; سنڌي شخصيتون: علامه راشد خالد محمود سومرو، مفتي خالد محمود جوڻو،
Showing posts with label علامه راشد خالد محمود سومرو، مفتي خالد محمود جوڻو،. Show all posts
Showing posts with label علامه راشد خالد محمود سومرو، مفتي خالد محمود جوڻو،. Show all posts

28 November, 2021

علامه راشد خالد محمود سومرو

علامه راشد خالد محمود سومرو

سندس ديني خدمتون

مفتي خالد محمود جوڻو



سرزمين سنڌ پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان هر دور ۾ مالا مال رهي آهي، سرزمين سنڌ عالمن، فاضلن، مفسرن، محدثن، اديبن ۽ سياسي رهنمائن ۽ ليڊرن توڙي سماجي ورڪرن جو وڏو مرڪز رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ باب الاسلام آهي، جن پنهنجي خداداد صلاحيت جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو ڳاٽ ۽ مان اوچو ڪيو آهي. اهڙن عالمن توڙي ديني ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مستقل طور ڪتاب ۽ دفتر لکڻ جي ضرورت آهي، آئون اڄ ان عالم ۽ فاضل جو تعارف ڪرڻ گھران ٿو، جيڪو پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان مالا مال آهي، جيڪو هڪ پاسي قديم علمن کان آشنا آهي ته وري ٻئي پاسي جديد علمن جو به سٺو ڄاڻو ۽ عالم آهي. سياسي ۽ سماجي ڪمن ۽ جدوجھد جي ڪري پاڻ هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي دنيا قائد سنڌ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. علامه راشد خالد محمود پنهنجي عظيم والد جيان بهادر، نڊر، جرئتمند سياسي ۽ سماجي رهنما طور ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.