درمحمد موريو
منهنجو بابا سائين - هجن
شل هوت حيات
آصف رضا موريو
منهنجي بابا درمحمد
جو جنم، ڏوڪري تعلقي جي ديهه يارو لاکير جي ننڍڙي ڳوٺ ”سومر خان موريو جا گهر“ المعروف
ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ پهرين مئي ۱۹۲۴ ڌاري ٿيو. ھو پنهنجي ڀائرن جان محمد، خان محمد
۽ غلام محمد ۾ چوٿون نمبر هيو. سندن والد محمد پريل موريو علاقي جو چڱيرڙو، معتبر
۽ برجستو زميندار هوندو هيو. اسان جو ڳوٺ تمام قديمي بستي آهي جتي اسان پنهنجي سانڀر
۾ ته مورين کان علاوه شاهاڻي ۽ سيال رهندي ڏٺا پر ورهاڱي کان اڳ هن وستي ۾ هندن جي
آبادي به جام رهندي هئي، جيڪي بعدازان پنهنجون جايون جڳهون ڇڏي هندستان هليا ويا. ڳوٺ
جي وچ ۾ اولهه کان اوڀر طرف وهندڙ واهيءَ جي ڏاکڻي شروعات ۾ مورين جا گهر هوندا
هيا جڏهن ته ڏاکڻئي اوڀر ۾ سيالن جا ٻه اڍائي گهر رهندا هيا. جڏهن ته واهي جي
اترئين پاسي، شروع ۾ مورين جا گهر پوءِ ٻه اڍائي گهر سيالن جا ۽ پوءِ شاهاڻين جي چڱيرڙي
آبادي هئي ۽ آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو تڻو ننڍڙا زميندار، باغائي، هاري ناري هئڻ
سبب پرامن رهيا آهن. حيرت انگيز طور تي اسان جي ڳوٺ ۾ هن وقت تائين ڪو جهيڙو جهٽو ڪو
نه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي.
