; سنڌي شخصيتون: زرينه ناريجو

31 October, 2021

زرينه ناريجو

زرينه ناريجو

بامقصد جدوجهد جو هڪ لازوال ڪردار - ۲۳ آڪٽوبر جنم ڏينهن..

ولي ناريجو



سياستدان، ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪا ڪامريڊ زرينه حسين ناريجو، نامياري سياستدان، ايم آر ڊي جي ڪنوينر ڪامريڊ حسين بخش ناريجي جي گهرواري آهي، سندس جنم ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۵۷ع تي محمد ابراهيم ناريجي جي گهر ۾، نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پاڻ گرئجوئيٽ آهي، ننڍپڻ کان ئي کيس ادب سان وڏو لڳاءُ هو. ستين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن هڪ ڪهاڻي لکي. جيڪا ٻارن جي رسالي “گل ڦل” ۾ شايع ٿي هئي ۽ ڪهاڻي ايتري زبردست لکيل هئي جو ان کي کي پهريون نمبر انعام ڏنو ويو. زرينه ناريجو جا اردو ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي ڪالم ڇپجندا رهيا آهن، سندس شمار سنڌ جي انهن چند عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن سياسي جدوجهد ۾ مردن سان گڏ عملي طور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ جاکوڙيو. ڪامريڊ زرينه ناريجو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبر به رهي چڪي آهي. هن عورتن جي مسئلن بابت ميڊيا توڙي سياسي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجهد ڪندي رهي آهي. سندس ڪالم سنڌي ماڻهن جي تڪليفن ۽ سورن جا عڪاس آهن. هوءَ پنهنجي لکڻين ۾ نه رڳو سماج جي خرابين ۽ انساني بي حسيءَ جي نشاندهي ڪندي رهي آهي، پر انهن جي خاتمي لاءِ پتوڙيندي ۽ جدوجهد ڪندي رهي آهي. هن نه صرف سنڌي اخبارن لکيو آهي پر اردو اخبارن ۾ پڻ سنڌ جي مسئلن تي لکندي  رهي آهي. ڪامريڊ زرينه ناريجو سائوٿ ايسٽ ايشيا تنظيم (آسا) جي وفد کي ٿر جو دورو ڪرائي ٿري ماڻهن جي مسئلن کي بابت آگاهي ڏني بين الاقوامي فورم تي پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.


اڄ ۲۳ آڪٽوبر سنڌ جي هن جاکوڙي ڪردار ۽ لازوال ڪردار ڪامريڊ زرينه ناريجو جو جنم ڏينهن آهي. سنڌ ڄائي هن عظيم سورميءَ کي سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.


(ولي ناريجو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا