; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده

06 August, 2021

ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده

ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده

جولاء ۲۷/ جنم ڏينهن مبارڪ

اعظم ڀٽي



ڪي ماڻهو تاريخ کان لِڪندا آهن ته ڪن ماڻهن کي وري تاريخ لِڪائي ڇڏيندي آهي. ائين ئي ڪن فردن کي وري تاريخ نروار به ڪندي آهي. ان ڪاروهنوار ۾ مثبت ۽ منفي پهلو جو وڏو عمل دخل به هوندو آهي. پر تاريخ جي تراني جو رڌم اهڙي ته رواني ۽ تسلسل سان هلي ٿو جو مثبت ڪردار، سوچ ۽ عمل وارا ماڻهو، تاريخ جو روشن باب بڻجي ويندا آهن ۽ منفي ڪردار تاريخ جي ڊسٽ بِن جو اهو ترو بڻجي ويندا آهن، جتي روشني جو ترورو به نٿو پهچي، جتي تاريخ جي روشني جو ترورو نه پهچي. سمجهڻ گهرجي ته تاريخ ان ڪردار کي لِڪائي ڇڏيو آهي. جتي فردن جي ڪردارن جي روشني سڀ پردا چاڪ ڪري نمايان حيثيت ماڻي وٺي ته اها پڪ ڄاڻڻ گهرجي ته تاريخ پنهنجي ڪنهن باب کي روشن رکيو آهي. اهڙا ڪيترا ئي ڪردار آهن جيڪي گُم به ناهن، لِڪل به ناهن، بس اهي اسان جي شعور، سمجهه ۽ سوچ جي اکين آڏو ڪيترن ئي سببن جي ڪري ظاهر نه ٿي سگهيا آهن. پر تاريخ جي اها ذميدراي آهي ته اها انهن ڪردارن کي پاڻ ئي ظاهر ڪندي رهندي آهي ۽ تيسيتائين ڪندي رهندي جيسيتائين ڪائنات جو هيءُ چرخو چُرندو رهندو.


اهڙي قسم جي کوڙ سارن ڪردارن کي اسان جي اکين جي اوتاري ۾ ڪا وِٿي نه ملي سگهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي ڪردار اسان جي ذهن جي آستاني ۾ ياد جي ڪا ڪانڀ ٻڌي، ٽهڪن ۽ مُرڪن جيان مهڪي نه سگهيا آهن. اهڙي مهڪ کان پرڀرو بيٺل هڪڙو ڪردار آهي. جيڪو اديب به آهي، دانشور به آهي، ماهر طبيب به آهي. هڪڙو اهڙو شفيق انسان به آهي. جيڪو سمجهي ٿو ۽ سوچي ٿو ته منهنجي نالي ۽ ذات کان ڪنهن کي به ڪو نقصان نه پهچي. منهنجي ڏانءَ ۽ ڏات کان بس ماڻهن کي فائدي جا گُل نصيب ٿين. اهو نالو آهي ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزادي جو، جنهن ۲۷ جولاءِ ۱۹۵۶ع تي ٽنڊو محمد خان جي پاٽولي پاڙي جي پيرزاده گلي ۾ جنم ورتو.

سندس والد جو نالو مرحوم محمد حسين پيرزاه آهي، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ انڊيا مان اُتر پرديش جي سهارنپور واري علائقي مان هجرت ڪري اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش پذير ٿيو. هو “شاد ڀيٽوي” جي نالي سان اردو زبان جي شاعري ۾ پنهنجي دؤر جو بهترين اردو شاعر ۽ محترم استاد ٿي گذريو. جنهنکي استاد الاستاد جو لقب مليو.

ڊاڪٽر اقبال پيرزادي شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان شهر مان ئي حاصل ڪئي. ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ هو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ٿيو. جتان هن ۱۹۷۲ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۷۴ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. جتي هن مختار ڪريمي ۽ حسن سجاد جهڙن ادب دوست استادن مان تمام گهڻو پرايو. جن کي هو پنهنجي شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار سمجهي ٿو. جن کيس تمام گهڻو اتساهه بخشيو، هن جي بالغپڻي واري سفر طرف وِکون جيئن ئي وڌڻ لڳيون ته کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته هر طرف مشاعرن جي ديوي رقص ڪري رهي آهي. هن جي گهر ۽ گهر کان ٻاهر شعر و شاعري واري ماحول، سندس وجود کي شاعري جي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيو.

جڏهن يوسف جمال ٽنڊو محمد خان جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي آيو ته پروانو ڀٽي، زيب ڀٽي، فدا سرهيو، پير بخش پياسي، شوق سنڌي، اياز پاٽولي، مثال رضوي، آذر حفيظ، علي اوسط جعفري، برگ يوسفي ۽ ٻين  جي ادبي مصروفيتن جي تيزي ٽنڊو محمد خان جي راتين کي جاڳڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ شاعري جي ديوي کي به مڪمل طور مستيءَ واري ڪيفيت جو موقعو ملي ويو.

ڊاڪٽر اقبال پيرزادي ۱۹۸۲ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ته اردو ٻولي جو وڏو شاعر “حمايت علي شاعر” حيدرآباد واپس موٽي اچي چڪو هو. جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اردو واري شعبي سان وابسته هو. ان سان گهڻين ملاقاتن ۽ خيالن جي ڏي وٺ هن کي وڌيڪ حوصلو بخشيو. اسسٽنٽ ڪمشنر يوسف جمال پاران ٽنڊو محمد خان ۾ “ڪُل پاڪستان مشاعرن” جي انعقاد، شهر جي ڪيترن ئي نوجوانن ۾ شاعري جو رُوح ڦُوڪي چڪو هو. جن ۾ اقبال پيرزادو به شامل هو.

ڊاڪٽر اقبال پيرزادي ۱۷ سالن جي عُمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي. هو اڄ به پاڻ کي خوشقسمت شخص سمجهي ٿو، جو هن ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو. جتي هن پنهنجي والد ۽ ان جي شاعر دوستن کان متاثر ٿي، شاعريءَ سان لنئون لڳايو. هن پنهنجي والد کان شاعريءَ جي اصلاح جي تمنا رکي پر سندس والد کيس پنهنجي رنگ ۾ رنگجي وڃڻ واري سبب جي ڪري سندس اها  اصلاح نه ڪئي، جيڪا کيس ڪرڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ جو هن جي والد چاهيو ٿي ته هو پنهنجي اسلوب ۾ شاعري ڪري. پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ آزاد هجي.

هن پهريون ڀيرو ميرپورخاص ۾ ٿيل هڪ مشاعري ۾ شرڪت ڪئي. جنهن جي صدارت مولانا ڪوثر نيازي ڪئي ۽ ان ۾ اردو جا ناليوارا شاعر شريڪ هئا. ان وقت اردو ادب ۾ اجمل ڪمال، عتيق جيلاني، اڪبر معصوم، سعيد الدين سعيد، صفدر شڪيل، اختر سعيد هن جا همسفر ۽ همعصر رهيا. پر ڪجهه سينيئر اردو اديب احمد ضياءَ، صابر وسيم، ڪاظم ضياءَ، خالد وهاب، احسن سليم هنن نوجوانن سان همعصري واري قافلي ۾ اڳيان اڳيان هئا. مير تقي مير ۽ غالب، فيض احمد فيض، فراق گورکپوري سندن پسند جا شاعر هئا.

اقبال پيرزادو سمجهي ٿو ته علامه اقبال کانسواءِ اردو شاعري بي لطف آهي. اقبال پيرزادي جو دؤر اکيون بند ڪري اشتراڪيت کي قبول ڪرڻ ۽ ماسڪو نوازي وارو دؤر نه هو. انهيءَ کان اڳ ۾ فيض احمد فيض، سبطِ حسن، علي سردار جعفري ۽ ٻيا جيڪي اشتراڪيت جا قائل به هئا ۽ ماسڪو نواز به هئا. ان جي باوجود به اشتراڪيت اقبال پيرزادي جهڙن شاعرن ڏانهن ايندي ايندي صرف ترقي پسندي بڻجي وئي. انهن جي جواني جي دؤر ۾ اشتراڪيت تي آڱريون به کڄڻ شروع ٿي ويون هيون. اديب به خوفزده ٿي رهيا هئا. اڪثر اديبن جو خيال هو ته اسانجي ۽ اشتراڪيت جي وچ ۾ اڻ ڄاتل پردو حائل آهي. جنهن ۾ اشتراڪي سماج جي شڪل واضح نظر نٿي اچي.

اقبال پيرزادو ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته ترقي پسند تحريڪ جي سبب جي ڪري ئي ڪثير تعداد ۾ بهترين ادب تخليق ٿيو. ڪيترا ئي نوان موضوع سامهون آيا، جن پُراڻين روايتن کي ٽوڙي، نين روايتن کي جنم ڏنو. هو ان ڳالهه کي سُٺو سنوڻ سمجهي ٿو ته اسان ۾ زندگيءَ کي ويجهي ترين موضوعن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي سگهه پيدا ٿي. ان لحاظ کان کيس ساحر لڌيانوي به تمام گهڻو متاثر ڪيو.

اقبال پيرزادي جو خيال آهي ته ترقي پسنديءَ جو هڪڙو فائدو اهو ٿيو ته اديبن کي نج رومانوي رنگ مان نڪرڻ جو موقعو مليو، نه ته سالن کان اهو ئي موضوع هو، جنهن ۾ شاعر ادبي ساهه کڻي رهيا هئا. هو سمجهي ٿو ته اختر شيراني جو دؤر گذري ويو ۽ هڪ ئي نظم ۾ ٻن روين واري دؤر جو آغاز ٿيو. مثال طور؛ “مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ” يا پوءِ فراق گورکپوري جي انڊلٺي شاعري ادب جي شاگردن جي مزاج کي بدلائڻ لاءِ ڪافي هئي.

اقبال پيرزادو پنهنجي سينيئرز جي وچ ۾ رهندي پاڻ کي شاعر تسليم ڪرائي، پالش ٿيندو رهيو. اقبال پيرزادو ان ۾ اڪيلو نه هو پر ان سان گڏ شاعرن جي هڪ وڏي لسٽ شامل هئي، جيڪي ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وڏن وڏن مشاعرن ۾ نه رڳو حصو وٺڻ لڳا پر مشاعرن ۾ مڃتا جو مقام به ماڻيائون.

اقبال پيرزادي ريڊيو پاڪستان جي مشاعرن ۾ به حصو ورتو. ڪيترن ئي گلوڪارن سندس ڪلام ڳايا. اهڙي ريت ٽنڊو محمد خان مان نڪري حيدرآباد تائين هن پنهنجي هڪ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هاڻي ته ڪراچي جا لاتعداد اردو ٻولي جا شاعر اقبال پيرزادي جي نالي کان چڱي ريت واقف آهن. جي واقف ناهي ته ٽنڊو محمد خان جو اهو نسل آهي جيڪو اقبال پيرزادي جي نالي کان ناآشنا آهي.

اردو جا شاعر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم، سيلم ڪوثر، نصير ترابي، نسيم دراني ۽ ٻيا جڏهن به حيدرآباد ايندا هئا ته اقبال پيرزادو سندن خدمت ۾ پيش پيش هوندو هو، اهي سڀ “حمايت علي شاعر” سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ڪري عجيب سُڪون حاصل ڪندا هئا. ڇو جو “حمايت علي شاعر” انهن لاءِ ڪنهن طلسماتي شخصيت کان گهٽ نه هو. هو سمجهندا هئا ته اسان پنهنجي دؤر جي هڪ نامور شاعر جي سامهون ويٺا آهيون. اقبال پيرزادو اهو به محسوس ڪري ٿو ته هو ترقي پسند نه هو پر هو اهو واضح ڪري ٿو ته هر شاعر پنهنجي سوچ ۾ ترقي پسند هوندو آهي مثال طور؛ هن کي جواني ۾ ڪنوارون تمام گهڻو وڻنديون هيون، ته اهو سمجهڻ گهرجي ته رومانويت ڏانهن به ڌيان رهيو ۽ سماجي اڻبرابري جي ڪري ترقي پسندي به هئي. يعني تبديلي آڻڻ جو عزم، دقيانوسيت کان فراريت، روايت شڪني ۽ جاگيردارانه ذهنن خلاف ڪجهه لکڻ واري ارادي ۽ همت کي هو ترقي پسند سوچ ئي سمجهي ٿو. هو ٻن طبقن يعني کاٻي ڌُر ۽ ساڄي ڌُر سان برابري جي بنياد تي بيٺل رهيو آهي. پر هن جا مسئلا ماسڪو نوازي وارا ڪڏهن به نه رهيا، نه ئي اُتان کان ايندڙ هوائن جي ڪري بلڪل ترقي پسندانه هئا. پر هو سمجهي ٿو ته هن جي ترقي پسندي، روشن خيالي سان سلهاڙيل رهي. هن پنهنجي مٿان ڪڏهن به اشتراڪي ترقي پسندي، سوشلسٽ، مارڪسٽ ۽ پروگريسو ليکڪ جي مُهر لڳڻ نه ڏني. باقي رهي فقط ترقي پسندي ته ان بابت سندس خيال آهي ته سماج ۾ موجود هر اديب اڻبرابري، روايت پسندي ۽ جاگيردارانه روين جي خلاف جديديت جو حامي آهي.

هو چوي ٿو ته آئون انهن خيالن سان بلڪل به سهمت ناهيان ته جيڪو شخص حمد، نعت، سلام، منقبت، يا مرثيو لکي ٿو ان ۾ تنقيدي شعور نه هوندو آهي. بنا تنقيدي شعور رکڻ جي حقيقي تخليق جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي ناهي. سُٺي تخليق جي لاءِ بهترين تنقيدي صلاحيت جو هجڻ انتهائي ضروري آهي. هو اهو به سمجهي ٿو ته ڪربلا جي واقعي ديني شاعري جا ڪيترا ئي راز عيان ڪري ڇڏيا ۽ ان ۾ اهڙا اهڙا استعاره ۽ علامتون ظاهر ٿيون، جنهن سان سمورو ادب مالامال ٿي ويو.

ڊاڪٽراقبال پيرزادو ۱۹۸۴ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ٿيو. جنهن دؤران هن هوسڙي، ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ محبت خان ڀرڳڙي سميت مختلف اسڪول هيلٿ ڪلينڪن ۾ نوڪري جا فرائض سرانجام ڏنا.

هو ٽنڊو محمد خان شهر جو هڪ بهترين ڪرڪيٽر به رهيو.

ڊاڪٽر اقبال پيرزادو خوشي سان ڪراچي منتقل ڪونه ٿيو هو، پر اڻبرابري ۽ لساني تعصب کي هو ڪراچي منتقلي جو اهم سبب سمجهي ٿو. جنهنڪري سندس خاندان کي ۱۹۹۰ع ۾ ڪراچي منتقل ٿيڻو پيو. هو خود کي هميشه جهنجهوڙيندو رهي ٿو ته حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان واري زندگيءَ جو اهو عرصو، جنهن ۾ هن پنهنجي شاعري وارو ماحول جوڙيو هو، ڪٿي اهو ضايع ته نه ٿي ويو. هن ڪراچي ۾ پنهنجي ڪلينڪ قائم ڪئي ۽ سرڪاري ملازمت به جاري رکي. سال ۱۹۹۰ع ۾ هن ڇاتيءَ جي بيمارين ۽ ٽي بي ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ اوجها سينيٽوريم ڪراچي سان سلهاڙجي ويو. جنهن جو نالو هاڻي اوجها انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز آهي. جتان هو ۲۰۱۶ع ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ هو ريٽائر ٿيو.

ريٽائرمينٽ کانپوءِ اڄ به هو شاعرن، اديبن ۽ صحافين جي حلقي سان جُڙيل آهي. هن جي نگراني ۾ ڪيترن ئي اديبن جا علاج پڻ ٿيا. جن ۾ خلش مظفر، امام علي نازش، احسن سليم، ذڪي عثماني، رفعت القاسمي، رضي اختر شوق، زبير عباسي، آذر ناياب بدايوني، ۽ ٻيا لاتعداد نالا شامل آهن.

ڪراچي جي ادبي منظرنامي ۾ هو اردو رسالن “فنون”، “اوراق”، “سيپ”، “نقوش”، “ادبِ لطيف”، “نئي قدرين”، “افڪار” “دنياءِ ادب” سميت اڻ ڳڻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. انهن رسالن جي معرفت هن ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ ادبي حلقن تائين پنهنجي رسائي کي ممڪن بڻايو. هڪ مخصوص عرصي کان پوءِ جيئن ئي هن جون معاشي حالتون بهتر ٿيون ته هن پنهنجي تخليقي جوهر تي ٻيهر توجه ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ ٻيهر نمودار ٿيو.

هن پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مستقل ادبي پروگرام “ڪيفي ادب” جي ڪافي عرصو ميزباني جا فرائض سرانجام ڏنا. جنهن ۾ هن  بنا ڪنهن وقفي جي لڳ ڀڳ ٻاهتر پروگرام ڪيا. جنهن پروگرام کيس تمام گهڻي شهرت ڏني ۽ هو وڌيڪ فعال ٿيو، پي ٽي وي تي هڪ ڊرامون هليو “جناح سي قائد تڪ”، ان ڊرامي ۾ اقبال پيرزادي، قائد اعظم محمد علي جناح جي ڊاڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو. هي ڊرامون هر سال قائد اعظم جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پي ٽي وي تان نشر ٿيندو رهندو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر اقبال ۱۹۹۶ع ۾ پي ٽي وي تان سيني جي بيمارين متعلق هڪ سيريز شروع ڪئي، جنهن جو ليکڪ ۽ ميزبان هو پاڻ ئي هو. اها سيريل لڳ ڀڳ ڏيڍ سال تائين پي ٽي وي تان نشر ٿي.

هن ڪيترن ئي ننڍن وڏن مشاعرن جا انتظام پڻ ڪيا. ان حد تائين جو ڪراچي ۾ “عالمي مشاعري” جي انتظام ۾ به هن جو اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو. ظهور الاسلام جاويد جي معرفت هن ابوظهبي ۾ مشاعري ۾ پڻ حصو ورتو. هونئن ته هو ڪيترا ئي ملڪ گهُمي چڪو آهي پر ابوظهبي جي مشاعري هن جي زندگيءَ ۾ تمام گهڻن تجربن جو اضافو ڪيو. هن ادب، صحت سميت مختلف مسئلن تي لاتعداد اردو اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکيا.

سندس اردو شاعري جو مجموعو “تراشيده حرف” ۲۰۰۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سال ۲۰۱۰ع ۾ رائٽرز گلڊ پاران سندس ڪلام جو انتخاب شايع ٿيو. سندس شاعري جو ٻيو مجموعو “ڪاغذ په مه و سال” ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي.

هن وقت هو ڪراچي جي بفر زون واري علائقي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي. ادب جي موجوده صورتحال بابت هو سمجهي ٿو ته ادب جي نه پر ادبي منظر نامي جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، ادبي مشاعرا ۽ ادبي ويهڪون وڏي پئماني تي نه ٿي رهيون آهن. سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل ڄڻ ته رُڪجي ويو آهي. هن جو خيال آهي ته ميڊيا جي آزادي سُٺي ڳالهه آهي، پر ميڊيا جي وسيلن واري تعداد ۾ واڌ سبب مقابلي بازي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڪو تجربو ڪري ٿو ته سمورا چئنل ان ڪامياب پروگرام جي پويان لڪير جا فقير بڻجي وڃن ٿا پر ڪو به چئنل نج ادبي پروگرامن جي شروعات ۽ پذيرائي لاءِ تيار ناهي. انهن ميڊيائي وسيلن تي ادب جي مامرن کي سلجهائڻ لاءِ ڪو به اهم، معتبر ۽ وڏو آواز موجود ناهي. چئنلن جي ڀرمار باوجود به جيڪڏهن ادب جي پرورش جا امڪان ختم ٿي وڃن ته سمجهڻ گهرجي ته سفر پُڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي.

سندس هڪڙو مختصر نثري نظم ترجمي سان نموني طور ڏجي ٿو، جنهن جو عنوان آهي “تڪميل”،

هُو هڪ چهرو،

جنهن کي مون،

گلاب سمجهيو،

خُمار ڄاتو،

اها آرزو آهي،

ته هو به مونکي،

بهار سمجهي،

شراب ڄاڻي !! (اقبال پيرزاده)



ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي

اردو ٻولي جي ناليواري اديب، دانشور، شاعر، ماهر طبيب ، ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزادي ۲۷ جولاءِ ۱۹۵۶ع تي ٽنڊو محمد خان جي پاٽولي پاڙي جي پيرزاده گلي ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو مرحوم محمد حسين پيرزاه آهي، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ انڊيا مان اُتر پرديش جي سهارنپور واري علائقي مان هجرت ڪري اچي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ رهائش پذير ٿيو. هو پاڻ به “شاد ڀيٽوي” جي نالي سان اردو شاعري ۾ پنهنجي دؤر جو بهترين اردو شاعر ۽ محترم استاد ٿي گذريو. جنهنکي استاد الاستاد جو لقب مليو. ڊاڪٽر اقبال پيرزادي شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان شهر مان ئي حاصل ڪئي. ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ هو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ٿيو، جتان هن ۱۹۷۲ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۷۴ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو، جتي هن مختار ڪريمي ۽ حسن سجاد جهڙن ادب دوست استادن مان تمام گهڻو پرايو، جن کي هو پنهنجي شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار سمجهي ٿو، جن کيس تمام گهڻو اتساهه بخشيو، هن جي بالغپڻي واري سفر طرف وِکون جيئين ئي وڌڻ لڳيون ته کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته هر طرف مشاعرن جي ديوي رقص ڪري رهي آهي، هن جي گهر ۽ گهر کان ٻاهر شعر و شاعري واري ماحول، سندس وجود کي شاعري جي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيو. جڏهن يوسف جمال ٽنڊو محمد خان جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي آيو ته پروانو ڀٽي، زيب ڀٽي، فدا سرهيو، پير بخش پياسي، شوق سنڌي، اياز پاٽولي، مثال رضوي، آذر حفيظ، علي اوسط جعفري، برگ يوسفي، مير پير بخش ٽالپر ۽ ٻين جي ادبي مصروفيتن جي تيزي ٽنڊو محمد خان جي راتين کي جاڳڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ شاعري جي ديوي کي به مڪمل طور مستيءَ واري ڪيفيت جو موقعو ملي ويو هو. جڏهن ڊاڪٽر اقبال پيرزادي ۱۹۸۲ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سي) ڄامشورو مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ته اردو ٻولي جو وڏو شاعر “حمايت علي شاعر” حيدرآباد واپس موٽي اچي چڪو هو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ اردو واري شعبي سان وابسته هو، ان سان گهڻين ملاقاتن ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڊاڪٽر اقبال پيرزادي کي وڌيڪ حوصلو بخشيو. اسسٽنٽ ڪمشنر يوسف جمال پاران ٽنڊو محمد خان ۾ “ڪُل پاڪستان مشاعرن” جي انعقاد شهر جي ڪيترن ئي نوجوانن ۾ شاعري جو رُوح ڦُوڪي چڪو هو، جن ۾ اقبال پيرزادو به شامل هو. ڊاڪٽر اقبال پيرزادي ۱۷ سالن جي عُمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي، هو اڄ به پاڻ کي خوشقسمت شخص سمجهي ٿو ، جو هن ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو، جتي هن پنهنجي والد ۽ ان جي شاعر دوستن کان متاثر ٿي شاعري سان لنئون لڳايو. هن پنهنجي والد کان شاعري جي اصلاح جو تمنا رکي پر سندس والد کيس پنهنجي رنگ ۾ رنگجي وڃڻ واري سبب جي ڪري سندس اها اصلاح نه ڪئي، جيڪا کيس ڪرڻ گهرجي ها،، ڇاڪاڻ جو هن جي والد چاهيو ٿي ته هو پنهنجي اسلوب ۾ شاعري ڪري، پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ آزاد هجي، هن پهريون ڀيرو ميرپورخاص ۾ ٿيل هڪ مشاعري ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جي صدارت مولانا ڪوثر نيازي ڪئي ۽ ان ۾ اردو جا ناليوارا شاعر شريڪ هئا. ان وقت اردو ادب ۾ اجمل ڪمال، عتيق جيلاني، اڪبر معصوم، سعيد الدين سعيد، صفدر شڪيل، اختر سعيد هن جا همسفر ۽ همعصر رهيا پر ڪجهه سينيئر اردو اديب احمد ضياءَ، صابر وسيم، ڪاظم ضياءَ، خالد وهاب، احسن سليم هنن نوجوانن سان همعصري واري قافلي ۾ اڳيان اڳيان هئا. اقبال پيرزادي کي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته ترقي پسند تحريڪ جي سبب جي ڪري ئي ڪثير تعداد ۾ بهترين ادب تخليق ٿيو. ڪيترائي نوان موضوع سامهون آيا، جن پُراڻين روايتن کي ٽوڙي، نين روايتن کي جنم ڏنو. هو ان ڳالهه کي سُٺو سنوڻ سمجهي ٿو. اقبال پيرزادي جو خيال آهي ته ترقي پسنديءَ جو هڪڙو فائدو اهو ٿيو ته اديبن کي نج رومانوي رنگ مان نڪرڻ جو موقعو مليو، نه ته سالن کان اهي ئي رومانوي موضوع هئا، جنهن ۾ شاعر ادبي ساهه کڻي رهيا هئا.اقبال پيرزادو پنهنجي سينيئرز جي وچ ۾ رهندي پاڻ کي شاعر تسليم ڪرائي، پالش ٿيندو رهيو، اقبال پيرزادو ان ۾ اڪيلو نه هو پر ان سان گڏ شاعرن جي هڪ وڏي لسٽ شامل هئي، جيڪي ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وڏن وڏن مشاعرن ۾ نه رڳو حصو وٺڻ لڳا پر مشاعرن ۾ مڃتا جو مقام به ماڻيو. اقبال پيرزادي ريڊيو پاڪستان جي مشاعرن ۾ به حصو ورتو. ڪيترن ئي گلوڪارن سندس ڪلام ڳايا. اهڙي ريت ٽنڊو محمد خان مان نڪري حيدرآباد تائين هن پنهنجي هڪ سڃاڻپ ٺاهي ورتي. هاڻي ته ڪراچي جا لاتعداد اردو ٻولي جا شاعر اقبال پيرزادي جي نالي کان چڱي ريت واقف آهن، جي واقف ناهي ته ٽنڊو محمد خان جو اهو نسل آهي، جيڪو اقبال پيرزادي جي نالي کان ناآشنا آهي. اردو جا شاعر ڊاڪٽر پيرزاده قاسم، سيلم ڪوثر، نصير ترابي، نسيم دراني ۽ ٻيا جڏهن به حيدرآباد ايندا هئا ته اقبال پيرزادو سندن خدمت ۾ پيش پيش هوندو هو. اهي سڀ “حمايت علي شاعر” سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ڪري عجيب سُڪون حاصل ڪندا هئا، ڇو جو “حمايت علي شاعر” انهن لاءِ ڪنهن طلسماتي شخصيت کان گهٽ نه هو. هو سمجهندا هئا ته اسان پنهنجي دؤر جي هڪ نامور شاعر جي سامهون ويٺا آهيون. اقبال پيرزادو اهو به محسوس ڪري ٿو ته هو ترقي پسند نه هو پر هو اهو واضع ڪري ٿو ته هر شاعر پنهنجي سوچ ۾ ترقي پسند هوندو آهي، مثال طور ، هن کي جواني ۾ ڪنوارون تمام گهڻو وڻنديون هيون، ته اهو سمجهڻ گهرجي ته رومانويت ڏانهن به ڌيان رهيو ۽ سماجي اڻبرابري جي ڪري ترقي پسندي به هئي، يعني تبديلي آڻن جو عزم، دقيانوسيت کان فراريت، روايت شڪني ۽ جاگيردارانه ذهنن خلاف ڪجهه لکڻ واري ارادي ۽ همت کي هو ترقي پسند سوچ ئي سمجهي ٿو. هو ٻن طبقن يعني کاٻي ڌُر ۽ ساڄي ڌُر سان برابري جي بنياد تي بيٺل رهيو آهي. پر هن جا مسئلا ماسڪو نوازي وارا ڪڏهن به نه رهيا نه ئي اُتان کان ايندڙ هوائن جي ڪري بلڪل ترقي پسندانه هئا پر هن جي ترقي پسندي، روشن خيالي سان سلهاڙيل رهي، هن پنهنجي مٿان ڪڏهن به اشتراڪي ترقي پسندي، سوشلسٽ، مارڪسٽ ۽ پروگريسو ليکڪ جي مُهر لڳڻ نه ڏني. باقي رهي فقط ترقي پسندي ته ان بابت سندس خيال آهي ته سماج ۾ موجود هر اديب اڻبرابري، روايت پسندي ۽ جاگيردارانه روين جي خلاف جديديت جو حامي آهي، هو ان خيالن سان بلڪل به سهمت ناهي ته جيڪو شخص حمد، نعت، سلام، منقبت، يا مرثيو لکي ٿو ان ۾ تنقيدي شعور نه هوندو آهي. بنا تنقيدي شعور رکڻ جي حقيقي تخليق جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي ناهي. سُٺي تخليق جي لاءِ بهترين تنقيدي صلاحيت جو هجڻ انتهائي ضروري آهي، هو اهو به سمجهي ٿو ته ڪربلا جي واقعي ديني شاعري جا ڪيترائي راز عيان ڪري ڇڏيا ۽ ان ۾ اهڙا اهڙا استعاره ۽ علامتون ظاهر ٿيون، جنهن سان سمورو ادب مالامال ٿي ويو. ڊاڪٽراقبال پيرزادو ۱۹۸۴ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڀرتي ٿيو، جنهن دؤران هن هوسڙي، ٽنڊو محمد خان، ان جي ڳوٺ محبت خان ڀرڳڙي سميت مختلف اسڪول هيلٿ ڪلينڪن ۾ نوڪري جا فرائض سرانجام ڏنا. هو ٽنڊو محمد خان شهر جو هڪ بهترين ڪرڪيٽر به رهيو. ڊاڪٽر اقبال پيرزادو خوشي سان ڪراچي منتقل ڪونه ٿيو هو پر اڻبرابري ۽ لساني تعصب کي هو ڪراچي منتقلي جو اهم سبب سمجهي ٿو، جنهنڪري سندس خاندان کي ۱۹۹۰ع ۾ ڪراچي منتقل ٿيڻو پيو، هو خود کي هميشه جهنجهوڙيندو رهي ٿو ته حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان واري زندگيءَ جو اهو عرصو، جنهن ۾ هن پنهنجي شاعري وارو ماحول جوڙيو هو، ڪٿي اهو ضايع ته نه ٿي ويو. هن ڪراچي ۾ پنهنجي ڪلينڪ قائم ڪئي ۽ سرڪاري ملازمت به جاري رکي. ۱۹۹۰ع ۾ هن ڇاتيءَ جي بيمارين ۽ ٽي بي ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ اوجها سينيٽوريم ڪراچي سان سلهاڙجي ويو. جنهن جو نالو هاڻي "اوجها انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز" آهي، جتان هو ۲۰۱۶ع ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ هو ريٽائر ٿيو هو. ريٽائرمينٽ کانپوءِ اڄ به هو شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين جي حلقي سان جُڙيل آهي، هن جي نگراني ۾ ڪيترن ئي اديبن جا علاج پڻ ٿيا. جن ۾ خلش مظفر، امام علي نازش، احسن سليم، ذڪي عثماني، رفعت القاسمي، رضي اختر شوق، زبير عباسي، آذر ناياب بدايوني ۽ ٻيا لاتعداد نالا شامل آهن. ڪراچي جي ادبي منظرنامي ۾ هو اردو رسالن “فنون”، “اوراق”، “سيپ”، “نقوش”، “ادبِ لطيف”، “نئي قدرين”، “افڪار”، “دنياءِ ادب” سميت اڻ ڳڻين رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. انهن رسالن جي معرفت هن ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ ادبي حلقن تائين پنهنجي رسائي کي ممڪن بڻايو. هڪ مخصوص عرصي کانپوءِ جيئن ئي هن جون معاشي حالتون بهتر ٿيون ته هن پنهنجي تخليقي جوهر تي ٻيهر توجه ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ ٻيهر نمودار ٿيو. هن پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مستقل ادبي پروگرام “ڪيفي ادب” جي ڪافي عرصو ميزباني جا فرائض سرانجام ڏنا. جنهن ۾ هن بنا ڪنهن وقفي جي لڳ ڀڳ ٻاهتر پروگرام ڪيا. انهن پروگرامن کيس تمام گهڻي شهرت ڏني ۽ هو وڌيڪ فعال ٿيو. پي ٽي وي تي هڪ ڊرامون هليو "جناح سي قائد تڪ"، ان ڊرامي ۾ ڊاڪٽر اقبال پيرزادي، قائد اعظم محمد علي جناح جي ڊاڪٽر جو ڪردار ادا ڪيو، هي ڊرامون هر سال قائد اعظم جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پي ٽي وي تان نشر ٿيندو رهندو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر اقبال ۱۹۹۶ع ۾ پي ٽي وي تان ڇاتيءّ جي بيمارين متعلق هڪ سيريز شروع ڪئي، جنهن جو ليکڪ ۽ ميزبان هو پاڻ ئي هو. اها سيريل لڳ ڀڳ ڏيڍ سال تائين پي ٽي وي تان نشر ٿي. هن ڪيترن ئي ننڍن وڏن مشاعرن جا انتظام پڻ ڪيا، ان حد تائين جو ڪراچي ۾ “عالمي مشاعري” جي انتظام ۾ به هن جو اهم ۽ بنيادي ڪردار رهيو. ظهور الاسلام جاويد جي معرفت هن ابوظهبي ۾ مشاعري ۾ پڻ حصو ورتو. هونئن ته هو ڪيترائي ملڪ گهُمي چڪو آهي پر ابوظهبي جي مشاعري هن جي زندگيءَ ۾ تمام گهڻن تجربن جو اضافو ڪيو. هن شاعري، نثري ادب، صحت سميت مختلف موضوعن تي لاتعداد اردو اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکيا. سندس اردو شاعري جو مجموعو “تراشيده حرف” ۲۰۰۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ۲۰۱۰ع ۾ رائٽرز گلڊ پاران سندس ڪلام جو انتخاب شايع ٿيو. سندس شاعري جو ٻيو مجموعو “ڪاغذ په مه و سال” ويجهڙائي ۾ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن وقت هو ڪراچي جي بفرزون واري علائقي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي ته وري پنهنجي ادبي سرگرمين کي به وقت ڏئي رهيو آهي. سندس جنم ڀومي ٽنڊو محمد خان نه ڪالهه هۡن وسري سگهيو هو، نه ئي اڄ .....!! (ا.ڀ)

ڊاڪٽر اقبال احمد پيرزاده جو چونڊ اردو ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

تیر و ترکش کے سنگ رہتے ہیں،

لوگ مصروف جنگ رہتے ہیں.

آپ سے ہم نے کچه کہا ہے کبھی،

آپ کیوں ہم سے تنگ رہتے ہیں.

بات کرتے نہیں کسی سے جو،

آئینے ان سے دنگ رہتے ہیں.

آپ کی خانقاہ میں پیارے،

آپ ہی کے ملنگ رہتے ہیں.

رنگ سازوں کا خواب ہیں اب تک،

تتلیوں میں جو رنگ رہتے ہیں.

*************************************************

غزل

پھر کسی جنگ کا امکان بھی تو ہو سکتا ہے،

فیصلہ بر سر میداں بھی تو ہو سکتا ہے.

در و دیوار غزلخواں بھی تو ہو سکتے ہیں،

میرے گھر میں کوئی مہمان بھی تو ہو سکتا ہے.

میری آنکھوں سے نہیں دیکھا ہے جس نے خود کو،

آئینہ دیکه کے حیراں بھی تو ہو سکتا ہے.

یاد آ سکتی ہے چپکے سے دبے پاؤں تری،

ہجر میں وصل کا ساماں بھی تو ہو سکتا ہے.

میں ترے عشق میں قشقہ بھی لگا سکتا ہوں،

کفر کے دوش پہ ایماں بھی تو ہو سکتا ہے.

پیرہن ساز نے گل ریز کیا ہے جس کو،

تو پہن کر اسے عریاں بھی تو ہو سکتا ہے.

*************************************************

غزل

دوپہر عصر کے آزار میں ہے شام بخیر،

دھوپ کا دکه در و دیوار میں ہے شام بخیر.

ایک سورج کو تو چھوڑ آیا ہوں جلتے بجھتے،

ایک سورج مری دستار میں ہے شام بخیر.

گرد اوڑھے ہوئے جانا ہے جسے گھر کی طرف،

دل بھی شامل اسی یلغار میں ہے شام بخیر.

میرے مولا میرے بچوں کی حفاظت کرنا،

یہ تمنا لب اظہار میں ہے شام بخیر.

صبح آئے گی تو راحت سے بھری آئے گی،

یہ خبر کون سے اخبار میں ہے شام بخیر.

************************************************

غزل

دشمن بھی تڑپ اٹھے گر یہ ہو تو ایسا ہو،

آنکھوں سے لہو ٹپکے رونا ہو تو ایسا ہو.

کچه بھی ہو محبت کی قیمت نہیں گھٹتی ہے،

سکہ ہو تو ایسا ہو چلتا ہو تو ایسا ہو.

جز وحشت و حیرانی کچه بھی نہ دکھائی دے،

آئینہ روز و شب دھندلا ہو تو ایسا ہو.

آباد رکھے مجه کو اور شاد رکھے مجه کو،

دنیا ہو تو ایسی ہو جینا ہو تو ایسا ہو.

برباد رکھے مجه کو ناشاد رکھے مجه کو،

رنجش ہو تو ایسی ہو جھگڑا ہو تو ایسا ہو.

No comments:

راءِ ڏيندا