محمد عالم لغاري
منهنجو بابا - آتم ڪهاڻي
پنو پھريون
استاد لغاري
“سَدا جَنِ پَرِياڻُ، پانڌِي
پَکي لَڏَ جو،
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرَ اُڪَرِي”. (شاھ)
هڪ مسڪين هر هاري،
محمد عالم لغاري بن حاجي علي مراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪَوڙا خان بن
نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان بن شاهن بن
سهتڪ بن احمد خان (مورث اعليٰ احمداڻي پاڙو) بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن عالي
بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباھ بن شاهن بن هارون بن رند بن جلال خان...اندازن ۱۹۲۳ع ڌاري، ڳوٺ پُنهارڙو، (لڳ چورکوهيون) تعلقي
۽ ضلعي سانگھڙ ۾ جنم ورتو ۽ ۰۹ جولاءِ ۲۰۱۸ع تي، ڳوٺ محمد غالب درس لڳ لوڻ کاڻ، تعلقي کپري ۾،
اندازن ۹۵ سالن جي ڄمار ۾ انتقال فرمائي ويو.
“مَٿي ٿَرَ رَهِي،
وِئا گُذاري ڏِينهَڙا،
ڪَڏهن ڪو نه
آئِيو، پَنهوارَنِ پَهِي،
وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيُمِ جَنِ سِين”. (شاھ)
ڏاڏا حاجي علي مراد
جي پهريين گھر منجھان، صرف هڪڙي ئي ٻار، يعني منهنجي بابا محمد عالم جو جنم ٿيو،
ته اها اسان جي ڏاڏي جلد ئي انتقال ڪري ويئي. پنهنجي امڙ جي انتقال ڪري وڃڻ کان
پوءِ، پاڻ پهريون درجو سنڌيءَ جو پڙهڻ ويٺو، ته اهو به اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. منهنجي ڏاڏا
جي ٻي شادي ڪرڻ کان پوءِ، منهنجي بابا يتيميءَ جي حالت ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. پاڻ
پهريان مال چاريائين ۽ ان سان گڏوگڏ، ڏاڏا سان هارپي ۾ به هٿ ونڊائيندو رهيو. منهنجي
بابا جي شادي، حاجي خاوند بخش ولد مير محمد لغاريءَ جي گھران ٿي. سندس اولاد ۾ ۰۶ نياڻيون ۽ ۰۸ پٽ ٿياسين. انهن اَٺن ڀائرن جا نالا هن ريت
آهن. ۱: غلام حسين (رٽائرڊ ڊرائنگ ٽيچر)، ۲: لقمان (راقم، استاد لغاري رٽائرڊ ايڇ ايس ٽي)، ۳: اسلام الدين (کپرو ڪئنال تي بيلدار)، ۴: محمد سلطان (فاريسٽر آف کوڙي ٻيلو کپرو)، ۵: وريام (ڊرائنگ ٽيچر)، ۶: احسان علي (ڊرائنگ ٽيچر)، ۷: فرمان علي (خانگي ملازم)، ۸: گل زمان (هاءِ اسڪول ڪلرڪ ضلع سانگھڙ).
منهنجو جنم ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد لغاري (باکوڙو)
تعلقي ۽ ضلعي سانگھڙ ۾ ٿيو. جيئن ئي آئون شعور ۽ عقل واري عمر کي پهتس، ته مون
پنهنجي بابا سائينءَ کي هارپو ڪندي ڏٺو. نارا ڪئنال مان، پڪسيري بئراج وٽان نڪرندڙ
بقار شاخ جي پهريين ۽ چوٿين واٽر تي، ڏاڏا، بابا ۽ چاچا وارا، پراين زمينن تي
هارپا ڪندا هئا. ان وقت اسان جو ڳوٺ “دڙِي” هوندو هيو. جتي هن وقت سهڻي فقير عمراڻيءَ
جو ڳوٺ آهي. آئون پنجن يا ڇهن سالن جو مس هوس، ته منهنجي امان مون کي ماني ٻڌي ڏيندي
هئي، ته چوٿين واٽر تي پنهنجي بابا سائينءَ کي وڃي پهچايان. جيڪو صبح جو سوير، عصر
ويل جو جوڙو کولي، ٻنيءَ کيڙڻ جي لاءِ هليو ويندو هو. اسان جي ڳوٺ “دڙي” ۽ چوٿين
واٽر جي وچ وارو مفاصلو، اندازن ٽي ڪلوميٽر هيو، جنهن جي درميان اُڀيچڙن جو ڳوٺ ۽
رونجھن جي رڍن جو ڀاڻ ايندو هو. انهن جا “ڀاڳا ڪتا” ڇُٽل هوندا هئا ۽ هر ايندڙ
ويندڙ ماڻهوءَ تي نرا ڏيئي چڙهي ويندا هئا. آئون بابا جي ماني کڻي، ڪُتن جي خوف کان
ٿر ٿر ڪنبندو، لاڻيَنِ مان لڪندو، لَيَنِ جي اوٽ جھليندو، ڊُونڊڙو ٿيندو، ڪٿي ڪٿي
بانبڙو پائيندو، نيٺ وڃي ماني پهچائيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ڪتا اچي ويندا هئا، ته
اسان کان ٻَڪاٽ نڪري ويندا هئا. هڪ ڀيري بابا جي ماني کڻي، غلولِي ور ۾ وجھي، چوٿين
واٽر وڃي رهيو هوس، ته رونجھن جا ٻه ڪتا، سُوڙھ ڪري مون ڏانهن ڊوڙندا آيا. مون لسي
۽ ماني هيٺ رکي، غلوليءَ ۾ غلول وجھي، “هَب هَب” ڪندڙ (يعني وڏو وات ڦاڙي ڀونڪندڙ)
ڪتي کي غلول سٽڪائي ڪڍيو. اتفاق سان منهنجو هنيل غلول، ڪتي جي ڪاڪڙي منجھ هليو ويو.
ته ڪتو اتي جو اتي، بولاٽي کائي، زمين تي ڦهڪو ڪري، چوتاڪ ڪري پيو. سندس ڪونڪاٽ
بند ٿي ويا، رڳو “خاخڙ ٻاخڙ” ڪندو رهيو. سندس پُڇ ۽ پَڇي جي پاڙ مان، سنهِي سنهِي
وهي ويس. اهو ڏينهن اهو شينهن، اهو ڪتو وري ڪڏهن به ڪنهن به مسافر ماڻهوءَ ڏانهن ڪو
نه آيو.
مون پنج درجا سنڌيءَ
جا پڙهي، پوءِ پنهنجي بابا سان هارپي ۾ هٿ ونڊايو. باالله! (الله جو قسم ته!) اسان
ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا! حق گھرڻ ۽ سچ ڳالهائڻ جي سزا، اسان کي اهڙي ته ملندي رهي، جو
ڪڏهن هڪ زميندار جا هاري، ته ڪڏهن ٻي زميندار جا هاري. ڪڏهن ڪهڙي زميندار جا هاري،
ته ڪڏهن ڪهڙي جا.
“جَهِڙو قَيدُالماءِ،
تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو،
جَفَ القَلَمُ بِما هُوَ ڪائِنُ، لَهي نه تِرُ تِئاءِ”. (شاھ)
منهنجي بابا توڙي
منهنجي زندگيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن ته پري جي ڳالھ آهي، پر اسان جي حياتيءَ جي هڪ گھڙي
۽ هڪ هڪ ساعت به، هڪ هڪ ڪهاڻي، هڪ هڪ داستان ۽ هڪ هڪ ناول جو درجو رکي ٿي. جنهن جو
عنوان اگر “آگ ڪا دريا” رکجي، تڏهن به عنوان ٿڌو ٿيندو.
“ڪاگر ٿوڙا،
نينهن گھڻا، مس سُون لکا نه جاءِ،
ساگر ڪا پاني، گاگھر ۾
نه سماءِ”. (ڪبير)
اسان جي امڙ، جنهن
جو نالو مسمات “رحمت” هيو، (مٿس الله پاڪ جون رحمتون هجن) ته اها اسان کي، ۲۱ جنوري سال ۲۰۱۰ع تي الوداع ڪري، دارالبقا ڏانهن رواني ٿي
ويئي، ته اسان سڀني ڀائرن گڏجي، پنهنجي بابا سائينءَ کي عرض ڪيو، ته “توهان جنهن
به پٽ وٽ رهڻ چاهيو، ته ان سان گڏجي رهو”. ليڪن اسان سڀني کي انڪار ڪندي چيائين،
ته “توهان جي ماءُ، مون کي هن ڇپر ۾ ڇڏي ۽ ويهاري ويئي آهي، ان ڪري آئون هي ڇپر ڪو
نه ڇڏيندس”. ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو، جو جڏهن بابا سائينءَ جا سوَ ورهيه پورا ٿيا، ته اسان
سندس جنازو، انهيءَ ڇڏي ويل ڇپر مان ئي کنيو.
“کاروڙِيان کَڻِي،
ويڙَهي جَهپَ وِيا،
سيڻَ مُنهِنجا سَيد چَئي،
هاڻي هِتِ هيا،
پَسِي پَڊَ اُنِ
جا، لَڙِي لُڙڪَ
پِيا،
ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي؟”. (شاھ)
اسان جي والده جي وفات ڪري وڃڻ کان پوءِ، بابا
سائين پراڻي ڇپر ۾ ويهي، جھيرڻا ٺاهيندو رهيو. جيڪي ويھ ويھ روپين ۾ وڪڻي، حق حلال
جي روزي ڪمائي کائيندو هيو. اسان ان جا پٽ، هر مهيني پنهنجي پنهنجي پگھار مان، خرچ
پکو ڏيڻ جي لاءِ ويندا هئاسين، ته ڏاڍو خوش ٿي، اسان کي دم دم دعائون ڪندو هيو.
“آتَڻِ ڪَتِيُمِ
جَنِ سِين، اَڄُ
نه پَسان سي،
هاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪ نِهارِيان”. (شاھ)
جوانيءَ جي ڏينهن
۾، جڏهن هارپو ڪندا هئاسين، تڏهن سارين جي ٻه مڻي ٻوري، ڪڻڪ جي اڍائي مڻي ٻوري ۽
مُهري (مسور) جي ٽي مڻي ٻوريءَ کي، ڍڳي گاڏيءَ جي بانڪ توڙي مڪڙيءَ تان ورائي،
سُوتليءَ سان ٻڌل ڳُوڻيءَ جي ڪنن مان جھلي، پنهنجِي ڊڊِي (پٺيءَ) تي کڻي، گدامن ۾
وڃي سٿي لڳائيندو هيو. نماز ۽ روزي جو پورو پورو پابند ۽ متقي ماڻهو هيو. تراويحون
پڙهڻ جي لاءِ، “دڙيءَ” کان باکوڙي تائين، (جيڪو ٽي ڪلوميٽر مفاصلو ٿيندو) رمضان
شريف جو پورو مهينو پيدل ايندو ويندو هيو. آرهڙ ۽ سخت اونهاري جي ڏينهن ۾، جڏهن
لُک، لُوھ ۽ جھولو لڳندو هيو، تڏهن به روزو ڪو نه ڇڏيائين. روزو رکي، جوڙو کولي، هڪ
ايڪڙ ٻنيءَ جو کيڙي، ٿورڙي ساهي پٽي، پوءِ ڏينهن جي ٻارهين وڳي، “الا توهار” چئي، ڪڻڪ
جو ڳاھ ڳاهيندو هيو. پنهنجي پٽڪي جو پلئو وات تي ويڙهي، وَلھ کي ٽرانگُل سان ٽروپ ڏيندو
هيو. ايڏي وڏي ايمان جي سگھ ۽ طاقت، مون تمام گھٽ ماڻهن ۾ ڏٺي آهي.
“جِيئَن
جِيئَن تَپي ڏِينهُن، تِيئَن تِيئَن تاڻي تِکَ ۾”،
“تَتِيءَ تايائِين،
جھولو مُنڌَ کي جُهڙُ
ٿِيو”.
پنهنجي من ۾، ڀلي
پار جي سڪ سانڍي رکيائين. غربت ۽ مسڪينيءَ جي قينچي، سندس پرواز وارا پر ڪتري چڪي
هئي. پوءِ اسان ڀائرن پاڻ ۾ چندو ڪري، کيس عمرو ادا ڪرڻ جي لاءِ اماڻيو، ته اسان
کي دم دم دعائون ڪيائين. جڏهن پاڻ پنهنجي عمر جي ايڪانوي سالن کي پهتو، تڏهن مون وٽ
حج شريف ادا ڪرڻ جيترا پئسا ٿي ويا. جيڪي کڻي، آئون پنهنجي بابا جي حضور ۾ حاضر ٿيس.
کيس چيم، “اگر اوهان حج شريف ادا ڪرڻ جي جسماني طاقت ساري سگھو ٿا، ته هيءَ پئسا
حاضر آهن، اول اوهان حج تي وڃو”. ليڪن پاڻ فرمايائين، ته “هاڻي آئون اهڙي سگھ نه ٿو
ساري سگھان، توکي دعا ڪريان ٿو، ته تون ئي حج شريف تي هليو وڃ”. پوءِ جو منهنجي لاءِ
دعا جا هٿ مٿي کنيائين، ته خدا گواھ آهي، ته منهنجا ٻيڙا ئي پار ٿي ويا.
“سانوڻَ
لَهرِيُون، ريجَ وَڻَ، ٿَرَ وارِيُون، تَنَ وارَ،
مُون سِين ڀلي ڀالَ ڪِئا، اِنهان ئِي اَپار”.
اسان وٽ غُربت يا
غريبت جي هيءَ حد هوندي هئي، جو شام جو ڏسندا هئاسين، ته ڳوٺ جي ڪهڙي گھر جي چُلھ
پهريان ٻري آهي، ته ٻيا ٻار ان جي گھر وڃي، ڳوهو (ڇيڻو) دکائي، پنهنجي گھر لاءِ
جوت کڻي ايندا هئاسين. ڳوٺ جي ڪنهن ڪنهن پيرمرد پوڙهي وٽ، پٿر جو ٽڪڙو ۽ چقمق جي ننڍڙي
راڊ هوندي هئي. جن کي پاڻ ۾ ٺوڪي، يعني جھرڙو ڏيئي، چڻنگن جو شعلو کَھُ تي اڇلائي،
ان کي دکائي، ڦُوڪُون ڏيئي باھ ٻاريندا هئا يا پنهنجي سُلفِي دکائيندا هئا. مطلب
ته ماڻهن وٽ باڪس (ماچيس) به ڪو نه هوندي هئي. هيءَ ڪالھ ڪالهوڪو ڏينهن آهي، جو ڪنهن
جي گھر ۾ به گِھنڙيال يا وانچ جو ڪو به تصور ڪو نه هوندو هو. هر هڪ نماز پڙهڻ يا
روزي رکڻ ۽ کولڻ جو ٽائيم، سج، چنڊ ۽ تارن جي لهڻ ۽ اڀرڻ جي آڌار تي طئي ڪندا
هئاسين. اسان اسڪول وڃڻ وقت، ڪلر ۾ ڪاٺِي کوڙي، ان جي پڇاوين (پاڇولي) کي ليڪو ڏيئي،
ٽائيم ڏسندا هئاسين.
منهنجي بابا عُمر
جِي آخري گھڙيءَ تائين عينڪ ڪو نه پاتي، نڪو ٻوڙو ٿيو ۽ نڪو ئي سندس ياداشت ڪمزور ٿي.
البت جسماني ڪمزوريءَ جي ڪري، آخري ايامن ۾، مسجد شريف تائين وڃي ڪو نه سگھندو
هيو. کٽ جي ڀر ۾، زمين تي مصلو وڇائي، ويٺي ويٺي نماز پڙهندو رهيو. پاڻ چوندو هيو،
ته “اڳيان اڙانگھو سفر ٿو سجھي، خبر ناهي ته پساهن جي پڄاڻي ڪهڙيءَ ريت ٿئي؟”. “هوئَنِ
گُنَ گھَڻا، راڻا توءِ روئَندا وِئا”. اڄ اسان جي درميان، اسان جو ڏاڏو ۽ بابو
موجود ناهن. هو پنهنجو پنهنجو سفر مڪمل ڪري، ويل جِي ريل مان لهي ويا آهن ۽ هاڻي
اسان جو اسٽاپ اڳيان اچڻ وارو آهي. اي رازِ ازل! خبر ناهي ته، اسان ڪيئن؟ ڪڏهن؟ ۽ ڪٿي
لهي وڃون؟ سو ان جي لاءِ، اسان پنهنجن اڌورن اعمالن جي پُٺارڪ، پلئو ۾ ٻڌي ڇڏي آهي.
“عَدل ڪري ته ٿر ٿر ڪَنبن، اُچيان شانان والي هُو،
فضل ڪري ته بخشي جاون، مين ورگي مُنهن ڪالي هُو.
(حضرت سلطان باهُو)
(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچي ۾ اربع ۱۹ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا