درمحمد موريو
منهنجو بابا سائين - هجن
شل هوت حيات
آصف رضا موريو
منهنجي بابا درمحمد
جو جنم، ڏوڪري تعلقي جي ديهه يارو لاکير جي ننڍڙي ڳوٺ ”سومر خان موريو جا گهر“ المعروف
ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ پهرين مئي ۱۹۲۴ ڌاري ٿيو. ھو پنهنجي ڀائرن جان محمد، خان محمد
۽ غلام محمد ۾ چوٿون نمبر هيو. سندن والد محمد پريل موريو علاقي جو چڱيرڙو، معتبر
۽ برجستو زميندار هوندو هيو. اسان جو ڳوٺ تمام قديمي بستي آهي جتي اسان پنهنجي سانڀر
۾ ته مورين کان علاوه شاهاڻي ۽ سيال رهندي ڏٺا پر ورهاڱي کان اڳ هن وستي ۾ هندن جي
آبادي به جام رهندي هئي، جيڪي بعدازان پنهنجون جايون جڳهون ڇڏي هندستان هليا ويا. ڳوٺ
جي وچ ۾ اولهه کان اوڀر طرف وهندڙ واهيءَ جي ڏاکڻي شروعات ۾ مورين جا گهر هوندا
هيا جڏهن ته ڏاکڻئي اوڀر ۾ سيالن جا ٻه اڍائي گهر رهندا هيا. جڏهن ته واهي جي
اترئين پاسي، شروع ۾ مورين جا گهر پوءِ ٻه اڍائي گهر سيالن جا ۽ پوءِ شاهاڻين جي چڱيرڙي
آبادي هئي ۽ آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو تڻو ننڍڙا زميندار، باغائي، هاري ناري هئڻ
سبب پرامن رهيا آهن. حيرت انگيز طور تي اسان جي ڳوٺ ۾ هن وقت تائين ڪو جهيڙو جهٽو ڪو
نه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي.
اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ
پرائمري اسڪول هوندو هيو، جتان شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، بابا سائين راڌڻ
شهر جي مڊل اسڪول مان فائنل جو امتحان پاس ڪري، روڊس کاتي ۾ سپروائيزر مقرر ٿيو.
جيڪا پنهنجي دور ۾ مانائتي نوڪري ڀانئي ويندي هئي، جو ان وقت بابا کي پهريون سرڪاري
گهوڙو ۽ بعد ۾ جيپ ۽ راڌڻ ۾ حڪومت طرفان کيس بنگلو پڻ مليل هوندو هيو. ان ڪري کيس
ميان صاحب سڏيو ويندو هيو. بدقسمتيءَ سان ڪجهه سببن ڪري، بابا سائين وقت کان اڳ نوڪري
ڇڏي ڳوٺ اچي وسايو. والد طرفان ٻه اڍائي ٻارا زمين جا ۽ باغ جو ٽڪرو مليل هين،
تنهن کي سنڀالي گذر سفر ڪرڻ لڳا. ان سان گڏ والد طرفان طب جي ڏات به مليل هين،
جنهن کي پڻ روزگار جو ذريعو بڻايائون.
بابا سائين مضبوط
قد ڪاٺ، ڦڙتيلي جسم وارو محنتي ماڻهو هوندو هيو، جنهن ڪڏهن به مشقت کان ڪونه ڪيٻايو
۽ ڳوٺن ۾ جيتريون به جنهن به نوعيت جون محنتون ٿينديون آهن، سي منهنجي بابا سائين
پنهنجي سر ڪيون. هارپي کان وٺي باغن جا ٺيڪا، ريج، لابارا، مال متاع پالڻ، گهر ۾ ڪپڙي
جو دوڪان پڻ هلايائون. ايتري تائين جو پنهنجو گهر پاڻ اوساري ڪري ٺاهيو هيائون ۽
ان کي ٻچيون ۽ ٽيڪا ٽپڻي به پاڻ ڪندو هيو، جنهن ۾ اسان ڀائر پڻ مزدور طور ساٿ ڏيندا
هياسين. گهر جي سامهون بيٺل کجي تي ڪمند سان چڙهي، ڪتل لاهيندو هيو ته نلڪن اچڻ
کان اڳ، اڱڻ ۾ موجود کوهيءَ مان پاڻي به پاڻ ڇڪيندا هيا.
چئن پٽن ۽ ستن نياڻين
جي وڏي ڪهول کي همٿ ۽ جوانمرديءَ سان سنڀاليندي سموري ڄمار محنت ڪري، پنهنجا ٻچا ٻار
پڙهائي جوان ڪيائين. ان دور ۾ اسان جي ڳوٺ جي اوڀر ۾ واقع ويهڙ ڳوٺ ۾ سرڪاري مڊل
اسڪول هوندو هيو، جتان اٺين جماعت پاس ڪري، جيڪو نڪرندو هيو تنهن کي پرائمري استاد
جي نوڪري به ملندي هئي ته پوليس ۾ سپاهيگيري به. پر جيڪڏهن ڪو همراهه اهي نوڪريون
نه ڪندو هيو ته ڪوٽڙي واري ملين ته سندس نوڪري پڪي هوندي هئي. اسان جي ڳوٺ ۽ ٻين
واهڻن ۾ انهن کي ئي سهڻيون ۽ سٺيون نوڪريون ملنديون هيون. اڪثر ماڻهو اتان پڙهائي ٻارن
کي دڳ لائي ڇڏيندا هيا پر ڪجهه همراهه پنهنجي اولاد لاءِ اڃا به وڏا خواب ڏسندا
آهن جن مان اسان جا والدين پڻ هيا.
ويهڙ جي اسڪول مان
اٺين جماعت پاس ڪرائي بابا اسان سڀني پٽن کي پڙهائي سانگي لاڙڪاڻو موڪليو جتي
اسان پهريان ٽي ڀائر ڪيترا ئي سال پنهنجي ڀيڻيوين
ادا غلام الرسول کجڙ ۽ ادا عبدالهادي موريو جي گهرن ۾ رهندا هياسين. ڪجهه سال بعد
جڏهن وڏي ڀائو محمد پريل موريو کي ريلوي ۾ اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر ٿيو ته لاڙڪاڻو پوليس
هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ ڪمري وارو ننڍڙو ڪوارٽر مليو، جتي ڳوٺان سموري گهروارن کي گهرائي
رهڻ شروع ڪيو. هاڻي سمورو ڪهول جنهن ۾ امان، بابا، ٽي ڀائر ۽ ٻه ننڍيون ڀينرون (پنج ڀينرن جي شادي ٿي چڪي هئي) ڀائو وڏي
جي ذمي هيو. مان به خانگي نوڪري ڪئي ٻين ڀائرن به هڙان وڙان ننڍا سنڍا ڪم ڪار ڪري
سندس ساٿ پئي ڏنو. اڳتي هلي وڏي ڀائو کي پوليس ۾ اي ايس آئي جي نوڪري ملي ۽ پوءِ
ساجن ڀاءُ کي نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ او جي ٿري جو آرڊر مليو. مان به امبر ايڪسري
تي ريسيپشنسٽ طور ڪم ڪندو هيم. هاڻي ساهه پٽڻ جهڙا ٿياسين ته ايئرپورٽ روڊ لاڙڪاڻو
تي واقع مينهل آباد ڪالوني ۾ گهر ورتوسين جنهن ۾ ۶ ڪمرا هڪ وڏو هال ۽ هڪ ورهانڊو پڻ هوندو هيو. ان گهر مان ئي حقيقت ۾ اسان جي
زندگي جوسنهرو دور شروع ٿيو. وڏن ٻنهي ڀائرن جي شادي ٿي، ڳوٺ، تر، اوڙي پاڙي ۾ چڱا
سڏرائڻ لڳاسين. ابي امان جي ڪيل سموري جدوجهد جا به ڪنهن حد تائين ٿڪ هتي ئي لٿا. توڙي
جو امڙ سائڻ ان دور کان وٺي هن وقت تائين بيمار رهندي اچي ٿي پر بابا سائين سدائين
صحتمند، مظبوط ۽ هالي ووڊ جي اداڪار هيريسن فورڊ جيان خوبصورت لڳندو هيو جنهن
سموري عمر ڪڏهن به بخار ۽ بيماري لاءِ ٽڪي به ڪونه ورتي هئي.
صحت، زندگي ۽ موت
خدا تعاليٰ جي هٿ وس آهي بدقسمتي سان ۱۹۹۸ع جي آخري مهيني ۾ بابا سائين جي طبيعت ڪافي خراب ٿيڻ ڪري
گهڻو ڪمزور به ٿي پيو ان لاءِ ۳۰ ڊسمبر ۱۹۹۸ع تي کيس رحمت پور ۾ واقع ڊاڪٽر سڪندر علي
شيخ جي سرفراز ميڊيڪل سينٽر تي داخل ڪيو ويو. ڪمري ۾ ويٺي مٿي تي چمي ڏئي ڀاڪر
پاتومانس ۽ پوءِ مٿي تي زور ڏيندي پڇيومانس ته ابا طبيعت ڪيئن آهي، ته چچريل آواز
۾ جواب ڏنائين “ خوش آهيان”. پر کيس لڇ پڇ تمام گهڻي هئي. ڊاڪٽر سڪندرشيخ منهنجو
پراڻو دوست ۽ حال ڀائي آهي تنهن کان حال احوال ورتا چيائين ته “الله سائين بهتر ڪندو
بابا ڪمزور ٿي ويو آهي ان لاءِ بهتر آ ته کيس خون جي هڪ اڌ بوتل چاڙهي وڃي”. مان
حزب ڪيهر کان جيب گهرائي پهريون ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ پنهنجي دوست ڊاڪٽر
ضمير تنيو جي ڳولا ۾ نڪتم جيڪو لاهوري محلا ۾ مرڪ وڊيو سنيٽر تي علي حسن وٽ ملي
ويو. اسان چانڊڪا ڪاليج وڃي بي پازيٽو خون لاءِ سنگت جون هاسٽلون کڙڪايوسين آخرڪار هڪ دوست مليو جنهنجو ساڳو گروپ هيو جيڪو
ڪراس ميچ وغيره ڪرائڻ کانپوءِ بابا کي لڳرايو. ان رات ادا عبدالهادي موريو ۽ مان
بابا وٽ رهياسين. لطيف شيخ، جبارڪنڀر ۽ ڊاڪٽر ضمير به ات ئي رهيا التبه سمهيا هيٺ
اسپتال ۾. جڏهن ته ادا اصغر قاضي، ڀائو ساجن، جاويد موريو، شبير عباسي، افتخار
موريو ۽ ڀائو راجا وغيره دير سان گهر ويا.
بابا جيئن ته پاڻ حڪيم
هيو ان لاءِ ان جو ڊاڪٽرن سان روايتي تڪرار ڪري ڪهڙو به بنڊيل خان ڊاڪٽر هجي ابي
جي مرض جي حوالي سان اک ئي نه ٻڏندي هئي. ان لاءِ بابا کي ڏاڍو عرض رکندا آيا هئاسين
ڊاڪٽرن ڏي هلون پر بابا نه مڙيو آخر پنهنجون دوائون لکي ڏيندو رهيو ۽ اهي ئي ٺاهي
بابا کائيندو رهيو. آخرڪار اسان روز روز جي جهڳ ڪري هڪ ڏينهن ڊاڪٽر ڏي هلڻ تي راضي
ٿيو. هاڻي ڊاڪٽراڪٻر سولنگي کي ڏيکاريو جنهن سٺي نموني سان بابا کي چيڪ ڪيو ۽ چنڊ
گوريون لکي ڏنيون جيڪي کائڻ سان همراهه ويو وٺبو. اچي پريشان ٿياسين ته هاڻي ڇا ڪيون ان ڊاڪٽر جي تجربي
کانپوءِ ويتر بابي جو ڊاڪٽرن تي ويساهه اڃان به گهٽجي ويو.
سنڌن ۾ سور تمام گهڻو
ٿي ويس ته وري ايلاز منٿون ڪري پنهنجي دوست ڊاڪٽر سڪندر شيخ ڏي وٺي ويومانس جنهن چڪاس
ڪاري چيو ته؛ “بابا کي ڇاتي ۾ سور ٿو پوي ان لاءِ سندس اي سي جي ۽ چيسٽ ايڪسري ڪڍرايو.
انکانپوءِ سور لاءِ Syp: Brufen طاقت لاءِ Inj: Neurobion ۽ سور لاءِ Inj: Neurophenic
لکي ڏنائين ته هفتو هي هلايو. اي سي جي،
ايڪسري ۽ ڪجهه ٻيو ٽيسٽون به ڪرايون جيڪي پڻ نارمل آيون. بابا سائين هن وقت
ٻين معاملن ۾ ٺيڪ هيو سوا ڇاتي جي سور جي. اخبار پڙهندو هيو. در تي ايندڙ ويندڙ ڏي
ويندو هيو . فقيرن کي خيرخيرات ڏيڻ سان باٿ روم به پاڻ ويندو هيو. صبح جو سوير اٿي
لکپڙهه جو ڪم پڻ ڪندو هيو البته پاڻ ئي چوندو آ ڇاتي جي ٻنهي پاسن ڏي اشارو ڪري ته “مونکي هي سور نه هجي ته مان ته ٺيڪ
آهيان”.
بابا پروٽين سيرپ پيئندو ۽ سور ۾ وٺبو ويو،
البته نيور فينڪ انجيڪشن هئڻ سان ڪجهه
فائدو پويس پيو پر ان هئڻ کانپوءِ ڏورن تي ڪارا ڪارا چئن چئن پنجن پنجن جا نشان ٿي
پيس جيڪي جسم جي ٻين حسن مثلن ٽنگن وغيره تي به ظاهر ٿي پيا پر ڊاڪٽرن اسان جي نشاندهي جي باوجود چيو ته “ڪا ڳالهه نه آهي ۽ اهي انجيڪشن جي Reaction جي ڪري ٿيا
آهن”. هاڻي بابا سور جي ڪري روز سيون هڻائڻ لڳو، جنهن ڪري ڏورن تي ڪارن نشانن سان
گڏ ڳوڙها به ٿي پيا هئا. جن کي Iodex ۽ ٽاڪور ڪندا
هئاسين. پر هاڻي ڳوڙهن ڪري بابا کي سئي ڏورن بجاءِ هيٺ هڻندو هيم. بابا کي جاويد
جا روز تمام گهڻا وڻندا هيا اڪثر ڪري مونکي چوندو هيو؛ “تو کي نه ٿا ڏيڻ اچن جاويد
کي سڏ ڪر ۽ جاويد بابي جي خدمت به گهڻي ڪئي”..هاڻي ته بابي کي اٿ ويهڻ ۾ به تڪليف ٿئي
پئي. اهڙي حالت ۾ پاڻ ئي چوندو هيو؛ “يار هاڻي مشڪل آ”.
هاڻي بابا کي پيشاب
۽ ڪاڪوس لاءِ اٿارڻ ۽ ويهارڻ يا سمهارڻ جو ڪم به جاويد مان يا ساجن ڀاءُ ڪندا
هئاسين. کيس پيشاب به ڳاڙهي رنگ سان اچي پيو ڊاڪٽر الطاف شيخ ٻڌايو ته؛ (Urinary Tract Infection)
آهي. هوندو آ ۽ هڪ ٽڪي وڌيڪ ڏيڻ لاءِ لکي ڇڏيائيڻ ان دوران ڊاڪٽر جي چوڻ تي Aminovil ڊرپ ۽ پوءِ رت جي هڪ پنٽ به چاڙهائيسون جيڪا سندس ڀائٽئي
امتياز عباسي ڏني. ائين دوائون، ڊرپيون ۽ رت جون ٿيلهيون هلن پيون خاطري
۽ خدمت تمام گهڻي پئي هلي پر طبيعت ۾ مزو ڪونه پيو ٿئيس ام لاءِ شبير
عباسي، لطيف شيخ، ۽ مان پروفيسر ابرار شيخ کي وٺي آياسون جنهن بابا کي ڏسي ڪجهه
دوائون لکي نيفرولوجي جي پروفيسر ڊاڪٽر قربان شيخ سان ڪنسلٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
ابرار جي دوائن به ڪو
ٻوٽو نه ٻاريو ته ڊاڪٽرضمير تنيو رات جو هڪ ڌاري ڊاڪٽر رجب علي ديناري کي وٺي آيو
جنهن بابي کي سٺي نموني سان چيڪ ڪيو ۽ چيو ته مريض کي جلد يورولوجي وارڊ ۾ ڊاخل ڪيو.
ان کان علاوه مريض کي فورن Cathater ۽Ryece Chathater به پاس ڪرائي الٽراسائونڊ ڪرائي ڏيکارڻ جي تاڪيد ڪئي.
صبح جو مان ۽ ڊاڪٽر ضمير مهراڻ تي Urea, HB ۽ Creatinine ڏئي آياسين، ٻارهين ڌاري مان سپر الٽرا سائونڊ واري ڊاڪٽر
سندر ڪي طالب کي سندس موبائل الٽراسائونڊ سان وٺي ويم ۽ جبار ڪنڀر کي ڊاڪٽر قربان
شيخ کي وٺڻ لاءِ موڪليم.جنهن ڪجهه دير ۾ اچي ٻڌايو ته ڊاڪٽر قربان نٿو اچي ان لاءِ پاڻ ويم ٿورڙي اک ڏيکارڻ سان
همراهه تڪڙو هلي آيو.
پهرين نومبر ۱۹۹۸ع تي
آچر واري ڏينهن ساڍي ٻارهين ڌاري بابا کي يورولوجي وارڊ جي ۳۱ نمبر بيڊ تي ڊاخل ڪيو ويو. ان وارڊ ۾ هڪ
طرف ۳۱ کان ۳۶ ۽ ٻئي طرف ۳۰ کان ۲۵ تائين بيڊ هئا. ساڍي ٽي بجي ڊاڪٽر رجب علي ديناري آيو
ان کي الٽراسائونڊ جي رپورٽ ۽ ٻيون Investigations ڏيکاريون. جنهن ڏسي اسان کي پوري طرح سان بابا متعلق ٻڌايو
ته “بڪين جو فنڪشن اطمينان بخش ڪونهي، جسم ۾ رت به گهٽ آ، مٿان وري مثاني جو غدود
به ڪنهن سبب کان ڦاٽو آ، ڪمزوري، الڳ ان لاءِ ڪوشش ڪيون ٿا بھرحال الله سائين بهتر
ڪندو”. بابا کي ساهه تڪليف سان پيو اچي ان لاءِ آڪسيجن سلينڊر جي گهر ڪئي سون پر
خبر پئي هتي ميسر ڪونه آهي تنهن ڪري سلينڊر ڊاڪٽر سڪندر شيخ جي سرفراز ميڊيڪل سينٽر
تان کڻي آياسين.
بابا جو علاج صبح
جيڪو ڊاڪٽر قربان شيخ هلائي ويو هيو تنهن کي ڊاڪٽر ديناري به هلايو. پهرين ڏينهن
جي دوا سان بابا جي طبعيت ڪنهن حد تائين بهتر ٿي. اڄ رت جي پوري پنٽ به لڳي چڪي
هئي. اسان وٽ سمورو ڏينهن ۽ رات دوستن جي اچ وڃ هئي، اڄ به ماسات سلطان شيخ، ميرشيخ،
ڪريم حاصلو، ڪريم مينگل، شمس چنو، علي حسن شيخ، طارق موريو به وغيره آيا. ساڍي
يارهين ڌاري ڊاڪٽر نور احمد بلوچ به آيو جيڪو يورولوجي ۾ سينينئر ڊاڪٽر آ، تجربو
به سندس وسيع آ ڊاڪٽر رجب ديناري سندس شاگرد آ پر اخلاق ۽ مروت ۾ ديناري صاحب بلوچ کان گهڻو سينيئر آ.
بھرحال چار پنج ڏينهن
اهي ڊاڪٽر، اهي دوائون، اهي ٽيسٽيون، دلاسا، ڪوڙ سچ هلندا رهيا پر بابا جي طبيعت ۾
مزو ڪونه رهيو. بابا ته خير بيمار هيو پر ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جا حال هتي صفا پورا ڏٺا،
سهولتن جي اڻهوند به شرم جي حد تائين ظالماڻي هئي جو هر شي دوا، ٽيسٽون وغيره ته ٺيڪ
آهي پر اسٽيٿو اسڪوپ ۽ آڪسيجن سلينڊر جو بندوبست
به مريض جي وارثن کي ڪرڻو پيو پوي.
پنج سيپٽمبر ۱۹۹۸ع تي بابا جي طبيعت ڪافي خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر شاهد انصاري جي ڊيوٽي هئي تنهن کي گهڻو ڳولهيو
پر لڌو ئي ڪونه جنهن او پي ڊي واري ڪمري ۾ اهي سمهندا هيا تنهن کي تالو لڳو پيو
هيو. هڪ ڊسپينسر ٻڌايو ته اڪثر ڊاڪٽر رات
جو گهر هليا ويندا آهن ۽ صبح جو سوير واپس موٽي ايندا آهن. مان گهر اچي ڊاڪٽر ضمير
کي اٿاريم پوءِ وڃي ڊاڪٽر قربان شيخ کي اٿاريو، ان کي موٽر سائيڪل تي کڻي آيم جنهن
ڊاڪٽر بلڊپريشر چيڪ ڪيو.. مٿيون ۴.۵ جڏهن ته هيٺيون ٻڌائي ئي ڪونه پيو. ڊاڪٽر پيرن واري سائيڊ ڏي بيڊ جي پاون جي هيٺان سرون رکرايون ته جيئن
رت جو دورو مٿي چڙهي ۽ هيماسل جي بوتل هڻائڻ لاءِ چيائين. ان کان علاوه ڊاڪٽر Dobutrex ۽ Dopamine به لکي ڏنيون ته ۵۰۰ نارمل سلائين ۾ وجهي ۸ يا ۱۰ ڦڙا هر منٽ سان هلايو. وري پوڻين يارهين ڌاري
ڊاڪٽر قربان شيخ آيو ٻين وارڊن مان گهمي اسان وٽ آيو ته آصف ڇا حال آهن وراڻيم ته ڪجهه
بهتر آهي جو بلڊ پريشر مٿيون ۸۵ ۽ هيٺيون ۶۵ تي پڳو هيو... پر اهو ته اڃان ٿورو آهي.
هينئر باب کي جسم ۾
بيقراري تمام گهڻي ٿي رهي هئي. هر هر ٽنگ ٻئي
ٽنگ تي رکڻ جي ڪوشش پئي ڪيا.ئين. آواز ڏيڻ
تي اکيون کولي به ڏسي پيو ۽ اکين ۾ ايندڙن لاءِ سڃاڻپ جا آثار نظر اچن پيا توڙي جو
ڳالهائي نه پيو سگهي. پيشاب ۾ رت اچڻ بلڪل
بند ٿي وئي هيس. ٻئي هٿ هر هر اسان کان ڇڏائي
مٿي تي رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو ان دوران اسان زوري هٿ پيا پڪڙيون ته ڪاوڙ ڪري اسان
ڏي پئي ڏٺائين. ۱۱ وڳي ڌاري ڊاڪٽر نوراحمد بلوچ آيو. مونسان گڏ
ساجن، جاويد، ساجد، طارق ۽ ضمير هيا. بلوچ
عادت مطابق آڪڙيو آيو. ۽ آڱر جي اشاري سان نڪرڻ لاءِ چئي اولهه پٺي ڪري وچ وارڊ ۾
بيهي رهيو ۽ روزجيان ڊاڪٽر ديناري، نياز ملڪ جلباڻي، کوبچند، مولچند وغيره مڙي
ويا. انهن کان مريضن متعلق ٻڌندو رهيو ۽ پري پري کان هدايتون ڏيندو نڪري ويو. ڪالهه
جيان وارڊ ۾ ٽي مريض هيا پر هڪ کي به هٿ سان نه ڏٺائين
بلوچ ويو ته ڊاڪٽر
رجب ديناري آچر ماٺيڻي لهجي ۾ چيو “ته توهان جي مريض کي اوليبليٽي جي تمام گهڻي
ضرورت آ. ان لاءِ ڪوشش ڪري سياڻا اٽينڊنٽ رکو جيڪي احتياط ۽ خيال سٺي نموني سان ڪري
سگهن”. سڄو ڏينهن باباب جي حالي ائين ئي
رهي جو وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هيو. بيقراري تمام گهڻي هئس. جسم جي پٽ سندس لڇڻ مان
ظاهر ٿي رهي هئي ۽ هاڻي کيس بيهوشي جا دورا به پئجي رهيا هيا. مان حمل محلي جي مسجد جي پيش امام سائين قربان
جوڻيجي کي وٺي آيم جنهن بابا مٿان قرآن شريف جي تلات ڪئي ڪلاڪ اڌ جي تلاوت ۾ ايترو
فائدو ٿيو جو بابي جيڪي تڪليف سان ساهه کڻي رهيو هيو سو جهڪو ٿيو.
ان دوران ڊاڪٽر قربان
شيخ آيو جنهن ڪافي مايوسي واريون ڳالهيون ڪيون جيڪي ٻڌي ضمير تنيو اسٽاف لاءِ ٺهيل
ڪائنٽر جي مرمر سان ٺهيل فرش تي سمهي پيو. اسان بابي جي سڀني اٽينڊنٽ مان ان مڙس
جو خدمتون مٿانهون هيون. رات جا ٻارهن پيا ٿين مان به وارڊ ۾ ٻاهر اچي فٽ پاٿ تي
ويهي رهيم.
ان دوران ڀائو راجا
به اچي ويو، مان مٿي تي هٿ رکي چيو مانس
بابا ڀائو راجا آيو آهي ته اکيون کولي اسان ڏي ڏٺائين. سندس نيڻن ۾ ڇا هيو سو بيان
ڪرڻ کان قاصر آهيان پر ڀائو جي اچڻ تي مبهم خوشي جو عڪس به ظاهر هيو ڪجهه سڪنڊ ٽڪ
هڻي ڀائو کي ڏسندو رهيو شايد کيس به پتو پئجي چڪوهيو ته هاڻي نيڻن جا دروازا بند ٿا
ته کلندا ڪونه جو اهي شايد ڀائو انتظار ۾ ئي کليل هيا.. ڀائو ڪافي وقت مٿان مٿان
ويهي هنجون هاريندي بابا کي زور ڏيندو رهيو. پر بابا اسان سڀني جي احساسن، شڪسته
جذبن، نااميد نگاهن کان بي نياز ڪنهن نئين سفر جا سانباھا ڪرڻ ۾ مصروف هيو. ان
دوران ڪيئي دفعا اسان بلڊ پريشر چيڪ ڪيو پر اهو وڌڻ بجاءِ گهٽجندو پيو وڃي. جئين
ته مونکي اڳ ۾ ئي ڊاڪٽر قربان نااميد ڪري چڪو هيو ان لاءِ مان مٿان ويهي نه پئي
سگهيم ۽ بابا مٿان جبار ڪنڀر، لطيف شيخ ۽ اختر عباسي کي ڇڏي پاڻ وڃي ڊاڪٽر جي ڪائونٽر
تي ويٺم، ڀائو راجا کي به گهر موڪليو. ڀائوساجن، ڊاڪٽر ضميرتنيو ، آفتاب عباسي، ڀاءُ
جاويد موريو، افتخارموريو، عاشق موريو، طارق موريو وغيره مختلف جڳهن تي ٿڪيا هاريا
پيا هئا.
سموري اسپتال تي
سانت طاري هئي ان راڪاس گهميل پوري بلڊنگ ۾ رڳو اسانجي آسيب زده وارڊ جو ۳۱ نمبر بسترو جاڳي رهيو هيو.. جنهن تي هڪ شخص
زندگي جون سب سرحدون اورانگهي هاڻي آخري
اسٽاپ تان گذرڻ وارو هيو جنهن کي لطيف شيخ ۽ جبار ڪنڀر ڇڏڻ آيا هئا جڏهن ته مان
پري کان هارايل جواري جيان کين تڪي رهيو هيم. وارڊ بواءِ لطيف به شايد اندازو ڪري
ورتو هيو ته سندس مريض ٺيڪ ٿيڻ واروڪونهي تنهنڪري هو به تسبيح کڻي بابي جي بستر ڀرسان
پيل ڊگهي ۽ سنهي بينچ تي آلتي پالتي هڻي ڪجهه صلوات وغيره پڙهڻ لڳو. مان ڪائونٽر
تان اٿي باٿ روم ويم، اکين ۾ ڀرجي آيل بادل هلڪا ڪري منهن ڌوتو ۽ بيڊ نمبر ۲۹ تي آهلجي پيس، خدا تعاليٰ پنهنجي ڪم ۾
مصروف، بابا پنهنجي سفر ۾ مشغول، بابا جا اٽينڊنٽ پنهنجي ڌنڌي کي لڳا پيا هئا.
ائين ڏسندي ڏسندي سوچيندي الائي جي ڪيترو وقت گذري ويو ته جبار جي سڏڪڻ ڀرڻ تي ڇرڪ
ڀري اٿيم.
صبح جا ساڍا پنج
پيا ٿين شايد بابا جو روح پنهنجو آخري اسٽاپ پار ڪري جسم يورولوجي وارڊ جي ۳۱ بيڊ تي ڇڏي آسمانن جي اٿاهه گهرائين ۾
پرواز ڪري چڪو هيو جنهن کي جبار اسٽيٿو اسڪوب
سان دل جي ڌڙڪن ۾ ڳولهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ات روح هجي ته ملي.. انا لله و انا
اليہ راجعون.
ٿورڙي جهٽ کان پوءِ
لطيف ڊسپينسر ننڊاکڙي ڊاڪٽر الطاف جوکيو کي اٿاري آيو جنهن اکيون مهٽيندي سندس
آخري چيڪ اپ جي فارملٽي پوري ڪري ٿڌو شوڪارو ڀري بيڊ جي پيرانڌي کان وڃي بيهي
رهيو. جبارڪنڀر ۽ اخترعباسي بابا جي کاڏي کان مٿي
تائين منهن بند ڪرڻ لاءِ ڪپڙو ٻڌو ۽ پيرن جا اڱوٺا پڻ گڏائي سوگها ڪيا. مون
ايڌي وارن ڏي ايمبيولينس لاءِ فون ڪري پنهنجا ستل همراهه اٿاريا ۽ بابا سائين جي
بي روح جسم کي بچيل دوائون ۽ سامان جيان گهر کڻي آياسين جتي ٻاهر بيهندي اهو لمحو
اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ مشۡڪل هيو ته هاڻي گهر وارن کي اها خبر ٻڌائڻ لاءِ ايڏي وڏي
دل ڪٿان آڻيون.
بھرحال جاويد انٽرلاڪ
کوليو ته بابا کي سندس ڪمري ۾ سندس ئي کٽ تي سمهاريوسين جتي ويهي سنگت ساٿ ۽ اسان
سان ڪچهريون ڪندو رهندو هيو. آهستي آهستي سمورو گهر اٿيو ۽ آه و زاري جا دل ڏاريندڙ
سلسلا شروع ٿيا. ڊاڪٽر ضميرتنيو کي بخار ٿي پيو هيو سو ڪمبل ويڙهي اوطاق جي فرش تي
لوهه ٿي ويو هيو. مان پنهنجي ڪجهه عزيزن کي بابا جي فوتگي متعلق فون تي ۽ ڪجهه کي
پاڻ ٻڌائڻ ويم. ان وقت حزب الله ڪيهر مون سان گڏ هيو. دوست، احباب، عزيز و اقارب
ايندا رهيا ۽ ساڍي ٻارهين وڳي ڌاري بابا سائين جي جنازي نماز پڙهائي، ايئرپورٽ روڊ
تي واقع ابوبڪر مقام ۾، سندس جسدِ مبارڪ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري موٽي آياسين. رب پاڪ
پنهنجي رحمتن سان سندس درجات بلند ڪندي کين جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب فرمائي. آمين
ثم آمين.
(آصف رضا موريو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا