; سنڌي شخصيتون: مولوي محمد عظيم شيدا سولنگي

05 August, 2021

مولوي محمد عظيم شيدا سولنگي

مولوي محمد عظيم شيدا سولنگي

مختصر احوال



مولوي محمد عظيم شيدا سولنگيءَ جو شمار ويهين صديءَ جي عالمن، اديبن، استادن، اڳواڻن، شاعرن، محققن ۽ مفسرن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم ۱۸۷۰ع ڌاري ڳوٺ گل ٻرڙو، تعلقي وارھ ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي ضلعو قمبر شهدادڪوٽ) ۾ فقير لعل بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ ٿيو.

سنڌي ۽ فارسيءَ جي شروعاتي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ آخوند فقير محمد کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڳوٺ لڳ مولانا عبدالعزيز خاراني کنڊو واري جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي عربيءَ جي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ مولانا عبدالغفور همايوني وٽ ۽ ميان جي ڳوٺ ۾ علامه سيد محسن شاهه وٽ ديني تعليم ورتائين. ان بعد جيڪب آباد جي ان وقت جي مشهور عالم مولانا خادم حسين جتوئي، ڀليڏني آباد واري وٽ چار سال پڙهي دستاربند عالم ٿيو. ۱۸۹۷ع ۾ دارالارشاد پير جهنڊي ۾ داخل ٿيو، جتي وقت جي وڏن عالمن کان علم تفسير، حديث ۽ فقهہ کانسواءِ منطق، معاني، حڪمت فلڪيات رياضي، علم عقائد، علم حديث، علم تاريخ، علم عروض ۽ علم طب تي مهارت حاصل ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ مان لڏي اچي نصيرآباد لڳ ڳوٺ خداداد خان پٺاڻ ۾ ويٺو، جتان پوءِ وڳڻ ۽ ياري ديرو ۽ آخر ۾ ۱۹۵۳ع ڌاري نصيرآباد ۾ قيام ڪري شهر ۾ ديني تعليم جو مدرسو کوليائين ۽ هڪ وڏي اوطاق ٺهرائي مهمانوازي جو هڪ مثالي مرڪز قائم ڪيو، سندس مدرسو هر وقت شاگردن سان ۽ سندس اوطاق سدائين مهمانن سان ڀري پئي هوندي هئي.


مولوي محمد عظيم شيدا جڏهن پهرين حج تي ويو ته ان وقت هندستان ۾ پليگ ۽ ڪالرا جهڙيون وچڙندڙ بيماريون پکڙيل هيون، جنهن ۾ لکين ماڻهو مري چڪا هئا. جڏهن پنهنجي وفد سان مڪي شريف ۾ پهتو تہ ان وقت جي مڪي شريف جي حاڪم، شريف حسين حڪم جاري ڪيو تہ “هندستان مان آيل حاجي حرم شريف ۾ صرف هڪ ڏينهن ترسي هليا وڃن، ڇاڪاڻ تہ انهن مان بيماري پکڙجڻ جو خطرو آهي.” هن مڪي شريف جي حاڪم جي ان حڪم کي للڪاريو ۽ فتوى جاري ڪئي ته “مڪي جي حڪمران جو اهو حڪم غلط آهي، دنيا جي هر مسلمان کي پنهنجي عقيدي موجب حج ڪرڻ لاءِ جيترا ڏينهن بہ حرم شريف ۾ رهڻو پوي، اهو رهي سگهي ٿو.”

شيدا جي ان فتوى مڪي شريف جي حاڪم کي ڪاوڙائي وڌو، نتيجي ۾ وارنٽ جاري ڪري شيدا صاحب کي سندس درٻار ۾ طلب ڪيو ويو ۽ کيس چيو تہ: “هو پنهنجي فتوى واپس وٺي يا سر قلم ڪرائڻ لاءِ تيار ٿئي.” مڪي شريف جي حاڪم جي درٻار ۾ شيدا موقف پيش ڪندي نہ رڳو پنهنجي فتوى تي قائم رهيو، پر خليفي کي چيو تہ: “هو پنهنجو حڪم واپس وٺي، ٻئي صورت ۾ شيدا مٿس تعزيز جاري ڪندو.” شيدا جي دليلن ۽ دليري سبب مڪي جي حڪمران کي پنهنجو ڏنل حڪم واپس وٺڻو پيو، جنهن کانپوءِ شيدا کي مڪي ۾ شاهي مهمان جو درجو ڏنو ويو.

مولوي محمد عظيم شيدا، پير جهنڊي واري دارالارشاد ۾ طالب علميءَ دوران مولانا عبدالله سنڌي جي صحبت ۽ شاگردي ۾ رهيو، جنهن ڪري سندس سوچ ۽ سڀاءَ تي مولانا سنڌي جو نهايت گهرو اثر رهيو. انهيءَ وقت هندستان ۾ هجرت تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ وڏو زور ورتو هو، جنهن ۾ پڻ شيدا ڀرپور حصو ورتو هو. جڏهن مولانا عبدالله سنڌي هجرت ڪري افغانستان وڃي رهيو هو ته شيدا پڻ گڏ ويو هو. سبي پهچڻ کانپوءِ مولانا سنڌيءَ استاد ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ شيدا صاحب کي حڪم ڪيو تہ هو واپس وڃي نوان شاگرد پيدا ڪري ۽ سندس سوچ جو ڦهلاءُ ڪري. جنهن کانپوءِ شيدا صاحب سبيءَ مان واپس موٽي آيو. ۱۹۲۴ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو بنياد وڌو ويو ته شيدا صاحب پنهنجي شاگردن سميت سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. مولوي نظير حسين جتوئي عرف نظير حسين جلالي به شيدا صاحب جو شاگرد هئو ۽ هو شيدا صاحب جي اڳواڻي ۾ ئي سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو هو.

شيدا صاحب جي تعليمي تحريڪ تي جيڪڏهن نظر وجهجي تہ هو پنهنجي علائقي ۾ ان وقت جي مروج تعليمي نظام يعني غريب ٻارن کي رهائڻ، کارائڻ ۽ پڙهائڻ واري سلسلي جو باني هو.

شيدا صاحب پنهنجي اباڻي ڳوٺ گل ٻرڙي ۽ نصيرآباد کان سواءِ آسپاس ۾ غريب ٻارڙن جي تعليم لاءِ ڪيترائي مدرسا کوليا هئا، جن ۾ ڳوٺ خداداد خان پٺاڻ لڳ نصيرآباد وارو مدرسو، ‘مائي شاهل’ تعلقي وارھ وارو مدرسو، وڳڻ وارو مدرسو ۽ يارو ديرو وارو مدرسو خاص طور تي شامل هئا. انهن سمورن مدرسن ۾ غريب ۽ پوئتي پيل علائقن جي ٻارن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ پڙهندڙ ٻارن جي تعليم کان سواءِ سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ شيدا صاحب پنهنجي ذاتي زمين ۽ علائقي جي مخير دوستن ۽ زميندارن جي مدد سان ڪندو هو.

۱۹۳۷ع ۾ سنڌ ۾ ٿيل پهرين چونڊن کان پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت جو تعليم کاتو قائم ٿيو، تڏهن سائين جي.ايم سيد ۽ پير الاهي بخش جي تعليمي وزارتن دوران سنڌ جي اسڪولن ۾ انگريزي متعارف ٿي. شيدا صاحب سنڌ جي انهن پهرين عالمن مان هڪ هو، جن سائين جي.ايم سيد ۽ پير الاهي بخش کي خط لکي کين آڇ ڪئي تہ سندس مدرسن ۾ بہ انگريزي پڙهائي وڃي.

شيدا صاحب کي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي مختلف لهجن تي پڻ عبور حاصل هو. مصري لهجي واري عربيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو هو ۽ يمن، شام ۽ عراق وارن شاگردن جي مدرسن ۾ جڏهن يمني عربي، شامي عربي ۽ عراقي عربي لهجي ۾ ڳالهائيندو هو تہ شاگرد توڙي منتظم اچرج ۾ پئجي ويندا هئا. پاڻ عربي زبان ۾ شاعري پڻ ڪيائين. ساڳي طرح جڏهن ڪو ماڻهو فارسي ڳالهائيندو هو تہ پاڻ سندس لهجي مان سڃاڻي چوندا هئا تہ هي همراهہ اتر افغانستان جو آهي يا کيس ايران جي اتر ۽ اڀرندي علائقي جو رهواسي سمجهندا هئا.

محمد عظيم شيدا کي شاعريءَ سان خاص شغف هو، تنهنڪري سندس لائبريري ۾ سنڌيءَ کانسواءِ عربي جي امراءُ القيس کان ابن زيدون تائين ۽ فارسي جي مشهور شاعرن جهڙوڪ، فردوسي، شيرازي، رومي، رودڪي، خيام ۽ جامي جهڙن شاعرن جا بياض ۽ مجموعا وڏي تعداد ۾ پيل هوندا هئا. پاڻ شاگردن کي درس ڏيڻ وقت ذاتي ڪچهرين توڙي مشاعرن ۾ سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسي شعر برزبان پڙهندو هو ۽ مشاعرا پڻ منعقد ڪرائيندو هو. سنڌ جي ان وقت جي مشهور شاعرن سان سندس نهايت ويجهڙائپ هئي. فقير هدايت تارڪ نجفي ۽ دادن فقير جويي جهڙا شاعر سندس اوطاق ۽ محفل جا مستقل مهمان هوندا هئا.

مولوي شيدا کي سنڌي ۽ هندي راڳ سان گڏ عربي راڳ جي بہ تفصيلي ڄاڻ هئي. قرئت ۽ آذان ٻڌڻ شرط پاڻ چوندا هئا تہ ان آواز جو مالڪ عربي موسيقي جي ڪهڙي سـُر ۾ ڳائي يا ڳالهائي رهيو آهي. موسيقي سان لڳاءُ جي ڪري سندن اوطاق تي استاد فدا حسين گوالياري، خورشيد علي خان ۽ استاد منظور علي خان پڻ ڪيتريون ئي محفلون سنگاريون.

وقت جا عالم، شيخ ۽ اڪابر، جيڪي شيدا صاحب جي محبت ۽ صحبت ۾ ساڻن رهاڻيون رچائڻ ايندا هئا، انهن ۾ مولوي عبدالڪريم ٻير وارو، مولانا محمد قاسم مشوري، مولانا غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير نجيع الله شاهہ راشدي وڳڻ وارو، هدايت الله تارڪ نجفي، مولوي دوست محمد بلبل سنڌ، مولوي در محمد خاڪ ڪاندهلوي ، مولوي فقير محمد کوکر، مولوي غلام حسين تنيو لوٺيءَ وارو، مولوي هدايت الله تنيو، پروفيسر غلام حيدر چنو، سيد بشير شاهہ، سيد محمد شاهہ موندر لاکا وارو ۽ پروفيسر عبدالمنان چانڊيو وغيره شامل هئا. هي جميعت العلماءَ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر ۽ جميعت العلماءَ هند جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو.

شيدا پنهنجي دور جو هڪ ناميارو حڪيم بہ هو. سندس حڪمت جي مڃتا نہ رڳو علائقي ۾ هئي، پر پنجاب ۽ بلوچستان جا ناميارا ماڻهو به وٽس علاج لاءِ ايندا هئا يا کيس دعوت ڏئي گهرائيندا هئا. پنهنجي حڪمت ۽ شرافت سبب هو نواب غيبي خان چانڊيي ۽ نواب يوسف مگسي جو خانداني حڪيم پڻ هو. سندس حڪمت جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ نواب آف بهاولپور کيس ڪيترائي ڀيرا دعوت ڏئي بهاولپور گهرايو هو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سان سندن ياراڻو هو، جيڪو وٽس پنهنجي پٽن سميت ايندو ويندو هو. شيدا صاحب ايران، عراق، يمن، شام ۽ مصر کي بہ چڱي طرح گهمي ڏٺو هو. عجائبات بہ تفصيل ۽ توجهہ سان ڏٺا هئائون. پاڻ ٽي حج بہ ڪيائين، حضرت علي عليه السلام جي روضي جي زيارت لاءِ نجف اشرف گهڻو ويندو هو.

شيدا پنهنجي علم ۽ قلم جي ڦوهہ جوانيءَ ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي مبارڪ تي ’سيرت مصطفى‘ ڪتاب لکيو. ۱۹۸۰ع ۾ صدارتي اوارڊ ۽ ۱۰ هزار روپيا انعام بہ مليو. سيرت مصطفى سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽي ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. مولوي محمد عظيم شيدا جي فرزند ۽ نامياري وڪيل منصور الحق سولنگيءَ جي ڪوششن سان ۲۰۱۳ع ۾ نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ان ڪتاب سيرت مصطفى جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. جڏهن تہ ان ڪتاب جي اردو ۽ فارسي ترجمي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي.

سنڌ جو هي يگانو عالم، استاد، اديب، اڳواڻ، حڪيم، شاعر ۽ مفسر ۱۹۸۸ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهہ جامع مسجد صديقيہ، نصيرآباد ۾ آهي.

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان.)



مولوي محمد عظيم شيدا

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

مشهور عالم دين، مفتي، اديب، شاعر ۽ مدرس مولوي محمد عظيم شيدا ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس والد جو نالو لعل بخش ذات جو سولنگي هو. سندس ولادت جي تاريخ ۾ وڏو اختلاف آهي، ڪنهن اديب، عالم ۱۸۷۹ع ته ڪنهن وري ۱۸۸۶ع، ته ڪنهن ۱۲۹۰ھ، ته ڪنهن ۱۸۸۳ع ته ڪنهن ۱۸۸۲ع لکيو آهي. درحقيقت مولوي صاحب جو جنم ڳوٺ گل ٻرڙو ۾ ۱۸۸۲ع ۾ ٿيو، جيڪو درست سمجهيو ۽ پڙهيو وڃي . شاعريءَ ۾ تخلص (شيدا) استعمال ڪيائين. قرآن شريف، نورنامو، ڪريما، نامه حق ۽ پندنامو پنهنجي ئي گهر ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ ملا فقير محمد وٽ پڙهيائين. بعد ۾ فارسي، عربي، ڪنز، قافيه ۽ صرف و نحو تائين مدرسه کنڊوءَ (تعلقو وارھ) ۾ مولانا عبدالعزيز خارانيءَ وٽ پڙهيو ۽ کانئس ٻيا به عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب وڌيڪ پڙهيائين. کنڊوءَ واري مدرسي ۾ سندس هم سبق، هفت زبان شاعر علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ هو. کنڊوءَ جي مدرسي کان پوءِ وري وڌيڪ ديني تعليم پرائڻ لاءِ سنڌ جي مشهور و معروف ديني درسگاھ دارالرشاد پير جهنڊي (ضلعو حيدرآباد) ۾ داخل ٿيو. هتي ٻه سال رهي علم تفسير، حديث ۽ فقه ۽ مختصر معاني، ميبذي مشڪواۃ پڙهيائين. هتي سندس ناميارا استاد مولانا محمد لغاري ۽ مولانا محمد اڪرم جن هئا. منطق ڀليڏنو آباد (ضلعو جيڪب آباد) ۾ مولانا خادم حسين جتوئيءَ وٽ پڙهيو. آخر ۾ مولانا شيدا صاحب باقي علوم علامه محمد محسن شاھ وٽ ميان جي ڳوٺ (ضلعو شڪارپور) ۾ پڙهي دستاربندي حاصل ڪيائين سيد محمد محسن شاھ جي بزرگي ۽ شخصيت مٿس گَهرو ۽ اعليٰ اثر وڌو. روحاني فيض به علامه سيد محمد محسن شاھ کان حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ چشمي وارن بزرگن کان پڻ مستفيض ٿيو.

مولانا محمد عظيم شيدا فارغ التحصيل ٿي پهريان پنهنجي ڳوٺ گل ٻرڙو ۾ ديني مدرسو کوليائين،جنھن ۾ پاڻ درس ڏيڻ لڳو. ان کان پوءِ مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جهڙوڪ :ڳوٺ خداداد پٺاڻ ۾ پنج سال، ڳوٺ مائي شاهُل ۾ پنج سال، وڏا وڳڻ (محبوب خان وڳڻ)، ياروديرو ۽ نصير آباد (تعلقو وارھ) (هن وقت نصير آباد خود تعلقو آهي) ۾ مدرسا قائم ڪيائين. گهڻو عرصو وڳڻ ۾ يعني پورا تيرنهن سال ۽ ياري ديري ۾ پورا ٻارنهن سال پڙهايائين.

مولانا محمد عظيم شيدا وڏو عالم، فاضل، مفسر، محدث، فقيھ، مقرر، مدرز، مفتي ۾ مفڪر سان گڏ شاعر ۽ اديب ۽ سٺو حڪيم پڻ هو. پاڻ عالم هوندي به موسيقيءَ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ ۽ سٺو راڳ ڳائيندڙ به هو. تعليم کان سواءِ سندس ذريعه معاش حڪمت تي به هو.

مولانا محمد عظيم شيدا جو حڪمت ۾ استاد مولوي محمد احمد مٺياڻي (ضلعو نواب شاھ) هو.

پاڻ نواب سر غيبي خان چانڊيي، نواب يوسف خان مگسي جن جي خاندان جو خاص حڪيم ٿي رهيو. مولانا محمد عظيم شيدا کي ٽي ڀيرا حج جي سعادت نصيب ٿي. پهريون حج ۱۳۳۹ هجري ۽ ٻيو دفعو ۱۹۵۳ع ۾ عراق ۽ اردن کان ٿيندي مديني ۽ مڪي شريف پهچي حج پڙهيا. آخري ٽيون ڀيرو ۱۹۷۲ع تي حج ادا ڪيائين.

مولانا هڪ سماجي ڪارڪن ۽ پنهنجي وقت ۾ سٺو مَلھُ به هو. مولانا صاحب جمعيّت العلماءِ هند جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. مولانا صاحب جمعيّت العلماءِ لاڙڪاڻي جو صدر پڻ رهيو. مولانا شيدا عالمن ۾ ميٺ محبت، اتحاد ۽ اتفاق جو ڏُڪر ڏسي نااميد ۽ نراس ٿي، لاڙڪاڻي ضلعي جي هارين جي ڀلائي ۽ بهبود جي لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿي پيو. نيٺ ۱۹۴۲ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي عظيم شاھ بخاريءَ جي ميدان تي جلسو ڪري (جتي سماجي ۽ مذهبي جلسا پڻ عام ٿيندا هئا) لاڙڪاڻي جي هاري پارٽيءَ جو بنياد وڌائين، جنهن جو پاڻ صدر ٿيو ۽ جنرل سيڪريٽري مولوي نذير احمد جتوئي ۽ مولوي عبدالعزيز جروار منتخب ٿيا.

مولانا محمد عظيم شيدا درس و تدريس کان سواءِ پنهنجي وقت جي ٻين عالمن وانگر قادياني فتني جي رد ۾ بحث مباحثا به ڪندو رهيو. ان ڏِسَ ۾ مولانا شيدا ڳوٺ کنڊو (تعلقو وارھ) جي سڀ کان پهريائين قادياني ٿيندڙ مولوي عبدالرؤف ابڙي سان مناظرا ڪري مناظرن ۾ دليلن سان خوب شڪست ڏني. پر ضد ۽ هٺ هوڏ جي ڪري مولوي عبدالرؤف راھ راست تي موٽي نه آيو. پر هن پنهنجي شڪست جو اعتراف ضرور ڪيو.

مولوي محمد عظيم شيدا نثر ۽ نظم ۾ ڪافي ڪتاب لکيا آهن. جهڙوڪ؛ سيرت مصطفيٰ (ڇپيل) ڪتاب تي کيس صدارتي ايوارڊ مليو. ارشادالسالڪين (اڻ ڇپيل)، علم حديث (اڻ ڇپيل)، ديوان شيدا (اڻ ڇپيل) وغيره.. مولانا وارھ تعلقي جو عالم هجڻ سان گڏ سٺو اديب ۽ شاعر هيو، ايئن کڻي چئجي ته پاڻ گهڻ پاسائين شخصيت هو. مولانا صاحب نه رڳو لاڙڪاڻو ضلعو پر پوري سنڌ جي لاءِ زندھ تاريخ پڻ هو.

مولانا صاحب ۱۹۵۳ع ڌاري ڳوٺ وڳڻ کي الوداع چئي نصير آباد ۾ سڪونت پذير ٿيو. سونهاري سنڌ جو هيءُ مرد مجاهد عابد ۽ زاهد، متقي ۽ پرهيزگار، شاعر ۽ اديب، عامل ۽ عاقل، نثر نويس، عالم ۽ ڪاتب، موسيقيءَ جو ماهر، مذهبي ۽ سماجي ڪارڪن مولانا محمد عظيم شيدا ۶ آڪٽوبر ۱۹۸۷ع تي پنهنجي عزيزن، دوستن، احبابن ۽ شاگردن کي مفارقت جو داغ ڏيئي دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. مولانا صاحب جي ڪارِگذارين تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. سندس ڪلام مان ٻه اسم نموني خاطر ڏجن ٿا:

مون کي پيرِ مغان گهرجي نه ڪو ابرار سان مطلب

نه ساقي سان نه ساغر سان نه ڪو خمار سان مطلب

نه زاهد سان نه راهب سان نه ڪو آ  رِندَ سان مطلب

نه ڪا تسبيح ٿي گهرجي نه ڪو زنار سان مطلب

شهيدِ ناز  آهيان  مان وري قاتل جي ڌمڪي ڇا

مان بسمل اڳ مُئل آهيان نه ڪو تلوار سان مطلب

پراڻو پاپي آهيان ميڪدي جو، ڇا ڪندو واعظ

نه مسجد سان نه مندرسان نه ڪواحبارسان مطلب

مَکَي خاڪو لڱن کي مست ٿي در تنهنجي تي ويٺس

شهنشاهي سان منهنجو ڇا نه شاهوڪار سان مطلب

ٿيس مان محو جلوي ۾ نفي اثبات ٿي وئي گم

نه ڪا اقرار جي خواهش نه ڪو انڪار سان مطلب

لواءِ الحمد هيٺان هوندو منهنجو نعرو مستانه

آهيان "شيدا" محمد جو نه ٻئي مهندار سان مطلب

فارسي = بربود دلم آن شاھِ حُسن

سنڌي = جنهن جو مثل نه آهي اهلِ بدن

اردو = وھي رشک قمر ھے  گلبدن

عربي = لا حور که في جنت عدن

فارسي =گر رحم کني يا جور جفا

سنڌي= مون کي لازم آهي تو سان ڪرڻ وفا

اردو = تم راضي رهو بهي  يا تو خفا

عربي = ما کان بقلبي لمح سکن

فارسي = يکبار حسن بنمودي مرا

سنڌي = رهيو هوش عقل مون کي ڪو نه ذرا

اردو = اب ھے نه دوا مري تيرے سوا

عربي = قد کان وصالک صحت بدن

فارسي = امروز رسيد پيامِ اجل

سنڌي = مل "شيدا" سان سڪرات مهل

اردو = وهي عشق ھے تيرا روز ازل

عربي = فتعال له من قبل دفن....

حوالا:

۱..لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو

۲..لاڙڪاڻو صدين کان

۳..ياد رفتگان

۴..مهراڻ شاعر نمبر


 

1 comment:

  1. تمام زبردست سائين..
    هن مصنف جو ڪتاب پڙهون پيا پر سندس شجرو ۽ سندس خدمتون ادب جي حوالي سان ڏسڻ لاءِ توهان جي هن پيج تي آيا سين ۽ اسان کي جنهن شَئي جي گهرج هُئي اُها ملي وئي.
    مولوي محمد عظيم شيدا جو ڪتاب ديوان شيدا گهرجي پيو اگر ڪا ڄاڻ يان خبر هجي تہ ضرور اطلاع ڪجو..
    مهرباني

    ReplyDelete