; سنڌي شخصيتون: حاجي منور علي عباسي

01 August, 2021

حاجي منور علي عباسي

حاجي منور علي عباسي

محترمه بينظير ڀٽو جي ساٿي جو وڇوڙو

عبدالفتاح عباسي



سنڌ جي سياست ۾ عباسي خاندان جو هڪ نمايان ڪردار رهيو آهي، جنهن ۾ بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جو پاڪستان سطح جي سياست ۾ اهم رول رهيو ۽ سندس وڏي پٽ حاجي منور علي عباسي توڙي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو سياست ۾ وڏو ڪردار آهي. تر جي مشهور زميندار حاجي خان محمد عباسي جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع ۾ منور علي عباسيءَ جو لاڙڪاڻي شهر جي وليد محلي ۾ جنم ٿيو، والده ڊاڪٽر اشرف عباسي ڊاڪٽري ۽ سياسي حوالي سان هڪ وڏي پائي جي قومي اڳواڻ هئي. منور علي عباسي پنهنجي والده ۽ مامي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي نقش قدم تي هلندي سياست ۾ پير پاتو ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيو. حاجي منور علي عباسي وليد پرائمري اسڪول ۾ چار درجا سنڌي پڙهيا. وڌيڪ تعليم لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جنهن کانپوءِ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. بعد ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڏنائين. هو ۱۹۷۳ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. ساڳئي سال تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻي تي بنا مقابلي چيئرمين ٿي ويو. ۱۹۸۰ع ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن جو چيئرمين بڻيو. ۱۹۸۲ع ۾ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. ۱۹۸۸ع ۾ صوبائي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ ڪابينا ۾ وزير ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن ويلفيئر ٿيو. اڳتي هلي ساڳئي سال ۾ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو به مليو. ۱۹۹۷ع جي چونڊين ۾ به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو.


سياست کي عبادت سمجهي ڪري، سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان، گذريل ۵۰ سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پاڻ پتوڙيندي، پنهنجي ووٽرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچي ٿو. پنهنجي سنڌ ۾ سياست جي ميدان ۾ ته کوڙ سارا هڪ کان هڪ وڏيرا، ڀوتار، نواب، مير وغيره سياست ڪندا پيا اچن پر جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هن عباسي خاندان پنهنجي شرافت، عزت، ديانت، فلاحي، سماجي ڪمن ڪارن ۾ پاڻ نڀائيندي زندگي گذاري آهي، انهيءَ جو مثال نٿو ملي سگهي. هن خاندان جون پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنيادي فائونڊر ميمبرن ۾ نمايان خدمتون شامل آهن. جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني سربراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پيپلز پارٽيءَ کي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ملڪان ملڪ مشهور ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل رهيو ته هن عباسي خاندان جي پڙهيل لکيل سنڌي عورت ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ صاحبه کي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، انهيءَ عوامي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت انهيءَ دعوت کي قبول ڪندي بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي باقاعده سياست ۾ پير پاتو ۽ اها ملڪي تاريخ ۾ پهرين مسلمان سنڌي عورت هئي، جيڪا قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر بڻي، جنهن کان پوءِ آمريتي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ هن خاندان کي شهيد ڀٽو جي قريبي تعلقاتن سبب عتاب جو نشانو بڻايو ويو، پوءِ آمر جي موت بعد سياسي هلچل تيز ٿي ۽ اهڙي طرح محترمه بينظير ڀٽو پوري پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ اقتدار پيپلز پارٽي کي مليو ۽ عباسي خاندان جي شهيد ڀٽو وانگر سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو سان به انتهائي قريبي تعلقات رهيا، جنهن ڪري بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جا ٻئي پٽ حاجي منور علي عباسي ۽ سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي پيپلز پارٽي جي سياسي هلچل ۾ نمايان رهيا، جنهن سان گڏ ڊاڪٽر صفدر عباسي جي گهر واري ناهيد خان ته اڳ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري هئي، جيڪي پيپلز پارٽي جي اهم ترين ساٿي سمجها ويندا هئا پر بدقسمتيءَ سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ ع تي شهادت بعد سياسي ڦيرو ڦري ويو ۽ جيڪي ڪلهه تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اهم ترين ويجهو خاندان ۽ انهي جا فرد سمجها ويندا هئا اهي پ پ پ جا اصل سرمايو ۽ اثاثو ڪن ماڻهن جي نامناسب روين سبب پوئتي ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي طرح ۲۰۱۳ع ۾ پ پ پ کان عباسي خاندان مڪمل طور تي ڪنارا ڪشي ڪري لاڙڪاڻي ۾ عوامي اتحاد جوڙي ورتو، جنهن ۾ حاجي منور علي عباسي کي ڪنوينر چونڊيو ويو، پ پ پ مخالف پارٽين تنظيمن جماعتن هڪ فولادي ديوار جهڙو ڪردار ادا ڪري اقتداري پارٽي کي ۲۰۱۸ع ۽ ۲۰۱۹ع ۾ جتي پنجن سالن ۾ اليڪشن ۾ حصو ورتو ويندو آهي، اتي عباسي خاندان کي ٿڪائڻ لاءِ بار بار سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن ڪرائي وئي پر ٻئي دفعا حاجي منور علي عباسيءَ جو پٽ معظم علي عباسي وڏي اڪثريت سان پوري حڪومتي مشينري ۽ سڄي سنڌ جي ڀوتارن کي بري طرح شڪست ڏيئي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي جان سمجهي ويندڙ عباسي فيملي ۽ انهي جو بهادر اثاثو حاجي منور علي عباسي توڙي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ معظم علي، ڪاظم علي، اويس عباسي اهي فرد آهن جيڪي پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي سياست کي عبادت سمجهي ڪندا رهن ٿا، جڏهن به ڪو به پ پ پ جي قائدين جو ڏهاڙو هجي ته عباسي خاندان پنهنجي وليد هائوس ۾ وڏي شان شوڪت سان اهو ڏينهن ضروري ملهائيندي نظر ايندا.

عوام جي خدمت ڪندڙ عباسي فيملي جو وڏو ۽ اهم سياسي شخصيت سمجهيو ويندڙ حاجي منور علي عباسي ۲۶ جون جمعي ڏهاڙي رات جو ۸ وڳي ساهه جي تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ رضاءِ الاهيءَ سان وفات ڪري ويو، جنهن کي ۲۷ جون ڇنڇر ڏهاڙي تي اباڻي قبرستان ۾ ڪامل ولي بزرگ عرب سرڪار رحه جي پيرانديءَ ۾ دفنايو ويو، هو مسلسل ۷۶ سال پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندو رهيو آخرڪار الله جي رضا تي راضي رهڻو آهي ۽ هر ساهواري کي اهو موت برحق اچڻو آهي پر جنهن لاءِ پويان نيڪي ڀلائي ڳائي وڃي اهو وڏو خوشنصيب ۽ ڀاڳن وارو آهي، انهيءَ جي لاءِ هر هڪ ٻانهي جي زبان تان سٺو، ڀلو، چڱو، خدا ترس وارا لفظ حقيقت ۾ مرحوم جي لاءِ قبر و آخرت جو انمول ثمر آهن، جيڪي ڪنهن ڪنهن کي نصيب ۾ ملندا آهن. جڏهن هر زبان تان اهڙا لفظ نڪرن ته سمجهو اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ انهيءَ جي دنيا ۾ ڪيل نيڪي مقبول ٿي وئي.

حاجي منور علي عباسي جو وڇوڙو هڪ سياست ۾ خال پيدا ڪري ويو آهي، شايد ئي وري ڪو اهڙو ماڻهو لاڙڪاڻي جي سياست ۾ اچي پر اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. حاجي منور علي عباسي، عباسي ڪلهوڙا برادري ۾ عوامي فلاحي تيز سرگرميون ڪندو رهيو جنهن ڪري پوري ملڪ جا عباسي ڪلهوڙا ڊاڪٽر شفقت علي عباسي ۽ حاجي منور علي عباسي کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا رهن ٿا ۽ انهن ٻنهي تي فخر محسوس ڪندا رهن ٿا، هو ايڏي وڏي پائي جو سياسي ليڊر وڏي ڪليبر جو ماڻهو هميشه سادگي پسند رهيو بغير ڪنهن پروٽوڪول بغير ڪنهن هٿياربند گارڊ جي گهمندو رهندو هو، هو فقير درويش الله لوڪ سياستدان هو، انهي جي سياسي قد ڪاٺ جي اونچائي وڏي بلند هئي پر هو جهڙي نموني سان پنهنجي زندگي گذاري ويو انهي جو مثال نٿو ملي سگهي.


 

حاجي منور عباسيءَ جو وڇوڙو

مرتضٰي ڪلهوڙو

لاڙڪاڻي جو روح روان حاجي منور علي عباسي جو ساهه جو سڳو هميشه لاءِ ٽٽي ويو آهي. حاجي منور علي عباسي وڏي نظر وارو شفيق انسان هو جنهن پنهنجي سڄي سياسي زندگيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي عوام سان اڻٽٽ ڳانڍاپو آخري پساهن تائين رکيو. حاجي منور علي عباسي گهڻ پاسائين، غير تڪراري ۽ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شخصيت هو. ننڍي وڏي سان هڪ جهڙو ٿي پيار ۽ پاٻوهه واري رويي سان پيش ايندو هو. سياستڪار هجڻ سان گڏوگڏ هن، لاڙڪاڻي جي نوجوانن ۾ راندين جو اتساهه پيدا ڪيو. خاص طور تي ڪرڪيٽ جي حوالي سان هن، نوجوانن کي ڪيترا ئي شاندار موقعا فراهم ڪيا ۽ شيخ زيد ڪالوني ۾ پي سي بي گرائونڊ جوڙائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جتي اڄ به لاڙڪاڻي جا نوجوان رانديگر، مختلف رانديون کيڏي رهيا آهن. جنهن گرائونڊ جو سڄو ڪريڊٽ، حاجي منور علي عباسي ڏانهن وڃي ٿو. حاجي منور علي عباسي نه صرف راندين پر سماجي ۽ ڀلائي وارن ڪمن ۾ هميشه اڳڀرو نظر آيو. سندس پاران جوڙيل برادريءَ جي تنظيم آل عباسي ڪلهوڙا ويلفيئر ايسوسئيشن جي پليٽ فارم تان هزارن جي تعداد ۾ غريب ۽ بي پهچ ماروئڙن جي مالي سهائتا ڪرڻ سان گڏ، هر سال مفت اکين جي ڪئمپ وليد محلا ۾ لڳائي پنهنجي هڙان وڙان ماهر ڊاڪٽر گھرائي آپريشن ڪرائيندو هو ۽ کين مفت لينس، دوائون ۽ رهائش پڻ فراهم ڪندو هو.

حاجي منور علي عباسي، لاڙڪاڻي توڙي سنڌ واسين سان بي پناهه محبت ڪندو هو ۽ هر ڪنهن جي سڏ تي وڃي پهچندو هو حاجي منور علي عباسي جهڙو پير کڻڻ ۾ سنڌ ۾ ورلي ڪو سياستدان هوندو جيڪو نه سردي ڏسندو هو ۽ نه گرمي اتي وڃي پهچندو هو. حاجي منور علي عباسي سڄي عمر پاڪيزه سياست ڪئي ۽ ڪارڪنن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو وانگر اثاثو سمجهندو هو، هن پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان پنج ڀيرا چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻجي لاڙڪاڻي ۽ قمبر، شهدادڪوٽ ضلعن جي ٻهراڙين وارن علائقن کي ترقي وٺرائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو، هو جڏهن وارهه ۽ ميروخان جي تڪن تان چونڊجي آيو ته هو لاڙڪاڻي اچڻ وقت پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان رابطا ڪري کانئن مسئلا معلوم ڪندو هو. حاجي منور علي عباسي بنا متڀيد جي عباسي ڪلهوڙا تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪلهوڙا برادري سان گڏ مختلف ذاتين جي ماڻهن کي به وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو ۽ فيصلا به اڻ ڌريا ڪندو هو جنهن ڪري ماڻهن جو هن مٿان وڏو ويساهه هوندو هو.

حاجي منور علي عباسي ڪڏهن به ڪوڙ جو پاسو نه ورتو ۽ هميشه سچائي توڙي نيڪ نيتيءَ سان عام غريب ماڻهن جي اوکي ويل ڪم ايندو هو، هو امير ۽ غريب ۾ ڪو به فرق نه رکندو هو، حاجي منور علي عباسي پيپلز پارٽي کان پنهنجون سياسي راهون الڳ ڪري پيپلز پارٽي مخالف سياست جو لاڙڪاڻي ۾ مضبوط بنياد وڌو ۽ هُن پيپلز پارٽي مخالف اڳواڻن سان ملي ڪري لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جوڙيو ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي متحرڪ ڪيو جنهن ڪري لاڙڪاڻي جا ماڻهو به کيس وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ اُن سان سندن جي اُڪير اڻٽٽ هئي. حاجي منور علي عباسي لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي مخالف سياست کي ايترو ته مضبوط ڪيو هو جو پيپلز پارٽي کي پنهنجي ئي سياسي ڳڙهه ۾ سوڙهو ٿيڻو پيو هو، مرحوم حاجي منور علي عباسي لاڙڪاڻي جي سياست ۾ وڏي هلچل پيدا ڪري اِهو ثابت ڪيو ته لاڙڪاڻي جو عوام هن سان گڏ آهي، هو ڪارڪنن جو ڀرجهلو هو ۽ ڪارڪنن کي پنهنجي سيني سان لڳائي هميشه مان ڏيندو هو.

جتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي،

ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟

حاجي منور علي عباسي جي جدوجهد ۽ سياسي ڏاهپ پيپلز پارٽي جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ايسيتائين جو شهيدن جي شهر توڙي پاڪستان پيپلز پارٽي جو سياسي قلعو سمجهيو ويندڙ لاڙڪاڻي شهر مان سندس موڀي پٽ معظم علي عباسي ٻه ڀيرا پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي تاريخي شڪست ڏئي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. مرحوم حاجي منور علي عباسي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ هوندو هو ته پي پي پي قيادت جو مٿس وڏو ويساهه هوندو هو ايسيتائين جو ان وقت جي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو وليد محلا پهچي حاجي منور علي عباسي جي گهر ۾ رات جو به ترسندي هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو حاجي منور علي عباسي جي گهر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهندي هئي ۽ عباسي خاندان سان هن جو روح جو ناتو هو. اڄ جيتوڻيڪ حاجي منور علي عباسي اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس ساروڻيون لاڙڪاڻي جي عوام جي دلين ۾ هميشه زندهه آهي. حاجي منور علي عباسي ڪير سڏائي هي سنڌ جو اُهو صوفي منش انسان هو جنهن پوري زندگي سياست کي عبادت سمجهي لاڙڪاڻي واسين جي هر ڏک سُک ۾ ڀرپور نموني سان نڀايو. اڄ به لاڙڪاڻي جا ماڻهو اکين مان نير وهائي کيس ساري ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.  اهڙن عظيم انسانن جي لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي ته

اڱڻ اُهي ئي، جت نه پسان جوءِ،

اوطاقون عجيبن جون، سوجهيم سڀيئي،

اکڙيون روئي، ماڳ نهاري موٽيون.

حاجي منور علي عباسي جي لاڏاڻي تي اڄ لاڙڪاڻو سوڳوار آهي ۽ پيپلز پارٽي جا ليڊر به کيس پي پي پي جو اثاثو قرار ڏئي رهيا آهن، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پيپلز پارٽي جي مرڪزي توڙي صوبائي قيادت حاجي منور علي عباسي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. حاجي منور علي عباسي جي لاڏاڻي کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڏو سياسي خال پيدا ٿي ويو آهي جنهن کي ڀرڻ لاءِ ورهيه لڳي ويندا.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي ته؛

سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چڪيم چاڪ،

مارينم فراق، پاڙيچون پرين جا.


حاجي منور علي عباسي

محبتي ڪردار ۽ برک سياستدان جو وڇوڙو

عبدالفتاح عباسي

ڪجهه عرصي کان اسان وٽ سياست جا معيار بدقسمتيءَ سان ڏاڍا نامناسب ۽ نفرت آميز بڻجي ويا آهن. اڪثر سياستدانن سياست کي ڪاروبار ڪري ورتو آهي ۽ انهن جو غريب عوام جي مسئلن کان لاتعلق بڻجڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي آهي. پنهنجي سنڌ ۾ ماڻهو بک، بيروزگاري، افلاس، تنگدستي، لوڊشيڊنگ، بجليءَ جي ڳرن بلن ۽ ٻين مسئلن ۾ مبتلا ٿي ذهني مريض بڻايا ويا آهن. ماڻهن جون صلاحيتون ملڪ ڌرتيءَ جي بهتري لاءِ ڪم اچڻ گهرجن، اهي مسئلن جي گهڻائيءَ سبب پريشانيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ سياست جي مينار ۾ بلندين کي پهچندڙ سياسي شخصيت جيڪا ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي، سياسي مدبر، سماجي شخصيت ورڪر اڳواڻ حاجي منور علي عباسي اسان کان وڇڙي ويو آهي پر انهيءَ جون يادون لاڙڪاڻي واسين کي چٽيءَ طرح ياد آهن ته هو پنهنجي لاڙڪاڻي شهر جي ماڻهن جي ڪهڙي طرح خدمت ڪندو رهيو ۽ ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪندي خدمتِ خلق ۾ پوري زندگي گذاري ڇڏي.

سنڌ جي سياست ۾ عباسي خاندان جو هڪ نمايان ڪردار رهيو آهي جنهن ۾ بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جو پاڪستان سطح جي سياست ۾ اهم رول رهيو ۽ سندس وڏي پٽ حاجي منور علي عباسي توڙي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسيءَ جو سياست ۾ وڏو ڪردار آهي. تر جي مشهور زميندار حاجي خان محمد عباسيءَ جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع ۾ منور علي عباسيءَ جو لاڙڪاڻي شهر جي وليد محلي ۾ جنم ٿيو. والده ڊاڪٽر اشرف عباسي ڊاڪٽري ۽ سياسي حوالي سان هڪ وڏي پائي جي قومي اڳواڻ هئي. منور علي عباسي پنهنجي والده ۽ مامي ڪامريڊ علي محمد عباسيءَ جي نقشِ قدم تي هلندي سياست ۾ پير پاتو ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيو. حاجي منور علي عباسي ولد پرائمري اسڪول ۾ چار درجا سنڌي پڙهيا، وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شهر جي پائلٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. بعد ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڪيائين. هو ۱۹۷۳ع ۾ ضلع لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. ساڳئي سال تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻي تي بنا مقابلي چيئرمين ٿي ويو. ۱۹۸۰ع ۾ ضلع ڪوآرڊينيشن جو چيئرمين بڻيو. ۱۹۸۲ع ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين چونڊجي ويو. ۱۹۸۸ع ۾ صوبائي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ ڪابينه ۾ وزير ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن ويلفيئر ٿيو. اڳتي هلي ساڳئي سال ۾ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو به مليو، ۱۹۹۷ع جي چونڊن ۾ به صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.

سياست کي عبادت سمجهي ڪري جهڙي طرح سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان گذريل ۵۰ سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پاڻ پتوڙيندي پنهنجي ووٽرن سان جهڙيءَ طرح ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچن ٿا، شايد ئي ڪو سياست ڪندڙ سياستدان هجي. پنهنجي سنڌ ۾ سياست جي ميدان ۾ ته کوڙ سارا هڪ کان هڪ وڏيرا، ڀوتار، نواب، مير وغيره سياست ڪندا پيا اچن پر جهڙي طرح سنڌ ۾ هن خاندان پنهنجي شرافت، عزت، ديانت، همدردانه، فلاحي، سماجي ڪمن ڪارن ۾ پاڻ نڀائيندي زندگي گذاري آهي، انهي جو مثال نٿو ملي سگهي. هن خاندان جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي فائونڊر ميمبرن ۾ نمايان خدمتون شامل آهن، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني سربراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پيپلز پارٽيءَ کي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ملڪان ملڪ مشهور ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل رهيو ته هن عباسي خاندان جي پڙهيل لکيل سنڌي عورت ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ صاحبه کي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. عوامي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت دعوت کي قبول ڪندي بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي باقائده سياست ۾ پير پاتو ۽ اها ملڪي تاريخ ۾ پهرين مسلمان سنڌي عورت هئي، جيڪا قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر بڻي.

حاجي منور علي عباسي، عباسي ڪلهوڙا برادري ۾ عوامي فلاحي سرگرميون تيز ڪندو رهيو، جنهن ڪري پوري ملڪ جا عباسي ڪلهوڙا ڊاڪٽر شفقت علي عباسي ۽ حاجي منور علي عباسيءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا رهن ٿا ۽ انهن ٻنهي تي فخر محسوس ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته هو ايڏي وڏي پائي جو سياسي ليڊر وڏي ڪليبر جو ماڻهو هميشه سادگي پسند رهيو. بغير ڪنهن پروٽوڪول بغير ڪنهن هٿياربند گارڊ جي گهمندو رهندو هيو. هو فقير درويش الله لوڪ سياستدان هيو، انهيءَ جي سياسي قد ڪاٺ جي اوچائي وڏي بلند هئي پر هو جهڙي نموني سان پنهنجي زندگي گذاري ويو، انهي جو مثال نٿو ملي سگهي. سندس سياسي شخصيت کي ڊاڪٽر اختر علي عباسي روئيندي چوي ٿو ته اسان جي زندگيءَ ۾ اهڙو سياسي اڳواڻ ليڊر نٿو ملي سگهي، هو سياست کي عبادت ڪري عوام جي ڪارخير وارن ڪمن ۾ وڌ ۾ وڌ ۽ ڀرپور حصو وٺندو هيو. انهيءَ سلسلي ۾ انجمن اتحاديه عباسيه جي چيئرمين ڊاڪٽر شفقت حسين عباسيءَ چيو ته حاجي منور علي عباسيءَ سان پراڻي شناسائي آهي، آمريت جي دور ۾ حاجي منور علي عباسي صاحب ۽ مان سکر جيل ۾ باندي بڻيل رهياسين، جتي ٻه ٽي مهينا مان هيس ۽ اتي حاجي صاحب سان خوب ملاقاتون ٿيون. حاجي صاحب اسان کان سينئر آهي، اسان عباسي جيئن طبعيت ۾ ماٺيڻا آهيون، انهيءَ کي انتهائي شريف النفس طبعيت وارو، بهادر، تڪبر وڏائي نه ڪندڙ، سادگي پسند ۽ مٺڙي مزاج جو مالڪ ڏٺوسين. اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم حاجي منور علي عباسيءَ کي بلند درجات عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين. جڏهن ته مخدوم نديم احمد هاشمي کهڙا شريف واري بزرگ چيو ته سنڌ ۾ حاجي منور علي عباسي جهڙو نيڪ نيت مخلص پُراعتماد سياستدان نه ڏٺو ويو. هو وڏي پائي جو سياستدان هيو سندس سياست ۾ عوامي فلاحي جا ڪم نمايان نظر ايندا رهيا، جنهن ڪري هو هر دلعزيز شخصيت طور پوري سنڌ ۾ هڪ الڳ جڳهه ولاريندڙ سياسي اڳواڻ هيو. 

حاجي منور علي عباسي ۲۶ جون جمعي ڏهاڙي رات جو ۸ وڳي ساهه جي تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ رضاءِ الاهيءَ سان وفات ڪري ويو، جنهن کي ۲۷ جُون ڇنڇر ڏهاڙي تي اباڻي قبرستان ۾ ڪامل ولي بزرگ عرب سرڪار رح جي پيرانديءَ ۾ دفنايو ويو. هو مسلسل ۷۶ سال پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندو رهيو، آخرڪار الله جي رضا تي راضي رهڻو آهي ۽ هر ساهواري کي اهو موت برحق اچڻو آهي پر جنهن لاءِ پويان نيڪي ڀلائي ڳائي وڃي، اهو وڏو خوشنصيب ۽ ڀاڳن وارو آهي. انهيءَ جي لاءِ هر هڪ ٻانهي جي زبان تان سٺو، ڀلو، چڱو، خدا ترس وارا لفظ حقيقت ۾ مرحوم جي لاءِ قبر و آخرت جو انمول ثمر آهن، جيڪي ڪنهن ڪنهن کي نصيب ۾ ملندا آهن. جڏهن هر زبان تان اهڙا لفظ نڪرن ته سمجهو اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ انهيءَ جي دنيا ۾ ڪيل نيڪي مقبول ٿي وئي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۵ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


حاجي منور علي عباسي

لاڙڪاڻي جو عوامي شخص

فقير محمد سنڌي

زندگي تن جي سچ پچ ته آ زندگي،

جي ٻين جي ڀلي لاءِ جئن ٿا سدا.

(واسديو نرمل)

لاڙڪاڻي جو عوامي شخص، حاجي منور علي عباسي ،۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع تي خان محمد عباسي جي گهر ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. منور جي معني آهي، شفاف - چمڪندڙ. واقعي پنهنجي نالي جي معني وانگر خوبصورت شخصيت جو مالڪ رهيو. سدائين بھتر طريقي سان عوام لاءِ سوچيو، دنيا جي اندر سيبتائي گهڻن مشڪل ڪمن کي آسان ڪندي آهي. جنھن شخص ۾ تخليقي صلاحيت موجود هوندي آهي اُهي فرد وقت اچڻ تي بهترين منصوبابندي ڪري پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ صوبي جي ماڻهن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙن شخصن ۾ حاجي منور علي عباسي به شامل آهي. جنھن جي زندگيءَ جا پاسا عوامي رهيا. عوامي شخص ٿي رهڻ هن دنيا ۾ ڪو سولو ڪم ڪونھي، اهڙو ڪم تاريخ ۾ بردبار شخص ئي ڪندا آهن. حاجي منور علي عباسي سدائين جدت ۽ نواڻ کي اوليت ڏني، جنهن جي ڪري حاجي منور علي عباسي ڪاميابي سان عوامي دلين ۾ پنهنجي لاءِ مضبوط جڳھ ٺاهي ورتي. ان عوامي بنيادن تي تاريخ حاجي منور عباسي کي ياد رکندي رهندي.

تعليم :-

حاجي منور عباسي ابتدائي تعليم وليدن مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۶۰ع ۾ پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي. اي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۶۶ع ۾ پاس ڪيائين. ايل ايل بي گورنمينٽ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۸۱ع ڌاري ڪئي.

سماجي خدمتون :-

حاجي منور علي عباسي سماجي ڪمن ۾ پاڻ ملهايو. والي بال ۽ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر پڻ هو. ۱۹۷۷ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر ٿيو، ۱۹۸۹ع ۾ لاڙڪاڻي ڊويزنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن بورڊ جو ميمبر ۽ بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول آف پاڪستان (BCCP) جو تاحيات ميمبر رهيو.

۱۹۸۳ع کان عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ جو سرپرست اعلي ۽ پڳدار رهيو. عباسي ڪلهوڙا تنظيم طرفان هر سال اکين جي آپريشن لاءِ وليدن ۾ ٽي ڏينهن مفت ڪيمپ جو انتظام ڪندو هو. ڪميونٽي سينٽر، نوجوانن لاءِ يوٿ پروگرام، پرائمري، سيڪنڊري گرلس اسڪول، ووڪيشنل سينٽر ۽ ان سان گڏ منور آباد محلي کي جديد سهولتن سان آراستا ڪرڻ سندس جو بنيادي عمل ۾ شامل هو. حاجي منور علي عباسي جي اوطاق شهرين ۽ ڳوٺاڻن لاءِ هر وقت کليل رهندي آهي، جيئن هر برادري جي فرد کي آساني سان انصاف ملي سگهي. شخصي تربيت ۾ پنهنجي مامي ڪامريڊ علي محمد عباسي ۽ پنهنجي والده ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کان ڀرپور اتساھ حاصل ڪيو.

حاجي منور علي عباسي جو سماجي ڪارنامو اهو به آهي ته :- ڪراچي ۾ سنڌين جي پاڪستان ڪوارٽرز، مارٽن ڪوارٽرز ۽ ايف. بي ايريا ۾ ۲۵۲ ڪوارٽرن کي مارشل لا حڪومت ۾ بيدخل ٿيڻ کان بچائڻ آهي. حاجي منورعلي عباسي لاءِ ڏاھن جون چوڻيون ٿيون ياد اچن ٿيون.

امبر شيرافگن جو زندگيءَ بابت خاڪو آهي ته : "زندگي مشڪل ضرور آهي مگر انساني قوت کان وڌيڪ مشڪل ڪونھي، همت سان، مستقل ۽ مسلسل محنت ڪندا رهو، ڪاميابي ضرور توهان جا قدم چمندي "

ايديسن جي زندگيءَ جو تجربو آهي ته :"آءُ زندگيءَ ۾ڪڏهن ناڪام ڪونه رهيس، ڇا ڪاڻ ته مون هر ناڪاميءَ مان ڪجهه نه ڪجهه فائدو ۽ سبق ضرور سکيو. " انهن قولن ڏئڻ جو مطلب اهو آهي ته، جيئن اسان جي معاشري ۾ حاجي منور علي عباسي جو ڪردار شاندار آهي ائين ئي اسان جي نوجوانن، شاگردن، سماج سڌارڪ، سياسي ۽سماجي فردن کي اتساهه حاصل ڪرڻ گهرجي.

سياسي زندگي:-

بنيادي طور حاجي منور علي عباسي پ پ پ سان واڳيل رهيو ۽ پارٽي جو باني ميمبر جو اعزاز حاصل هيس. سياست ۾ ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي لاڙڪاڻي جو صدر رهيو. ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين جنرل سيڪريٽري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين. سياست ۾ تڪليف وارو پاسو ضرور ايندو آهي ۽ ان تڪليف کي مانجھي مڙس دليريءَ سان منهن ڏيندا آهن. اهڙو ئي وقت حاجي منور علي عباسيءَ جي زندگيءَ ۾ به آيو. ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۶ع تائين مارشل لا حڪومت خلاف ۽ ايم آر ڊي جدوجهد ۾ مختلف وقتن تي اڍائي ٽي سال مختلف جيلن ۾ قيد ۽ بند جون تڪليفون به برداشت ڪيون. زندگيءَ جي قيد هستيءَ ۾ ڪيترائي موڙ اچن ٿا جيڪي انسان کي نه چاهيندي به پار ڪرڻا پون ٿا. جيڪي فرد ڏکين حالتن کي مات ڏين ٿا. اهي ئي امر رهڻا آهن. اهڙن فردن لاءِ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته:

پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،

ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جئن وڄاءِ،

سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙئي نينهن جو.

ان سختي واري دور ۾ حاجي منور علي عباسي جو سياسي سفر ڏينهون ڏينهن پنهنجي منزل طئي ڪندو رهيو. ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ حاجي صاحب پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ايم آر ڊي تحريڪ هلڻ بعد ۱۹۸۳ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪم تي سڀني عهدن تان دستبردار ٿيو. جنهن شيءَ کان دستبردار ٿيڻ به اڳيئن قوت کي شڪست ڏيڻ جي برابر آهي، اهو عمل سياست جي ميدان ۾ دل ۽ گردي وارا شخص ڪندا آهن.

حاجي منور علي عباسي ۱۹۸۷ع ۾ پارٽي پاران لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽي جو ميمبر ۽ ميونسپالٽي جو چيئرمين ٿيو. ۱۸هين نومبر ۱۹۸۸ع تي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ ميمبر چونڊيو، ۱۹۸۹ع ۾ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ بهبودي آبادي پوءِ ۴هين آگسٽ ۱۹۹۰ع تي صوبائي وزير بلديات بڻيو. اٺين آڪٽوبر ۱۹۹۳ع تي لاڙڪاڻي جي تڪ تان مير مرتضي ڀٽو جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو ۽ ٿورن ووٽن تان هارايو، ان اليڪشن ۾ مير مرتضي ڀٽو ورڪ سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو ڪئي جنهن جي ڪري مير مرتضي سوڀارو ٿيو.

۳ فيبروري ۱۹۹۷ع تي وارھ تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ ۱۹۹۹ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي قومي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏنو. حاجي منور علي عباسي پنهنجي قسمت ۽ عمل تي برابر جي زندگي گذاري، هٿ جو ڪشادو انسان، سچ جو ساٿاري ۽ قول ۽ فعل ۾ کرو انسان ڪوڪو آهي هن زماني ۾ پنهنجي زندگيءَ جي پلن کي رائگان نٿي ڇڏيو ۽ هن خوف ورتل سماج ۾ اڳڀرائي جي ڪوشش ڪئي.

۲۰۲۰ع انساني زندگيءَ لاءِ خوف جي علامت بڻيل رهيو. جنھن ۾ معيشت، عبادت، صحت، تعليم ۽ زندگيءَ جو هر ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، روحاني سڪون بخشيندڙ هنڌ بند ۽ محدود دائري ۾ اچي ويا انهيءَ ويل حاجي منور عباسي جهڙن فردن جي ضرورت هئي. ۽ اهو ڪردار عباسي ڪلهوڙا تنظيم ادا به ڪيو. پر انسان ڪري به ڇا! موت اٽل آهي، جنهن سان هر ساھ واري کي منهن مقابل ٿئڻو آهي. اهڙئي امتحان مان لاڙڪاڻي جي عوام کي به گذرڻو پيو، ۲۶هين جون ۲۰۲۰ع تي مسيحائي ڪردار رکندڙ حاجي منور علي عباسي راھ رباني ورتي. آخري آرام گاهه وليد محلا عرب پير مقام ۾ اٿس.

آخر ۾ حاجي منور علي عباسي لاءِ واسديو موهي جون هي سٽون ته :

اگهه جيڪي ڏئي، ڪڇڻو ناهي،

وزن پگهر جو ڪرڻو ناهي.

ترت ٻئي تاراپڻ ڏيندس،

سج کي هيڻو رکڻو ناهي.

ڪنھن جي به مدد نٿو ڪريان مان،

ڀڳوان بڻي رهڻو ناهي.

هيٺ رديءَ ۾ پيو هو جيون،

صاحب وٽ ڪجهه ڇڏڻو ناهي.

حوالا :

لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو - مرتب، گل محمد گاد. مارچ ۱۹۸۵ع.

لاڙڪاڻو امر شخصيتون- مرتب، عبدالستار ڀٽي، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي. آگسٽ ۲۰۰۰ع.

سنڌ جي تاريخ (سهيڙيل تاريخ وار)-فقير محمد سنڌي، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ۲۰۱۳ع.

ماڻڪ موتي سنڌ جا - پروفيسر عبدالستار بلوچ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ۲۰۱۷ع.

منهنجو لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو -(ريڊيو اسڪرپٽ)؛ فقير محمد سنڌي، (اڻ ڇپيل)..



حاجي منور علي عباسي

املھ انسان - سلسلو - ۷۰

حفيظ چانڊيو

هُو سردار هوندي به روايتي سرداري سسٽم جي مخالف رهيو. سندس سياسي سماجي خدمتن کي ساريندي سندس حلقي جا ماڻهو اڄ به نم اکين سان هن کي ساريندا آهن. هُو هڪ سياستدان ته هو پر ڪو سوداگر نه هو، عام سياستدان جتي عوام کان روٽي، ڪپڙا اور مڪان وارو سپنو ڦريو، اتي هِن روايت پڻي کي الوداع چئي عوام جي حقيقي خدمت ڪئي.

حاجي منور عباسي ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع ۾ وڏيري حاجي خان محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والدين انتهائي امير ۽ پنهنجي ٻني ٻاري جا مالڪ هئا-منور عباسي صاحب جا والدين انتهائي شريف قسم جا ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن سموري ڄمار اوڙي پاڙي ۽ ووٽرن جي خدمت ڪئي، غريبن ۽ يتيمن تي شفقت جو هٿ رکيائون، روايتي ڀوتارن جيان هنن غريبن کان ڪڏهن گرنهن گذر ڪو نه کسيو. مسڪينن هارين کي سندن نياڻين جي ڏاجن تائين سهڪاريو، بيماري بڙي ۾ هو هنن وٽ پهچي ويندا هئا. اهڙي شاندار روايتن ۽ صلح رحمي وارن والدين جي دستِ شفقت هيٺ حاجي منور علي خان جي پرورش ٿي، جن جي سموري زندگي بي ضرر گذري، اڄ ماڻهو سندن چڱايون ۽ ڀلاين جو ذڪر ڪندا آهن، اهي اهي خوبيون آهن جن هِن عباسيءَ خاندان کي لاڙڪاڻي ۾ جداگانه حيثيت عطا ڪئي.

اهڙي شاندار خاندان ۾ حاجي منور علي خان جي پرورش ٿي. پرائمري تعليم وليد اسڪول کان سيڪنڊري تائين هو سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھيو ۽ پوزيشن ماڻيندو رهيو. حاجي منور عباسي ايل ايل بي لاءِ لا ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي ۽ ۱۹۷۹ع ۾ لا جي ڊگري حاصل ڪري هڪ قانوندان بڻيو. هو چاهي ها ته ٻين سردارن جي پٽن جيان ڪئمبرج ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪري پئي سگهيو، پر هن عام رواجي اسڪولن ۾ پڙهڻ جو بنيادي مقصد اهو هو ته جيئن ماڻهن مان احساسِ ڪمتري وارو عنصر گهٽجي ۽ طبقاتي فرق جو مڪمل خاتمو اچي سگهي.

هُو ارادي جو اٽل ۽ بهادر انسان هو، جدوجهد سندس خون ۾ ڪجھ بهتر ڪرڻ جي آرزومند رهي. راندين سان هن جو ايترو لڳاءُ رهيو جو هو ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ٻين راندين ۾ دلچسپي سان گڏ اهي رانديون کيڏندو به هو. هر هڪ جي پنهنجي ترجيحات ٿين ٿيون، هن جي راندين ۾ دلچسپيءَ جو مقصد اهو هو ته جيئن لاڙڪاڻي جا نوجوان عالمي معيار جو کيڏن. حاجي منور عباسي اسڪول ۽ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ خود تمام سٺو رانديگر رهيو. هو هڪ متحرڪ ڪردار جو مالڪ هو، عملي ڪم جو قائل رهيو. هُو صوم سلات جو پابند رهيو، تسبيع پابندي سان پڙهڻ ڪڏهن ڪو نه وساريائون. وڏو ٿيو ته خراب ريتن ۽ رسمن، موڪلائي ويندڙ اخلاقي قدرن، بک بدحالي، ماڻهن جي بي وسيءَ هن کي سياسي ميدان ۾ لهڻ لاءِ اتساهيو.

هن سموري ڄمار اصولي سياست ڪئي. ڪهڙيون به حالتون هجن، هن اصولن جي سوديبازي نه ڪئي. سندس امڙ ڊاڪٽر اشرف بيگم عباسيءَ جي وابستگي پ. پ سان رهي، جيڪا ان پارٽي جي باني ميمبرن ۾ شمار ٿيندڙ هڪ شانائتي سياستدان رهي آهي. ان ڪري سندس وابستگي پاڪستان پيپلزپارٽي سان رهي جوانيءَ کان پيريءَ تائين هن جي خاندان جي شموليت پ پ. ۾ رهي. محترمه بينظير ڀٽو جي ڪمهلي وڇوڙي بعد زرداريءَ ۽ عباسي خاندان ۾ پيدا ٿيل غلط فهمين سبب هن خاندان پ. پ کان علحدگي اختيار ڪئي جيڪا اڄ تائين ساڳين اصولن تي قائم آهي. حاجي منور عباسي هڪ رحمدل سياستدان هو، جيڪو جيترو به رهيو ماڻهن جي بهتر جياپي، علم و ادب، راندين جي بهتري لاءِ جاکوڙيندو رهيو. اسٽيسڪو ۽ گلئمرائيزڊ سوسائٽي اندر هن کي شريف شخص کي ڪائي وڏائي نه هئي، جيتوڻيڪ وٽس وڏيون خوبيون ۽ صلاحيتون هيون، پر ٻين سياستدانن جيان هن عوام کان پري نه پر عوامي ميڙن ۾ رهڻ پسند ڪيو. ماڻهن سان هُو جنهن شاندار نموني هليو، سندن شاديءَ توڙي غمي ۾ شرڪت ڪئي، سندس اوچتو وڇڙڻ مهل دنيا سندس وئي سوڳ ملهايو هو، هر اک رني هئي. هر ڪنهن ائين ٿي محسوس ڪيو ته ڪوئي وڏو ماڻهو يا تر جو چونڊيل نمائندو نه پر هنن جي گهر جو ڪو وڏو گذاري ويو آهي، هنن ان وقت حاجي صاحب جي جسد خاڪي مٿان بيهي وڏيون وڏيون اوڇنگارون ڏئي بي ساخته چئي ڏنو هو هاڻي هُو يتيم ٿي ويا. حاجي منور عباسي فقيريءَ ۾ اميري جي امامت ڪئي هئي.

هُو پنهنجي پاڙي، ذات، قبيلي ۽ پوري سنڌ جي سک ۽ سلامتيءَ سان گڏ سندن خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رهيو. نوجوان نسل کي هميشه اتساه بخشيندو رهيو.

تعليمي شعبا هجن يا وري راندين جا ميدان هن جتي ڪٿي نوجوان طبقي کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو ۽ ضرورت وقت انهن جي مالي سهائتا پڻ ڪئي.

ھُن سياست جي باضابطه طور شروعات ۱۹۷۹ع ۾ ڪئي، جڏهن هن وڪالت جي ڊگري ورتي هئي، ان وقت هو پ. پ پ جي پليٽ فارم تان بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. سياسي جهان ۾ جهاتي پاتائين ته مسڪينن جون کيس آنهون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون، ان لاءِ هن بي سهارا ماڻهن جي اڳواڻي لاءِ سياست ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو.

اهو ۸۸ وارو زمانو هو، جڏهن هُو پهريون دفعو پ پ پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن کٽي ايم پي اي بڻيو هو. سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين ميمبر ٿيڻ وارو اعزاز به عباسي خاندان جي هن شاندار ماڻھو جي حصي ۾ آيو. ۱۹۷۹ع کان ۲۰۰۷ع تائين عباسي صاحب مڪمل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو.

ان کان پوءِ هن خاندان شارٽ ڪٽ جو ڪو رستو اختيار نه ڪيو، حاجي منور عباسي کي ٻه پٽ آهن. هڪ هينئر لاڙڪاڻي جو ايم پي اي سردار معظم خان عباسي آهي ۽ سندس ٻيو پٽ ڪاظم خان آهي، جيڪو پڻ هڪ قانوندان آهي.

حاجي صاحب جي زندگيءَ ۾ ۽ وڇوڙي بعد سندس بهادر پٽ معظم علي خان پ. پ. پ جي مخالفت ۾ اليڪشن وڙهي، جيڪا وڏي اڪثريت سان هُو کٽي ته آيو پر سياسي انتقام سبب لاڙڪاڻي لاءِ هن کي گهربل بجيٽ ئي ناهي ملي سگهي، جنهن ڪري نقصان وري به لاڙڪاڻي جي عوام جو ئي ٿيو آهي.

حاجي منور عباسي صاحب تعليمي ادارن ۾ هزارين مسڪين ٻارڙن ۾ عيد جا وڳا، درسي ڪتاب، بوٽ ۾ خرچيون ورهائيندو هو. ان کان علاوه هن عظيم انسان سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ وڃي شاگردن کي اتساهيو، اسڪولن ۾ فرنيچر مهيا ڪيو ۽ ذهين شاگردن کي اسڪالرشپون ڏياري نه صرف هنن کي اعلي ۽ معياري تعليم پرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو، پر هن انهن شاگردن جي والدين سان ملي کين شاگردن کي مسلسل پڙهائڻ لاءِ تلقين به ڪندو رهيو. انهن سان درپيش مسئلا هو پنهنجا ذاتي مسئلا سمجهي حل ڪندو رهيو.

فنونِ لطيفه سان گڏ هو هر شعبي سان گهرو تعلق رکندڙ شخص هو، تاريخي حوالي سان هن ڪلهوڙن جي سنهري دور کي سونهون بڻايو. هن برادريءَ جي فلاح بهبود لاءِ ڪلهوڙا تنظيم جو بنياد رکيو. هُو ذات ۽ قبيلائي سياست ۾ جيتوڻيڪ يقين نه رکندو هو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ لبرل، سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند انسان هو، ترقي پسندانه سوچ جي مالڪ سموري ڄمار سياست سان گڏ زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.

ان کان علاوه حاجي منور عباسي صاحب شاه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جو بانيڪار وارو اعزاز به حاصل آهي، جنهن ۾ پنهنجي نگرانيءَ هيٺ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائيندو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ياد ۾ هو انهن رانديگرن کي بهتر ڪارگردگي تي ميڊل ۽ ٽرافيون ورهائي پنهنجي محبوب ليڊر جي ياد کي تازو ڪندو هو.

وليد محلي ۾ اکين جون مفت ڪيمپون هڻائيندو رهيو جنهن ۾ غريبن جون مفت ۾ آپريشن ٿينديون هيون، ان ڪئمپ ۾ ايندڙ ماڻهن کي مهانگيون دوائون مفت ۾ ڏنا ويندا هئا. حاجي منور عباسي العباس اسڪائوٽس جو پڻ قيام وڌو، جنهن تحت هن نوجوانن ۾ ڪامياب زندگيءَ جي ضمانت ٻين جي مدد کي سمجهيو. العباس جي سڀني ميمبرن کي اسڪائوٽس جون ورديون، بيج ۽ گهربل سامان ملندو رهيو.

حاجي منور عباسي صاحب جيترو به رهيو، انسانيت جو اعلي مثال قائم ڪيو. هن جي اعلي ظرفي، دور انديشي، صلح رحمي، فلاح بهبود، شرافت، اوڙي پاڙي جو همدرد ۽ هڏڏوکي وارا گڻ پاڪستان جي سياست جو اهم حصو رهڻا آهن. لاڙڪاڻي جي سياست جو ذڪر هن فقير منش انسان بغير اڌورو رهڻو آهي.

نوٽ : حاجي صاحب جي ڄمڻ جي تاريخ غلط لکي هيم، ان سلسلي سائين سلطان احمد عمراڻي صاحب جو ٿورائتو، جنهن فون ڪري درستگي ڪرائي..

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۱۰ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


حاجي منور علي عباسي

ھڪڙو ماڻھو موتي داڻو – ۲۶ جون ٻي ورسي جي مناسبت سان!

پروفيسر جھانگير عباسي

حاجي منور علي عباسي سنڌ اندر موجود روايتي سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرڪي نظام ۾ ھڪ غيررواجي سردار، جاگيردار ۽ وڏيري سان گڏ سياستدان ۽ سماجي خدمت گذار ٿي رھيو آھي جنھن پنھنجي ذات وارن سان گڏ ٻين ذات وارن سان واسطو رکندڙن جي به پرگھور ڪئي آھي. حاجي صاحب کي سياست ۽ وڏيرپ ھڪ ئي وقت گڏوگڏ موروثي طورثي ورثي ۾ ملي سند ن مامو ڪامريڊ ميان علي محمد عباسي تاريخ ساز شخصيت ٿي گذريو آھي جنھن خلافت تحريڪ کان ھاري تحريڪ تائين ۽ سياست کان سماجي خدمتن تان غير معمولي خدمتون سر انجام ڏنيون ته وري شعر ۽ دب جي ميدان ۾ به پاڻ ملھايو آھي حاجي صاحب جو والد حاجي خان محمد عباسي به پنھنجي و قت جو سماجي خدمت گذار ۽ عام وڏيرن کان منفرد سوچ ۽ ڪردار رکندڙ وڏيرو ٿي رھيو ۽ وري والده ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي صاحبه جيڪا سنڌ جي پھرين عورت ليڊي ڊاڪٽر ھجڻ واري اعزاز رکي ٿي ھڪ عظيم جاکوڙي ڪردار ۽ جدوجھد ڪندڙ سياست دان جي سڃاڻپ به رکي ٿي ته ھڪ عظيم ماء به ٿي رھي آھي جنھن دنيا واري سطح تي عزت ۽ شھرت حاصل ڪئي آھي. امڙ جي تربيت بدولت ئي حاجي منور علي عباسي صاحب به پنھنجو اھڙوئي ڪردار رڱي ناماچار حاصل ڪئي آھي.

پيدائش ۽ تعليمي سلسلو:

حاجي مور علي جو جنم ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۴۴ ان وقت جي ڳوٺ وليد موجوده وليد محلو لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. شروعاتي پرائمري تعليم وليد اسڪول پو۽ پائليٽ ھائي اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۶۰ ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڊگري بوائز ان ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۱۹۶۲ ۾ انٽرميڊيٽ ڪري لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان ئي ۱۹۷۹ ۾ ايل ايل بي پاس ڪئئي يعني پاڻ حيثيت ۽ طاقت ھجڻ باوجود ڪنھن به پبلڪ اسڪول. ڪيڊٽ ڪاليج. بيڪن يا آڪسفورڊ ۾ نه پڙھيا ۽ سرڪاري ادارن ۾ پڙھي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ماڻھو جي چاھي پنھنجي سوچ عمل ۽ ڪردار سان پاڻ کي ڪنھن به اعليٰ مقام تي رسائي سگھي ٿو.

عملي ۽ سياسي زندگي جي شروعات:

حاجي منور علي عباسي منڊ کان ئي جدوجھد ڪندڙ متحرڪ ڪردار وارو انسان ھيو. اسڪول کان ڪاليج زماني تائين والي بال ۽ ڪرڪيٽ راندين جو مڃيل رانديگر رھيو. ۱۹۶۲ کان ۱۹۷۰ تائين انھن راندين جو ڪئپٽن پو۽ ضلعي ميمبر ۽ صدر به رھيو ائين سياست جي ميدان ۾ ۱۹۶۱ کان اڳڀرو رھيو جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو پاران ملڪ ۾ نئين سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاھي وئي تاه ان جي بنيادي بانيڪارن ۾ سندن امڙ بيگم اشرف عباسي صاحبه به شامل رھي ائين سند گھراڻو منڊ کان پي پي پي سان جڙيل رھيو جنھن بعد حاجي منور ۱۹۷۳ ۾ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري. ۱۹۷۶ ۾ پارٽي پاران سنڌ ڪائونسل جو ميمبر. ۱۹۷۹ ۾ لاڙڪاڻو جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر سان گڏ تعلقي لاڙڪاڻي جو بنا مقابلي چيئرمين بڻيو. ۱۹۸۲ ۾ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻو جو چيئرمين ٿيو ۽ وري ۱۹۸۸ واري اليڪشن ۾ پارٽي جي ٽڪيٽ تي پھريون ڀيرو ايم پي اي سنڌ اسمبلي ۽ ۱۹۸۹ ۾ سنڌ ڪابينا ۾ پاپوليشن ۽ ٽرانسپورٽ کاتن جو وذير ٿيو. پنھنجي اعلي ڪارڪرگي جي بنياد تي کيس لوڪل گورنمينٽ کاتي جي ذميواري به ڏني ئي. ۱۹۹۷ جي اليڪش ۾ وري ٻيو ڀيرو ايم پي اي سنڌ اسمبلي متخب ٿيو. شھيد ذوافقار ڀٽي جي شھادت کان محترم بنظير ڀٽو جي ۲۰۰۷ ۾شھادت تائين وليد جي عباسي خاندان ڀٽو گھراڻي سان ھر ڏک سک ۽ تڪليف ۾ پاڻ نڀايو. جيلن جون سختيون سٺيون ۽ ڏکيا ڏينھن به ڏٺا پر ھر موڙ تي وفادار ٿي رھيا. سال ۲۰۰۷ ۾ محترم بي نظير جي اوچتي شھادت بعد پارٽي جي سياسي قيادت ۽ پاليسي ڪجھ بدلجي و ئي ۽ زردارين سان اصولي اختلافن جي بنياد تي حاجي صاحب جو رستو آصف زرداري کان جدا ٿي وڃڻ بعد به ھن شھيدن جون سالگرھن ۽ ورسين کي ملھائڻ ڪڏھن به نه وساريو توڙي جو ھڪ الڳ سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز ورڪرز پارٽي جي نالي سان قائم ڪري ورتي ھئي.

سماجي، تعليمي، ٽقافتي، خدمتون:

حاجي منور علي عباسي پنھنجن وڏڙن ج تسلسل کي قائم رکندي سماجي خدمتن ۾ به ثابت قدم رھيا. ۱۹۸۲ کان اڄ تائن ھر سال باقاعدگي سان ھڪ ھفتو اکين جي ڪئمپ لڳائي سون جي تعداد ۾ غريب انسان جي اکين جون آپريشنيو۽ مفت ۾ چڪاس ڪرائڻ جو بندوبست ماھر ۽ سينئرن ڊاڪٽرجي نگراني ۾ ڪرائڻ. مريضن جي کائيڻ. پئيڻ ۽ رھن جو جوڳو انتظام به ڪن.

(۲) گذريل ۳۵ سالن کان قائم ڪيل العباس اسڪائوٽنگ آرگنائيزيشن تحت مذھبي سماجي ۽ سياسي موقعن تي اسڪائوٽ ڪئمپون لڳائڻ. نوجونن جي تربيت سان گڏ يونيفارم ۽ ٻيوسامان مھيا ڪري يڻ ۽مالي مدد ڪرڻ.

(۳) گذريل ۳۰ سالن کي عرصي کان قائم ۽ ھلندڙ شاھ لطيف ڪرڪيٽ ڪلب پاران شھيد ذوافقار علي ڀٽو جي ياد ۾ ضلعي ۽ سنڌ سطح تي رانديگرن جا امورا انتظام ڪري ميچون ڪرائڻ. کاڌي خوراڪ ۽ رھائش جو انتظام ڪرڻ. انعام ورھائڻ.

(۴) پنھنجي مامي ڪامريڊ علي محمدعباسي جي نالي سان جوڙايل “علي محمد بوڪ بينڪ“ تنظيم پاران ھر سال بي وس ۽ بي مدد غريب شاگردن کي نصابي ڪتاب. اسڪولي ٿيلھا ۽ يويفارم وٺي ڏيڻ. امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي شاگردن کي نقد انعام. وظيفا ۽ ميڊل ڏيڻ. سرڪاي ۽ نجي اسڪولن ۾ فرنيچر وٺي ڏيڻ جي مدد ڪرڻ.

(۵) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ھر سال ميڊيڪل جي ھڪ اھل شاگرد کي پابندي سان اسڪال شپ وٺي ڏيڻ.

(۶) وليد اسڪول جي سو سال پڳر ٿيڻ تي سو سالا جشن جي موقعي ت ھڪ عاليشان ۽ يادگار سووينيئر جي اشاعت ڪرڻ.

ادبي خدمتون:

حاجي منور علي عباسي کي سنڌ ج تاريخ ۽ خاص ڪري ڪلھوڙا دور سان بيحد لڳاءُ رھندو آيو ڪلھوڙن حاڪمن جي ماڳ مڪانن، قلعن، تاريخي آثارن ۽ مسجد جي سار سنڀال جو به اونھو رھيو آھي، جنھن لاءِ ھن

(۱) ڪلھوڙا دور جي حڪمرانن ميان آدم شاھ ڪلھوڙو، ميان نصير محمد ڪلھوڙو، ميان شاھل محمد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي عرس وارن ڏينھن ۾ ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻيون رانديون ڪرائڻ، سووينيئر ۽ پمفليٽ شايع ڪرائڻ جھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا.

(۲) ڪيترائي يادگار ڪئلنڊر پابندي سان نيوز ليٽر ۽ ڪجھ ڊائريون ۽ ڪلھوڙن تاريخي دور بابت اھم ڪتاب جي اشاعت به ڪرائي آھي.

(۳) سنڌ جي روشن خيال شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ۱۹۹۹ ۾ وفات بعد سندس نالي سان “۱۹۹۹ کان ۲۰۱۹ تائين“ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سيمينار منعقد ڪرائي ۰۹ ايورڊز تقريبن تي لکين روپيا خرچ ڪري اديبن، اسڪالرن ۽ محققن جي صدارتن ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن محققن ۽ ليکڪن کان چٽاڀٽي وارا مقالا لکرائي پيش ڪرائي کين ايورڊن سان نوازي سندن حوصله افزائي ڪندا رھيا آھن.

عباسي ڪلھوڙ ذات جي برادري جون خدمتون:

حاجي منور علي عباسي کي پنھنجي ذات عباسي ڪلھوڙا برادري وارن جو سردار ۽ پڳدار بڻجڻ کان اڳ ۽ پوءِ به حياتي جي آخر تائين ھر وقت بي پناھ فڪر رھندو آيو جن جي ڏک، خوشي فوتگي ۽ ٻين معاملن ۾ سڀ کان اڳ سرگرم عمل رھندي پيش پيش رھندو آيو. پوءِ اھو ڪو وڏيرو آفيسر، ڪاروباري زميندار ھجي يا ھاري مزدور غريب عام ماڻھو ھجي ھر ھڪ سان نڀائيبدا رھيا اھا حاجي صاحب جي شخصيت جي اھا سڀ کان اتم خوبي رھي آھي.

مطلب ته حاجي صاحب بي مثال شخصيت جا مالڪ، سھپ رکندڙ برداشت ڪندڙ برادري وارن جا معاملا فيصلي جي صورت ۾ حل ڪندڙ، نمازي ۽ ديندار انسان به ھيا. پاڻ ۷۶ سالن جي عمر ۾ ۲۶ جون ۲۰۲۰ ڪووڊ ۱۹ جي مرض ۾ مبتلا ٿي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ وفات ڪئيائون. پر پنھنجن ڪيل ڪارنامن، خدمتن ۽ ڪاوشن جي بدولت ھميشہ زندھ جاويد آھن ۽ ٿي رھندا. مٿن رب پاڪ جي سدا رحمت رھي. آمين.

 

(پروفيسر جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا