عبدالرحمان اديب منگي
جبار آزاد منگي
سال ۱۷۰۳ع ۾ شڪارپور شهر مان ڪجھ خاندانن سميت جن ۾ ٻه
سڳا ڀائر محمد آچر ۽ محمد جعفر منگي به شامل آهن، سي روزگار خاطر لڏي اچن ٿا، محمد
آچر جو خاندان گاجي کهاوڙ ۾ ۽ محمد جعفر جو خاندان سنڌ جي هن ميل واري علائقي ۾
پنجاھ سال اڳ قائم ٿيل نئين شهر ڳوٺ، نصيرآباد ۾ پنهنجا غريباڻا اجها اچي ان هنڌ اڏين
ٿا، جتي اڄ جو منگي محلو موجود آهي. ان زماني ۾ اهو هنڌ گهاٽين ليُئين، ٻٻرن، اڪن
۽ ٻين ڪنڊن ۽ ٻوٽن سان ڀريل هو، جنهن کي پنهنجي محنت سان صاف ڪري گهر اڏيا وڃن ٿا.
اولھ ۾ شاندار مٺي پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ، کٽين جا گهر، جي پوءِ اچي ويٺا، تنهن
پريان گرلداس جو مٺي پاڻيءَ وارو کوھ جنهن تي سبزي ۽ ٻيا فصل ٿيندا هئا، اتر ۾
انبن جي وڻن جوباغ، گهاڙ واھ (هاڻوڪو آرٿر واھ) ۽ ٻيڙين لاءِ هڪ بندر، ڀرسان اوڏڪي
تعمير جو ننڍڙو قلعو هو، تنهن ن جي اتر ۾ ساماڻي مسڻ جو باغن وارو ڳوٺ جيڪو اڄ مسڻ
محلي جي صورت ۾ موجود آهي. اوڀر ۾ نئين آبادي وارا گهر، ميدان ۽ ڏکڻ ۾ تونيَن ۽ هندن
جا گهر ۽ ننڍڙي بازار جتي اڄ محمد حيات شيخ جو گهر آهي. تنهن جي ڏکڻ ۾ اوڍر مسڻ جو
زرعي آباديءَ واروڳوٺ اهو آهي نصيرآباد جو ننڍڙو منظر.
شهر جي آبادي
تيزيءَ سان وڌڻ لڳي ٿي، مختلف علائقن کان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هتي اچي آباد ٿين ٿا
شهر جي بازار به تبديل ٿي موجوده هنڌ قائم ٿئي ٿي.
منگي برادريءَ جا
ماڻهو هيتم سوهو، واره جي ڀرسان واريءَ جي دڙن واري ڳوٺ فيض محمد سوڍر، ميانداد
چنجڻي، گاجي کهاوڙ ۽ ڳوٺ خير محمد جهتيال مان وقت بوقت لڏپلاڻ ڪندا اچي هتي آباد ٿين
ٿا ۽ ائين ئي منگين جي پاڙي جو وجود پئجي وڃي ٿو. هن وقت وچ شھر ۾ موجوده محمد صادق واري مسجد (جيڪا اڳ حجمن واري مسجد)
سڏبي هئي، ان مسجد جي اولھ ۾ شهر جي هندن پاران حجامت ڪندڙ حجمن لاءِ هڪ وڏو ڇاپرو
ٺهرائي کين ڏنو ويو، جتي شهر جا سمورا حجم هڪ ئي هنڌ حجامت جا صندل رکي پنهنجي ڪِرت
۾ پورا هوندا هئا ۽ ان سبب ئي مسجد کي ”حجمن واري مسجد“ سڏيو ويندو هو. ان ڇاپري
هيٺ منهنجي ڏاڏي الهورائي منگيءَ سميت ٻيا منگي به حجامت ڪندا هئا، تن ۾ هڪ فقير
صفت انسان محمد سومر به حجامت ڪندو هو، جنهن جو گهر منگي محلي ۾ موجود هو. جتي ڪچن
گهرن کي ڀتيون نه هونديون هيون، صرف گهر جي حد لاءِ ننڍڙا ٻنا ٺهيل هوندا هئا، گهر
جي اڱڻن مان گهرن جا اڱڻ ئي ڏيکاربا هئا، جيڪي محبت ڀريل دلين وانگر ڪشادا هوندا
هئا. بنا ديوارن جي اهي اڱڻ مون پاڻ به ڏٺا. منگين جي پاڙي ۾ هڪ گهر سڀني کان
آسودو ۽ پڙهيل لکيل گهر هوندو هو۽ اهو گهر هو محمد موسيٰ منگيءَ جو، جتي، ان خوشحال
گهر ۾ هڪ نوجوان الهڏنو منگي انگريزن جي دور ۾ روينيو جو سپروائيزر هو ۽ ٻين
پورهيت منگين کي آباد ڪرڻ، مدد ڪرڻ ۽ ڪِرت سان لڳائڻ جي جستجو ۾ اڳيان اڳيان هو.
انهن ڪچن گهرن واري
منگي پاڙي ۾، محمد سومر منگي جي گهر ۾ ۰۱ جنوري ۱۹۲۹ع ۾ هڪ ٻالڪ پيدا ٿئي ٿو جنهن جو نالو عبدالرحمان رکيو وڃي
ٿو، جيڪو منهنجي امڙ رحيمان جو ماسات هو. حجامت ڪندڙ پورهيت جو هي ٻار تعليم پرائڻ
لاءِ اسڪول ۾ ويهاريو وڃي ٿو، پرائمري تعليم نصيرآباد ۾ پڙهڻ بعد کيس فائنل پڙهائڻ
لاءِ پائلٽ بورڊنگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هو فائنل پاس ڪري، لاهور يونيورسٽي
مان اردو ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڊگري حاصل ڪري ٿو، کيس انعام ۾ ۱۸ هزار لفظن تي مشتمل هڪ ڊڪشنري ڏني وڃي ٿي.
تعليم پرائڻ بعد روينيو کاتي ۾ پهريون
تپيدار ۽ بعد ۾ سپروائيزرنگ تپيدار جي سرڪاري
نوڪري سان لڳي وڃي ٿو.
پورهيت خاندان جو
هي ٻيو ٻار ۽ منگين جي گهرن منجهان روينيو کاتي ۾ هي ٽيون ٻار ڀرٿي ٿئي ٿو، هِن کان اڳ منهنجو والد عبدالرحيم
منگي جيڪو پڻ حجامت ڪندڙ پورهيت جو پٽ هو، جو ۲۸ آڪٽوبر ۱۹۲۶ع ۾ پيدا ٿيو ۽ تعليم پرائي روينيو ۾ تپيدار
جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو، روينيو جي ٽئين ملازم جو ذڪر اول ئي ڪري آيو آهيان.
عبدالرحمان تخلص “اديب”
منگي جو جيئن ته ادب سان لڳاءُ هو سو
تپيدار جهڙي ڪٺن نوڪري کيس راس نه آئي ۽ نوڪري ڇڏي، پنهنجي علم ۽ ادب سان جڙي وڃي ٿو
نوڪريءَ دوران سندس دوستيءَ ۾ مرحوم عبدالوحيد ڪٽپر ۽ غلام مصطفيٰ ڀٽو جگري دوست
رهيس.
لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو
ڪتاب ۾ کيس ادبي خدمتن جي عيوض ڀيٽا ڏئي مٿس هڪ مضمون لکيو ويو ۽ هي نصيرآباد جو
پهريون شخص هيو جنهن جو ذڪر ان ڪتاب ۾ تفصيل سان ڪيو ويو. ان کانسواءِ سنڌ الاجي ڄامشوري
۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ آريجا ڏوڪريءَ جي ادبي ڪارنرن ۾ کيس نمايان جاءِ ڏني وئي آهي.
ادبي حلقي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، رحيم بخش
قمر، علي بابا، فقير محمد لاشاري، ناصر بروهي ۽ سهيل سانگي سٺا دوست رهيس. مرحوم عبدالرحمان “اديب” منگي صحافتي پيشي سان
به وابستا رهيو روزاني هلال پاڪستان اخبار سان
سلهاڙيل رهيو، جنهن ۾ سندس مضمون، خبرون، ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد وقت بوقت
شايع ٿيندو رهيو. ان کان سواءِ پنجاب مان نڪرندڙ علمي ادبي رسالن ۾ پڻ اردو ۾
مضمون لکڻ جو ڪم به جاري رهيس.
لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ
رابيل، ذيشان ۽ آزاد اخبارن جو سب ايڊيٽر ۽ بعد ۾ عوامي آواز ۾ پڻ سب ايڊيٽر جا
فرائض انجام ڏنائين.
پريس ڪلب نصيرآباد
جو بنيادي ميمبر وائيس پريزيڊنٽ رهيو ۽ پريس ڪلب لاڙڪاڻي جو ميمبر پڻ رهيو.
عبدالرحمان “اديب” منگي جا لکيل مضمون، شاعري ۽ ٻيو مواد سندس اولاد وٽ ضرور محفوظ
هوندو، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ضرور آڻيندا.
نصيرآباد جي مٽيءَ ۾ کيڏندڙ، ڪڏندڙ ۽ بانبڙا پائي وڏو ٿيندڙ عبدالرحمان”اديب” منگي سال ۱۹۹۲ع ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت لاڙڪاڻي لڏي ويو، جتي تاريخ ۳۰ جون ۲۰۰۳ع تي دل جي دوري پوڻ سبب انتقال ڪري ويو. سندس مڙھ نصيرآباد جي قبرستان ۾ آسوده خاڪ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا