; سنڌي شخصيتون: پروفيسر سرور سيف

03 August, 2021

پروفيسر سرور سيف

پروفيسر سرور سيف

مختصر تعارف



ڳوٺ نوراجا سان تعلق رکندڙ پنوعاقل جي مشھور اديب، دانشور، ليکڪ، تاريخدان، شاعر، تقريباً چاليھ ڪتابن جي مصنف، پروفيسر محترم استاد سرور سيف صاحب جو مختصر تعارف.

*- پروفيسر سرور سيف ڳوٺ نوراجا ۾ واليڏني ”مسڪين“ جي گھر ۰۶ جون ۱۹۵۳ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والد تحريڪ ختم نبوت ۾ ايڪسائيز کاتي مان استعيفا ڏئي دائودي پيشو يعني لوھارڪو دنڌو اختيار ڪيو ۽ جفاڪشي ڪري رت پگھر جي پورھيي سان کيس پاليو تاتيو. سرور سيف جو خاندان طرفان نالو غلام سرور ۽ والد جي مرشد سائين حماد الله ھاليجوي سيف الله رکيو. ان ڪري ھن ٻنھي نالن کي گڏي پاڻ لاءِ ادبي دنيا ۾ ”سرور سيف“ متعارف ڪرايو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ نوراجا ۾ حاصل ڪيائين، استاد گل حسن ”گل“ سميجو، استاد عبدالرحيم جتوئي، استاد غلام محمد محمدي، ۽ استاد محمد قاسم ڪلھوڙو سندس استاد ھئا. مڊل نيوماڊل ھاءِ اسڪول ۽ مئٽرڪ ڊي سي ھاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ايس وي جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو، سندس پوسٽنگ پرائمري اسڪول ھوت خان جوڻيجو لڳ سلطان پور ۾ ٿي جتي ٻه سال رھيو، بعد ۾ برانچ مڊل اسڪول نوراجا ۾ ۷۳ع کان آگسٽ ۸۹ع ۾ رھيو ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين، ان بعد ايڇ ايس ٽي پروموشن وٺي ايڇ ايم خواجہ ھاءِ اسڪول ويو ۽ جلد ئي سنڌي جو ليڪچرار ٿي ميرپور ماٿيلو ڪاليج جوائن ڪيائين، ”اسلاميہ سائنس ڪاليج“ ۾ ڪافي عرصو رھيو، ۲۰۱۳ع ۾ ڊگري ڪاليج پنوعاقل مان اسسٽنٽ پروفيسر طور رٽائر ٿيو ۽ ھن وقت پنوعاقل جي مشھور پرائيويٽ ڪاليج ”دي ايڪسيلنس“ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون ڏئي رھيو آھي۔


*-سرور سيف اٺين ڪلاس ۾ پڙھڻ کان ئي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي سنڌ ”نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ ۾ شامل ٿيو جنھنجو اڳواڻ ڪامريڊ ”ڄام ساقي“ ھو ان جو تعلقہ جنرل سيڪريٽري رھيو، ان سان گڏ سنڌ ھاري ڪاميٽي ورڪرز يونين نوجوان تحريڪ  نيشنل عوامي پارٽي اين ڊي پي ۾ رھيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪيائين ۽ مختلف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. 

*- ادب سان سندس چاھ ننڍي ھوندي کان ئي رھيو، ٻارن جي ٻاري بزم گلشن کان آغاز ڪيائين ڪتابن سان کيس ننڍي ھوندي کان عشق ھو، مئٽرڪ تائين پني عاقل جي پبلڪ لائبرري ھاءِ اسڪول جي عاليشان لائبرري ۽ افضل جي ڪرائي جي لائبرري جا ھڙئي ڪتاب پڙھي چڪو ھو، سندس پھرين ڪھاڻي اٺين ڪلاس ۾ لکيل روزانہ نواءِ انقلاب ۾ اقبال جي ادي ڇپي ۽ پھريون شعر ۱۹۶۹ ۾ لکيو،

*- ۱۹۷ ۳ کان سنڌي ادبي سنگت سان تعلق جڙيو جو اڃان تائين قائم آھي، ھن مھل تائين سندس علمي ادبي سياسي نصابي اٽڪل چاليھارو ڪتاب ڇپجي چڪا آھن جن ۾ کير جھڙي ڪاري، دنيا جا ھاري انقلاب، جي مون مانڪ ميڙيا، پنو عاقل ماضي حال، لطيف جو مطالعو، مھراڻ سنڌي گرامر (ٽي جلد)، مھراڻ ڪير ڪير آھي عالمي معلومات، تاريخ اسلام (چار جلد)،سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تاريخي تحقيقي تنقيدي جائزو، نربدا کان مھراڻ (ترجمو)شامل آھن، ڪھاڻيون ۽ شاعري وقت بوقت مختلف رسالن مخزنن ۾ ڇپبي رھي آھي، ڪيئي تحقيقي مقالا بہ لکيل ۽ ڇپيل آھن،

*- سرور سيف ۱۹۹۴ع ۾ نوراجا کان پني عاقل لڏي ويو، سندس لڏڻ جو مقصد پنھنجي ٻارن کي بھتر تعليم ڏيڻ ڏيارڻ ھو، اللّٰه پاڪ جي مھرباني سان سندس مقصد پورو ٿيو، سندس سڀئي ٻار اعليٰ تعليم يافتہ آھن،

*وڏي نياڻي (ايم اي ايم ايڊ يونيورسٽي کان گولڊ ميڊلسٽ ھن وقت گزيٽيڊ ھيڊ مسٽريس،)

*-ڊاڪٽر سجاد سرور (آرٿو پيڊڪ سرجن جي ايم سي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر)

*-ڊاڪٽر نويد (يورالاجسٽ سوٽ ڪراچي ۾اسسٽنٽ پروفيسر )،

*- جنيد (سينيئر انجنيئر مڪينيڪل دوھا قطر)

*-جواد (اليڪٽريڪل انجنيئر اسسٽنٽ مينيجر واپڊا)

۽ ھڪ نياڻي ڊاڪٽر پڻ آھي۔ 

اللّٰه پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان سڀني ٻارن جون شاديون ٿيل آھن جيڪي پنھنجي گھرن ۾ خوش و خورم آھن

*- سرور سيف پنوعاقل جي نوجوانن لاء نيشنل ھاءِ وي تي ”سرور سيف جنرل لائبرري“ قائم ڪئي آھي جتي ھزارين مختلف موضوعن تي ڪتاب موجود آھن ۽ جتي سائين پاڻ نوجوانن جي رھنمائي ڪندو رھي ٿو، کيس پنھنجي ڳوٺ نوراجا سان عشق آھي ۽ تمنا آھي تہ ڳوٺ جو ھر ماڻھو سُکيو ھجي ۽ ھر ٻار پڙھيل لکيل ھجي ۽ نوراجا سنڌ جو مثالي ڳوٺ بڻجي۔ اللّٰه پاڪ سائين جن نيڪ تمنائون پوريون فرمائي۔ آمين


سرور سيف

۶ جون جنم ڏينهن

حسان چانڊيو

اديب ۽ شاعر، پروفيسر سرور سيف، ۶ جون ۱۹۵۳ع تي واليڏني مسڪين جي گهر ڳوٺ نوراجا، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. سندس والد شاعر، مولود خوان ۽ انقلابي انسان هو، جنهن پنجاھ واري ڏهاڪي ۾ ختم نبوت تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جيل ڪاٽيو ۽ تحريڪ دوران ملازمت تان استعيفا ڏني. هو ايڪسائيز کاتي ۾ ملازم هو.

سرور سيف، سنڌ يونيورسٽيءَ مان بين الاقوامي تعلقات ۾ ماسٽرس ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي. هن علمي ادبي سرگرمين جو آغاز ٻارڙن جي ٻاريءَ ۽ بزم گلشن کان ڪيو. پني عاقل ۾ بزم امروز ۽ بزم حيدر قائم ڪيائين. سندس پهرين ڪهاڻي “انقلابي ڀيڻ” اٺين درجي ۾ پڙهڻ دوران روزانہ نواءِ انقلاب ۾ ڇپي. هن ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ايس وي ڪئي ۽ ۱۹۷۱ع ۾ پرائمري ٽيچر طور سرڪاري نوڪري ڪيائين. بعد ۾ جي ايس ٽي، ايڇ ايس ٽي ۽ ۱۹۹۰ع کان ليڪچرر ٿيو. جنوري ۲۰۱۳ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پني عاقل مان رٽائرڊ ڪيائين. سياسي طور هي کاٻي ڌر ۾ متحرڪ رهيو. سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن ضلعي سکر جو اڳواڻ رهيو. سنڌ هاري ڪاميٽي، شاگرد، هاري، مزدور رابطہ ڪاميٽي، آل پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. بنيادي طور تي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستہ رهيو. هـاريـن، مـزدورن، اسـتادن ۽ صحـافيـن جي تحريڪن ۾ ڀرپور حـصو ورتائين. پ ٽ الف ضلعي جو جنرل سيڪريٽري ۽ سپلا سکر ريجن جو عهديدار رهيو. سگا پني عاقل جو ڪنوينر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. سرور سيف سنڌي ادبي سنگت پني عاقل شاخ جو باني آهي. ۱۹۸۳ع جي مرڪزي چونڊن ۾ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي بيٺو.

سندس ڪهاڻيون، شاعري، تحقيقي مضمون، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “کير جهڙي ڪاري” ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو. ۱۹۹۰ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب “دنيا جا هاري انقلاب” ۽ ۲۰۰۰ع ۾ سندس ٽيون ڪتاب “جي مون ماڻڪ ميڙيا” ڇپيو. ان کانسواءِ سندس ٻين ڪتابن ۾  “مهراڻ- ڄاڻ جي کاڻ”، “شاھ لطيف جو مطالعو”، “تاريخ سنڌ”، “سنڌي ادب جي جامع تاريخ مسلمان مفڪرن جا سياسي نظريا”، “تاريخ اندلس”، “تاريخ عثمانيه”، ”پاڪستان ڏاڪي بہ ڏاڪي”، “پاڪستان ۽ قومي تحريڪون” ۽ “سنڌي گرامر” (ٽي ڀاڱا) شامل آهن. ان کانسواءِ هن ايم اي سنڌيءَ جا گائيڊ بوڪ بہ لکيا آهن. هن ۲۰۰ کان مٿي تحقيقي مقالا لکيا آهن.

سرور سيف شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر رهيو آهي. هن مولا بخش ڀُٽي سان گڏ سکر مان ماهوار رسالو “پريت” جاري ڪيو، جنهن جا ۱۴ پرچا نڪتا. هي ماهوار فريڊم جو اسسٽنٽ ايڊيٽر بہ رهيو. هن پني عاقل ۾ لڌارام يادگار ڪاميٽيءَ پاران ايڊووڪيٽ ارجن داس سان گڏجي بيدل، غمدل، روحل، انور شاھ جهانپوري، ڀڳت ڪبير، سنت ڪنور رام ۽ درياھ خان بابت ڪانفرنسون ڪرايون آهن.

سرور سيف کي بيدل ايوارڊ، ڀڳت ڪنوررام ايوارڊ، ڪلهوڙا هسٽاريڪل فورم ايوارڊ ۽ ڪيتريون شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. تحقيق ۽ تاريخ تي سندس تازو ڪتاب “پنوعاقل: ماضي ۽ حال” پڻ ڇپجي چڪو آهي. هي اٿارٽيءَ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي سهڪاري ٽيم ۾ بہ شامل آهي.

اڄ ۶ جون سندس جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون، شال سدائين جڙيو رهي.

 

(فيبڪ وال تان ۷ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)


مرحوم واليڏنو مسڪين

ناليواري شخصيت استاد “سرور سيف” جن جي والد گرامي جو تعارف

ڪَنھِن ڪَنھِن مَاڻُھوءَ مَنجِھ، اَچَي بُوءِ بَھارَ جِي

واليڏنو مسڪين ولد خدا بخش ڳوٺ نوراجا ۾ سنہ ۱۹۲۸ع ۾ ڄائو، سندس وڏڙا اصل بيا تعلقي اوٻاوڙي جا ھئا، کيس ننڍي ھوندي ئي يتيمي پلئہ پئي، ڀيلار ۽ نوراجا اسڪولن مان ست درجہ پاس ڪيائين، استاد ٺارومل ۽ استاد الله ڏنو شيخ سندس استاد ھئا، تاريخ ۽ ادب سان کيس ڪافي لڳاءُ ھو، مناظري جو شوقين ھو، شعر و شاعري ۾ بہ گھڻي دلچسپي رکندو ھو لطيف سائين، ڪلاسيڪل شاعرن ۽ شيخ سعديؒ جي فارسي شاعري ڪافي ياد ھئي.

ھاليجي واري بزرگ حضرت حمادالله جو دست بيعت مريد ۽ معتقد ھو. پڪو موحد ھو. پنجاھ واري ڏھاڪي ۾ جڏھن ختم نبوت تحريڪ ھلي تہ ان ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪجھ وقت جيل ۾ رھيو. ايڪسائيز کاتي ۾ ملازم ھو. تحريڪ جي ڪري استعفيٰ ڏنائين. بعد ۾ دائودي پيشي سان وابستہ ٿيو. مولانا محمد علي جالنڌري ۽ عطاءالله شاھ بخاريءَ سان کيس گھِري وابستگي ھئي. پاڻ سٺو شاعر ۽ سگھڙ ھو. “مسڪين” سندس تخلص ھو. راقم المعروف سرور سيف جو والد ھو. ۱۷ فيبروري ۲۰۱۱ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مرقد پير حضوري مقام نوراجا ۾ آھي۔۔۔۔

 

(استاد سرور سيف جي ڪتاب “پنوعاقل ماضي حال” مان ورتل)

No comments:

راءِ ڏيندا