بشير منگي
شاعر ۽ ڪالم نگار
محمد سليمان وساڻ
شاعر، ڪالم نويس،
مترجم بشير منگي پهرين اپريل ۱۹۶۳ع تي، پنجُو ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد پنهل منگيءَ جي
گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم اي (سنڌي ادب) ۽ ايم اي (اڪنامڪس) آهي. جولاءِ ۱۹۹۰ع کان آبپاشي کاتي ۾ ملازمت سان لاڳاپيل
هيو. بشير منگي ڪاليج واري دور کان جساف سان واڳيل رهيو ۽ لکڻ به شروع ڪيو. ان سان
گڏوگڏ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو. ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو عهديدار
به رهيو، جن ۾: مرڪزي آڊيٽر سنڌي ادبي سنگت سنڌ (۲۰۱۰ع کان آگسٽ ۲۰۱۳ع)، ميمبر، رحيمداد مولائي شيدائي اڪيڊمي
سکر، ميمبر، لطيف ادبي سنگت لاڙڪاڻو، ميمبر، در محمد فقير (روحل فقير) يادگار ڪميٽي
سکر، جنرل سيڪريٽري، الفتح ويلفيئر ايسوسيئيشن محلا الله آباد لاڙڪاڻو (۱۹۸۰ع)، صدر، آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن گڊو
بئراج ڊويزن سکر (۱۹۹۵ع)، صدر، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن سکر ڊويزن ۱۹۹۵ع اهم آهن. بشير منگي مختلف اخبارن ۽ رسالن
۾ ڪيترو وقت ڪالم به لکندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: وڏ-ڦڙو (هائيڪا: ۲۰۰۴ع)، سنسار سنڌ ۽ منهنجي سوچ (ڪالم: ۲۰۱۱ع)، منٽو جا سئو سال (ترجمو: ۲۰۱۲ع)، پکي پيار امن جا (سفرنامو: ۲۰۱۴ع)، ڪير ٿو مون کي سڏي (شاعري: ۲۰۱۷ع)، پاڻيءَ جي کوٽ (ڊيم ۽ عامي تضاد: ۲۰۲۰ع) اچي وڃن ٿا.
هو ۱۳ مئي ۲۰۲۱ع تي، عيدالفطر ۱۴۴۲ھ جي صبح جو چئين وڳي، سکر
۾ موت ۽ حيات جي جنگ ۾ زندگيءَ جي بازي هارائي، اسان کان وڇڙي ويو. رب پاڪ کيس جنت
الفردوس عطا فرمائي.... آمين
بشير منگي
مھدي شاھ
اچڻ وڃڻ جي لست وٺڻ لئه،
ٿو منھن مرڻ جو ٿئي.
(دريا خان فقير)
بشير منگي، جنھن کي
مان مرشد ۽ ھو مونکي مھدي مولا سڏيندو ھو. مدئجي ۽ پنجوديرو وارا منگي ھن جا تمام
ويجھا عزيز ھئا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي
پليٽ فارم تي پنھنجي سڃاڻپ ۽ ويجھڙائي ۹۰ واري ڏھاڪي جي شروع ۾ ٿي. بعد ۾ مدئجي شاخ جا ٽي ميمبر
منظور اڄڻ، صدرالدين شيخ ۽ زاھد منگي سکر لڏي وڃڻ سبب سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جا
ھن جي معرفت ميمبر ٿيا، جنھن سبب ھن يار جي سکر شاخ ۾ عددي سرسي ٿي. ان لاءِ ھو پاڻ
کي منھنجو ٿورائتو سمجھندو ھو. جڏھن سنڌ سنگت تي اسان جي يارن وارو لڏو قابض ٿيو ته
ڳالھ مدئجي شاخ جي مرڪز سان الحاق ختم ڪرڻ
تي دنگ نه ڪيو پر ھنن تنظيمي اختلافن کي ذاتي اختلاف بڻائي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ ھٿ ڏيڻ
به ڇڏي ڏنو. ان صورتحال ۾ پنھجن اھڙن يارن مان ھڪ بشير منگي ئي ھو جنھن مونکي مھدي
مولا چوڻ نه ڇڏيو ۽ مون به کيس مرشد جي درجي تي برقرار رکيو. سال ۾ ڪيترائي ڀيرا
آفيس واري سرڪاري نمبر تان فون ڪري ٽھڪ ڏئي چوندو ھو، مولا! ھي تنھنجي پاسي جا وڏيرا
مون وٽ منگر واھ جي کاٽيء لاءِ آيا آھن، مولا حڪم ڪندو ته ھنن جو ڪم ٿيندو نه ته نه.....
مان کيس جواب ۾ چوندو ھيس: ابا منھنجو مرشد وڏي نظر وارو ۽ سخي آھي، سائل کي در
تان خالي موٽائڻ ھن جو وڙ ناھي. مونکي پڪ آهي ته مرشد سدائين جيان ھنن تي ڪرم نوازي
ڪندو. منھنجو جواب ٻڌي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو.
۲۳ اپريل ۲۰۲۱ تي واٽس اپ تي آخري رابطو ٿيو. ۽ ڪالھ صبح جو سندس ھن جھان مان ھجرت جي خبر
ٻڌي دل جھري پئي، اکين کيس لڙڪن جي سلامي ڏني.
پاڻ به تو وٽ پڄبو
مرشد!
پنھنجو ھيڻو حال کڻي.
(مھدي شاھ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)
بشير منگي
اڄ اسان کان وڇڙي ويو!!!
حسيب ناياب منگي
اها خبر تمام گهڻي ڏک
۽ افسوس سان پڙهي ۽ ٻڌي وئي ته سنڌ جو ڀلوڙ شاعر ۽ اديب بشير منگي سکر ۾ ڪورونا
وائرس جي سبب ۱۳ مئي ۲۰۲۱ع تي گذاري ويو. انا لله وانا اليه راجعون.
جنهن وقت اها خبر
پئي سوشل ميڊيا ذريعي عام ٿي سو عيد جو ڏينهن هو. سڀني ماڻهن جي لاءِ ته عيد کل ۽
خوشي جو ڏينهن هوندو آهي پر سنڌي ادب جي لاءِ اهو ڏينهن ڏک وارو ثابت ٿيو. بشير
منگي جي مٽن مائٽن، دوستن ۽ جن سان سندس نيازمنديءَ جو تعلق هو تن مٿان ته اها خبر
ٻڌڻ سان ئي وڄ ڪري پئي. بشير منگي سڀني ساٿين جو دادلو ۽ دل گهريو هو. هن وٽ جيڪا
فقيري هئي تنهن کيس سنڌ ۾ درويش صفت انسان بڻائي ڇڏيو هو. هن جي شخصيت سان ڀلي کڻي
ڪنهن جا ڪيترا به اختلاف هجن پر بشيرڻ سائين جي مرڪ ۽ سيني لڳائڻ واري عادت هر شڪوه
شڪايت ڏور ڪري ڇڏيندي هئي. هو ڏاڍو سلڇڻو ۽ نيڪ انسان هو. پنهنجن پراون سان پيار
سان ڳالهائڻ ۽ سٺي نموني سان پيش اچڻ هن جي عادت هئي. اهڙي يار ويس ۽ دلبر دوست جي
جدائي جو غم تازو آهي ۽ تازو ئي رهندو. هن سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا به
اسان سڀني جي سامهون آهي. هن جا ليک، ترجما ۽ شعر ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن.
بشير منگيءَ سان روح
رهاڻيون گهڻيون ٿينديون رهنديون هيون، سکر وڃڻ ٿئي يا هو شڪارپور اچي ته ملندا هياسين.
مون کي ياد ٿو اچي ته هن سان منهنجي آخري ملاقات سکر ۾ پنهنجي عزيز عبدالخالق منگي
جي وفات تي ٿي هئي. بشيرڻ سائين قرب ۽ پنهنجائپ مان ٻانهون کولي ڳلي لڳي مليو هو.
هن جو پاٻوهه مان چوڻ “تون ته واقعي ناياب ٿو ٿيندو وڃين ڀائٽيا!” منهنجي اڳيان هن
وقت به ائين ٿو ڦري ڄڻ ڪو پاڻ اسڪرين تي اهو منظر ڏسي رهيو هجان. مون کان ته سندس
سکر واري آفيس ۾ ملڻ هجي يا شڪارپور ۾ سائين عبدالجبار “عاجز” منگي جي اوطاق تي ڪچهريون
ڪرڻ وسري نٿو وسري. ڪچهري جو ڪوڏيو هوندو هو، هن وٽ اختلافن جي باوجود به دوستن جي
گلا نه هوندي هئي. ڳالهيون ڪندو هو ته به ادبي! پاڻي جي مسئلن تي ڳالهائيندو.
شاعري جي حوالي سان پيو ٻڌائيندو. اتفاق سان ڪنهن اهڙي موضوع تي ڳالهه اچي به وڃي
جنهن سان اختلاف هجيس ته به مرڪي مرڪي چوندو هو ته “اختلافن ۾ به رحمت هوندي آهي”.
اسان کي ته سندس طبعيت تي حيراني ٿيندي هئي، پر هي نيڪ انسان سڀني سان عاجزيءَ ۾
حياتيءَ جا ڏينهڙا گذاري اسان وٽان هليو ويو.
اسان جا يار ڌار ٿيندا
ٿا وڃن،
وڻ ۾ جيئن ڏار ٿيندا
ٿا وڃن.
بشير منگي محبتي ماڻهو،
انسان دوست، خلوص ۽ سادگيءَ سان گذارڻ وارو هو. رس چس وارو شعر سرجيندڙ سان گڏ ڀلوڙ
نثر نويس به هو سندس نثر جو نمونو به نظم جيان وڻندڙ ۽ چاهه وارو آهي. هن جا ڪالم سماجي،
علمي، ادبي، تاريخي ۽ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ انهن جو حل ٻڌائن ٿا. هن پنهنجي
ملازمت ۽ سماجي ڪمن مان وقت ڪڍي جيڪو ڪجهه لکيو سو ساراهڻ جي لائق آهي.
اسان نينهن پنهنجو
نڀايو نڀايو،
اسان مرڻ وارا
سجايو سجايو.
اسان جا فسانا محبت
جا يارو،
متل محفلين ۾ سدائين
پيا ڳايو.
بشير منگيءَ جي
شاعريءَ ۾ به محبت جو درس سمايل آهي. هن خوبصورتيءَ سان گڏ سچ جي وائي عام ڪئي
آهي. بيت، نظم، گيت، هائيڪا ۽ غزل لکي ويو آهي. جن ۾ مزاحمتي رنگ سان گڏ زندگي جي
لاهين چاڙهين جا گهڻا ئي عڪس موجود آهن. محبت جي رنگ ۾ رڱيل سندس ڪويتائن جا گهڻا
ئي مثال اهڙا آهن جيڪي پڙهڻ کانپوءِ قلبي قرار بخشين ٿا.
اکيون اکين سان
ملائي سکي مون سان ويهه،
ڇڏي سارو ڏيهه، اچ
ته پرين پيار ڪيون.
بشير منگي ولد محمد پنهل منگي پهرين اپريل ۱۹۶۳ع تي پنجُو ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
ابتدائي تعليم پنجو ديرو مان حاصل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۽
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪيائين. بيچلر ۽ ماسٽر جون سندون سنڌ
يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. اڪنامڪس سان گڏ سنڌي ادب ۾ به ايم.اي ٿيل هئس.
۱۹۸۰ع کان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان وابسته رهيو. سائين جي ايم سيد جي ڪتابن
۽ تقريرن کيس اهڙو موهي وڌو جو لکڻ لاءِ آماده ٿيو. نثر ۽ نظم ۾ پاڻ ملهائيندو
رهيو. سندس ڪالم ۽ ڪلام سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت به وقت ڇپجندو رهيو.
سيد تنهنجي نانءُ سان،
مٿي منهنجو ڪنڌ،
ڪپي ڪوري آءُ ڏيان،
پنهنجو هر هڪ سَنڌُ،
پيتو آهي منڌ، سيد
تنهنجي سن جو.
بشير منگي پنهنجي سڀاءَ
۽ علمي قابليت سبب گهڻن ئي علمي ادبي توڙي سماجي تنظيمن سان وابسته رهيو. گهڻين ئي
تنظيمن ۾ رهندي مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين ۽ پاڻ مڃرائي ڏيکاريائين. سنڌي ادبي سنگت
سان سندس روح جو رشتو هو. پاڻ ان جو نه صرف حصو رهيو پر ساس شاخ سکر جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري
۽ ۲۰۱۰ع کان ۲۰۱۳ع تائين مرڪزي آڊيٽر به ٿي رهيو هو. ان کان اول هو لطيف ادبي سنگت لاڙڪاڻو
سان سلهاڙيل هو. رحيم داد خان مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر جو ميمبر، در محمد فقير (روحل فقير) يادگار ڪميٽي
سکر جو ميمبر هو اتي به مرحوم پنهنجي لياقتن سان پنهنجو پاڻ مڃرائي ڏيکاريو. سياسي
حوالي سان ۽ ادبي تنظيمون ئي سندس خدمت جو محور نه هيون. شعوري شخص هئڻ ناتي سندس
تعلق سماجي خدمت ڪندڙ تنظيمن سان به جڙيو. پاڻ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي الفتح
ويلفيئر ايسوسيئيشن محلا الله آباد لاڙڪاڻو ٿي ڪم ڪندو رهيو.
۱۹۹۰ع کان آبپاشي کاتي ۾ ملازمت ڪرڻ شروع ڪيائين ته آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن گڊو بئراج ڊويزن سکر
جو صدر بڻيو، سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن سکر ڊويزن جو به صدر رهيو. فرينڊس ايسوسيئيشن ڪراچي
جو ميمبر پڻ رهيو
بشير منگيءَ کي اڃان
تمام گهڻو علمي، ادبي ۽ سماجي ڪم ڪرڻو هو، هاڻي تازو ئي سندس هڪ ڪتاب “پاڻيءَ جي
کوٽ” مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپجي ظاهر ٿيو هو. جيڪو مون ڏانهن اسان واري دوست
امتياز منگيءَ جي هٿ موڪليو هيائين. ان کان اڳ سندس ڪتاب : “وڏڦڙو”، “سنسار سنڌ ۽
منهنجي سوچ”،” منٽو جا سئو سال” (ترجمو)، “پکي پيار امن جا” ۽ “ڪير ٿو مون کي سڏي” ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.
پاڻ ۴ مئي ۲۰۲۱ع تي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو ۽ سکر جي
پرائيويٽ حرا اسپتال ۾ داخل هو، جتي سندس علاج هلي رهيو هو ته پاڻ ۱۳ مئي ۲۰۲۱ع تي عيد جي ڏينهن اسان سڀني کان تمام گهڻو ڏور
هلي ويو. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جايون جوڙي ڏي. آمين
تنهنجو ڪمهلو هاءِ
وڇوڙو،
ڏس ني پيارا بشير
منگي،
پايان ڪيئن عيد جو
جوڙو.
(آزاد بخاري)
(روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ ۱۶ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا