شايان احمد لغاري
تيرھن ھزار فوٽن جي
بلنديءَ تان ٽپ ڏيندڙ دنيا جو پھريون سنڌي پئراشوٽر
جوکيو جسارت
الياس سنڌي
ھونئن ته دنيا ۾
بلندين کي ڇُھڻ جي تاريخ بيحد پراڻي آھي. پھريون ڀيرو فرانس جي مشھور باني پئراشوٽر
اينڊري جيڪس جارنيرن (۱۷۶۹ع ـ۱۸۲۳ع)، ۱۷۹۷ع ۾ ھائيڊروجن گئس کي ھڪ ڦوڪڻي ۾ ڀري، پئرس ۾ ڪامياب تجربو ڪيو ھو. پر تازو
ئي سنڌ جو پھريون سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ نوجوان، شايان احمد لغاري، فضا ۾ ھلندڙ فوڪر
جھاز جي ۱۳۰۰۰ فٽ بلندي تان ٽپو ڏيڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. سنڌ جو ھي نوجوان پنھنجي فن ۽
شوق جي ڪري بين الاقوامي سطح تي مشھور ٿي
ويو آھي.
شايان احمد جو تعلق،
جوھيءَ ويجھو ڪاڇي جي ٻھراڙيءَ جي ھڪ ڳوٺ سان سان آھي. ۱۹۹۲ع ۾ جنم وٺندڙ شايان احمد جو اصل نالو
عبدالمجيد آھي پر، کيس پيار مان شايان سڏيو وڃي ٿو. پھريان ڪاڇي ۽ بعد ۾ دادوءَ جي
سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شايان احمد، ننڍپڻ ۾ جڏھن، نيشنل جيوگرافڪ چئنل تي
آسمان جي بلندين تان مختلف ماڻھن کي ٽپا ڏيندي ڏسندو ھو، تڏھن کان ئي سندس دل ۾
اھا خواھش پئدا ٿي ته؛ ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھو به انھن وانگر کيرٿر، گورک، ڪاڇي ۽ ڪوھستان
جي جبلن مٿان چڙھي ھيٺ ٽپو ڏيندو. سندس پڙھائيءَ سان گڏ سندس شوق جي ڪري، سندس نظر
آسمان تي ڦرندڙ پکين ۽ جھازن تي ھوندي ھئي.
وقت گذرندو رھيو ۽
ھن ڄامشورو ۾ رھي، سنڌ يونيورسٽي مان اڪنامڪس ۾ ماسٽر ڪئي ۽ ڪجھ وقت غيرسرڪاري
ادارن ۾ نوڪري ڪيائين. جڏھن ته کيس ۲۰۱۰ع کانپوءِ سرڪاري ٽيچر ٿيڻ جو موقعو مليو. پر سندس ارادو
ڪجھ ٻيو، منفرد علم ۽ فن حاصل ڪرڻ جو ھو. جنھن جي ڪري پاڻ ۲۰۱۳ع ۾ سعودي عرب ھليو ويو. پاڪستان کان ٻاھر وڃڻ
جي پٺيان، سندس خواب روزگار ۽ محنت ڪرڻ سان گڏوگڏ خاص ڪري، ”پئراشوٽنگ“ سکي، سنڌ
جو نالو روشن ڪرڻ ھو. پر اوچتو ۲۰۱۷ع ۾ سعودي عرب جي ھڪ روڊ تي، سندس ڪار جو ھڪ تيز رفتار ٽرالر
سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾، سندس جسم جي پنجن مختلف جڳھين تي شديد زخم رسيا.
جن ۾ ڄنگھ، ٻانھن، ھٿ ۽ پير وغيره شامل ھئا. پر ھي نراس نه ٿيو ۽ مسلسل پنھنجو
علاج ڪرائيندو رھيو. ان دؤران پاڻ ۲۰۱۹ع ۾ ڪورونا جي وبا کان ڪجھ مھينا اڳ ئي متحده عرب امارات
ھليو ويو. ھو ھاڻي شارجه ۾ رھي ٿو.
شارجه ۾ ھو اڄ نه
صرف ھڪ ڪامياب ڪاروباري ۽ محنت ڪندڙ نوجوان آھي پر سنڌ واسين جي خدمت ڪرڻ واسطي
کيس ھر فلاحي ڪم ۾ پڻ اڳڀرو ڏٺو ويندو آھي. دبئي ۽ ابوظھبي ۾ جيئن ته پئراشوٽ ۽ اسڪاءِ
ڊائيونگ جي تربيت تي حڪومت جي مڪمل توجه آھي ۽ اتي اھڙا سٺا ادارا به موجود آھن، جيڪي
پئراشوٽنگ جي مڪمل ڄاڻ ۽ تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ ان فن ۾ سکندڙ ماڻھن کي عملي طور ڪامياب
ڪرڻ ۾ به مدد ڪن ٿا. انڪري شايان پنھنجي صحت تي خاص توجه ڏني ۽ ۲۰۲۰ع جي شروعات ۾، مڪمل فٽ ٿيڻ کانپوءِ ھن پنھنجي
ڪاروبار ۽ شوق تي توجه ڏني. پر لاڪڊائون جي ڪري ھو ڪجھ وقت تائين خاموش رھيو. ھن
لاڪڊائون ۾ دبئي ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ رھندڙ سنڌين ۽ ٻين ماڻھن جي خدمت ڪئي ۽ انيڪ
فلاحي ڪم ڪيا.
ڊسمبر ۲۰۲۰ع ۾ ھن ھڪ آپريشن ڪرائي ۽ پنھنجي سرجن کان
اجازت وٺڻ بعد ابوظھبي ۾ قائم ھڪ مشھور اداري بنام ”ابوظھبي اسڪائي ڊائيونگ انسٽيٽيوٽ“
۾ داخلا ورتي. جتي برازيل سان تعلق رکندڙ ھڪ مشھور استاد ”بيٽو جونيئر“ کيس ان ڏس
۾، باقاعده تربيت ڏني. ان دوران ئي، ھن آسمان جي بلندي تان، ھلندڙ جھاز مان ٽپو ڏئي
پھرين سنڌي ”اسڪائي ڊائيور“ ھجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. نه صرف اھو پر شايان، پاڪستان
جو اھڙو پھريون بغير ٽينڊم (مدد) جي ڪامياب پئراشوٽر آھي، جنھن ۱۳ ھزار فوٽن جي بلنديءَ تان ھلندڙ جھاز مان، پھريون
ڀيرو بنا ڪنھن مدد جي، اڪيلي سر ٽپو ڏنو. بعد ۾، سندس اداري جي سفارش، تربيت جي تڪميل
۽ اھا مشق پيشيوراڻي طريقي سان ڪرڻ تي کيس اپريل ۲۰۲۱ع جي شروعاتي ھفتي ۾ ئي آمريڪن پئراشوٽ ايسوسيئيشن
طرفان لائسنس به جاري ڪيو ويو آھي. جنھن بعد ھو دنيا جي ڪھڙي به خطي ۾، آسمان ۾ ۱۰ ھزار فٽن کان مٿي توڙي ۳ ھزار فٽن جي گھٽ فاصلي کان ٽپو ڏئي، پئراشوٽنگ
ذريعي، پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري سگھي ٿو.
شايان ان ڪري ئي
گذريل ھڪ ھفتي کان ملڪي ۽ بين الاقوامي ميڊيا جي توجه جو مرڪز رھيو آھي. کانئس
مختلف ادارن جڏھن انٽرويو ورتا ته پنھنجو تعارف پيش ڪندي، ھن فخر سان پنھنجو پان
کي سنڌي سڏرايو. ۱۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي ھن جڏھن دبئي جي ۱۳ ھزار فوٽ جي بلندي تي ھلندڙ جھاز مان، ۱۴ ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ جي ھوا جي داٻ ۽ ڪاٽو ۳۱ ڊگري سينٽي گريڊ جي شديد ٿڌ ۾ ٽپو ڏنو ته آسمان ۾ بولاٽيون کائيندي، ھن جا
مختلف انداز، ڀر واري ٻئي اڏندڙ اسڪائي ڊائيور جي ڪيمرا محفوظ ڪيا. جن ۾ سنڌي
ثقافت جو نؤڙت ۽ عاجزيءَ وارو ھٿ ٻڌڻ وارو انداز به شامل آھي. جيڪو سماجي رابطن جي
ويبسائيٽ تي، بيحد مقبول ٿيو.
ڪاڇي جو ھي نوجوان
عبدالمجيد عرف شايان احمد، ھن وقت تائين ڪل پنجاھ کان وڌيڪ ڀيرا، فضا مان مختلف
ھزار فُٽن (۱۳ ھزار کان وٺي ۳۵۰۰ فوٽ) جي بلنديءَ تان ٽپا ڏئي چڪو آھي. سندس چوڻ آھي ته ھو جڏھن ته ۲۰۰ ٽپ ڏيئي وٺندو ته آسٽريليا، فرانس، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾، عالمي سطح جي مقابلن
جھڙوڪ؛ اسڪاءِ ڊائيونگ ورلڊ ڪپ وغيره ۾ پڻ سنڌ ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ اھي
اعزاز پڻ کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.
منھنجي ڪافي وقت
کان شايان سان سلام دعا رھي آھي. جڏھن به ساڻس ڳالھ ٻولھ ٿيندي آھي ته ھو وڏي چاھ
۽ پيار مان موٽ ڏيندو آھي. جنھن ۾ ھو سنڌ جي نوجوانن کي پئراشوٽنگ بابت سکيا ڏئي،
سنڌ جي الڳ ٽيم ٺاھڻ جي خواھش جو ذڪر به ڪندو آھي. سندس چوڻ آھي ته ان شوق ۾ سندس ڪاميابيءَ
جي پٺيان سندس ٻن مائرن جو ھٿ آھي، ھڪ اھا امڙ جنھن کيس ڄڻيو ۽ ٻي اھا سنڌ امڙ،
جنھن جي عشق کيس فضائن ۾ پھچي، اھا خطرناڪ راند کيڏڻ تي اتساھيو.
ياد رھي ته پاڪستان
۾ پئراشوٽنگ جو نظام، ھن وقت صرف پاڪ فوج وٽ آھي، جيڪي مختلف جنگي مشقن يا قومي ڏينھن
تي ان جو نماءُ ڪندا آھن. باقي ان کان علاوه پيراشوٽنگ جو ھتي ڪو به نظام ناھي. جيڪڏھن
حڪومت، شايان لغاري جي سرپرستي ڪري ته ان فن ۾ به پاڪستاني نوجوان اڳيان اچي سگھن ٿا.
ڇاڪاڻ ته شايان اھو سمورو فن پنھنجي پئسن تي سکيو آھي. ھڪ ٽپو ڏيڻ جا اندازن، پاڪستاني
۸۲ ھزار رپيه خرچ ٿين ٿا، جيڪا رقم ھو پاڻ ڀريندو آھي. ۷ مئي ۲۰۲۱ع تي شايان ھڪ ھفتي جي لاءِ پاڪستان ايندو.
حڪومتي توڙي ٻيا ادارا سندس ڄامشوري واري گھر ۾ ساڻس ملاقات ڪري سگھن ٿا. پاڻ سنڌ
جي نوجوان رانديگرن لاءِ اتساھ جو ھڪ مثالي نمونو آھي. سندس اھو به ارادو آھي ته
جيڪڏھن سنڌ حڪومت مدد ڪري ته ھو سنڌ ۾ پڻ ھزارين فوٽن جي بلنديءَ تان ٽپا ڏئي،
پنھنجي ان فن جو مظاھرو ڪري سگھي ٿو.
(ڪاوش گئلري، ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد، سومر ۱۹ اپريل ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)
شايان احمد لغاري
سنڌ جو پهريون لائيسنس
يافته آسڪاءِ ڊائيور
آصف رضا موريو
تاريخ ۱۴ مئي ۱۹۹۲ع
تي جنم وٺندڙ شايان احمد سنڌ جو پهريون لائيسنس يافته هواباز ۽ خوبصوت نوجوان آهي
جنهنجو اصل نالو عبدالمجيد لغاري ۽ سندس تعلق ضلعي دادو جي جوهي تعلقي واري ڪچي ۾
واقع ڳوٺ بري سان آهي جڏهن ته سندن والد غلام النبي لغاري پنهنجي تر جو چڱو
زميندار ۽ خوشحال ماڻهو آهي.
شايان احمد پنجين
پرائمري تعليم دادو جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد مان پڙهي، ڏهين جماعت
گورنمنٽ طالب المولا هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪئي. ان کان پوءِ انٽرميڊئيٽ ۽ بي اي
جو امتحان آخوند نجم روڊ تي جوڙيل استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڏنو ۽ پوءِ هن
اقتصاديات ۾ ايم اي جي ڊگري شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. شايان
کي پڙهڻ لکڻ جو پڻ شوق آهي. سائين جي ايم سيد سندس پسنديده ليکڪ آهي جنهن جا ڪتاب
“جيئن ڏٺو آ مون” ۽ “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” سندس پسند جا ڪتاب آهن جڏهن ته سياسي
شخصيت طور کيس بشيرخان قريشي گهڻو وڻندو آهي، شايان جڏهن سائين جي ايم سيد،
بشيرخان قريشي يا ڪهاڙي واري تصويرن سان مزين شرٽيون پائي فضا جي رٿين تي سوار جڏهن
هي جوان ڪلابازيون کائيندي سنڌين جي “بسملاهيون” ڪرڻ وانگي ٻئي هٿ ٻڌندو آهي ته
ائين لڳندو آهي ڄن هو پنهنجي جنم ڀومي جو قرض ادا ڪري رهيو هجي.
نوڪري جي حوالي سان
شايان ڪم جي شروعات ۲۰۱۰ع ۾ ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي ۾ والنٽيئر طور تڏهن ڪئي جڏهن سموري سنڌ ۾ مها ٻوڏ
تباهيون مچائي رهي هئي. ان سال ئي کيس پرائمري استاد جي نوڪري جو آرڊر پڻ مليو جيڪو
هن قبول ڪونه ڪيو جي سندس آڏو گهڻا عشق جا امتحان پيشِ نظر هيا. ۲۰۱۴ع دوران هو سعودي عربيه جي هڪ اڌ ڪمپني ۾
سائيٽ سپروائيزر طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه به مختلف ڪمپنين ۽ ادارن ۾
نوڪريون چاڪريون ڪندي ۲۰۱۹ع ۾ شارجه هليو ويو جتي هن وقت استعمال ٿيل مشينن جي خريد و فروخت جي ڪاروبار
ڪرڻ سان گڏ اسڪاءِ ڊائيو ڪوچ طور پڻ متحرڪ آهي.
شايان احمد کي اسڪاءِ
ڊائيونگ جي شوق ۲۰۰۲ع ڌاري دل اندر تڏهن ديرو ڄمايو جڏهن هن نيشنل جيوگرافڪ چينل تي اسڪاءِ ڊائيونگ
متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري ڏٺي هئي، دبئي اچڻ
سان پنهنجي شوق جي آبياري لاءِ هن Al Seyahi St - Dubai Marina وينيو تي واقع دنيا جي وڏي اسڪاءِ ڊائيونگ اسڪول “ابو
دبئي جي اسڪاءِ ڊائيونگ اسڪول يواي اي” مان هوا مان جمپ هڻي زمين تي پهچڻ جو ڪورس ڪيو
جتي تمام ماهر انسٽرڪٽر جديد ترين تيڪنڪ سان اسڪاءِ ڊائيونگ جي تربيت ڏيندا آهن.
شايان پڻ اهو هڪ مهيني وارو ڪورس پهنهنجي ڪاروباري مصروفيتن سبب ٽن مهينن ۾ بيٽو
جونيئر جهڙي بهترين برازيليئن ڪوچ ۽ ٻين ماهر استادن جي تربيت هيٺ پورو ڪيو جنهن
جي پوري ٿيڻ تي اپريل ۲۰۲۱ع ۾ آمريڪي پيراشوٽ ايسوسيئيشن طرفان کيس اسڪاءِ ڊائيونگ جو لائسنس پڻ مليو
جنهن کان پوءِ شايان ڪنهن به ملڪ جي ڊراپ زون مان ڏهه هزار ڦٽ مٿي تائين انهن ملڪن
جي مروجه فضائي قانون تحت اسڪاءِ ڊائيونگ يا پيراشوٽنگ ڪري سگهي ٿو.
يو اي اي جي پام ڊراپ
زون ۽ پام جميريا جي شاندار ڊراپ زونن تان سکيا ۽ سيکارڻ جا انوکا تجربه اڄ به
شايان لاءِ خوبصورت يادن جا سرمايا آهن جتان سکيا دوران پهريان ڪجهه ڏينهن شايان
کي ٻه اڍائي انسٽرڪٽر هوندي به تمام گهڻو خوف محسوس ٿيندو هيو پر هاڻي هو اسڪاءِ ڊائيونگ
کي پنهنجي زندگي جو حصو سمجهندي انجواءِ ڪندو رهي ٿو جو هاڻي هو سينيئر ۽ پروفيشنل
هئڻ ناطي پاڻ ابو ذهبي اسڪاءِ ڊائيونگ سينٽر طرفان سيڪڙاٽن کي سينٽر جي جهازن
ذريعي اسڪاءِ ڊائيونگ ڪوچ طور ٽريننگ پڻ ڏيندو رهي ٿو جنهن لاءِ هر جمپ جي حساب
سان کيس ۱۰۰ درهم ملندا آهن.
فري فال ۾ جهاز مان
جمپ ڏئي نڪرڻ کان پيراشوٽ کولڻ تائين واري وقت کي اسڪاءِ ڊائيونگ چئجي ٿو. اها هڪ
انتهائي دلچسپ راند پڻ آهي جيڪا زمين کان سوين فٽ مٿان ڪنهن اڏندڙ جهاز، هيلي ڪاپٽر
يا وڏي غباري ذريعي هوا مان ٽپو ڏئي اڪيلي سر يا ساٿين سان گڏ کيڏي ويندي آهي يا
هن ۾ ڪرتب پڻ ڏيکاريا ويندا آهن. اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ پيراشوٽ کولڻ کان اڳ کلاڙي فري
فال ڪندو آهي جنهن جو فاصلو عمومي طور تي چار هزار ميٽر يعني ۱۲،۵۰۰ فٽ ۽ وقت چاليهه کان پنجاهه سيڪنڊ ٿئي ٿو. جهاز جي
اونچائي چار هزار ميٽرن کان وڌائي اهو “وقت” پڻ وڌائي سگهجي ٿو پر وڏي جمپ لاءِ
جهاز اندر آڪسيجن جي پريشر ۽ غوطه خور لاءِ بوتل ۾ آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي. اسڪاءِ
ڊائيو ۾ جمپ ۽ فري فال کان لينڊنگ تائين هوا ۾ آزادي ۽ ضابطي معتلق خوبصورت،
پيچيده ۽ حيرت انگيز احساسن سان گڏ جسماني ۽ ذهني مشقن مان لطف اندوز ٿيڻ دلفريب
موقعا ملن ٿا. شايان هن وقت تائين مختلف ڊراپ زون مان ۱۳۰۰۰ فٽ جي رينج وارا اونچا سٺ سولو جمپ ڏئي چڪو
آهي جڏهن ته باقي ڪافي سارا جمپ دوستن جي گروپن سان پڻ ڪيا آهن.
اسڪاءِ ڊائيونگ
متعلق چيو وڃي ٿو ته هن خطرناڪ راند جو بنياد ۱۴۸۳ع ڌاري اٽاليئن تخليق ڪار ۽ موجد ليئونارڊوڊاونچي
وڌو هيو جو سندس اسڪيچن ۾ جهاز ۽ گلائيڊنگ جهڙن اڏارن جا بيشمار خاڪا ملن ٿا. اسڪاءِ
ڊائيونگ هوائي جهازن، هيلي ڪاپٽرن يا هوا ۾ اڏندڙ وڏي ڦوڪڻن مان اڇل ڪود جهڙي راند
آهي جنهن لاءِ جمپ ڪرڻ واري جاءِ مهل هدايتون ڏيڻ ۽ حوصلو وڌائڻ لاءِ ٻه اڍائي انسٽرڪٽر
جمپ ڪرڻ مهل سيکڙاٽن سان گڏ هوندا آهن. اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ جمپنگ کان لينڊنگ تائين
قريبن ۵ کان ۷ منٽ لڳندا آهن جنهن کان پهريان هوائي جهاز ۾ چڙهي جمپ واري جاءِ تائين پڄڻ
۾ ويهه پنجويهه منٽ ٻيا به لڳي ويندا آهن.
پيرا گلائيڊنگ،
بنجي جمپنگ، پيراسيلنگ ۽ ريفٽنگ جيان اسڪاءِ ڊائيونگ پڻ خوبصورت پر ايڊويچرس راند ڀانئي
وڃي ٿي جنهن ۾ رانديگرن لاءِ جان جوکم جا خطرا به جام هوندا آهن پر احتياط ڪجي ته
حادثن جي رسڪ گهٽ ٿئي ٿي. يونائيٽيڊ اسٽيٽس پيراشوٽ ايسوسيئيشن جي شماريات مطابق ۲۰۱۸ع ۾ ۳.۳ ملين جمپس مان رڳو ۱۳ اسڪاءِ ڊائيورز حادثن ۽ موت جو شڪار ٿيا.
پنجاب ۽ ڪي پي ڪي
سان تعلق رکندڙ ڪافي هوابازن کي مختلف ملڪن مان اسڪاءِ ڊائيونگ جا ليسن مليل آهن جڏهن
ته سنڌ ۾ اهڙو ليسن صرف شايان لغاري وٽ آهي.
اسان جي ملڪ ۾ ملٽري
پيراشوٽنگ ٽريننگ سينٽرز ضرور موجود آهن جتي پڻ سوليئن لاءِ تربيت جون سهولتون ڪونه
آهن. خان پور ڊيم ۽ منگلا ڊيم واري سائيٽن تي البته پيرا گلائيڊنگ سيکاري وڃي ٿي
پر حيرت انگيز طور تي هن جديد دور ۾ به اسان جي ملڪ ۾ اسڪاءِ ڊائيونگ جي سکيا جو ڪوبه
اسڪول ڪونه آهن تنهن ڪري اسان جا نوجوان ان فن جا ڪورس دبئي، ٿائيلينڊ، ڪيپ ٽائون
(جنوبي افريقا)، فلپائين وغيره مان ڪرڻ ويندا آهن. تنهن ڪري حڪومتِ پاڪستان کي
گهرجي ته شايان لغاري تربيت يافته اسڪاءِ ڊائيورز کي پيٽرونائيز ڪري پنهنجي ملڪ ۾
اسڪاءِ ڊائيونگ جا اسڪول ۽ سينٽرز کوليا وڃن ته جيئن نه رڳو پنهنجي ماڻهن ۾ اها
هنرمندي فروغ پائيندي پر ٻاهرئين ملڪن مان سکڻ ايندڙن مان پيسا پڻ ڪمائي سگهجن ٿا
جو ان فن جا تربيتي ڪورس تمام مهانگا ٿين ٿا.
مارچ ۲۰۲۱ع ڌاري ٽن ڏينهن لاءِ ٿيندڙ “اسلام آباد ٽورزم
فيسٽيول” ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان
آرمي جي اسپيشل سروس گروپ "Maroon Berets" جي
جوانن سان گڏ عام شهرين کي به اسڪاءِ ڊائيونگ جا جوهر ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وئي هئي
جنهن ۾ جهانزيب نورزئي، زيشان مرزا، حيدرعلي به شامل هيا جڏهن ته زينب نالي هڪ ڇوڪري
پڻ اسڪاءِ ڊائيونگ طور ان فيسٽيول ۾ بهرو ورتو جنهن ۾ چاهڻ جي باوجود شايان لغاري
شامل ٿي ڪونه سگهيو جو هو ان وقت دبئي ۾ هيو جتان ڪورونا سبب فلائيٽيون مڪمل طور
تي بند هيون.
ست مئي ۲۰۲۱ع تي رات جو ۸ وڳي شايان لغاري مون کي واٽس اپ تي هڪ وڊيو
موڪلي جنهن ۾ هو هڪ جهاز مان اسڪاءِ ڊائيونگ کان اڳ ڪجهه غير ملڪي اسڪاءِ ڊائيورز
سان سنڌي هوجمالو ڳائي رهيو هيو. فون ڪري حال احوال پڇيومانس ٻڌايائين “ان وڊيو
واري ٽيم ۾ امريڪا، جرمني، برازيل، سائوٿ افريڪا، رومانيه، اٽلي وغيره جون ۽ جا اسڪاءِ
ڊائيورز آهن جن کي هن پاڻ هوجمالو سيکاريو آهي. مان سمجهان ٿوزمين کان ۱۳۰۰۰ فٽ مٿي آڪاش جي بلندين ۾ اڏندڙ ڪينيڊا جي
وائيڪنگ ايئر جي تيار ڪيل ۱۹ سيٽن واري ۲۷۸ ڪلوميٽر ڪلاڪ جي رفتار سان اڏندڙ Twin otter نالي جهاز
تي اهو پهريون موقعو هوندو جو ڪنهن سنڌي اسڪاءِ ڊائيور نوجوان ڪوچ پنهنجي غيرملڪي
سيڪڙاٽ ساٿي شاگردن کي سنڌي لوڪ گيت سيکاري ڳائڻ ۽ ڳارائڻ کان پوءِ فضا مان زمين ڏانهن
جمپ ڪرايو هوندو.
اسڪاءِ ڊائيونگ جي
دنيا ۾ اچڻ سان روز نوان تجربه ۽ نئين دوستن سان ملڻ ڪري زندگي ۾ خوبصورت ۽ مثبت
تبديليون داخل ٿين ٿيون. ان کان علاوه گروپس ۾ جمپ ڪرڻ وقت “اسڪاءِ ڊائيو فيملي” جي حقيقي اهميت جو احساس
پڻ ٿيندو آهي جيڪي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اڏڻ دوران توهان جا دوست، همدرد ۽ جيئڻ مرڻ
واري گهر ڀاتين جهڙا هوندا آهن جو اسڪاءِ ڊائيونگ ۾ خطرو “غيرممڪن” نه هوندو آهي.
اسڪاءِ ڊائيونگ هڪ اهڙي راند آهي جنهن جي ڱڌکيڏڻ سان رانديگرن ۾ حڪمت جهڙي دولت،
صبر جهڙو مظبوط هٿيار، ايمان جهڙي سلامتي ۽ کل جهڙو ٽونڪ گهر ٺاهي ويهي رهن ٿا.
اسڪاءِ ڊائيونگ ۾
انسان جي ذهن ۽ جسم ۾ بيشمار نوان احساس پڻ جڙندا آهن جنهن ۾ پهرئين ڪجهه سيڪنڊن
کان پوءِ اسڪاءِ ڊرائيور پاڻ کي سپر هيرو سمجهڻ لڳندو آهي جڏهن ته ٽپو ڏيڻ دوران ٽرمينل
جي رفتار عام طور تي ۲۰۰ ڪلوميٽر في ڪلاڪ جيتري گهڻي تيز هوندي آهي.
ان لاءِ شايان جو خيال آهي ته “اسڪاءِ ڊائيورز سدائين صحتمند رهندا آهن جو هن راند
ذريعي انهن کي پنهنجي ذهني ۽ جسماني طاقت کي وڌائڻ ۽ استوار ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد
ملڻ سان گڏ بيشمار اجائي سجائي انديشن تي پڻ قابو ڪرڻ سبب انهن ۾ جا خود اعتمادي
پيدا ٿئي ٿي سا عملي زندگي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي پڻ قابو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي
رهندي آهي”.
(آصف رضا موريو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تي/ تان ۸ جون ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا