچائڻ لاءِ
ڪيئي ميل پيرين پنڌ سفر ڪندو هيو. هلندي هلندي آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن آيو جو سندس
محنت رنگ لاتو جنهن هزارين ٻين رنگن کي جنم ڏنو اڄ اهي رنگ پنهنجي خوبصورت زاوين سان
علاقائي، قومي، بين الاقوامي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جي پرنٽ ميڊيا کان سفر ڪندا اليڪٽرونڪ
ميڊيا ۾ به پنهنجا پر پکيڙيندا نظر اچن ٿا.
سنڌ ۾ گھڻي کان گھڻي
وڪجندڙ اخبار ڪاوش جيڪا شهرت ۽ فن حوالي سان منور جي مڌر انسٽيٽيوشن رهي آ، ان ۾
سندس ٺاهيل ڪارٽون ان اخبار جي مٿي جو جھومر نظر ايندو هيو. اخبار پڙهندڙن جو بيان
آ ته هڪ دور ۾ ڪاوش جي وڌندڙ سرڪيوليشن ۾ منور ابڙي جي ڪارٽون جو وڏو هٿ هوندو هيو
۽ ۸۰ فيصد ماڻهو سڀ کان پهريون سروق بجاءِ پٺين صفحي تي ڇپيل
منور ابڙي جو ڪارٽون ڏسڻ پسند ڪندا هئا. ڇو جو منور جو ٺاهيل ڪارٽون ڏسڻ سان ئي چهري
تي مسڪراهٽ پکيڙي ڇڏيندو هيو. يا ائين کڻي چئجي ته سندس ڪارٽون اخبار پڙهڻ واري جي
قباحت ختم ڪري بري خبرن پڙهڻ سان پيدا ٿيندڙ بد ذائقه تاثر کي بيلنس ڪندو هيو.
منور ڪيري ڪيچنگ جي
فن کي جديد خطوط تي استوار ڪري کيس نئون اسلوب ڏنو. سندس ٺاهيل ڪارٽون اسانجي سماج
جي انهن بدبودار پاسن، ڀيانڪ چهرن ڏکوئيندڙ سچائين کي بي نقاب ڪندا رهن ٿا، جيڪي
عام طور تي نظر نه ٿا اچن انهن کي هي هڪ امانتدار جيان عادلانه طريقي سان اسان جي
سامهون آڻي ٿو ته ٻئي طرف ان جا ڪارٽون ۽ تصويرون اسان جي مڪروه رسمن ۽ رواجن جي
بي پردگي به نهايت احسن طريقي سان ڪندا نظر اچن ٿا. سندس تصويرن ۽ ڪارٽونن ۾ هڪ
نئين دنيا جي سڃاڻپ ۽ الڳ نوعيت جو سبق پڙهڻ لاءِ ملندو آهي، جنهن ۾ عام سان خاص جي
رابطي جي سچي طريقي واري سڃاڻ ملندي آهي.
سندس فنُ پارا نه هوندي
به طاقتِ پرواز رکن ٿا، ڇو ته سندن فن پارن ۾ زندگي جو پرعزم ۽ غير معمولي اڀياس
ملي ٿو جتي رعنائي، رنگن ۽ نواڻ جا تمام زاويا هڪ جاءِ تي ملن ٿا. سندس تصويرن ۾
حسن جي ڳالهه ڪجي ته پري پري پکڙجي وڃي. جيئن ڪائنات ۾ زندگي ۽ جماليات جون تمام
رعنائيون سندس لڪيرن ۾ آرس ڀڃندي نظر اچن ٿيون. منور قلم جي چهنب سان معاشري جي المناڪ
سچائين کي چوسي سچائين جي ماکي جي اهڙي لار وهائي ٿو جيڪا ڏسڻ وارن جي اکين ۾ ٿڌاڻ
ڀري گمراهه صحافت جي هن دور ۾ لذت سان واسطو ڪرائي ٿي.
منور جو فن: ڪيليگرافي، ڪارٽون، پينٽنگ ۽ ڪيري ڪيچنگ جي جديد ۽ قديم فن جو اهڙو سنگم آ جنهن جيڪڏهن موسيقي جي زبان ملي وڃي ته اها موسيقي يقيناَ بيٿووين جي سرن جيان رسيلي ۽ مٺي ٿيندي، پنهنجي تخليقي ذهن جي مظهرن، زندگي ۽ سماج جا جي مختلف عوامل ترتيب ڏئي ٿو جيڪي سندس نالي کي دنيا فن ۾ هميشگي، دوام ۽ امرتا بخشيندي نظر ايندي.
No comments:
راءِ ڏيندا