; سنڌي شخصيتون: ثريا مخدوم

03 August, 2021

ثريا مخدوم

ثريا مخدوم

سندس شخصيت جا سگهارا ۽ اتساهيندڙ پاسا

حميده گهانگهرو



مان جڏهن ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندي هيس ته ادي ثريا مخدوم سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. سندس تعلق جيئي سنڌ سان هو ۽ منهنجو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هوندو هو. ادا زاهد مخدوم اسان جي تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ هو. ثريا ڪتابن جو تمام گهڻو مطالعو ڪندي هئي تنهن ڪري سندس سوچ ۾ ليفٽ موومينٽ جي هاڪاري جهلڪ به نظر ايندي هئي. انهيءَ ڪري منهنجي سٺي دوست رهي آهي.


هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته جيئي سنڌ جا سندس ساٿي گرفتار ٿيا هئا ۽ منهنجا ايس اين ايس ايف جا ساٿي گرفتار ٿيا هئا. اسانجي ساٿين جو وڪيل نور الدين سرڪي هو. سرڪي صاحب انتهائي سنجيده نظرياتي شخص هو جيڪو سياسي سماجي ماڻهن لاءِ مفت ۾ ڪيس وڙهندو هو. سندس آفيس ڪا ڏيکاءُ واري نه هئي، سندس رتبو تمام اعليٰ پائي جو هو. ثريا ۽ مان پنهنجن ساٿين جي ڪيسن لاءِ سندس وٽ وياسين. اديءَ کي چيائين ته توهانکي ٽائيپ ڪرڻ اچي ٿي، (انهيءَ زماني ۾ ڪمپيوٽر نه پر ٽائيپ رائيٽر هوندا هئا). ثريا ٽائيپ ڪرڻ لڳي ته رات ٿي وئي، رمپا پلازا سان گڏ پلازا ۾ سندس آفيس هئي، سڄي بلڊنگ جا دروازا بند ٿي ويا، اسانکي ڪاڏانهن به رستو نه مليو، ته واپس سرڪي صاحب وٽ آياسين ته ٻڌايائين هڪ خاص دروازو رڳو اسان لاءِ آهي مان توهانکي اوڏانهن وٺي هلان ٿو. اهڙي طرح اسان پلازا کان ٻاهر آياسين. پئسا پورا پنا هوندا هئا، انهيءَ ڪري بس ۾ ويهي جيڪب لائين آياسين جتي فليٽ هيس. سندس امڙ سهڻي سنڌياڻي، پاسي تي ڪٽ ۽ ڀرت ڀريل چولو ۽ سوسي جي شلوار مطلب سنڌي لباس ۾ ڏاڍي سڪ ڏيڻ واري پئي لڳي، مونکي به ڏاڍو ڀانيائين. رات گذرڻ کانپوءِ اسان پنهنجي پنهنجي ماڳن تي پهتاسين. اهو وقت جڏهن به ياد ايندو آهي ته خوب انجواءِ ڪنديون آهيون.

ثريا مخدوم رڳو هڪ عورت جو نالو ناهي پر سندس جدوجهد جا ڪيترائي پاسا ۽ قربانيءَ جا گهڻا رخ آهن. دراصل سندس سوچ ۾ سنڌيت پرستي يا کڻي چئجي ته سنڌ لاءِ اڪير جو جذبو اڄ به موجود آهي. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگريزي ڪرڻ کانپوءِ لنڊن هلي وئي پر اتي به کيس سنڌيت جو اونو رهيو. ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي بانيڪارن ۾ هڪ نالو ثريا مخدوم جو به آهي. سنڌ ۾ جڏهن به ڪي ڏکيائون آيون ته ثريا پاڻ کي ڪڏهن به پوئتي نه رکيو.

ڪافي سالن کانپوءِ منهنجي ملاقات ساڻس ۲۰۰۸ع ۾ اسٽيل ٽائون جي گهر ۾ ٿي. ادي ثريا تڏهن گلشن حديد ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ ادا خالد مخدوم جي گهر ايندي هئي. انهن ملاقات ۾ مون ڏٺو ته اڄ به سندس حوصلا اوچا ۽ چهري ۾ سونهن موجود اٿس.

سال ۲۰۱۰ ۾ سنڌ ۾ مها ٻوڏ آئي ته هن ٻوڏ متاثرن لاءِ لنڊن مان تمام گهڻو سامان گڏ ڪيو ۽ راشن لاءِ پئسا ڪٺا ڪيائين، گلشن حديد ۾ منظور ابڙي جي گهر ۾ سامان رکرايائين ۽ پوءِ پيڪينگ ڪري مختلف شهرن ڏانهن موڪلڻ لاءِ ان جا حصا ڪيائين.

سندس حوصلو هماليا جيڏو هو، پرس ۾ پئسا ايترا نه هيس جو الڳ ٽرڪ ڪرائي سامان مختلف شهرن ڏانهن پهچائي. پر هر شهر لاءِ سندس ڪم ڪرڻ ۽ ماڻهن سان رابطا ڪري، سامان بروقت پهچائڻ واري سندس ايجنڊا ڏاڍي بهترين هئي. ان ڪري گلشن حديد کان خيرپور، ناٿن شاهه ويندڙ بس ۾ ٿورا پئسا ڏئي سڄي ڇت تي سامان رکرايو. سامان تقريبن هڪ وڏي مزدا جو هو جيڪو خيرپور ناٿن شاهه، گهاري، سيتا ۽ ٻيا ڪيترا ڳوٺ جيڪي ٻوڏ دوران ٻڏي ويا هئا اتي ڏيڻو هو. مان ۽ عميز سندس ڀاڻيجو سفر جا ساٿي هياسين.

ڳوٺن ۾ سامان سوزڪين ۽ مزدائن ذريعي ورهايوسين. ڪراچي معمار جي ڀرسان ليبر اسڪوائر ۾ پڻ ڏنوسين پر ڇا ته سندس ڄاڻ هئي. ليبر اسڪوائر ۾ سرهاڻ ويلفيئر طرفان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ پائلر جي ڊائريڪٽر ڪرامت صاحب جي مدد سان ٻوڏ ستايلن لاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو ۽ انهن کي راشن ڏيڻ لاءِ ادي ثريا پهچي سامان ورهايو. اهڙي طرح ڪراچي جي ٻين ڳوٺن ڏانهن به وئي ۽ جيڪب آباد جي ويجهو ٺل ۾ به سامان ورهايو. لنڊن ۾ رهندڙ هن ڏاهي عورت سنڌ جي ٻڏل ڳوٺن ۽ شهر جي عوام وٽ پهچڻ ۾ دير نه ڪئي.

مان عوامي آواز جي ويب چينل ”سرتيون“ پروگرام ۾ ٻه ڀيرا سندس سنڌ جي مسئلن ۽ عورتن بابت انٽرويو ڪيا. هاڻي پاڪستان آئي کيس تقريبن ۳ سال ٿي ويا آهن ۽ ڀلو ڪيو ڪورونا وبا جو لنڊن وڃڻ کان کيس روڪيو ويٺي آهي. اڄڪلهه سنڌ جي هر باشعور، سياسي، سماجي، ادبي شخصيت عورت هجي يا  مرد يا مخصوص ڏينهن بابت ٽوئيٽ لکڻ جو ڏاڍو اهم ۽ يادگار سلسلو شروع ڪيو اٿائين. سندس اهو اتساهيندڙ سلسلو ساراهه جوڳو آهي.

اڄ سندس سالگرهه آهي. عمر جي ڪا حد مقرر ناهي، ڳڻپ کانسواءِ ڪي ماڻهو هميشه لاءِ سدا بهار هوندا آهن جيستائين انهن جا جذبا سدابهار رهندا. کيس اڻ ڳڻيون سالگرهه جون مبارڪون هجن، هميشه خوش رهو ادي ثريا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ثريا مخدوم

سنڌ جي هڪ غير معمولي عورت

زرار پيرزادو

¨ اڄ جي تاريخ تي”ثريا” نالي ڊڀري جي مخدوم خاندان ۾ هڪ اهڙي نياڻيءَ جنم ورتو جنهن لاءِ ان وقت ڪنهن کي به اندازو نه هو ته اُها مستقبل ۾ عورتن جي حقن، خودمختياري ۽ آزادي جو پاڻ رول ماڊل بڻجي پنهنجي تاريخ ٺاهيندي.

¨ ثريا مخدوم جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا آهن. تعليم، سياسي، سماجي ڀلائي، ادب ۽ لنڊن جي ورلڊ سنڌي ڪانگريس سندس سڃاڻپ جا وڏا حوالا رهيا آهن.

¨ سنڌيت جو جذبو سندس وٽ مارئي وارو آهي ۽ اهو جذبو ئي سندس شخصيت جي سڀني پاسن تي اڄ تائين نه رڳو حاوي آهي پر اهڙو ئي جذباتي آهي جهڙو جواني ۾هيس.

¨ ثريا مخدوم جو سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾انگريزي پڙهائڻ وارو دور، وري لنڊن وڃڻ، اتي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني ميمبر ٿيڻ وارو سفر ڪنهن ريت به معمولي ناهي. ان ۾ ثريا مخدوم جي ذاتي صلاحيتن جو وڏي واڪي اعتراف ڪرڻو پوندو.

¨ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ثريا مخدوم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا جن ۾ سال ۲۰۱۰ع واري مها ٻوڏ جي ستايلن جي يادگار سهائتا پڻ شامل آهي.

¨ ثريا مخدوم سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي ان ٽيم جي ميمبر به رهي جنهن شاخ کي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سونهري دور سمجهيو ويندو آهي.

¨ ڪجهه سالن کان ثريا مخدوم سنڌ جي شخصيتن جي سالگرهن ۽ ورسين تي فيس بڪ تي مختصر ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي پر اڄ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

¨ ثريا مخدوم کي ثريا مخدوم ڪنهن بڻايو جو هوءَ اڄ مردن جي هن بالادست سماج ۾ آزاد ۽ خودمختيار عورت ٿي زندگي گذارڻ جو مثال بڻيل آهي، تنهن جي تاريخ لکڻ گهرجي ۽ اهو ڪم ثريا مخدوم کان بهتر نموني ٻيو ڪير، ڪري به نٿو سگهي.

¨ ثريا مخدوم سنڌ جي هڪ غير معمولي عورت آهي جنهن جي آتم ڪٿا لکڻ بيحد لازمي آهي.آتم ڪٿا کي صرف ڪنهن جي ذات جي ڪٿا نه سمجهڻ گهرجي. ان ذات سان هڪڙا سياسي، سماجي، تاريخي، حڪومتي ۽ ادبي دور سلهاڙيل هوندا آهن سو ثريا مخدوم جيڪڏهن پنهنجي تاريخ لکندي ته ان سان اهي سياسي، سماجي، تاريخي، حڪومتي ۽ ادبي دور به قلمبند ٿي ويندا جيڪي پس پردا آهن.

¨ ڪي تاريخون ماڻهن سان سلهاڙيل هونديون آهن ۽ انهن سان گڏ ئي دفن ٿي وينديون آهن.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ثريا مخدوم پنهنجي ذات ۾ هڪ متحرڪ ۽ سنڌي سماج ۾ پنهنجو حصو ڏيندڙ سنڌي عورت جي تاريخ جو هڪ الڳ باب آهي جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي نه ته هيءَ به پسمنظر ۾ هلي ويندي جنهن سان متحرڪ سنڌي عورتن جي تاريخ جي هڪ ڪڙي ٽٽي ويندي جيڪا شايد پوءِ ڪڏهن به ڳنڍجي نه سگهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا