; سنڌي شخصيتون: محمد عباس ابڙو - حميد ابڙو

29 September, 2021

محمد عباس ابڙو - حميد ابڙو

محمد عباس ابڙو

درويش دل رکندڙ انسان دوست جو وڇوڙو!

حميد ابڙو



معلوم ناهي ته هُن جي اوچتي موت جي خبر ٻُڌي ڪيترن جي هٿن مان ٿانوَ ڪريا هوندا، پر سندس موت ڪيترن ئي عزيزن ۽ دوستن جا هنيانءَ ڇني ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ مڻين مٽيءَ هيٺان آرامي ٿئي هُن کي چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر دل کي اڃا تائين ويساهه نه ٿو اچي ته ڪو هُو هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو آهي. ائين ٿو لڳي، جهڙوڪ اکين کي دوکو ٿيو هُجي ۽ هُن جي تدفين کان ٽيجهي تائين وارا سڀئي منظر خواب هُجن، جنهن مان اسين سڀ بيدار ٿي هُن کي ٻيهر پاڻ وٽ موجود ڏسنداسين. يا هو معمول جي مسافريءَ تان واپس اچي اطلاع ڏيندو ته اجهو فدا حسين وٽ ويٺو آهيان.


نيڪ روح ۽ نيڪ دل، يارن جو يار، هر ننڍي وڏي جو خيال رکڻ وارو محمد عباس ابڙو، هاڻ اسان ۾ موجود ناهي رهيو، ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لاءِ اڃا وقت درڪار آهي ۽ اِهوئي سبب آهي جو هُن جي ميت مٿان اسين روئي ناهيون سگهيا، جنهن ڏينهن هُن جي پرانهين پار وڃڻ واري سفر کي دل تسليم ڪيو، اُن ڏينهن کان سندس ڏُک جو احساس اندر ۾ اوتجي ايندو. هُو پنهنجي ڪردار ۾ ڪيئن هو، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. هُن کي ڪنهن درويش صفت ماڻهو پئي سڏيو ته ڪنهن فرشته صفت، ڪنهن لاءِ هو مسيحا هو ته ڪنهن جي مَن جو مرهم، هُو ڳجهه ڳرهڻ وارو شخص هو. هُن جي موت تي جيڪي روئي سگهيا سي شايد هُن کي وساري به وٺن، پر جن جي دلين ۾ هُن جو وڇوڙو سڏڪو ڀري ماٺ ٿي ويو آهي، سي هُن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. سچ اِهو آهي ته هُو اسان جي هِن سينوريل سماج ۾ ڪنول بڻجي کڙيو هو، جنهن پنهنجي پوري حياتي محبتن جو ڪاروبار ڪندي گذاري. پنهنجي اولاد سان محبت، عزيزن ۽ دوستن سان سندس محبت جا پيچرا ايترا ته پُختا هئا جو هُن جي موت جو ٻُڌي لنڊن ۾ ويٺل اصغر ڀيو پنهنجي نيڻن جا لُڙڪ روڪيو نه سگهيو ته امريڪا ۾ رهندڙ نعيم ابڙو به پاڻ پَلي نه سگهيو. سندس محبت جو محور ۽ سڀ کان محبوب دوست امجد ڀيو جي دل تان ڇا گذرندي هوندي، تنهن بابت ته مان ڪجهه نٿو ڄاڻان، پر ايتري پَڪ اٿم ته سندس وڇوڙي اسان جيان هُن کي به اڌورو ڪري ويو هوندو.

هُو جاڳڻ وارن جو به جگري دوست هو ته حيدرآباد وارن سان به هُن جون ٻٽيهه دليون هيون. جيڪب آباد ته هُن جو اباڻو شهر هو، جنهن جي هر گهٽي ۽ روڊ سان هُن کي بيپناهه پيار هو. اِن پيار جو کُلي اظهار اڃا هُن تازو ئي ته ڪيو هو، جو جيڪب آباد ۾ ايمبولينسز جي شارٽيج کي ڏسي هُن پنهنجي هڙان خرچ ڪري هڪ ايمبولينس خريد ڪئي هُئي، ته جيئن پنهنجي شهر واسين جي خدمت ڪري سگهي. اِها سندس نيڪ دل هُجڻ جي نشاني ئي هُئي جو پنهنجي وِتُ ۽ وَس کان وڏو ڪم ڪيو هُئائين. حالانڪه جيڪب آباد ۾ هُن کان لکين ماڻهو معاشي طور مستحڪم ۽ جاگيردار آهن، پر اُنهن کي جهيڙن ۽ جهڳڙن کان واند ئي ناهي جو اُهي پنهنجي ماڻهن جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ سوچين. افسوس ته هُو پنهنجي اِن نيڪ عمل جو ثمر سهيڙي نه سگهيو ۽ اوچتو دل بيهڻ سبب وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ جي حضور حاضر ٿيو. 

سچ اِهو آهي ته هُن زندگيءَ ۾ اڃا مَس وڃي پنهنجو پاڻ کي مستحڪم ڪيو هو. هُن جي آرام جا ڏينهن اڃا شروع ئي هاڻ ٿيا هئا، سندس خوابن جي ساڀيائن جا آثار ئي مس ظاهر ٿيا هُئا ته ازل هُن جي آڏو اچي ويو. ڪي ٻه هفتا اڳ ئي ته هُن سان بحث ڇڙيو هو ته جيڪب آباد کي ڇڏي اچي پنهنجي ٻارڙن سان گڏ حيدرآباد واري نئين گهر ۾ ڇونه ٿو رهين!؟ پنهنجي وڏي پُٽ وسيم عباس کي سي ايس ايس جي تياريءَ لاءِ آماده ڇونه ٿو ڪرين؟ هُن ڪجهه وضاحتون ڏنيون هيون، پر اسان وچ ۾ اِن بحث جو نبيرو نه ٿي سگهيو هو ۽ هُو موڪلائي نڪتو هو ته اڃا ٻين عزيزن وٽ به کيس وڃڻو آهي. اِهو سندس زندگيءَ جو وهنوار هو جو جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته پنهنجن سڀني دوستن، عزيزن وٽ ضرور ويندو هو، ڪنهن سان ڏهه منٽ ته ڪنهن وٽ پندرهن منٽ ويهي حال احوال ڪري، سندن خير خيريت معلوم ڪري وري اڳئين منزل ڏانهن نڪري پوندو هو. ڪڏهن جي اچڻ ۾ دير ٿي ويندي هُئس ته فون ذريعي سڀني کان خيريت معلوم ڪندو هو. هڪ اهڙي دؤر ۾ جڏهن ماڻهن وٽ پنهنجو پاڻ لاءِ وقت نه هُجي، تڏهن ڪو سڀني جي سار لهي ته اِها صفت ڪنهن عام ماڻهوءَ جي ته نه چئبي! سچ اِهو آهي ته هو لطيف سائينءَ جي اِن بيت جو عملي روپ هو ته،

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،

ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا