; سنڌي شخصيتون: جلال الدين جمالي

07 August, 2021

جلال الدين جمالي

جلال الدين جمالي

باغي حنيف



مٽياري ويجھو بکر شھر جي ڳوٺ، شير جمالي جو ھي بزرگ جلال الدين جمالي آھي. سندس ڄمار ۱۲۲ سال آھي. سندس پٽ ۷۰ سال کان مٿي ڄمار جا آھن. سڄي عمر ۾، ڪجھ پيدل، ڪجھ جھازن ۾، ۳۳ حج ۽ ۴۳ عمرا ڪيا اٿس.

پاڻ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو شاگرد آھي. اڄ به بنا چشمي جو لکندو پڙھندو آھي. ڪنھن پڇيس؛ ”تنھنجي وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت جو راز ڇا آھي؟“

پاڻ چيائون؛ ”آئون سڄي زندگي حرام جي مال کان ائين پري رھيو آھيان، جيئن شوگر جو مريض مٺاڻ کان ڀڄندو آھي.“


پاڻ مختلف موضوعن تي چار ڪتاب لکيا اٿس ۽ سدائين ٻين جي ڪم اچڻ کي عبادت سمجھي ٿو. سندس چوڻ آھي؛ ”ماڻھن کي ستائي حرام کائي جلد قبر ۾ وڃڻ کان بھتر اٿئو انسانيت جي خدمت ڪري حلال کائي ڪائنات ۾ گھڻو وقت رھي ڪائنات جي اسرارن کي پروڙيو.“

 

(باغي حنيف جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۶ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي رکيل)


 

جلال الدين جمالي

سوا صدي ڄمار ماڻيندڙ  روحاني شخصيت جي موڪلاڻي - حرمين شريفين ۾ امامت جي سعادت پڻ حاصل ڪيائون

قاضي جاويد سنائي

سنڌ هونءَ ته صوفين، بزرگن ۽ ولين جي سرزمين رهندي اچي جيڪو ڪتابن ۾ پڙهبدا آهيون پر هن وقت به سنڌ اهڙن املھ هيرن سان ڀري پئي آهي ۽ شايد اهڙن ئي ڪردارن لاءِ چوندا آهن ته دنيا ڪن ڪاڻ پئي هلي سڪرنڊ جي اڀرندي پاسي ڳوٺ شير خان جمالي لڳ مهر علي جمالي ۾ هڪ روحاني شخصيت حضرت علامه مفتي جلال الدين جمالي ۲۴ جولائي تي ۱۲۴ سال جي ڄمار ماڻڻ بعد، صبح جو فجر نماز جي تياري کان اڳ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. کيس سوين آلين اکين سان، سنڌ جي ڪامل عورت ولي بيبي جنان سائنڻ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سندس جنازي نماز پير سائين پاڳاري جي درگاھ شريف پير جو ڳوٺ جي پيش امام علامه دوست علي سڪندري پڙهائي. جڏھن ته دعا پير عبادلله شاھ راشديءَ جن گهرائي. جنازي نماز ۾ مذهبي شخصيتن کانسواءِ سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

مفتي جلال الدين جمالي، روحانيت جي حساب سان ملڪ کانسواءِ ٻاهرين ملڪن ۾ به مشهور هئا. سندس عقيدت مند پري پري کان وٽس صرف علم سکڻ ۽ زيارت لاءِ ايندا هئا. حديث شريف جو مفهوم آهي ته؛ خوشنصيب آهي اهو شخص، جنهن جي عمر وڏي ۽ عمل چڱا هجن. (مفهوم حديث شريف) سائين جن به ان حديث جي حوالي سان سعادت ماڻي. مونکي اهو اعزاز حاصل رهيو جو سائين جن جو ڪجھ مهينا اڳ، سندن تعليمي خدمتن توڙي نجي زندگيءَ بابت، تفصيلي انٽرويو ڪيو. جيڪو روزاني عبرت جي مڊويڪ شماري ۾ شايع ٿيو. سائينءَ جي انٽرويو ۽ ساڻس ٿيل ڪچهري، ڪجھ هن ريت آهي؛

مون ڪافي وقت کان پئي سوچيو ته مفتي صاحب سان ملاقات ڪجي. پر دنياوي مصروفيتن سبب، ٽائيم نه پئي ڪڍي سگهيس. هڪ ڏينهن اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري گل محمد رند کي خيال آيو ته هن روحاني شخصيت سان ملاقات ڪجي ۽ سندس ڊگهي عمر  توڙي صحت بابت ڄاڻ حاصل ڪجي. ايئن اسان همدرد آرگنائيزيشن جو وفد، همدرد جي باني محترم گل محمد رند جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيو. فقير جلال الدين وٽ، سندس ڳوٺ پهتاسين.

ان ڏينهن جهڙالي موسم ۽ هلڪي هلڪي رم جهم، سفر جو مزو ٻيڻو ڪيو. اسان سان سفر ۾ مجيد عباسي، امير گل رند، نظير رند، غلام مصطفيٰ جلالاڻي، ڌڻي بخش مگسي، مير حسن رند، فهيم جمالي، اقبال رند ۽ ڪامل رند پڻ گڏ ھئا. جڏھن ڳوٺ مهر علي جمالي پهتاسين ته اتي ايوب جمالي، مير مظهر جمالي ۽ ڊاڪٽر اعجاز جمالي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ فقير جلال سائين سان سندس مسجد لڳ قائم هُجري ۾ ملاقات ڪرائي.

فقير صاحب سان جڏھن ڪچهري ڪئيسين ته سائين ٻڌايو ته؛ سندس ۱۲۳ سال عمر آهي. کيس ۱۰ ٻار يعني ۶ پُٽَ ۽ ۴ ڌيئرون آهن. جنهن مان الحمد لله هن وقت ۱۰۰ کان وڌيڪ پوٽا، پڙ پوٽا، ڏھٽا ۽ پڙ ڏھٽا، توڙي پوٽيون ڏھٽيون آهن. جيڪي پڻ اولادي آهن. سندس عمر درازيءَ جو راز، پاڻ پرهيزگاري ٻڌايائون. جڏھن ته صحت جو راز گهٽ ۽ ضرورت موجب خوراڪ جو استعمال ٻڌايائون.

فقير سائين اهو به ٻڌايو ته؛ هن ۳۳ حج ۽ ۴۵ عمرا پڻ ڪيا آهن.

سندس نظر چٽي ۽ ڏند به سالم آهن. اڄ به بنا چشمي جي تلاوت ۽ مطالعو ڪندو آهن.

هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته؛ هُو مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا عبدالرحيم جلالاڻيءَ جو  شاگرد  آهي. جڏھن ته دست بعيت (مريد ٿيڻ) پير حماد الله آف هاليجوي شريف سان آهي. تعليم پرائڻ بعد، پنهنجي ڳوٺ اچي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو. ڪيترا ئي، عالم ۽ حافظ، سندس شاگرد ٿيا.

فقير جلال جمالي وڌيڪ ٻڌايو ته؛ کيس ڪعبة الله شريف جي حرم مبارڪ ۾ امامت ڪرڻ جو پڻ شرف حاصل آهي. جڏھن ته ڪعبة الله جي اندر وڃڻ پڻ نصيب ٿيو آهي.

فقير جلال الدين جمالي جي فرزند مولوي ايوب جماليءَ عبرت کي ٻڌايو ته؛ ڪجھ سال اڳ، قاهره ۾ اسلامي ڪانفرنس ٿي. جنهنجي صدارت لاءِ فقير سائين کي چيو ويو. پر بابا سائين ضعيف العمريءَ سبب سفر نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي، ساڻن معذرت ڪئي.

ڪچهريءَ دوران، جناب گل محمد رند ۽ ساڻس آيل وفد، مولانا جلال الدين جمالي کان دعا پڻ ڪرائي. جمعي نماز ادا ڪرڻ بعد موڪلايوسين. بهرحال اهڙيون روحاني شخصيتون، اسان لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هونديون آهن.

آخر ۾ دعا آهي ته پاڪ پروردگار جلشانه، کين جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾  ۲۵ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

جلال الدين جمالي

سڪرنڊ جي سوا صدي عمر رکندڙ بزرگ شخصيت - سوا صدي دؤر جي پڄاڻي

جاويد علي سومرو

ضلعي نوابشاھ تعلقه سڪرنڊ جي ڳوٺ شير خان جماليءَ سان تعلق رکندڙ بزرگ شخصيت علامه مولانا مفتي جلال الدين جمالي ۱۲۳ سالن جي ڄمار ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آھي. سائين جن جي نماز جنازه اڄ صبح جو ۱۰ بجي ڳوٺ شير خان جمالي ۾ ادا ڪئي ويندي.

سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ شير خان جمالي ۾ بزرگ ھستي ۽ ۱۲۳ ورھين جي ڄمار رکندڙ، سائين الحاج جلال الدين جمالي صاحب سان گذريل سال ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سائين جن پنهنجي زندگيءَ جون ياديون ونڊيون.

سائين جن پاڻ ڳوٺ شير خان جمالي ۾ ڄاوا. ديني تعليم سعيدآباد شھر لڳ ڳوٺ پير جنھڊي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. سندن استادن ۾ شامل، سنڌ جون نامور شخصيتون آھن. سائين مولانا عبيد الله سنڌي، سائين تاج محمود امروٽي صاحب ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن کان پڻ ديني تعليم حاصل ڪئي.

سائين جن پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ۲۱ حج مبارڪ ۽ ۴۵ عمرن جي سعات حاصل ڪئي آھي.

سائين ٻڌايو ته؛ جڏھن پاڻ پھريون دفعو مڪي پاڪ ويا ھئا ته اتي لائيٽ نه ھئي. ڏيا وغيره ھئا. پاڻ بحري جھاز ذريعي سفر ڪيائون. پاڻ آخري دفعو ۲۰۱۴ع ۾ مڪي پاڪ ويا.

سائين جن اڄ  به پاڻ بغير چشمي جي قرآن شريف پڙھندا ھئا ۽ پاڻ پنهنجن ھٿن سان ماڻهن کي دعائون لکي ڏيندا ھئا. ھي بزرگ ھستي اڄ جي نوجوانن لاء ھڪ اتساھيندڙ ڪردار ھُو ۽ اسان سڪرنڊ واسين جي سونھن ھئا. سائينءَ سان ملاقات ڪري، ڏاڍي سرھائي ٿيندي ھُئي. پر افسوس اڄ سائين اسان کي ڇڏي ويا آھن.

 

(جاويد علي سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا