; سنڌي شخصيتون: ياسر قاضي

04 August, 2021

ياسر قاضي

ياسر قاضي

گهڻ رُخي شخصيت

طارق عزيز شيخ



سنڌ ۾ نهايت گهٽ اهڙا ماڻهو هوندا جن کي ”گهڻ رُخي شخصيت“ چئجي ٿو. ياسر قاضي انهن مان هڪ آهي، جيڪو ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو  ناميارو ميزبان، شاعر، محقق، ڪالم نويس، مضمون نگار، مصور، گلوڪار، خطاط، آرٽ ڊزائينر ۽ ريڊيو پروڊيوسر آهي.

ياسر قاضي ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ رهيو آهي. ھو سنڌ جي علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو. نامياري شاعر ۽ عالم مقصود گل جي گھر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۷۹ع تي جنم ورتائين.


ياسر قاضيء جي گھر ۾ شاعراڻو ماحول ھجڻ ڪري مٿس سڀ کان وڌيڪ شاعريءَ جو اثر پيو. ھا ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪرڻ لڳي ويو ھو، وزن بحر سميت فني گھاڙيٽا کيس سمجھ ۾ اچي ويا ھئا. سنڌ جي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجي رھي ھئي پر سندس پهريون ڪتاب ٻاراڻي شاعري جو ۲۰۱۲ع ۾ ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ شايع ٿيو، جنهن کي سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ پڻ مليو. ٻيو ڪتاب ”اُٺ ماما گوگڙو“ ۲۰۱۴ع ۾ ٻارڙن جي شاعريءَ جو شايع ٿيو جنهن کي پڻ سال جي بهترين ڪتاب طور ايوارڊ مليو. مٿيان ٻئي ايوارڊ ٻاراڻي شاعريءَ جي زمري ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڏنا ويا.

ياسر قاضي جو ٽيون ڪتاب ”گل ڇنو گرنا جو“، ۲۰۱۵ع ۾ شايع ٿيو جيڪو سندس والد، سنڌ جي نامياري شاعر ۽ دانشور مقصود گل جي وڇوڙي جي ياد ۾ اديبن ۽ شاعرن جي تعزيتي پيغامن ۽ يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب آهي.

هن جو چوٿون ڪتاب ”لولو ڏنم ڪانوَ کي“ ٻاراڻي شاعريءَ تي چيل ڪلام آهي جيڪو ۲۰۱۷ع ۾ شايع ٿيو. ياسر جو پنجون ڪتاب ”جيون بحر شهباز جو“ سال ۲۰۱۸ع ۾ ثقافت کاتي ڇپايو جيڪو سنڌ جي برزگ درويش شهباز قلندر جي سوانح کي منظوم انداز ۾ بيان ڪيو اٿس.

ياسر قاضي ٻاراڻي شاعري تمام سهڻي انداز سان چوي ٿو. هن جي ڪلام جي ڪاميابيءَ سبب کيس سال جو بهترين شاعر قرار ڏنو ويندو آهي. هن جي شاعريءَ جي خوبيءَ هيءَ آهي ته ٻالڪپڻي جي سوچ کي حقيقي ۽ دلچسپي وارو  بڻايو اٿس جيئن هڪ نظم ”اسڪول جو گهنڊو“ ۾ چوي ٿو:

ٽن ٽن ٽن ٽن......... گهنڊو وڄي ٿو،

هوريان هوريان پير کڄي ٿو،

ليٽ ٿيڻ جي ڀَوَ کان ليڪن،

هر ڪو جهٽ اسڪول پڄي ٿو.

ٻاراڻي شاعري سرجڻ ڏکيو ڪم آهي پر ڪنهن ڪنهن کي اهو ڏانءُ اچي ٿو. سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ دلچسپ  شاعري ٻار پنهنجي ابتدائي تعليم دوران پڙهي ڇڏيندا آهن پر وقت گذرڻ بعد به ڊگهي عرصي تائين اهي ٻاراڻي وهيءَ وارا بيت ۽ نظم چٽيءَ طرح ياد رهندا آهن. ياسر قاضي جي شاعريءَ ۾ اهڙو مزو ملي ٿو جيئن مثال طور:

ڪونجن ڊم ڊم دُهل وڄايو،

هنج خوشيءَ مان نچندو آيو،

پکين سارو جهنگ سجايو،

ڪوئل مٺڙو گيت ٻڌايو،

جهرڪي سهڻو ڪارڊ ڇپايو،

گونجي ڪاڄ، منادي آهي،

مور ۽ ڊيل جي شادي آهي.

هن جا اهڙا ڪيترا ئي نظم ۽ گيت آهن جن ۾ نه فقط دلچسپيءَ جي ڳالهه آهي پر ان سان گڏ ڄاڻ پڻ ملي ٿي جيئن شهرن جا پراڻا نالا، هيليڪاپٽر، بجلي، ڪينگرو، سوادي سنڌ، تلور، اينيمل پلانٽ، عالمي گرميءَ ۾ واڌ، شاهه جو رسالو ۽ منهنجو پسنديده سبجيڪٽ جهڙن عنوانن هيٺ ڪيل شاعري شامل آهي.

ياسر قاضي خوبصورت آواز رکڻ سان خوبصورت ادائگي وارو ميزبان آهي. هو جڏهن اسٽيج سڀناليندو آهي ته هزارن جا مجموعا سندس لفظن جي جادو ۾ جڪڙجي وڃن ٿا. محلفن کي جيئارڻ جو کيس وڏن ڏانءُ آهي. ساڳئي وقت هن جا ٽي وي تي ڪيل پروگرام به اوترائي ڪامياب وڃن ٿا. هن موسيقي، ادب، مذهب ۽ حالات حاضره جا پروگرام مختلف ٽي وي چئنلن تي ڪيا آهن.

ياسر قاضي ريڊيو تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پروگرام ڪيا آهن. هن براهه راست ۽ رڪارڊ پروگرام ڪيا آهن. جيڪي مختلف نوعيت جي نشريات ۾ هلندا رهن ٿا.

ياسر قاضي نوي جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغازڪيو. هو ڪجهه عرصي ۾ ئي مقبول ٿي ويو. سندس مقبوليت جو راز گهڻ مطالعاتي هئڻ آهي. هن کي سنڌي، اردو ۽ فارسي شاعري بي انداز ياد آهي. وقت ۽ مناسبت سان شاعريءَ جو استعمال ڪندو آهي.

ياسر قاضي سنڌي اخبارن ۾ زماني ۽ حالتن پٽاندر شاعري ڪندو رهندو آهي. هن جا قطعا عوامي آواز سميت ڪيترين ئي اخبارن ۾شايع ٿيندا رهن ٿا. ياسر قاضي اردو اخبار ”نواءِ وقت“، ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي جڏهن ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ هن جا مضمون ڇپجندا رهن ٿا. هُو ”عوامي آواز“ ۽ ٻين اخبارن  ۾ سب ايڊيٽر طور ذميواريون پڻ نڀائي چُڪو آهي.

ياسر قاضي بحيثيت محقق وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هن شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفيسر طور تحقيقي پورهيو پڻ ڪيو.

ياسر قاضي ريڊيو، ٽي وي ۽ ادب جا ڪيترا ئي ايوارڊ ماڻيا پر سڀ کان وڏو اعزاز کيس ”لطيف ايوارڊ ۲۰۱۷“ مليو آهي. ھن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران ۲۰۱۸ع ۾  ٻارن جي ٽئين ڪتاب ”لولو ڏنم ڪانوَ کي“ سال جو ٻارن جو بهترين ڪتاب قرار ڏيڻ تي مليو. کيس انجمنِ ترقي پسند مصنفين ايوارڊ ـ ۲۰۱۹ع،  لال شهباز قلندر جي منظُوم سوانح  "جيون بحر شهباز جو” کي سال جو بهترين سوانحي ڪتاب قرار ڏيڻ تي مليو.

 

 

(عوامي آواز ۱۷ جنوري ۲۰۱۰ع ۾ ڇپيل)


ياسر قاضي

ريڊيو، ٽي وي جو ڪمپيئر ۽ شاعر - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا

ساجد رند

ياسرقاضي ۱۷ جنوريءَ ۱۹۷۹ع  تي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، نامياري شاعر مقصُودگُل جي گهر ۾، جنم ورتو.

پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم رتيديري مان ۽ مئٽرڪ ۱۹۹۳ع ۾ پبلڪ اسڪُول ميرپُورخاص مان ۽ انٽر (پري انجنيئرنگ) ۾ امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ”رول آف آنر گولڊ ميڊل“ حاصل ڪيو،  جنهن بعد ۱۹۹۶ع ۾، مهراڻ يُونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه ۾ پڙھيو، وري ۲۰۰۱ع ۾ قائدِ عوام انجنيئرنگ يُونيورسٽي نوابشاهه مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجُوئيشن ڪري، شاهه عبداللطيف يُونيورسٽي خيرپُور مان سنڌي ادب ۾ ايم اي (فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن) ۾ مڪمل ڪري ”وائيس چانسيلرس گولڊ ميڊل“ ماڻيو ۽  ۲۰۱۰ع ۾ نيشنل يُونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز ڪراچيءَ مان اردُو ادب ۾ ايم اي ڪري، پوءِ ۽ وفاقي اردُو يُونيورسٽي ڪراچيءَ مان سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي. ڪيائون، جڏهن تہ صحافت ۾ شوق سبب ۲۰۱۴ع ۾ امريڪا جي رياست ”هوائِي“ جي يُونيورسٽي آف هوائِي ۾ قائم ”ايسٽ ويسٽ سينٽر“ ۽ امريڪي رياست ”مِزُورِي“ جي شهر ڪولمبيا ۾ قائم ”يُونيورسٽي آف ڪولمبيا“ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڊگري حاصل ڪئي.

پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪراچي يُونيورسٽِيءَ جي  شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ ٻه سال ريسرچ آفيسر،ٻه سال وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار، ۲۰۰۷ع تائين وفاقي سرڪار جي ثقافتي ادارَي، پاڪستان نيشنل ڪائُونسل آف دي آرٽس (پِي اين سِي اي) ۾  پروگرام ايگزيڪٽو، ڊائريڪٽر ۽ ۲۰۱۲ع کان ۲۰۱۳ع تائين شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو انسٽيٽيُوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (SZABIST)“ ڪراچيءَ ۾ اُستاد ۽ مُحقق جي حيثيت سان وابسته رهيو.

ياسرقاضِيءَ صحافت جو آغاز ۲۰۰۲ع ۾ ڪيو، پاڻ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج، روزاني ”عوامي آواز“ جي ايڊيٽوريل صفحي ۽ انگريزي رسالي ”انڊس“ سان خاص رپورٽر طور وابسته رھيو، جڏهن تہ ٽماهي ريسرچ جرنل ”ڪلاچي“ جي سب ايڊيٽر به رھيو.  

ياسرقاضِيءَ ڪمپيئر طور، پهريون ريڊيو پروگرام ”رُوح رهاڻ“ ڪيو، جڏهن تہ ھاڻي مارچ ۲۰۱۳ع کان ايف ايم ريڊيو نيٽورڪ، هاٽ ايف ايم ۱۰۵ تي ”نيشنل پروگرام مينيجر“ طور پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي.

ياسر قاضِي کي ”بهترين ڪمپئر“ طور ”ڪي ٽِي اين ايوارڊ“  ”پِي ٽِي وِي ايوارڊ“، ”لطيف ايوارڊ“ ۽ ”شهباز ايوارڊ“ سان نوازيو ويو آهي.

ياسر قاضيءَ طرفان ٻارن لاءِ لکيل ٽنهي ڪتابن کي ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد “ پاران ۽ هڪ ڪتاب کي ”انسٽيٽيُوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري“ پاران سال جي بهترين ٻارن جي ڪتاب جا ايوارڊ ملي چڪا آھن.

ياسر قاضي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن.

۱.سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڊڪشنري (تحقيق)

۲.ٻيڙِيءَ ۾ چنڊ (ٻاراڻي شاعري)

۳.اُٺ ماما گوگڙُو (ٻاراڻي شاعري)

۴.گُل ڇنو گِرنار جو (مقصُود گل بابت ڪالم ۽ تعزيتي تاثرات)

۵.جيون بحر شهباز جو (شهباز قلندر رحه سوانح)

۶.لولو ڏنم ڪانوَ کي (ٻاراڻي شاعري)


ياسر قاضي

گھڻ صلاحيتو شخص

طارق عزيز شيخ

جيڪي ماڻهو ھڪ ئي وقت ۾ گھڻ رخيُون صلاحيتون رکندڙ ھجن. ۾ ياسر قاضيءَ کي به بجا طور تي ڳڻيو وڃي ٿو، جيڪو ھڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو بھترين ڪمپيئر، براڊڪاسٽر، شاعر ۽ ليکڪ آهي. ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مڃيل ميزبان توڙي پيشڪار آهي. علمي، ادبي، موسيقيءَ، حالات حاضره، ثقافت ۽ سياست جا لاتعداد پروگرام ريڊيي، ٽي ويءَ توڙي اسٽيج تان پيش ڪندو رھيو آھي. اڪثر ڏيھي توڙي پرڏيهي ثقافتي پروگرامن ۾، سنڌي ثقافت جو نمائندو بڻائي موڪليو ويندو آھي.

ياسر قاضيءَ جي ميزباني جو انداز، حاضرين ۽ ناظرين لاءِ انھيءَ ڪري وڻندڙ آهي جو، ھو سڌو سنئون مخاطب ھوندو آھي. بي تڪلفاڻو رھندو آھي، اھوئي سبب آھي جي ھزارن جي ميڙ وارن پروگرامن ۾ ماڻھن کي پنھنجو لڳندو آهي. دنيا ۾ اھوئي ميزبان اڄ تائين ڪامياب رھيو آھي، جنھن وٽ ڄاڻ جو خزانو ۽ لفظن جو ذخيرو ھجي. ياسر وٽ اھا خوبي بڪثرت ملي ٿي.

ياسر قاضيءَ شاعريءَ ۾ به پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي. اھا ڏات کيس ورثي ۾ ملي آھي. ھن جو تعلق جنھن علمي ادبي خاندان سان آهي، ان خاندان ڊگھي زماني کان سٺا شاعر، اديب ۽ استاد سنڌي ادب کي ڏنا آهن. سندس ڏاڏو قاضي عبدالحيُّ "قائل” پنھنجي وقت جو شاندار شاعر گذريو آهي.

ياسر قاضيءَ جو والد مقصود گل، سنڌي شاعريءَ جي ھر صنف جو قادرالڪلام شاعر ھو،  جيڪو ۲۰۱۵ع اسان کان وڇڙيو آهي.

ياسر قاضي ٻاراڻي وھيءَ کان وٺي شاعري ڪرڻ لڳو ھو. مقصود گل جھڙو شاندار شاعر جڏھن پٽ کي، پنهنجن دوستن جيان صحبت ۾ رکي، تربيت ڪندو ته ظاهر آهي اھو نکري، نسري، ياسر قاضي ئي بڻجندو. ياسر ۷ ڪتابن جو مصنف آهي، جنهن مان گهڻا تڻا ڪتاب سندس ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ تي ٻڌل آهن. ياسر قاضي ٻاراڻي شاعري نھايت سھڻي انداز ۾ ڪندو آهي. اھوئي سبب آھي جو ھن کي ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“، ”اٺ ماما گوگڙو“ ۽ ”لولو ڏنم ڪانو کي“ جھڙن سندس مجموعن تي اهم ادارن پاران ايوارڊ مليا آهن. ھن جي ٻاراڻي شاعري جو نمونو نرالو ۽ ٻارن جي ڏانءَ وٽان آهي،

ياسر قاضي، حالاتِ حاضره پٽاندڙ ۲۰۱۲ع کان سنڌ جي مخلتف اخبارن ۾ روزانو قطعا لکندو آهي. جيڪا ڪرت سندس والد جي شمع کي روشن رکڻ جي ڪوشش پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته مقصود گل صاحب به ڪئين سال روزاني ”عوامي آواز“ اخبار ۾ لڳاتار روزانو چؤسٽو لکندو رهيو. والد جي وفات کانپوءِ ۲۰۱۷ع کان وٺي اهو علم ياسر سنڀاليو آهي ۽ هاڻي ”عوامي آواز“ ۾ سندس لکيل چؤسٽو، بنا وٿيءَ جي روزانو شايع ٿيندو رھي ٿو. سندس اهي قطعا طنزيه، مزاحيه، سنجيده، رنجيده ته ڪڏهن ڪڏهن ذو معنيٰ به ھوندا آھن، جن ۾ معاشري جي براين جي بيباڪ نموني سان نشاندهي ٿيل هوندي آهن. جيئن تازو بلوچستان جي شهر ‘مڇ’ ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ هزاره برادريءَ سان تعلق رکندڙ ۱۱ پورهيتن کي قتل ڪرڻ واري دل ڏاريندڙ واقعي ۽ ان تي حڪومتي بيحسيءَ بابت لکيل سندس ھيءُ قطعو:

جيئن ’مڇَّ‘ ۾ پورهيتن جو خُون ٿيو،

ايترو سستو اڳي آدم نه هو

راڄ ۽ رياست جي راکن کانسواء،

هانءَ ڪهڙي ۾ مَتو ماتم نه هو!

ياسر قاضي، نثر نويس طور پڻ قلمي پورهيو ڪندو رھيو آھي. ھن شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ جي نامياري محققه، ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ٻن سالن تائين تحقيقي ڪم انجام ڏنو ۽ ۱۰ ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت جي سهيڙ ۾ پنهنجو تحقيقي حصو ڳنڍيو. ان کان سواءِ ھو ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نويس پڻ آهي. سندس ٻه ڪتاب "گل ڇنو گرنار جو” ۽ "جيون بحر شھباز جو” پڻ شايع ٿيل آهن. هو ”هم سب“ نالي هڪ اردو ويب لاگ ۾ پڻ ٻن سالن کان هفتيوار بلاگ لکندو رهي ٿو، جنهن جا موضوع گهڻو ڪري سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ شخصيتن سان لاڳاپيل هوندا آهن، يعني هن سنڌ جي خوشبُو کي اردو پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو اهم ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن کي هو خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏيندو رهي ٿو.

ياسر قاضي اڄڪلهه ته گهڻو وقت براڊڪاسٽ صحافيءَ طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، پر هن ڪجهه عرصو اخباري صحافت جو ڪل وقتي تجربو پڻ حاصل ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي جاري ٿيندڙ پهرين مڪمّل اخبار ”عوامي آواز“ ۽ ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڊيسڪ تي سب ايڊيٽر طور پڻ ذميواريون نڀايون آهن.

ياسر قاضيءَ کي مليل خداداد صلاحيتن ۾ ھڪڙي ڏات مصوّري ۽ خطاطي به آهي. ھن جي خطاطيءَ جا ڪئين نمونا مون ڏٺا آهن، جيڪي نھايت دلفريب آھن. هن جي ٻارن لاءِ لکيل ڪتابن اندر هر نظم جي مناسبت سان السٽريشنز ۽ اسڪيچ، سندس ئي ڊزائن ٿيل هوندا آهن، جيڪي ٻار پڙهندڙ کي پاڻ طرف وڌيڪ متوجه ڪندا آهن. جيڪڏهن ياسر فقط مصوريءَ ۽ خطاطيءَ طرف ڌيان ڏئي ھا، ته به هن وقت ملڪ جو ناليوارو چترڪار ھجي ھا. ھو مڪمل طور فنونِ لطيفه جو مجسم آهي، جنهن ۾ سمورن لطيف فنن جو واس موجود آهي. جنهن ۾ هو لڳ ڀڳ گذريل ۳ ڏهاڪن کان مسلسل ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ پاڻ پتوڙڻ ۾ رڌل آهي.

ياسر جھڙو ٻاھران سھڻو آهي، تھڙو اندر جو به سھڻو آهي. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي. کيس مبارڪ ڏيندي دعا آهي ته ڌڻيءَ جي مھر مٿس هميشه قائم رھي ۽ سنڌ کي ھھڙا موتي شل ھر دؤر ۾ ملندا رھن.

 

(روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾  آچر، ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا