; سنڌي شخصيتون: روشن علي تنيو - نواز علي تنيو

31 October, 2021

روشن علي تنيو - نواز علي تنيو

روشن علي تنيو

عوامي ليکڪ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار

نواز علي تنيو



جھڙو نانءُ روشن ھيس تھڙو ئي روشن ٿي جڳ مشھور ٿيو. يار جو ديرو مطلب ته يار محمد تنيو جي اڏيل وستي يارو ديرو جيڪا ھن وقت ھڪ ننڍڙي شھر جو ڏيک ڏئي رهي آهي، تنھن جي خوشبو ڀري مٽيءَ ۾ مدفون نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار روشن علي تنيو جو جنم موھن جي دڙي جي مقدس مٽيءَ ڀرسان ڳوٺ ٺلاھ ۾ پهرين اپريل ۱۹۳۶ع تي ٿيو. بعد ۾ سندن خاندان ٺلاھ کي الوداع ڪري ڳوٺ يارو ديرو ۾ مستقل طور سڪونت اختيار ڪئي.


سنڌ ڌرتيءَ جو ھي ناميارو ليکڪ ۽ نقاد خوبصورت چهري سان گڏ خوبصورت خيالن جو مالڪ پڻ ھيو، متاثر ڪندڙ شخصيت ۽ دل کي وڻندڙ اديبانہ گفتگو جو رنگ ۽ ڍنگ نھايت سادو ، نياز نوڙت، ميٺ محبت ھر گھڙي وٽس موجود رھندي ھئي. خوش لباس، شائسته انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو ڏانءُ قدرتي طور عطا ٿيل ھيس. مالي طور مستحڪم ھي سماج سڌارڪ ميل ملاقات ۽ اوطاق تي ڪچھرين جو مور ۽ گھڻ پاسائي قردار جي سبب پسگردائيءَ جي ماڻھن ۾ تمام گهڻي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو هو.

ننڍي هوندي ادب سان انس سبب ڪافي مطالعو ڪيائين. سماج ۾ ڪهاڻين کي سرجندو ڏسي، هن سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين خلاف قلم کنيو جيڪو سندس زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين گڏ رھيو. رهبر ڊائجسٽ ۽ ٻين رسالن ۾ جيئن ليک ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ شروع ٿيون ته سندس شخصيت کي ڄڻ ڪي چار چنڊ لڳي ويا ۽ سندس اهڙن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جن کي خاص طور ٻهراڙيءَ جي ماحول تي بهترين ڪهاڻيون سرجڻ ۾ ڪمال حاصل ھيو. سندس ڪهاڻين جو اسلوب شاندار آهي، هو موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان ڪهاڻين ۾ ٺيٺ ۽ برجستي ٻولي ڪتب آندي.

سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۵۲ع ۾ فردوس رسالي ۾ شايع ٿي. ان دوران سندس لاڙو ڊرامن طرف ٿيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ڊراما بہ لکيا، جيڪي پي ٽي ويءَ تان نشر ٿيا. سندس پي ٽي ويءَ جي مشهور ڊرامن ۾ “آئينو”، “ورهاست”، “نازان” ۽ “ميڙ” شامل آهن. سندس هڪ ناوليٽ رهبر ڊائجيسٽ ۱۹۶۸ع ۾ ڇپايو. سندس ٻيو ناوليٽ “دل جي پٺيان” روزاني سنڌ اخبار ۾ قسطوار شايع ٿيو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب “منڇر ٻڏي ويو” ڇپجي چڪو آهي. ان کانسواءِ سندس ٻين ڪتابن ۾ “ميرِن جو مقام” ناول ۽ “وهانءُ” ادبي ڊائري قابلِ ذڪر آهن.

تنيہ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاڪستان کي اھو اعزاز پڻ حاصل آهي ته پنھنجي قبيلي جي مھان عوامي شخصيتن جي پروقار ۽ شاندار زندگيءَ جي نہ صرف تاريخ ڪٺي ڪري رھي آھي پر سندن ڏھاڙن جي مناسبت سان سندن علمي ڪارنامن کي روشناس پڻ ڪرائي رھي آھي تہ جيئن ايندڙ نسل پنهنجي وڏڙن جي ڪيل بي لوث خدمتن کان واقف ٿي سگھي.

سائين محمد روشن صاحب جي ڪيل ادبي پورھئي کي مدنظر رکندي تنيہ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاڪستان جي سالياني ڪيلينڊر ۲۰۲۰ ۾ قبيلي جي مھان شخصيتن سان گڏ سندس تصوير پڻ شامل ڪئي وئي هئي. ھڪ ٻي روايت کي برقرار رکندي قبيلي جي سماج سڌارڪ مرحومين جي اولاد کي به ھن سماجي سٿ جي ڪاروان ۾ شامل حال ڪيو ويو آهي، جيئن سائين مرحوم محمد روشن صاحب جا لائق فرزند رئيس ڪليم الله تنيو، ھن ويلفيئر جي اعلي اداري سپريم ڪائونسل جو مانائتو ميمبر آھي ۽ سندس ٻيو لائق فرزند ڊاڪٽر سعيد احمد تنيو صاحب ھن سٿ جو بنيادي ساٿي ہڻ آھي، جيڪي اڄ بہ پنھنجي والد محترم جي روشن ڪيل لاٽ کي اڃان روشن ڪندا پيا اچن.

سند ڌرتي جو ھي باڪمال اديب، ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار ۹ جنوري ۱۹۹۷ع تي ھن فاني جهان کي ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. الله سائين سندس قبر تي رحمت جي بارش فرمائي آمين.

 

(نواز علي تنيو، چيئرمين تونيہ ويلفيئر ايسوسيئيشن پاڪستان، جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا