; سنڌي شخصيتون: محمد عباس ابڙو، حميد ابڙو، جيڪب آباد، حيدرآباد، جاڳڻ ڀيو،
Showing posts with label محمد عباس ابڙو، حميد ابڙو، جيڪب آباد، حيدرآباد، جاڳڻ ڀيو،. Show all posts
Showing posts with label محمد عباس ابڙو، حميد ابڙو، جيڪب آباد، حيدرآباد، جاڳڻ ڀيو،. Show all posts

29 September, 2021

محمد عباس ابڙو - حميد ابڙو

محمد عباس ابڙو

درويش دل رکندڙ انسان دوست جو وڇوڙو!

حميد ابڙو



معلوم ناهي ته هُن جي اوچتي موت جي خبر ٻُڌي ڪيترن جي هٿن مان ٿانوَ ڪريا هوندا، پر سندس موت ڪيترن ئي عزيزن ۽ دوستن جا هنيانءَ ڇني ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ مڻين مٽيءَ هيٺان آرامي ٿئي هُن کي چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر دل کي اڃا تائين ويساهه نه ٿو اچي ته ڪو هُو هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو آهي. ائين ٿو لڳي، جهڙوڪ اکين کي دوکو ٿيو هُجي ۽ هُن جي تدفين کان ٽيجهي تائين وارا سڀئي منظر خواب هُجن، جنهن مان اسين سڀ بيدار ٿي هُن کي ٻيهر پاڻ وٽ موجود ڏسنداسين. يا هو معمول جي مسافريءَ تان واپس اچي اطلاع ڏيندو ته اجهو فدا حسين وٽ ويٺو آهيان.