; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فرخ ملڪ

03 August, 2021

ڊاڪٽر فرخ ملڪ

ڊاڪٽر فرخ ملڪ

پوليس ۽ ادب

رفيعہ ملاح



اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي گهڻائي پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن کي سخت دل سمجهندي آهي. پوليس وارن جي نوڪري جي نوعيت کي ذهن ۾ رکندي ماڻهن جي ان مشاهدي کي ڪنهن حد تائين صحيح به تسليم ڪري سگهجي ٿو پر پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. اهو چوندي وڌاءُ به ڪونه ٿيندو ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پوليس جي ملازمت ۾ اهڙا انيڪ ملازم ڏٺا جن ۾ انسانيت، همدردي ۽ انسانيت جي لاءِ لامحدود عزت هئي. هڪ تاثر اهو به آهي ته ڇاڪاڻ جو پوليس وارا سخت مزاج هوندا آهن، ان ڪري اهي فنون لطيفه ۽ لکڻ پڙهڻ واري عمل کان ڪوهين ڏور هوندا آهن. اهو تاثر به غلط آهي ۽ ها پوليس وارن جي سيني ۾ هڪ عام انسان وانگر دل به هوندي آهي.منهنجي هٿن ۾ جڏهن ادا فرخ ملڪ جو گارسيا مارڪيز جو ترجمو ڪيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” آيو ته مان ڪافي حد تائين حيران ٿي ويس. هڪ ته هڪ پوليس آفيسر جي ملازمت اهڙي نوعيت جي هوندي آهي جو هو چاهيندي به تخليقي عمل لاءِ وقت نه بچا ئي سگهندو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن وقت ملي به وڃي ٿو ته ان جي لاءِ ادبي ذوق ۽ قابليت هجڻ گهرجي. ان ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ مونکي پختو يقين ٿي ويو ته فرخ ملڪ ۾ اهي ٻئي گڻ آهن. هونئن به پوليس وارن جي ادب کان ڪوهين ڏور رهڻ واري تاثر کي پاسائتو ڪرڻ لاءِ مون بين القوامي سطح تي معمولي قسم جي کوجنا ڪئي. ان مان مونکي ڏاڍي ڪارآمد معلومات ملي. مونکي اهو ڄاڻي لامحدود خوشي ٿي ته بين الاقوامي سطح تي پوليس وارا بهترين قسم جا ناول نگار رهيا آهن.منهنجي هڪ لکڻيءَ تي نظر پئي جنهن مان خبر پئي ته بين الاقوامي سطح تي چڱي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ناول لکيا. جن ۾ ڪجهه نالا ڊورٿي يوناڪ، جيمبس بائرن هگس، جوسف وامباغ ۽ جاهن ايم ولز آهن. ڊورٿي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جا ناول هن جي تجربي جي بنياد تي آهن. بائرن هگس جي لاءِ پڻ چيو ٿو وڃي هو پوليس فورس جو بهترين ناول نگار آهي. جوسف وامباغ جي لاءِ وري مشهور آهي ته هو پوليس سان لاڳاپيل جديد ناول جو ابو آهي. هن کي ڪافي انعام اڪرام به سٺا ناول لکڻ تي مليا. سو مون ڳالهه پئي ڪئي فرخ ملڪ جي ترجمو ٿيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” ۽ فرخ ملڪ جي پنهنجي باري ۾، ادا فرخ ملڪ نرم دل رکندڙ سلجهيل ۽ سٻاجهڙو پوليس آفيسر آهي. 


فرخ ملڪ سن ۱۹۸۲ع ۾ خيرپور ميرس شهر جي هڪ علمي ۽ ادبي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏي مرحومه آپا خيرالنساءَ ملڪ نامياري تعليمدان هئي جنهن نياڻين جي تعليم ۽ تربيت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان علاوه فرخ ملڪ جو چاچو مختيارملڪ ناليوارو شاعر ۽ براڊڪاسٽر آهي. جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو.فرخ ملڪ ابتدائي تعليم خيرپور جي عطيه هائير سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪئي. گهر جي علمي ادبي ماحول ڪري شروع کان ئي فرخ ملڪ جو لاڙو ادب ڏانهن رهيو ۽ کيس سندس چاچي مختيار ملڪ گهڻو متاثر ڪيو. گڏوگڏ تنوير عباسي جي خاندان سان ويجهڙائي هجڻ ڪري تنوير عباسي پڻ سندس ادبي آبياري ڪندو رهيو. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ دوران فرخ ملڪ لاڙڪانينس لٽريري سرڪل نالي ادبي تنظيم پڻ جوڙي جنهن جو پيٽرن ان چيف ڊاڪٽر تنوير عباسي هو. فرخ ملڪ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ هائوس ميگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تعليم دوران ئي فرخ ملڪ جي “نرواڻ” نالي لکيل پهرين ڪهاڻي معروف ادبي رسالي سوجهري ۾ تاج بلوچ ڇاپي. ڪيڊٽ ڪاليج کان پوءِ فرخ ملڪ جي داخلا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي. 

فرخ ملڪ چانڊڪا ميڊيڪل ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ فرخ ملڪ ادبي لڏي جو روح روان رهيو ۽ اتان “وک” نالي ادبي پرچو به ڇپرائي پڌرو ڪندو رهيو. فرخ ملڪ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان سن ۲۰۰۶ع ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ ان کان پوءِ سن ۲۰۰۷ع ۾ سي ايس ايس ۾ امتحان پاس ڪري پوليس سروس آف پاڪستان جو حصو بڻيو. پوليس ۾ اچڻ کانپوءِ به فرخ ملڪ علم ۾ ادب سان ناتو قائم رکيو ۽ ۲۰۱۷ع ۾ جڳ مشهور اداري ڪنگز ڪاليج لنڊن مان پبلڪ پاليسي اينڊ مينيجمنٽ ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائين.فرخ ملڪ پنجاب ۽ سنڌ ۾ پوليس جو حصو رهيو جنهن ۾ پڻ نيڪ نامي ڪمايائين. پنجاب ۾ هو لاهور ۾ ايس ايس پي ۽ ايس پي رهيو ۽ فيصل آباد ۾ ايس ايس پي جي عهدي تي رهيو. سنڌ ۾ فرخ ملڪ ڏيڍ سال ايس ايس پي دادو جي عهدي تي رهيو ۽ اڄڪلهه ڪراچي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن سٽي طور خدمت ۾ مصروف آهي. گارسيا مارڪيز کي ترجمو ڪرڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. ادب ۾ دلچسپي رکندڙ اعليٰ پائي جي دوستن جو چوڻ آهي ته ترجمو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم اعليٰ پائي جي ليکڪ کي ترجمو ڪرڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو چڱا ڀلا ليکاري ترجمو ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. فرخ ملڪ نه صرف مارڪيز جو ترجمو ڪيو آهي پر هن پنهنجو سؤ سيڪڙو رت ست ڏئي گارسيا مارڪيز سان انصاف ڪيو آهي. گارسيا مارڪيز جو هي ناول سندس زندگي جو آخري ناول هئو جنهن جو فرخ ملڪ لاجواب ۽ بهترين ترجمو ڪيو آهي.

فرخ ملڪ جو ترجمو ٿيل گارسيا مارڪيز جي ناول جو نالو ئي ناول جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ڇڏي ۽ ان کانپوءِ گهڻي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي رهي. هي ناول اسان کي سڌو سدا سهاڳڻين، انهن جي زندگي ۽ انهن جي ماضي، حال ۽ مستقبل ڏي کڻي وڃي ٿو. هي ناول اسانکي سدا سهاڳڻين مان ڊگهي عرصي تائين لطف اندوز ٿيندڙ ڪردارن مان هڪ ڪردار جي باري ۾ ڏاڍو گهرائي سان ٻڌائي ٿو. ناول اسانکي ان جهور پوڙهي جي جنسي زندگي ۽ خواهش جي باري ۾ ڏاڍو تفصيل سان ٻڌائي ٿو. هي ناول پوڙهائپ جي باوجود پوڙهائپ ۽ ڪمزوري کي ويجهو نه اچڻ ۽ دل جي جوان هجڻ وارن جهور پوڙهن جي باري ۾ مڪمل معلومات فراهم ڪري ٿو. سدا سهاڳڻيون ۽ پوڙهائپ جي باوجود پاڻ کي جواڻ جماڻ سمجهندڙ پوڙهن تي بين الاقوامي طور تي لاتعداد ۽ ادب تخليق ڪيو ويو آهي. پر هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو هڪ بهترين ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ ادا فرخ به ڪتاب سان سئو سيڪڙو انصاف ڪيو آهي، هن ڪتاب جي نالي جي سرجڻ کان وٺي ترجمي ۾ به مترجم پنهنجي سؤ سيڪڙو قابليت جو استعمال ڪيو آهي.اسان وٽ ڪجهه معاشرتي پابندين جي ڪري انهن موضوعن کي پاسيرو رکيو وڃي ٿو ۽ انهن تي بنهه گهٽ لکيو وڃي ٿو. جنهن ڪري معاشري ۾موجود اهڙن ناسورن، براين ۽ روين کي وائکو ڪرڻ جا موقعا هٿ وٺي ضايع ڪيا وڃن ٿا. فرخ ملڪ پنهنجي ملازمتي مشغولين جي باوجود سنڌي ادب کي هڪ بهترين تحفو ترجمي جي صورت ۾ ڏنو آهي. هي ناول ترقي پسند ۽ بالغ ذهنيت رکندڙ ادب دوست ماڻهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي فرخ ملڪ جي قابليت، ترجمي جي پختگي، لفظن جي روانگي ۽ هن جي ترجمي جي مخصوص انداز ناول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. هي ناول هر عمر جي ماڻهوءَ جي لائبريري لاءِ انتهائي ضروري آهي.مون فرخ ملڪ جي ان ڪاوش تي جامع تبصرو لکڻ پئي چاهيو پر وقت جي کوٽ سبب مان پنهنجي ان خواهش کي عملي جامو پارائي نه سگهيس. بھرحال فرخ ملڪ هڪ بهترين ليکڪ جي لاجواب ناول جو من موهيندڙ ترجمو ڪرڻ تي کيرون لهڻي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر فرخ ملڪ

املهه انسان - سلسلو ۲۸ هون

حفيظ چانڊيو

هن جو جنم توڙي جو هڪ ادبي ماحول ۾ ٿيو، جتي اڳ ۾ ئي ڪتابن سان ڳالهيون ٿينديون هيون، هُن به پنهنجو پاڻ کي ادب سان سلهاڙيو، البته هڪ اهڙي شعبي جي چونڊ ڪئي، جنهن شعبي تي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي آڱريون اُڀيون هونديون آهن. پر هُن ان اداري ۾ اچڻ ۽ شعبي کي تبديل ڪرڻ پنهنجي لاءِ چئلينج سمجهيو. ڪيڊٽ ڪاليج مان پڙهي نڪتل نوجوان ڊاڪٽري واري پاسي هليو ويو، پر سندس اُتي به نه اٽڪي، ايم بي بي ايس ڪرڻ باجود هُن هڪ اهڙي منزل پئي تلاشي، جتي سندس رشتو عام ماڻهو سان هجي، سندن دردن سان هجي. هُن محنت ڪري سي ايس ايس جهڙو ڏکيو امتحان پاس ڪري ورتو، جنهن لاءِ سندس والدين جي اکين ۾ خواب ٽانڪيل  هئا، انهن خوابن جي ساڀيا هڪ "پوليس آفيسر" جي روپ ۾ ٿي، جنهن کي اسان سڀ فرخ ملڪ جي نالي سان سڏيون ٿا.

ڊاڪٽر فرخ ملڪ جو شمار سنڌ جي چند بهادر ۽ ايماندار آفيسرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي وردي جي مان ۽ مرياده رکڻ لاءِ جان جي قرباني کان به ناهي ڪيٻايو، عوام جي امن، سندن تحفظ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪندڙ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي آفيسر هوندا آهن، باقي ته ڪرسي ملڻ کان پوءِ پاڻ عام ماڻهن جي دلين ۾ رهڻ بجاءِ ٿڌن ڪمرن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن.

مختلف ضلعن جي ايس پي رهندڙ ڊاڪٽر فرخ ملڪ جو جنم ۱۹۸۲ع ڌاري خيرپور ميرس جي تاريخي شهر جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس چاچو مختيار ملڪ سنڌي ادب جو برک اديب ۽ نامور براڊ ڪاسٽر آهي، جو تمام وڏو نالو آهي، فرخ جو والد محترم پوليس کاتي جو رٽائرڊ آفيسر آهي.

فرخ پرائمري تعليم خيرپور مان، سيڪنڊري تعليم ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان ايم بي بي ايس ڪيائين. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردي واري زماني ۾ اُتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو بنياد رکيائين.

ڊاڪٽر فرخ ملڪ پاڻ به سٺو ليکڪ، ترجمي نگار آهي. ڪيڊٽ ڪاليج جي زماني ڪهاڻي ”نرواڻ“ نالي سان لکي، لکڻ جي شروعات ڪيائين. ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر پڻ هو،  چانڊڪا ڪاليج ۾ پڙهائي دوران فرخ ملڪ سچل ايف ايم ۱۰۵ جوائن ڪيو، مختلف پروگرام ڪري ٻُڌندڙن جي هڪ نئين کيپ تيار ڪيائين، هزارين لسنر سندس پروگرام جو انتظار ڪندا هئا.

ڊاڪٽر فرخ ملڪ ڊاڪٽري جي ڊگري ملڻ بعد  سي ايس ايس جو امتحان ڏئي پوليس  آفيسر بڻيو. پوليس ۾ وڃڻ بعد به هن جي ادبي ذوق ۾ ڪا ڪمي نه آئي. مسلسل محنت ڪندڙ هن نوجوان پوليس محڪمي ۾ رهي ادب لاءِ پتوڙيو ۽ ۲۰۱۷ع ۾ دنيا جي مڃيل اداري "ڪنگز ڪاليج لنڊن“ مان پبلڪ پاليسي اينڊ مينيجمنٽ ۾ ايم ايس سي جھڙي ڊگري پڻ هن نوجوان جي حصي ۾ آئي.

فرخ ملڪ ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد پنج سال پنجاب ۽ بعد ۾ استاد بخاريءَ جي آبائي شهر دادو ۾ ايس ايس پي طور فرضن جي ادائيگي ڪئي. هو روايتي پوليس آفيسر کان هٽي ڪري جتي به رهيو آهي، پنهنجي قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي رهيو آهي. بنا ڪنهن سفارش هُو عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو رهيو آهي، ڪرپٽ ۽ ڏوهارين سان ڳٽ جوڙ پوليس وارن لاءِ پويون ڏينهن رهيو آهي. هُو هينئر ڪراچي جي شهر ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن سٽي طور پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي.

1 comment: