; سنڌي شخصيتون: محمد ھاشم لغاري

04 August, 2021

محمد ھاشم لغاري

محمد ھاشم لغاري

نظام الدين ڪاڪا



سخن ساميئڙن جا، هينئڙي منجه هرن!!

سنڌ جو اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري ۽ سنڌ حڪومت ۾ صوبائي سيڪريٽري رهندڙ سگا اسلام آباد جو بنياد وجهندڙ، لوڪ ڏاهپ رکندڙ سنڌ ڌرتيء سان بي انداز پيار ڪندڙ مشهور بيروڪريٽ محمد هاشم لغاري اسان کان هميشه لاء جدا ٿي ويو.

انا لله و انا اليه راجعون.

اسان سندن خاندان ڊاڪٽر نثار لغاري، ڊاڪٽر عبدالعزيز لغاري، ڊاڪٽر ايوب لغاري، ڊاڪٽر خادم لغاري، محمد حنيف لغاري ۽ استاد غلام قادر لغاري سان هن ڏک جي گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.


مرحوم منهنجي محسنن مان هو. آئون سندس ڳوٺ قاضي نورمحمد لغاري ضلعو ٽنڊو الهيار ۾ ڪيترو ئي عرصو تدريسي عمل سان وابسته رهيس ۽ هو سدائين تعليم جي ميدان ۾ اسان کي اصلاحي صلاحون ڏيندو رهيو جنهن مان اسان گهڻو ڪجه پرايو. پنهنجي ڳوٺ قاضي نورمحمد لغاري جي ترقي ۽ واڌاري لاء ڪوششون ڪندو رهيو، ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار ڏياريائين ۽ جڏهن تعليم کاتي جو سيڪريٽري ٿيو ته تعليم کاتي ۾ ڪيترائي اصلاحي پروگرام ڏيئي تدريسي عمل ۾ نواڻ آندائين. تعليم کاتو ايم ڪيو ايم جي حوالي هوندي به کين کريون کريون ٻڌايائين ۽ ڪيترا ئي دفعا کيس موت جون ڌمڪيون ڏنيون ويون پر هن بلوچ ڪنهن جي به نه ٻڌي نه ڊنو، نه هيسيو، تعليم کاتي ۾ سنڌي ماڻهن لاء ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪري روزگار جا دروازا کولڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ڪافي ماڻهو اڄ به کيس ياد ڪري دعائون ڏيندا رهن ٿا. بيوروڪريسيءَ ۾ هي مٿير مڙس غلط کي غلط چوندو رهيو. هو ايريگيشن جو سيڪريٽري پڻ رهيو. هن ايريگيشن ۾ ڪيترا ئي پروجيڪٽ پڻ هلايا، سيڊا جهڙي يتيم اداري کي سنڀالي، ڄڻ ان ۾ ساه وجهي ڇڏيائين. ڪرپشن کان ڪوهين ڏور رهندڙ هي سدا بهار آفيسر سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ مون هن کي سدائين اديبن ۽ شاعرن جي هجومن ۾ ڏٺو. (هن سنڌي ادب کي غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي زندگيءَ تي ڪتاب لکي جنهن کي انگريزيءَ کان علاوه سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪيو ويو، سنڌي ماڻهن کي ناياب تحفو ڏنائين ۽ ثبوتن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين ته پاڪستان ته ذري گهٽ غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوشش سان ٺهيو ڇاڪاڻ ته هن قائداعظم جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪانگريس کان ويندي مسلم ليگ تائين اهڙو ڪردار ادا ڪيائين جو سندس دور پاڪستان جي ۽ سنڌ صوبي جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيل آهي ۽ ھن ڪتاب ۾ سندس دور هاشم لغاري پڻ سونهري اکرن ۾ لکيو ۽ اسان جي اڳيان پيش ڪيو.)

هن پنهنجي جواني وارو دور زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کان شروع ڪيو بي رحم حالتن جي هوندي به هو جوانيء ۾ پرجوش جذبا رکي پنهنجي پاڻ کي مڃائيندو رهيو ۽ ڪامياب زندگي گذاري پنهنجي منزل تي پهچي ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ٻهراڙيء جي پرائمري اسڪول جو پڙهيل ٻار به ڪاميابي جا ڏاڪا چڙهندو ۽ وفاقي سيڪريٽري جي عهدي تي پهچي سگهي ٿو. سينيٽر سسئي پليجو جو والد محترم غلام قادر پليجو زرعي يونيورسٽيءَ ۾ سندس ڪلاس فيلو هو.خوراڪ کاتي کان نوڪريء جي شروعات ڪري سيڪريٽري جي عهدي تائين پهچي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ کانپوءِ حياتيءَ جي پڇاڙڪي پنڌ ۾ به ماٺ ڪري نه ويٺو. ادبي پروگرام، مهراڻ ٽي وي تي پروگرام ۽ سنڌي شاگردن کي تعليم جي باري ۾ رهبري ڪندو رهيو. پر سچي ڳالھ اها  آهي ته هاشم لغاري محبوب کان ويندي مهراڻ جي مڙني ماڻهن جي من اندر کي خوب موهيو ۽ ڪير به آڱر کڻي نه ٿو چئي سگهي ته هاشم لغاري ڪرپٽ هو، هيئن هو يا هوئن هو، مان سمجهان ٿو ته هن پنهنجي ڪامياب زندگي گذاري ايندڙ نسل کي سبق ڏنو آهي ته سچ، سونهن، سنڌ سان پيار ئي زندگي آهي.

حياتيء جي حقيقت کي نه ٿو ڄاڻان اياڻو ٿي،

خيالن جي اتم کيتي، خوابن ۾ مان کيڙيان ٿو.



No comments:

راءِ ڏيندا