امامُ راشدي
املهه انسان - سلسلو ۷۴ هون
حفيظ چانڊيو
هن جي تحريرن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ، تاريخ ۽ قديمي ماڳن بابت اڻ مٽ احساسن سميت اهڙيون کوڙ ڀاونائون پڙهندڙن کي ڇرڪ ڀرائي سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪنديون رهيون آهن - هونئن ته سندس ڇٺيءَ جو نالو سيد امام المتقين راشدي آهي، پر ادبي دنيا ۾ کيس امام راشديءَ جي نالي سان سڃاتو ۽ پڙهيو ويندو آهي. هن جو جنم جيتوڻيڪ سادات گهراڻي ۾ ٿيو، جتي سندس خانداني ۽ پيراڻو ڪم دعا سڳا، تعويذ لکڻ ئي هو، پر راشدي خاندان جي هن املهه ماڻڪ هيري ادبي دنيا جي ئي چونڊ ڪئي - هن ۳ ڊسمبر ۱۹۶۰ع ۾ پير ڳوٺ جي گادي نشين سائينءَ بدر الدُجيٰ شاھ راشدي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم آبائي ڳوٺ پير ڳوٺ نئين ديري مان پرائي هيائين، مڊل کان ميٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان حاصل ڪئي، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين درجي تعليم رتوديري ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ ادب سان گهري لڳاءَ سبب ايم اي سنڌي ادب لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج مان پوري ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان هو هڪ پرائمري استاد طور ۱۹۸۴ع کان ۲۰۲۰ ڊسمبر تائين تعليمي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس ڪيترائي شاگرد آهن، جن ڪاميابيون ماڻيون، ڪن جي ناڪامين تي سندس دل ڪٿي ڏکاري به ٿي هوندي.
