; سنڌي شخصيتون: محمد صادق قريشي نقشبندي

05 August, 2021

محمد صادق قريشي نقشبندي

محمد صادق قريشي نقشبندي

نصير احمد چنا



درگاهه عاليه لنواري شريف ننڍي کنڊ جي هڪ مشهور ۽ معروف درگاهه آهي، هي نقشبندي سلسلئه طريقت جي تمام وڏي درگاهه آهي، جنهن جي فيض جو چشمو ته سنڌ مان ڦٽو، پر ان جي روشني هن علائقي جون حدون ٽپي وڃي عربستان، يورپ ۽ آفريڪا تائين ڪروڙين دلين کي منور ڪيو. هن وقت درگاهه جي مسند ارشاد تي حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي مدظلهٰ العالي فائز آهي، جنهن جو وجود مسعود لکين بلڪه ڪروڙين انسانن جي عقيدت ۽ محبت جو مرڪز آهي. سندس ولادت باسعادت ۲۰ جون ۱۹۷۹ع مطابق ۲۴ رجب المرجب ۱۳۹۹ هجري تي ٿي. حضرت پير بادشاهه ڪريم پير گل حسن شاهه قدس سرهه سندس نالو ”پير محمد صادق“ رکڻ فرمايو. ان وقت سندس والد حضرت قبلا راحمي بادشاهه پير حاجي فيض محمد قريشي نقشبندي قدس سرهه، درگاهه حضرت قاضي احمد قريشي قدس سرهه جو جليل القدر سجادهه نشين هو. حضرت پير محمد صادق قريشي نقشبندي جو خاندان قريش قبيلي جي شاخ بنو هاشم منجهان آهي. تحقيق ٿيل شجره نسب مطابق سندس وڏن جو سلسلو حضرت عبدالمطلب جن سان ملي ٿو. انسان ذات جي هدايت ۽ رهنمائي هن خاندان جو ورثو آهي. سندس سلسلئه نسب ۾ مخدوم شيخ سندو رحه (مزار ضلعي دادو) ۽ حضرت قاضي احمد قريشي قدس سرهه (مزار ضلعي نوابشاهه) اهي بابرڪت هستيون آهن، جن کان سنڌ جو هر رهواسي واقف آهي.


حضرت پير محمد صادق قريشي جو ننڍپڻ اباڻي شهر قاضي احمد ۾ گذريو. ابتدائي ديني ۽ طريقتي تعليم پنهنجي والد سڳوري حضرت راحمي بادشاهه قدس سرهه جن کان ملي، دنياوي تعليم پهرين قاضي احمد ۽ پوءِ اسلام آباد مان حاصل ڪيائون. اڃان حصول تعليم مان فراغت ئي نه ٿي هيس جو حضرت راحمي بادشاهه قدس سرهه جن وصال الاهي فرمائي ويا. پاڻ ۴۰ ورهيه کن درگاهه حضرت قاضي احمد قدس سرهه جو سجادهه نشين رهيو، پر ان اسان گڏ ۱۹۸۲ع کان وٺي پنهنجي مرشد ۽ درگاهه عاليه لنواري شريف جي ستين سجادهه نشين حضرت پير بادشاهه خواجه گل حسن صديقي قريشي نقشبندي قدس سرهه جي وصيعت جي تعميل ۾ درگاهه عاليه لنواري شريف جو سجادهه نشين به رهيو. پاڻ وفات کان اڳ ئي حضرت پير محمد صادق قريشي کي پنهنجو جاءِ نشين يعني درگاهه عاليه لنواري شريف ۽ درگاهه حضرت قاضي احمد قدس سرهه جو ايندڙ سجادهه نشين مقرر فرمائي چڪو هو.

پاڻ ۱۶ سالن جي عمر ۾ ۱۹۹۵ع ۾ درگاهه لنواري شريف ۽ درگاهه قاضي احمد قدس سرهه جو سجادهه نشين ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي پاڻ اهي ديني ۽ طريقتي ذميواريون سر انجام ڏيندا اچن ٿا ۽ جماعت لنواري شريف جي سربراهي ڪندا پيا اچن. باوجود نوجوان عمر جي پاڻ جماعت لنواري شريف جي روحاني تربيت، توڙي ملڪ جي وڏن وڏن اڪابرن، سياستدانن ۽ عالمن مان رک رکاءُ ۾ ڪٿي به ڪا ڪمي محسوس ڪرڻ نه ڏنائون. وڏا توڙي ننڍا اڄ به سندس حاضري ۾ اها ئي روحاني ڪيفيت محسوس ڪندا آهن، جيڪا کين حضرت پير بادشاهه قدس سرهه ۽ حضرت راحمي بادشاهه قدس سرهه جي مجلس ۾ محسوس ٿيندي هئي. پاڻ شروع کان وٺي جماعت جي ترقي جا خواهان رهيا آهن، سندن دور ۾ جماعت لنواري شريف جي دنياوي ترقي به مثالي آهي، سندس ڏنل سماجي اصلاحات تحت جماعت اندر ڪيتريون ئي اڍنگيون رسمون ختم ٿي چڪيون آهن يا ختم ٿي رهيون آهن، سندس جماعت کي سخت تاڪيد آهي ته پاڻ ۾ تعليم عام ڪن، اجائي ڏيک جهڙوڪ بلا ضرورت شادين مرادين تي وڏو خرچ ڪرڻ، اجائي وهمن ۽ وسوسن ۾ نه پوڻ، پاڻ ۾ بغض، ڪينو ۽ حسد جهڙين بيمارين کان پاسو ڪن. سندس فرمان آهي ته هر وقت ۽ هر حال ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ کي اسان جي پياري نبي ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ مرشد ڪريم سائين سلطان الاولياءَ قدس سرهه ۽ سندس جاءِ نشينن جي فرمانن موجب ياد رکڻو آهي ۽ ان ئي ذات پاڪ جو ذڪر ڪرڻو آهي ۽ ان سان گڏ دنياوي ترقي لاءِ به جدوجهد ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهجي. اڄ جماعت لنواري شريف انهن سونهري اصولن تي عمل ڪندي اڳتي وڌي رهي آهي. سندس فلاحي ڪمن جو دائرو به تمام وسيع آهي. پاڻ جماعت لنواري شريف جي ڪيترين ئي تنظيمن جي سرپرستي فرمائي رهيا آهن. جهڙوڪ حضرت سلطان الاولياءَ فائونڊيشن، پير گل حسن شاهه ٽرسٽ، نشاط ويلفيئر آرگنائيزيشن وغيره، جن جي واکاڻ نه رڳو ملڪي بلڪ بين الاقوامي سطح تي به ٿي آهي. هنن ادارن طرفان مختلف وقتن ۾ طبي ڪئمپون، ٻوڏ ۽ هنگامي صورتحال ۾ رليف ڪئمپون ۽ غريب ماڻهن لاءِ گهرن جي تعمير، شاگردن لاءِ اسڪالرشپس وغيره مهيا ڪيون ويون آهن. سندن دوستي ۽ تعلقات جو حلقو تمام وسيع آهي، سندن محفل هر وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل معززين توڙي ملڪي اڪابرن سان ڀريل رهندي آهي ۽ اهي سڀ سندن دانائي ۽ دور انديشي جا قائل ته آهن پر ساڳئي ئي وقت سندن مثالي مهمانداري جا به متعرف رهندا آهن. حضرت پير محمد صادق قريشي جن جو وجود مسعود هن دور ۾ انسانن لاءِ وڏي سعادت آهي. سندن تعليمات، سندن فلاحي ڪم، جيڪي جماعت لنواري شريف جي مختلف تنظيمن جي پليٽ فارمن تان ڪيا وڃن ٿا، انهن سڀني جو مقصد هڪ ئي آهي يعني انسان ذات جي ڀلائي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا