; سنڌي شخصيتون: فقير علي مراد کھاوڙ

05 August, 2021

فقير علي مراد کھاوڙ

فقير علي مراد کھاوڙ

عوامي ڪردار

آزاد گهلو



سنڌ جي سرزمين تمام وڏا شخصي ڪردار پنھنجي چيڪي مٽي جي خمير مان پيدا ڪيا آھن جنھن سرزمين سنڌ ۽ سموري انسانيت لاءِ ساھ جي آخري تند تائين  بنا ڪنھن رنگ نسل ذات پات مذھبي جنسي ۽ قوميت جي مت ڀيد جي انسانيت لاءِ اجتمائي توڙي انفرادي حيثيت ۾ ھاري مزدور  عام ماڻھن  توڙي سموري انسانيت لاءِ پنھنجون سياسي سماجي توڙي ذاتي توانايون صرف ڪري انھن وڏيرن جاگيردارن ڪامورن جي عتاب جو شڪار رھندڙ مسڪينن جي لاءِ ھر وقت عمل جي ميدان ۾ رھي لازوال جدوجهد ڪئي آھي اھڙن ئي ڪردارن منجھان سنڌ جي تاريخي شھر وارھ سان تعلق رکندڙ شير دل انسان ۽ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ فقير علي مراد کھاوڙ پڻ ھڪ آھي سندس جنم نئين سال جي آمد ۾ پهرين جنوري ۱۹۴۴ تي کھاوڙ محله وارھ ۾ ٿيو.


فقير علي مراد جنھن پنھنجي محبوب قائد ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم  ذوالفقار علي ڀُٽي جي ۵ جولائي ۱۹۷۷ واري پھرين گرفتاري دوران جڏھن کيس ڪوھ مري ۾ رکيو ويو جنھن جي لاءِ ڀٽو فوج کي معيار ڏيندي لکي پاڻ لکي ٿو ته” ڇا مان اھو اھو شخص آھيان جيڪو رات جو وزيراعظم ٿي سمھي ٿو ۽ صبح جو مجرم ٿي وڃي ٿو ” جڏھن ملڪ جي اڪثريتي پوزيشن جي حامل جماعت جي اڳواڻ کي رات جو وزيراعظم جي حيثيت ۾ ننڊ ۾ ستو ته صبح جو مجرمن جيان گرفتار ڪيو ويو ته ھن شير دل سخي انسان قائد جي غير آئيني گرفتاري جي خلاف ۽ قائد جي آزادي لاءِ احتجاجن ملڪ ۾ پھرين گرفتاري ڏني ۽ ۶ مھينن جي سزا قائد جي محبت جمھوريت جي عزت آمريت جھڙي لعنت خلاف اھا سزا ظلمتن جي پھري ۾ گذاريائين اھا سزا سندس لاءِ محبوبه جي محبت جي رومانس کان گھٽ نه ھئي،پاڻ ان کانپو۽ ۱۹۷۸ ۾ گرفتار ٿيو ۽ ڪيترن ئي مھينن جي سزا ڪٽي ٻيھر سرخرو ٿيو ۽ جڏھن شھيد ڀٽو جي غير آئيني ۽ ھڪ قابض جي چوڻ تي عدالتي قتل ٿيو ته ان کانپوءِ ھي شير دل نوڪر پاڪ بتول جي خادم جي اکڙين مان لڙڪ سانوڻ جي برسات جيان وسڪارا ڪرڻ لڳا ڀٽائي چواڻي.

سيئي جوڀن ڏينھن جڏھن سڄڻ سفر ھليا

روئان رھن نه سپرين آيل ڪريان ڪيئن

مونکي چاڙھي چيئن ويو وڻجارو اوھري.

جمھوريت جي بحالي لاءِ هلايل تحريڪ ايم آر ڊي ۾ نه صرف سنڌ پر پاڪستان مان پھرين گرفتاري ڏيندڙ ڪاري چمڪندڙ ڏاڙھي ۽ اکين ۾ زلتن جي ماريل انسانن جي ڀلائي جا خواب سجائي رکندڙ فقير علي مراد ساھ جي آخري گھڙي تائين بنا ڪنھن لوڀ لالچ جي لوچيندو رھيو ۽ ان لوچڻ ۽ سچائي ثابت قدمي عيوض کيس زندان جا دروازا ھميشه ھن فقراءَ طبيعت رکندڙ انسان جي آجيان ڪندا رھيا پر ھي شخص جيڪو جيل ۾ پنھنجي ويجھن دوستن آفتاب شعبان ميراڻي مير ھزار خان بجاراڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي پارٽي جي دوستن جي جيل ۾ اڳواڻي ڪندو رھيو ھن ڪڏھن به پنھنجي اولاد ۽ پنھنجي ذات لاءِ پارٽي اڳيان مطالبو نه ڪيو جڏھن ته بينظير ڀٽو پھريون دفعو وزيراعظم ٿي سندس ڳوٺ وارھ آئي ته ھن فقير سائين جي ڪيل جدوجھد ۽ ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪم کي نظر ۾ رکندي سندس کي ھنن لفظن سان شاندار ڀيٽا ڏيندي چيو ته مان وزيراعظم ان ڪري آھيان جو منھنجي ڀاءُ علي مراد جھڙن جيالن جي جدوجھد ئي باطل قوتن جي بت کي ڪيرائي جمھوريت کي بحال ڪيو آھي ان ڪري مان اڄ ھن مسند تي آھيان.

جڏھن محترمه کيس گھرائي چيو ته ڪجھه ته توھان به وٺو منھنجا ڀاءُ ته ھن کيس بس ايترو ئي چيو ته الله توھان کي خوش رکي بس عالمي ليول تي بي بي فاطمته الزھرا جي روزي کي ڊاھڻ واري ڪيس کي اڳيان آڻيو ۽ ان جي بحاليءَ  لاءِ قدم کڻو ٻيو مونکي ڪجهھ نٿو گھرجي ۽ کيس تجويز ڏيندي چيائين ته جابلو پٽي تي پٿر ۽ گتن جا ڪارخانا ھنيا وڃن ته جيئن جبل تي رھندڙ مھذب دنيا کان ڪٽيل ٻروچن توڙي خانه بدوشن لاءِ روزگار جا دروازا کلن ۽ جبلن جي کوٽائي ڪرائي معدنيات ھٿ ڪري سنڌ کي ترقي ڏانھن قدم وٺرايو.فقير سائين لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪئي فقير آخري ۲ پرچا جيل ۾ گرفتاري دوران ڏنا جڏھن ته پاڻ تمام سادو ۽ سادگي سان پيش ايندڙ شخص ھيو ھميشه اڇو لباس پائندڙ غم شھداءِ ڪربلا ۾ ورتل سڄي مسلم دنيا ۾ بي بي پاڪ بتول جي روزي جي ڊھڻ خلاف جيڪو ۸ شوال تي احتجاج ڪيو ٿو وڃي ان جو پڻ بنياد رکندڙ فقير علي مراد ئي ھيو جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آھي.پارٽي سڏ تي جڏھن ڪنھن احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنجاب گھرايو ويو ته تڏھن به ھي صاف دل معصوماڻي طبيعت جي مالڪ جنھن ھر ڪنھن کي پاڻ وانگر پئي سمجھيو جيڪو اتي پنجابين جي روش ۽ سازش کي سمجھي نه سگھيو ۽ اسٽاپ تي بيٺل بس وارن جنھن جلسي گاھ وڃڻ جا ھوڪا پئي ڏنا ته فقير به ساٿين سميت بس ۾ سوار ٿيو پر بس جلسي گاھ وڃڻ بدران کين اڊيالا جيل جو درشن ڪرايو جتي فقير ساٿين سميت تقريبن ۲۰ ڏينھن انھن جو مھمان ٿي دال روٽي کاڌائين .

لالچ جھڙي لعنت تي لعنت ڪندڙ ھر وقت سڀني جي ڪم ايندڙ سنگت توڙي ٻاھرين لاءِ جھڙا حال پريان نال وارو سلسلو قائم رکندڙ فقير سائين سھڻي لطيف جي ھنن سٽن جھڙو شخص ھيو ته.

نڪي کڻن پاڻ  سين نڪو ساڻن پاڻ

اھڙا جن اھڃاڻ آءُ نه جيئندي ان ري.

عبدالوحيد ڪٽپر جڏھن وزير ٿي وارھ ۾ آيو ته ھن سان اسٽيج تي سڀ وڏا ماڻھون وڏيرا سردار جاگيردار ويٺل ھيا ان جلسي دوران فقير سائين ڪٽپر کي ڪن کڻائيندي چيو ته توھان غريبن کان ووٽ ان ڪري ورتو ھيو ته وڏيرن کان جند آجي ڪرائي انھن کي نوڪري ڏئي ۽ انھن جو ڪم ڪندا جڏھن ته توسان اسٽيج تي وڏيرا ئي ويٺل آھن جڏھن ته ھي پارٽي عوام جي پارٽي آھي ھن تي وڏيرن  کان وڌيڪ عام ماڻھن جو حق آھي جنھن قربانيون ڏنيون آھن اوھان کي غريبن لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي عوامي حقن جي پاسدار عوام جي ترجمان ھن فقير کي انھن لفظن عيوض کيس جيل جي ديوارن پويان وڃڻو پيو پر فقير علي مراد پنھنجي فڪر تان ھڪ گھڙي لاءِ به غافل نه ٿيو.

مرتضيٰ جي شھادت تي وزيراعليٰ سنڌ عبدالله شاھ کان بينظير جي ھوندي استيعفيٰ جو مطالبو ڪندڙ ۽ ان صدمي ۾محترمه بينظير کي ڪنھن به اسلامي ملڪ جو سفير ٿيڻ واري آفر کي رد ڪري پنھنجي ڪردار کي اجرو رکندو آيو.ڀٽو صاحب جڏھن به وارھ ايندو ھيو ته وارھ  ۾ فقير سائين جي والد حاجي فقير غلام حيدر خان کھاوڙ وٽ ايندو ھيو ۽ بينظير صاحبه پڻ جڏھن به وارھ ايندي ھئي ته فقير علي مراد وٽ ئي ايندي ھئي. شھيد ڀٽي جي پي پي عوامي حقن جي ترجماني جي ڳالھه ڪندڙ اٽي لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻندڙ پي پي بي بي شھيد جي آسمان جي ستاري بڻجڻ کانپو۽ ھاڻي زرداري ليگ بڻجي وئي آھي جنھن کي مير پير وڏيرا ملڪ رياض جھڙا سرمائيدار ته کپن پر فقير علي مراد جھڙا بي باڪ سچار ۽ مخلص ھر گز نه کپن فقير ۱۴ جون ۲۰۱۷ تي ھي جھان ڇڏي ويو. اڄ سندس ورسيءَ  تي فقير کي سلام پيش ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۱۴ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا