; سنڌي شخصيتون: محمد اسماعيل عرساڻي

21 August, 2021

محمد اسماعيل عرساڻي

محمد اسماعيل عرساڻي

هڪ ناميارو تعليمي عملدار

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي



علمي ۽ ادبي ميدان ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪارنامن کان ڪير واقف نه هوندو؟ سنڌي معاشرو هن وقت به ”عرساڻي“ جي نالي سان اوترو ئي مانوس آهي، جيترو حياتيءَ ۾ سندس اسم معروف هوندو هو. اهو نالو فقط ڪنهن رواجي ليکڪ جو نه آهي، بلڪ هُو حقيقي معنيٰ ۾ اديب ۽ فنڪار هو. ثقافتي ۽ فني پسمنظر ۾ ڏسبو ته هُو ماهر تعليم، اعليٰ نصاب‌دان ۽ قابل ڪار ڊرامه‌نگار جي حيثيت کان بلند مقام تي فائز نظر ايندو. عملي زندگيءَ ۾ هُو ساري عمر تعليم جي شعبي سان ئي وابسته رهيو.


ماضي قريب ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڪيئي تعليم جا دلداده ۽ هڏ ڏوکي انسان پيدا ٿيا، جن جي اورچائي ۽ جاکوڙ سبب ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جو ڦهلاءُ ٿيڻ لڳو، ۽ ٿوري عرصي اندر پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو ڄار سموري علائقي ۾ وڇائجي ويو. برٽش راڄ ۾ ڪافي عرصي تائين سنڌ ۾ ڪو خاطر خواهه تعليمي انتظام قائم نه ٿي سگھيو هو. اهو يا ته شخصي ايثار يا وري فقط لوڪل بورڊ جي سهاري سان جاري رهندو آيو ۽ قابل ذڪر ڳالهه اها هئي ته مسلمان شاگردن جو تعداد انهن ۾ تمام قليل هوندو هو.

پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، تعليم جي ترقيءَ جا حقيقي موقعا تڏهن پيدا ٿيا، جڏهن سنڌ ۾ هڪ سرڪاري تعليمي نظام وجود ورتو. ان جي برڪت سان جلدي هڪ اهڙو ذهني انقلاب آيو، جو مختصر مدت ۾ ئي لاتعداد سنڌي شاگرد اعليٰ تعليم پرائي ملڪ ۽ ملت جي خدمت تي مامور ٿيڻ لڳا ۽ اڃا تائين به هر سال هزارين لکين نؤنهال ۽ نؤ عمر شاگرد تعليم مڪمل ڪري زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌندا رهن ٿا.

اسان جو تعليمي نظام ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم جي ٽن مرحلن ۾ ورڇيل آهي. شاگردن کي بنيادي ۽ ثانوي درجن ۾ مادري زبان وسيلي گھڻي ۾ گھڻي معلومات فراهم ڪري منجھن ذهانت پيدا ڪئي وڃي ٿي ۽ هُو آسانيءَ سان تعليمي منزلون پار ڪرڻ جا اهل ٿي وڃن ٿا. پر اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته اها ڪاميابيءَ جي سموري حاصلات فقط انهن استادن ۽ عملدارن جي ذهانت ۽ ڪوششن جو نتيجو آهي، جيڪي وقت بوقت بنيادي سنڌي تعليم جا نگران ۽ منتظم ٿيندا رهيا. جيڪڏهن هُو پنهنجي بيش بها لياقتن ۽ ڀرپور صلاحيتن سان خدمتون بجا نه آڻين ها، ته سنڌي ذهن ۽ ذڪا جو ايترو جلد واڌارو ممڪن بنجي نه سگھي ها. دراصل اهڙن استادن جي طفيل ئي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم پائڻ جو رواج پرائمري ڏاڪي کان ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي سگھيو.

جيڪڏهن گذريل اڌ صديءَ جي سنڌ جي ثقافتي ۽ تعليمي تاريخ تي نگاهه وجھنداسون ته انتظام، محنت ۽ قابليت جي لحاظ کان بلاشڪ اسان کي ڪيئي قابل قدر تعليمي عملدارن جا نالا ڏسڻ ۾ ايندا، مگر انهن مڙني ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي شخصيت يگانه روزگار معلوم ٿيندي، جيڪا خاص ڳالهه کيس ٻين کان ممتاز ڪري بيهاري ٿي سا اها آهي، جو هن نه فقط تعليم عام ڪرڻ ۾ جفاڪشي ڪئي، بلڪه نصاب ۽ درسيات ۾ توسيع آڻي، معيار جي پد تائين رسائڻ ۾ بهترين تخليقي صلاحيتن جو استعمال پڻ ڪيو. هُو صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي زماني جو مثالي تعليمي ماهر ۽ نصابدان هئڻ سان گڏ بي مثل تخليقار ۽ اديب جو مقام پڻ رکندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته سندس همعصرن مان فقط دوچند تعليمي آفيسر ئي اهڙا هئا، جن جي ٻولي يا نصاب ۾ ڪا معمولي ڪنٽريبيوشن شمار ۾ آڻڻ جهڙي آهي. مگر تعليم پکيڙڻ ۾ طبعي هڻ هڻان سان گڏ عرساڻي صاحب جو ذهني پورهيو به شامل هو. هُو ٻوليءَ توڙي نصاب تي ماهرانه دسترس رکندڙ عالم مڃيو ويو.

عرساڻي صاحب وچولي سنڌ ۾ هالا نوان جي ننڍي شهر ۾ ۱۹۰۶ع ۾ ڄائو هو. جنهن کي ان وقت به هڪ وڏي قصبي (Town) جو درجو حاصل هو. سندس والد محمد هاشم جو وقت جي هڪ نالي واري گھِراڻي جو فرد هوندو هو. سو، اول ته هڪ عريضي نويس هو، پر پوءِ سندس قابليت ۽ مستعدي ڏسندي هالا جي مخدومن کيس پنهنجو معتمد خاص ۽ زمينن جو عام مختيار مقرر ڪيو. سندس چاچن مان پڻ وڏو چاچو تجارت ۾ لڳل هو ۽ ٻيون سرڪاري ملازمت ۾ ته ٽيون وري زمينداريءَ سان منسلڪ هو. ان وقت هيءُ ڳوٺ جو پڙهيل ڪڙهيل خاندان سمجھو ويندو هو. سندن حويليون ۽ جايون به پڪسريون هونديون هيون. مطلب ته هڪ سکيو ستابو ۽ آسودو ڪٽنب هو. سندن پاڙو شهر جي ڇيڙي وٽ عارباڻي گھٽيءَ جي نالي سان اڃا تائين سڏجي ٿو. جتان اڳي ٻنيون هونديون هيون، ليڪن هينئر نيون ڪالونيون ٺهنديون وڃن ٿيون ۽ هن وقت ان محلي سان ملحق طالب الموليٰ ڪالوني سڏجي ٿي.

هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن ساري سنڌ ۾ نوان سماجي ۽ تعليمي سڌارا اچي رهيا هئا. انگريزي تعليم جا اسڪول سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رواج پائي چڪا هئا. ننڍڙي اسماعيل به هالا ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪئي ۽ انگريزيءَ جا ست درجا حيدرآباد جي نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ پڙهيا ۽ ۱۹۲۴ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. هالا ۾ ان دور ۾ تعليم اڃا ايتري ڪا نه ڦهلي هئي ۽ عرساڻي هندن ۽ مسلمانن ۾ پهريون هالائي شاگرد هو، جنهن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو. جيڪا ان زماني ۾ وڏي ڳالهه ليکي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته ميٽرڪ کي مان ۽ مرتبي جي حصول جو ذريعو ليکيو ويندو هو. بي اي، بي ٽي جي تعليم ڪراچيءَ جي ڪاليجن مان حاصل ڪرڻ بعد، عرساڻي صاحب عملي زندگيءَ جو آغاز ۱۹۳۵ع ڌاري ايڊيوڪيشنل سپروائيزر جي حيثيت سان ڪيو. حالانڪ دوران تعليم هُو سنڌ مدرست الاسلام ۽ ٻين اسڪولن ۾ ٽيچر جي حيثيت سان مختصر مدت واريون ملازمتون ڪري پنهنجو نالو روشن ڪري چڪو هو. هُو تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي انتهائي قابليت ۽ جفاڪشيءَ سان فرائض انجام ڏيندو ۽ ڪاميابين سان سرفراز ٿيندو رهيو ۽ ۱۹۶۶ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد هڪ سال تائين، جامعه عربيه هاءِ اسڪول جي انتظاميه جي استدعا تي ان اداري جو هيڊماستر ٿي رهيو. اتي پڻ ساڳي چابڪ دستيءَ سان ڪم ڪندي تعليمي ماحول برقرار رکيائين. ليڪن اکين جي بينائيءَ جو عارضو ٿي پوڻ سبب فرائض تان سبڪدوش ٿي ويو. باقي زندگي به ڪوشش ڪندي لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريائين ۽ ڀرپور زندگي ماڻي ۱۹۸۶ع ۾ وفات پاتائين.

عرساڻي صاحب جي شخصيت تي جيڪڏهن نظر وجھنداسون ته اسان کي ان جا ٽي روشن تر پهلو ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي سندس عملي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ ۽ نيڪناميءَ جو سبب بنيا. اول ته هن جي عمل ۽ ڪردار ۾ جفاڪشي ۽ اصول پسنديءَ جو انگ شامل هوندو هو. ٻيون ته هُو اعليٰ درجي جي انتظامي صلاحيت ۽ اهليت جا مالڪ هوندا هئا. ٽيون ته تدريسي فن، ٻولي ۽ ادب تي بي مثل مهارت رکندا هئا. انهن خوبين باعث هڪ طرف هُو بهترين ماهر تعليم ۽ اعليٰ منتظم ثابت ٿيو ته ٻي طرف وري معاشري ۾ وڏي شهرت ۽ عزت پاتائين. سندس اَيام ڪاريءَ کي ڏسبو ته اها ڳالهه ڀليءَ ڀت معلوم ٿيندي ته هُو جنهن اداري ۾ رهيو ۽ جتي به ڪم ڪيائين. ان کي بلڪل عملي ۽ افادي بنائي ڇڏيائين.

عرساڻي جواني ۽ عمر عزيز جو وڏو عرصو سنڌ جي دور دراز علائقن ۾ مقصد جي برصوابيءَ لاءِ جهد مسلسل ڪندي گذاريو. نه فقط ايترو بلڪ ان سان گڏوگڏ هُو ذهني ڪاوشون به انجام ڏيندو رهيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي ليول تائين سنڌيءَ ۾ لکجندڙ سبجيڪٽن کي تخليقي جهت ڏانهن موڙيو ۽ اهڙيءَ طرح سان سنڌي نصاب کي هر لحاظ کان سهل ۽ افادي بنائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. تعليم عام ڪرڻ ۽ ترغيب ڏيڻ خاطر هن شاگردن ۽ عوام لاءِ دلچسپ ۽ اصلاحي مگر فني لحاظ کان انتهائي بلند ڊراما تحرير ڪيا، جن معاشري ۽ ادب ۾ بلند مقام پيدا ڪيو.

 

عمل ۽ ڪردار

محمد اسماعيل عرساڻيءَ کي دوران ملازمت هڪ نهايت ئي بااصول، فرض شناس، تيز فهم ۽ تيز عمل آفيسر ڏٺو ويو. فرض جي پوئواري ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ هُو عملي انسان (Practical man) ته هو ئي، پر ان کان وڌيڪ هُو هر معاملي کي مشيني ڍنگ (Mechanism) رستي حل ڪرڻ جو عادي هو. انسپيڪشن جو ڪم هجي، محض وزٽ هجي يا تدريس ۽ سکيا جو ڪو فرض مٿس عائد ٿيل هجي، يا ڪنهن نازڪ مسئلي لاءِ ڪو ناگزير قدم کڻڻو هوندو هوس ته هُو ان کي حيرت‌انگيز طور تي سرعت سان انجام ڏيندو هو. وس ڪندي هن پنهنجي فرائض ۾ ڪڏهن به ڪا ڪوتاهي اچڻ نه ڏني ۽ تعليم جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ بي دريغ سندس قدم کڄندا هئا. مشڪل تر حالتن ۾ به هُو پنهنجي مشن کي جاري رکيو ايندو هو. ايتري قدر جو هن جا پنهنجا هم ڪار رفيق به سندس ڪاميابين تي رشڪ کائيندا ۽ انگشت بدندان رهجي ويندا هئا.

اسڪول ۾ درس ۽ تدريس جي نتيجي خيز رهڻ جو سارو دارومدار فقط استاد جي محنت ۽ توجھه تي هوندو آهي. جيڪڏهن تدريسي نظام ۾ ڪا گھٽ وڌائي پيدا ٿي ۽ استاد طرفان تساهل جو ڪو برتاءُ ٿيو ته يقيناً تعليم غير منظم رهجي ويندي. هڪ تعليمي آفيسر جو اصلي ڪم به فقط اهو ئي هئڻ گھرجي ته هُو ڏسي ته تدريسي عمل هنرمنديءَ ۽ بنان ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو اچي ۽ شاگرد تعليمي سکيا مان حقيقي طور تي فيضياب ٿين. ان ڪري نائب ۽ بالا عملدارن جي فرائض ۾ اها ڳالهه اولين طور شامل سمجھي وئي آهي ته هُو وقت بوقت مختلف وقفن درميان اسڪولن جي جاچ ۽ شاگردن جي تعليمي استعداد جي چڪاس ۽ آزمائش پنهنجي سِر به ڪندا رهن. استادن کي پڻ سکيا جي خامين کان وقت به وقت آگاهه ڪن ۽ سندن رهبري ڪندا رهن.

ڪو زمانو هو، جو ناظم تعليمات به ازخود هلي اچي هاءِ اسڪول ته ڇا پر پرائمري اسڪولن ۾ به سبق پڙهائيندا ۽ شاگردن جي آزمائش لهندا ۽ امتحان وٺندا هئا. اهو طريقو قابل استادن ۽ هوشيار شاگردن ۾ نه رڳو همت افزائيءَ جو سبب ٿيندو هو، بلڪه ڪمزور استاد به خاميون دور ڪرڻ تي ڌيان ڏيندا هئا، جنهن ڪري پڙهائيءَ ۾ هڪ طرف چاهه ٿيندو هو ته ٻي طرف تعليم مؤثر بنجندي رهندي هئي. ليڪن هن وقت اهو حال آهي جو ساليانه انسپيڪشن به فقط آگ لاهڻ خاطر ڪئي وڃي ٿي. نه ته بيٽ عملدار ته گھڻو ڪري امتحاني شيٽس به گھر ويٺي صحيحون ڪري ڇڏيندا آهن. اڳي برٽش دور ۾ ۽ پاڪستان ۾ به ڪجھه زماني تائين تعليم کاتي جا آفيسر باقاعدي دورا ڪري درسگاهون وزٽ ڪندا هئا ۽ ڪلاسن ۾ وڃي پڙهائيءَ جو جائزو وٺندا هئا. ڊاڪٽر دائودپوٽي جهڙي قابل ذڪر هستي، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي تي فائز هوندي هئي، تنهن جا به ڪيئي مثال آهن ته هُو صاحب بذات خود هاءِ اسڪول ته ڇا بلڪه دور دراز هنڌن تي پرائمري اسڪولن ۾ هليو ويندو هو ۽ خود سبق ڏئي ڏيکاريندو هو. ليڪن هينئر اسان جا ڊائريڪٽر صاحبان صرف ثانوي اسڪولن ۾ وڃڻ کان به ڪترائين ٿا. شايد هُو ان ۾ پنهنجي گھٽتائي محسوس ڪندا هجن.

محمد اسماعيل عرساڻي ۱۹۳۵ع کان ۱۹۵۰ع تائين، ٿرپارڪر جهڙي ريگستاني علائقي ۾ عملداري ڪئي، جتي ڏورانهن هنڌن تي اسڪول هوندا هئا. وارياسي برپٽ ۾ انهن ڏينهن ۾ سفر ڪندي تمام گھڻيون صعوبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون، پر عرساڻي، شيڊيول مطابق مهيني جا مقرر ڏينهن گشت ۾ رهي ڪلاسن جو باقاعده جائزو وٺندو رهندو هو. سندس محنت ۽ جاکوڙ تعليم کي مقبول ۽ تدريسي ماحول کي ڪشش انگيز بنايو، جنهن ڪري اسڪولن ۾ به ڏينهن به ڏينهن اضافو ٿيندو ويو. تعليمي خدمت‌گذاريءَ باعث هُو هندن ۽ مسلمانن ۾ هر دلعزيز بنجي ويو ۽ گھڻا دفعا ايئن به ٿيو جو جڏهن سندس بدليءَ جا احڪامات صادر ٿيندا هئا ته ٿر جا پئنچ، مکي، لوڪل بورڊ جا چيئرمين ۽ چڱا مڙس سڀئي سرڪار تي زور ڀري سندس آرڊر رد ڪرائي دم پٽيندا هئا. ٿرپارڪر کان علاوه هاڻوڪن سانگھڙ، بدين ضلعن، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعن، حيدرآباد شهر ۽ ضلع کان سواءِ لاڙڪاڻي ضلع ۾ به تعليمي عملدار جي حيثيت ۾ ساڳيءَ ريت سرگرم عمل رهي هن سڌارا آڻڻ ۾ نالو ڪڍيو.

هن جي ڪاميابين ۾ سندس مستقل مزاجي ۽ اصول پسنديءَ کي گھڻو دخل حاصل هو. هُو جهڙيءَ طرح پاڻ تعليم ۽ سکيا جي بهتريءَ لاءِ ڪوشان رهندو هو تهڙيءَ طرح ٻي جي طرفان به نظم و نسق ۾ ڪنهن قسم جي فروگداشت برداشت نه ڪندو هو. هُو توري تڪي ۽ جانچ جونچ بعد ڪو قدم کڻندو هو. درسگاهن جو سڌارو، تعليم جو ڦهلاءُ ۽ صحيح ماحول پيدا ڪرڻ سندس هميشه کان مطمح نظر هوندو هو. اهڙيءَ طرح هُو فرائض جي بجاآوريءَ ۾ ڪنهن به قسم جو رک رکاءُ نه ڪندو هو. خصوصاً اسان جي معاشري ۾ جيڪي قدر رائج آهن، تن ۾ کرو ۽ سچو فيصلو ڪِن حالتن ۾ مشڪل صورتحال به پيدا ڪري وجھندو آهي. بعض اوقات بالا عملدارن جون سفارشون قبول نه ڪرڻ باعث انهن طرفان راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون وينديون هيون يا ته وري ڪڏهن وقت جا ناهنجار صاحب اقتدار سندس فرائض ۾ رخنه‌انداز ٿيندا هئا. ليڪن هر صورت عرساڻي اڏول هوندو هو ۽ پيش ايندڙ مشڪلاتون سندس جبل جيڏي حوصلي سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي وينديون هيون! ناجائز سفارش نه مڃڻ جي پاداش ۾ ڪيترا ڀيرا سندس بدليون به ڪيون ويون، پر هو نئين عهدي تي تهائين مستعديءَ سان فرائض جي بجا آوريءَ ۾ جنبي ويندو هو!

انتظامي صلاحيت ۽ اهليت به خداداد قابليت ۽ گڻ آهي، جيڪو اسان جي هن دلداده هستيءَ ۾ بي پناهه طور تي موجود هوندو هو. منجھس معامله فهمي ۽ قوت فيصله جو ملڪو بدرجه اُتم موجود هوندو هو. هُو تيز فهم به اهڙو ئي هو، جو يڪدم معاملي جي تهه تائين پهچي ويندو هو ۽ مسئلو بنان دير حل ڪري سگھندو هو. ان دور ۾ ماڻهن جو تعليم ۾ چاهه جيتوڻيڪ بنهه گھٽ هوندو هو، پر جذبي جي سچائي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ اڳيان ڪا به ڳالهه مشڪل نه رهندي آهي. اهي هن جون غير معمولي لياقتون ۽ قوتون ئي هيون، جن سبب هُو معاشري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري سگھيو. سازگار ماحول پيدا ڪرڻ واسطي اول هُو ماڻهن جي رواج ۽ ثقافتي قدرن کي سمجھي ساڻن هلت ڪندو هو ۽ اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن سان رلي ملي ويندو هو. هُو تعليمي ادارن ۾ نظم ۽ ضبط جي هر لحاظ کان پابندي ڪرائيندو هو. تدريس ۽ سکيا کي اثرائتي انداز ۾ جاري رکڻ لاءِ هُو ذاتي طور ان سان سٻنڌ رکندو هو ۽ عملي تعليم ۽ سبق جي اجراءُ ۾ خود حصو وٺندو رهندو هو. استادن جي رهبريءَ واسطي هميشه ڪوشان رهندو هو. مطلب ته هُو جتي به رهندو هو اُتي پنهنجي بهترين صلاحيتن کان ڪم وٺندي تعليمي معيار ۽ انتظام برقرار رکڻ ۾ هڪ مثال قائم ڪندو هو. جن فردن سندس ڪارڪردگيءَ کي ڏٺو هو، سندس اَيام ڪاريءَ ۾ ڪنهن تجربي يا آزمودي کان گذريا هئا، تن جي زبان تي اڄ به اهي ئي گفتا هوندا آهن ته ”عرساڻي صاحب جهڙا آفيسر ڪٿي لڀن؟ عرساڻي چئي کڻي بس ڪر“.

اعليٰ تعليمي عملدار ۽ ڪارپرداز عرساڻيءَ سان ذاتي طور کڻي ڪيڏو به اختلاف رکندا هجن، ليڪن اهي به کيس هڪ بهترين منتظم جي حيثيت ۾ تسليم ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به ڪنهن بگڙيل اداري کي سنوارڻ يا ڪنهن درسگاهه ۾ تعليمي فضا قائم رکڻ لاءِ ڪنهن باصلاحيت ۽ برجستي آفيسر جي ضرورت پيش ايندي هئي ته يڪدم ان جاءِ تي عرساڻيءَ جو تقرر ڪيو ويندو هو، جنهن جي اچڻ سان ئي اداري جي ڪارڪردگيءَ ۾ چار چنڊ لڳي ويندا هئا! هن جيڪڏهن ڪٿي هيڊ ماستر ٿي فرائض انجام ڏنا يا فقط هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ئي کڻي ڪم ڪيو، پر سندس قابليت ۽ هوشياري جتي ڪٿي جادوءَ جهڙو اثر ڪري گذرندي هئي. هُو هڪ ذهين استاد هو. انگريزي، رياضي، ڊرائڱ، سنڌي، فارسي ۽ جاگرافيءَ تي خداداد ملڪو رکندو هو ۽ انتهائي هنرمندانه انداز سان سيکاريندو هو. سندس سکيا مان شاگرد پورو پورو حظ حاصل ڪري سگھندا هئا. ڪريم بخش چنا (مرحوم) جيڪو خود معروف ايڊيوڪيشنل آفيسر ٿي رهيو هو، تنهن مون سان ڳالهه ڪئي ته اسان جي تعليمي سال ۾ فقط ٽي مهينا رهجي ويا هئا، جو سنڌ مدرسة الاسلام ۾ عرساڻي صاحب اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو. هن انگريزي گرامر ۽ ترجمي جا اصول اهڙي ته انداز سان سيکاريا جو اُهي منهنجي دل تي ايئن نقش ٿي ويا جو هن عمر تائين نه وسريا اٿم. اهڙيءَ طرح هالا جي هاءِ اسڪول ۽ ٻين به جن اسڪولن ۾ جتي به کيس درس و تدريس جو موقعو مليو، اُتي هن خوب پنهنجا استادانه جوهر ڏيکاريا. سندس تدريس مان نڪتل فردن جي واتان بي تحاشا ايئن ئي ٻڌبو آهي ته ”عرساڻيءَ جهڙا استاد ڪٿي!“ هُو تربيتي ادارن ۾ زير تربيت استادن سامهون جيڪي ڊمانسٽريشن ليسن هلائيندو هو، سي انتهائي مثالي ٿيندا هئا. پوءِ چاهي اهي انگريزيءَ ۾ هجن يا سنڌيءَ ۾. بلڪه مادري ٻوليءَ ۾ ته گويا سادي ۽ آسان ٻوليءَ جي تخليق ڪندو هو. جنهن ڪري موضوع اڃا ئي مزيدار ۽ اثرائتو ٿي پوندو هو. بي ايڊ جي شاگردن کي عملي سبق جيڪي انگريزي يا سنڌيءَ ۾ لکي ڏيندو هو سي لاثاني سمجھيا ويندا هئا. اگر کيس ڪنهن موضوع تي انگريزي يا سنڌيءَ ۾ مضمون لکڻ لاءِ ڏنو ويندو هو ته اوڏي مهل ئي هُو قلم کڻي تحرير شروع ڪندو هو ۽ هڪ نشست ۾ اتي جو اتي بنان دير لکي پورو ڪندو هو. هن جهڙو ٻيو ڪو به زباندان يا استاد نه ڏٺو ويو آهي. هن جو هر مضمون درجي يا جماعت جي استعداد مطابق بلڪل پورو هوندو هو. ازانسواءِ اهو موزون، با معنيٰ ۽ هر لحاظ کان مڪمل ٿيندو هو. ٻولي ۽ پيشڪش جو ته ڪو جواب ئي نه هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو انگريزدان ۽ سنڌي نويس به عرساڻيءَ جي مضمون کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگھندا هئا. عرساڻي وڏو آفيسر ٿيو يا محض ننڍڙو منتظم، استاد ٿيو يا اداري جو سربراهه رهيو، مگر هڪڙي خوبي منجھس عام هئي ته هُو هر صورت ۾ پنهنجي فرائض سان جنبيل ۽ انتهائي پرشوق ڏسبو هو!

 

ماهر لسان ۽ نصابدان، اديب ۽ ڊرامه نگار

جيئن اڳي چئي چڪو آهيان ته عرساڻي صاحب يقيناً هڪ سچو پچو تعليمي ماهر هو. ليڪن هن نه ته ڪڏهن ڪنهن نظريي جي تشهير ڪئي ۽ نه وري پاڻ کي ڪنهن بحث ۾ ئي اُلجھايو. ڳالهه ڪندا آهن ته قديم يونان جي ڪنهن ”جمهوريه“ ۾ تعليم جو ڪو معقول بندوبست قائم نه ٿي سگھيو هو. ان ڪري اتي جي حاڪم ”تعليمي نظام“ لاءِ ڪا موزون راهه ڪڍڻ چاهي ٿئي. روز ڏاهن (فلسفين) جي مجلس ۾ وڃڻ لڳو جيئن مسئلي جو ڪو حل ملي پويس. اُتي کيس وڏا وڏا بحث ٻڌڻا پوندا هئا. تعليم جو روح ڇا آهي؟ تعليم معاشري لاءِ نقصان ڪار ڪيئن ۽ فائديمند ڇو آهي؟ ۽ تعليم جا ٻيا عجيب غريب نظريا. مطلب ته جيترا عاقل هوندا هئا اوتريون تشريحات ۽ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. جنهن ڪري حاڪم ويچارو ماڳهين بتال ٿي ويو. هڪ ڀيري اهڙو اتفاق ٿيو جو جمهوريه جو حاڪم سير سياحت لاءِ سرحد کان ٻاهر نڪري ويو. جتي هڪ خانقاهه ڏٺائين، جيڪا هڪ باريش بزرگ جي زير انتظام هئي. اُتي بهترين تعليم و تربيت جو ماحول هو ۽ نظم و نسق به لاجواب هو. حاڪم متاثر ٿي کانئس پڇيو ته ”اي بزرگ تون سکيا کي ڪهڙي انداز کان هلائي رهيو آهين؟ تنهنجو تعليم لاءِ آخر ڪهڙو نظريو آهي؟“ هن جواب ۾ چيو ”سائين، مون اڃا ان ڳالهه تي مٿو نه کپايو آهي. آئون فقط سچائي سيکاريندو آهيان ۽ حالات کي نگاهه ۾ رکي انتظام سنڀاليندو آهيان!“

عرساڻيءَ جو جيڪڏهن ڪو نظريو هو ته اُهو اهو ئي ٿي سگھيو ٿئي ته ”اگر مادري ٻوليءَ ۾ اثر پيدا ڪيو وڃي ۽ ان کي اثرائتي انداز سان سيکاريو وڃي ته پوءِ ٻارن جي ذهني پرداخت يقيناً اهڙي ٿي ويندي، جو ڪو به علم کانئن بعيد نه رهندو. مادري ٻوليءَ وسيلي هو آسانيءَ سان هر فن تي عبور حاصل ڪري سگھندا. ڌارين ٻولي: انگريزي، عربي، فارسي يا چيني وغيره به ٻار تڏهن گهرائيءَ سان پرائي سگھندو جڏهن مادري ٻوليءَ ۾ پخته ڪار هوندو. افسوس آهي، جو اسين تعليم جو اهو زرين اصول وساري ويٺا آهيون. اها حقيقت روز روشن جيان ظاهر آهي ته ڪالهه جيڪي سنڌ ۾ نامور انسان پيدا ٿيا يا اڄ جيڪي وڏا دانشور، اديب، سائنسدان، ڊاڪٽر وڪيل ۽ پروفيسر ليکيا وڃن ٿا، تن جي اڪثريت اهڙي آهي جن ننڍڙي هوندي مادري ٻوليءَ ۾ ڪاميابيءَ سان تحصيل ڪئي هئي.

عرساڻي حقيقي معنيٰ ۾ ماهر لسان هو. هن ٻوليءَ بابت نظرياتي بحث نه ڪيا آهن. بلڪه هن ٻوليءَ کي نصاب، ادب ۽ ڊراما مطلب ته هر موضوع مطابق فني طور ڪمال خوبيءَ سان استعمال ڪيو آهي. هن پاڻ کي محض اسڪولن جي انتظام تائين محدود ڪو نه رکيو، بلڪه هميشه اها ئي ڪوشش ڪندو رهيو ته شاگردن کي حقيقي طور تعليم حاصل ٿي سگھي.

سکيا ۾ سڀ کان اهم حائل مسئلو اهو ئي آهي ته تعليمي ابلاغ ٻارن جي ذهن ۽ عقل تائين آسانيءَ سان پهچي وڃي ۽ ان ڳالهه جو سنئون سڌو واسطو وري قابل فهم نصاب سان آهي، تنهنڪري عرساڻي زردست قلمي پورهيو ڪري نصاب کي سائنٽيفڪ انداز بخشيو ۽ تعليم کي معياري ۽ آسان بنائڻ ۾ مفيد ڪم انجام ڏنو. هن هڪ سو کان وڌيڪ پرائمري ۽ ثانوي نصاب جا ڪتاب لکيا ۽ اڪثر ايئن ٿيندو هو جو نصابي بورڊن طرفان ٿيندڙ چٽاڀيٽين ۾ سندس لکيل ڪتابن کي اولين پوزيشن حاصل رهندي هئي. ازانسواءِ وقت بوقت رائج نصابي ڪتابن ۾ ٻولي ۽ اظهار جي اوڻاين يا خوبين تي هن جيڪي مقالا لکيا سي به تعداد ۾ اڪيچار هئا. اُهي سبق ۽ درسيات جي سڌاري ۽ واڌاري جو اهم سبب بنجندا هئا. دراصل لسانيات ۽ ٻوليءَ جي رهنمائيءَ جي سلسلي ۾ اهي اڄ به بيش بها اهميت جا حامل سمجھيا وڃن ٿا، جيڪي زياده تر روزنامه مهراڻ جي صفحن ۾ ڇپجندا هئا.

سنڌيءَ جو هُو وڏو اديب ۽ پارکو هو. لکڻ وقت هميشه پڙهندڙ جي نفسيات، بصيرت ۽ فهم سندس مد نظر رهندو هو. موضوع ادبي هجي يا خالصتاً تعليمي، تحرير ۾ معاشرتي اخلاق ۽ اقدار کي ضرور ملحوظ خاطر آڻيندو هو. ان ڪري سندس انداز بيان به مهذبانه ۽ شائستگيءَ سان ڀريل ٿيندو هو. هُو سونهن سوڀيا واري سنڌيءَ جو قلمڪار هو ۽ اصطلاح، محاوري ۽ زبان جي باريڪين جو گهرو شعور رکندو هو. سندس قلم مان خود بخود چٻيل چٿيل ۽ گھڙيل عبارت نڪرندي هئي. لکڻ وقت اهو ئي خيال آڏو رهندو هوس ته ڪٿي ڪا گفتي جي بيهڪ يا جملي جي بناوت فطري ڍنگ کان هٽي نه وڃي. اها دعويٰ آهي ته سندس تصحيح ٿيل جملو يا عبارت، عموماً آخري سمجھي ويندي هئي. جنهن ۾ مزيد ترميم يا اضافي جو باقي ڪو به امڪان نه رهندو هو. اها مدح سرائي نه بلڪه حقيقت آهي. عرساڻيءَ جو تحرير ڪيل ”وتايو فقير“ به آهي ۽ ٻين به گھڻن ئي اهل قلم ساڳيا واقعا تحرير ڪيا آهن. جنهن دلپذير اسلوب ۾ ان کي عرساڻيءَ بيان ڪيو آهي، تنهن کان وڌيڪ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ اڄ تائين به ڪو ان کي نڀائي سگھيو آهي؟ ”نياريون وٿون“ ۾ اهڙيون ساديون سوديون ۽ نهايت معمولي شيون موضوع هيٺ آيل آهن، جن کي روزانو ڏسندي به ڪنهن جو توجھه نه ٿو ڇڪجي. ليڪن مصنف انهن کي اظهار ۽ معلومات جو ذريعو بنائي، سندن صفتن کي جنهن سليس ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو آهي، سا مصنف جي پنهنجي ئي ڏات آهي. ڪاڪي گرداسمل واڌواڻيءَ ان کي سائنسي مشاهدي جو پهريون بنيادي سنڌي ڪتاب قرار ڏنو آهي. وڏي ڳالهه ته عرساڻيءَ جا ڪتاب وڏن ننڍن جي مطالعي لاءِ هڪجھڙي دلچسپيءَ جو سامان رکن ٿا، جو ٻي ڪنهن به لکندڙ کي ڏانءُ نه آهي. ان ڪري کيس وڏن ۽ ننڍن جو هڪجھڙو اديب چئي سگھجي ٿو. هُو نصابدان به آهي ته اديب به آهي.

عرساڻي اصلاحي ۽ اخلاقي تعمير لاءِ مختصر ڪهاڻيون به لکيون آهن، پر ڊرامه کي ان مقصد واسطي ڪاميابيءَ سان نڀايو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڊراما مقصدي تعليمي ۽ اصلاحي ٿين ٿا ۽ وڏن توڙي ننڍن لاءِ هڪجهڙي ڪشش رکندڙ پڻ، تاهم سندس ڊرامه ۾ ڪٿي به واشگاف ۽ ڀُڏي انداز ۾ مقصد جو اظهار ٿيل نه هوندو آهي. ”ڊزن ڊايالاگ“ سندس ون ايڪٽ پلي جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ ڪن درسي سبقن کي به ڊرامائي روپ ڏنو ويو آهي، ته ڪي وري روزمرهه جي مشاهدي تي ٻڌل واقعن تي پليز (Plays) به شامل آهن. انهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته پسمانده معاشري جي پٺتي پيل نيم باشعور فرد ڪيئن اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجي لاءِ تڪليفون پيدا ڪن ٿا. اهو سڀڪجھه فنائتي انداز سان ٿئي ٿو. جنهن ۾ طنز سان گڏ مزاح جو پهلو به رکيل آهي. يعني ته اصلاح سان گڏ تفريح جو عنصر به شامل هوندو آهي. پڙهندڙ ڪردار جي حماقتن تي کِلي ضرور ٿو، ليڪن گڏوگڏ سندس اٻوجھائيءَ تي ترس به اچيس ٿو.

ورهاڱي کان اڳي سنڌي ڊراما ڪثرت سان اسٽيج تي ايندا هئا. پر انهن ۾ هڪڙي خامي خاص طور تي نظر ايندي هئي، ته انهن ڊرامن جو موضوع ته سنجيده هوندو هو، پر مزاح ۾ حد درجي جي هلڪائي هوندي هئي. ايتري قدر جو اهو فقط گھٽيا مذاق لڳندو هو. مگر ”بدنصيب ٿري“ هڪ حقيقي ڊرامه جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ سطحي کل ڀوڳ بدران مزاح، موضوع جي اندران، فطري انداز ۾ ڦٽي نڪري ٿو. ڪردار جو عمل ۽ گفتگو، کلائيندڙ هوندي به ان ۾ ڏک جي لس محسوس ٿيندي آهي. سندس ٻين ڊرامن ۾ ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ بلند مقام رکي ٿو.

ڊرامه کان علاوه سندس ٻين تصنيفن کي به ادبي ميدان ۾ وڏو درجو حاصل آهي، جن ۾ ”سير ريگستان“، ”سنڌي سٻاجھڙا“، ”وتايو فقير“، ”وندر ورونهن“ (اڻ ڇپيل)، ”خيال خاطر“، ”نياريون وٿون“، ”سنڌ جا شاڪر“ ۽ ”سکر سيئي ڏينهن“، جهڙا ڪتاب اچي وڃن ٿا. انهن مان ڪن کي پنهنجي دور ۾ زبردست مقبوليت حاصل ٿي، جن مان ڪجھه ڪتابن جا ته هن وقت تائين متعدد ڇاپا نڪري چڪا آهن.

عرساڻي مضمونن جو به هڪ وڏو ذخيرو ڇڏيو آهي، جن جو وڏو حصو ”اخبار تعليم“ ۽ ٽرينڱ ادارن جي ٻين مخزنن ۾ شايع ٿيل آهي. هن مختلف موضوعن تي مضمون لکيا آهن: قديم آثار، سير سياحت، مشاهدا، شخصيات، تعليم و تربيت، سماجيات ۽ اخلاقيات تي هن جون بهترين ڪاوشون آهن.

بهرحال تعليمي توڙي ادبي شعبي ۾ هُو منفرد حيثيت جو مالڪ آهي. جن محمد اسماعيل عرساڻيءَ کي نزديڪيءَ کان ڏٺو هوندو، يا کين قربت حاصل ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿي هوندي، سي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته هُو نهايت ئي بارعب، پرڪشش ۽ جاذب شخص هو. ايتري قدر جو سندس شخصيت جو مقناطيسي اثر ٻي تي جھٽ اثر انداز ٿيندو هو. هُو هڪ مستقل مزاج انسان هو ۽ هر قسم جي تعلقات ۽ لهه وچڙ ۾ سڌو سپاتو ۽ کرو Straight forward هوندو هو. هُو ساري زندگي مقصد سان سچو رهيو ۽ محنت جو بلڪل ڪوڏيو، اڻ ٿڪ، ۽ فرائض ۽ عمل ۾ سختيءَ سان پابندي ڪندڙ عملدار هو. تيز روي سندس ڄڻ ته فطرت ثاني هئي، جيڪا هن جي طبع ۽ روش ۾ شامل هئي. هُو هر ڪم جو جلد کان جلد نتيجو حاصل ڪرڻ چاهيندو هو. ملازمن ۽ نائبن سان، پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ تائين تعلقات رکندو هو. تاهم هنن جي فرائض ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين کان هر ڪا واقفيت هوندي هئس؛ ۽ بحيثيت هڪ ٽيچر جي، هُو استادن سان همدردانه رويو رکندو هو ۽ سندن مشڪلاتون دور ڪرڻ ۾ هميشه ڪوشان ڏسبو هو. عرساڻيءَ جي ويجھو اهو ئي ملازم ٿي سگھندو هو، جيڪو انتهائي فرض شناس ۽ پنهنجي فن ۾ غير معمولي قابليت جو حامل هجي ۽ جيڪڏهن وري عرساڻيءَ سان وفاداريءَ جو دم به ڀريائين ۽ سندس ادب ۽ تڪريم به ملاحظه خاطر رکيائين، ته پوءِ اصل سون تي سهاڳي جو ڪم ٿي ويندو هو ۽ عرساڻي دوست کان سواءِ سندس محافظ به بڻجي ويندو هو. تعليم، ادب ۽ صحافت جي شعبي سان تعلق رکندڙ چند شخص، سندس دوستيءَ جي حلقي ۾ تا زندگي شامل رهيا. هُو ساري زندگي مستعد رهيو. مگر رٽايرمينٽ بعد کيس مهارت استعمال ڪرڻ جا مناسب موقعا نه ملي سگھيا. ان ۾ گھڻي حالات جي بي قدري درڪار هئي ته ڪجھه وري صحت جي خرابي به حائل رهي. بهرحال سندس تعليمي خدمات سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو اڻ مٽ حصو بنيل آهن. نه رڳو ايترو بلڪ هن جون تحريرون به سنڌي ٻوليءَ جي علمي، ادبي اوسر ۾ حقيقي طور مددگار ۽ معاون ثابت ٿيون.

المختصر ته محمد اسماعيل عرساڻي ويهين صديءَ جو هڪ بي مثل سنڌي اديب ۽ طرز نگار ٿي گذريو آهي، جنهن جو مضمون‌نگاري ۽ ڊرامه‌نويسيءَ ۾ هميشه نالو ياد رهندو.

 

(دل جي ڳالھ (تخليقي ادب)؛ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، اوسر پيڙھڪا اشاعتاڻو، حيدرآباد، تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا