; سنڌي شخصيتون: بيگو خان مسخرو، غلام حسين لغاري،
Showing posts with label بيگو خان مسخرو، غلام حسين لغاري،. Show all posts
Showing posts with label بيگو خان مسخرو، غلام حسين لغاري،. Show all posts

28 November, 2021

بيگو خان مسخرو

بيگو خان مسخرو

سنڌ جو لوڪ مسخرو

غلام حسين لغاري



ٽي ڏهاڙا اڳ ۲۸ فيبروري تي سنڌ جي لوڪ مسخري محمد فقير جي ۳۳ هين ورسي ملهائي وئي. اڄ وري سنڌ جي هڪ ٻئي ڀلوڙ لوڪ مسخري خان صاحب بيگي خان جي پنجين ورسي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي منفرد مزاحيه فن وسيلي مرڪون وکيريندڙ هي لوڪ مسخرو ۳ مارچ ۲۰۱۳ع تي فالج جي بيماري ڪارڻ هي فاني دنيا ڇڏي پنهنجي پويان لکن جي انگ ۾ سوڳوار چاهيندڙ ۽ خاندان جا ماڻهو ڇڏي هليو ويو هو. هن وقت پاڻ ٽنڊي آڊم لڳ آبائي قبرستان حمزوخان ملوکاڻي ۾ ابدي آرام ۾ ستل ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي جي نظرن کان اهڙي طرح اوجهل آهي جهڙي طرح محمد فقير مسخرو گذريل ۳۳ سالن کان اوجهل رهندو پيو اچي.