پروفيسر هيرو شيوڪاڻي
مختصر تعارف
هيرو شيوڪاڻي، پروفيسر:
هيرو ٽيڪمداس شيوڪاڻي
سنڌي ادب جو محقق، بهترين استاد، ڪهاڻيڪار، نقاد، مؤرخ ۽ مترجم ۶ جنوري ۱۹۳۵ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ورهاڱي
سبب سندس خاندان موجوده هندستان ۾ ايندڙ ڪڇ واري علائقي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن
بنيادي تعليم سنڌي، هندي ۽ انگريزي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي اي آنرس ۽ ايم اي هنديءَ
جي سند حاصل ڪئي، جنهن بعد آر ڪي تلريجا ڪاليج، الهاس نگر، هندستان ۾ استاد طور
فرض انجام ڏنا ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتي.
هيرو شيوڪاڻي
زندگيءَ جا چاليهه سال استادي پيشي سان وابسته رهيو. انهيءَ عرصي دوران هن سنڌي ٻوليءَ
جي خدمت ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ اهم ڪوششون ورتيون. هي مسلسل ۱۰ سال ساهتيه اڪيڊميءَ جي مرڪزي صلاحڪاري ڪميٽيءَ
جو ميمبر به رهيو. ان سان گڏوگڏ هو سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، مهاراشٽر جو به ڇهه سال
ميمبر رهيو. سندس لکيل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. بهترين ليکڪ هئڻ
سان گڏوگڏ هو سنڌي ڪهاڻيءَ جو بهترين نقاد پڻ هو. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب
۾ سندس سڃاڻپ سندس تحقيق ۽ ترجمو آهي. ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ (۱۹۸۱ع) سندس بهترين ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن
بعد سندس ٻيو ڪتاب ’جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي‘ جي عنوان سان آهي، جيڪو جدت جي لاڙن
۽ وصفن جي تشريح سان گڏوگڏ سنڌي ڪهاڻيءَ تي تنقيد جو به بهترين ڪتاب آهي. هي ڪتاب ۱۹۷۵ع ۾ ڇپيو، جنهن بعد ’جائزو‘ ۱۹۸۲ع ۾ ۽ ’نقطه نظر‘ ۱۹۹۲ع ۾ ڇپيو. انهن ڪتابن کان سواءِ سندس
انتهائي اعلى درجي جي ڪاوشن ۾ ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۽ ’گورو پرسڪار‘ (Gaurava Puraskar)
جا ڪتاب نهايت ئي اهم آهن. انهن ٻنهي ڪتابن جي اهميت کانپوءِ هيرو شيوڪاڻيءَ اعلى
درجي جي محققن ۾ شمار ٿيو. ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ وارو ڪتاب دراصل ايل ايڇ اجواڻيءَ
جي انگريزي ڪتاب (History of Sindhi
Literature) جو ترجمو
آهي، جيڪو شيوڪاڻيءَ کي ساهتيه اڪيڊمي نيو دهلي طرفان ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جيڪو
هن ۱۹۹۷ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ساڳئي سال ساهتيه اڪيڊميءَ اُهو ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس ٻيو
اهم ڪتاب ’گورو پرسڪار‘ به ۲۰۰۰ع ۾ گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪيو ويو. انهن
ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ تي تبصرو ۽ تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ادب جي
تاريخ جو مفصل احوال پڻ درج ڪيو ويو آهي. ۲۰۱۳ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ’ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب‘ سنڌ ۾ ڪويتا
پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي، جيڪو پڻ تنقيد ۽ ان جي جديد لاڙن بابت آهي. ان کان
علاوه سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ’سچ بنام سوچ‘ سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ۲۰۰۴ع ۾ سنڌ کان دوري جي ڪٿا ’گلابن جي ديس ۾‘
جي عنوان سان ’ڪرزما‘ رسالي ۾ پڻ ڇپيل اٿس. ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي اُلھاس نگر (ممبئي) ۾ وفات ڪئي.
(انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا تان کنيل)
پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي
ڪھاڻيڪار، محقق، مؤرخ،
مترجم ۽ نقاد - وڇوڙي تي لکيل تعارفي ليک - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۳۴۰)
ساجد رند
پروفيسر هيرو ٽيڪمداس
شيوڪاڻي ۶ جنوري ۱۹۳۵ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾جنم ورتو، ورهاڱي بعد هندستان جي ڪڇ واري
علائقي ۾ رھائش اختيار ڪيائون.
پاڻ سنڌي، هندي ۽
انگريزي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي اي (آنرس)
۽ ايم اي (هندي ٻوليءَ ۾) ڪيائون.
پيشي جي لحاظ کان
آر ڪي تلريجا ڪاليج، الھاس نگر، هندستان ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو ۽ ساڳئي ڪاليج ۾
پرنسپال جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي.
ھيرو شيوڪاڻي لکڻ پڙهڻ
کان علاوه علمي، ادبي سرگرمين ۾ به وڏو سرگرم رھندو ھيو، پاڻ مسلسل ۱۰ سال ساهتيه اڪيڊميءَ جي مرڪزي صلاحڪاري ڪميٽيءَ
جو ميمبر به رهيو، گڏوگڏ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي،
مهاراشٽر جو به ڇھ سال ميمبر رهيو.
سنڌ جو ھي بھترين اديب، محقق، مترجم، ڪهاڻيڪار ۽
نقاد اڄ ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڀارت جي شھر اُلھاس نگر (ممبئي) ۾ ديھانت ڪري ويو.
پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي
جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
(۱) زندگي ۽ ڪئڪٽس (ڪھاڻيون)
(۲) جدت جو مفھوم ۽ سنڌي ڪهاڻي (جدت جي لاڙن،
وصفن جي تشريح ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ تي تنقيد)
(۳) جائزو
(۴) نقطه نظر
(۵) سنڌي ادب جي تاريخ (ايل ايڇ اجواڻيءَ جي ڪتاب
جو ترجمو)
(۶) گورو پرسڪار (Gaurava Puraskar) - (شخصيت،
فن ۽ فڪر)
(۷) ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب (تنقيدون)
(۸ سچ بنام
سوچ (آتم ڪهاڻي)
(۹) گلابن جي ديس ۾ (سنڌ کان دوري جي ڪٿا)
ھيرو شيوڪاڻي
سنڌي ادب جو هيرو هليو
ويو
تاج جويو
ڪالهه صبح سان سوشل
ميڊيا تي دل ڌوڏيندڙ خبر ڦهلجي وئي. “سنڌي ٻولي جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هيرو شيوڪاڻي
ديهانت ڪري ويو.” دل مان هڪ زوردار دانهن شيخ اياز جي هيٺين سٽ جو روپ ڌاري ورتو.
“ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!”
شوڪت شوري، سليم
ميمڻ ۽ اسان جو هي يار هيرو شيوڪاڻي سنڌ ۽ هنڌ ۾ سنڌي ٻولي جو برک ڪهاڻيڪار ۽ نقاد
هو. هو هن وقت مهاراشٽر رياست جي شهر “الهاس نگر” ۾ رهندو هو. الهاس نگر ٿاڻي
(اولهه) ضلعي ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي آهي جنهن کي اتي آباد سنڌي “سنڌو نگر” سڏيندا
آهن. سنڌو نگر ۾ سنڌي ٻولي جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي،
سنڌيا چندر ڪندناڻي، لتا ڏهلياڻي اڃان به رهن ٿا. موهن ڪلپنا، ايم ڪمل به اتي
رهندا هئا پر پرلوڪ واسي ٿي ويا. سنڌو نگر جي اهميت محسوس ڪندي سنڌ جي وڏي شاعر
عبدالحڪيم ارشد لکيو هو ته
“جدا سنڌ کان
ناهه سنڌو نگر،
وجود آ وڍيل ته به بچي ويو ضمير.”
پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ
۶ جنوري ۱۹۳۵ع ۾ چوهڙ جمالي (ضلعي سجاول) ۾ تيرٿداس شيوڪاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو هو. ننڍي
کنڊ جي ورهاڱي وقت هيري جو خاندان حالتن جو اگرو رخ ڏسي لڏي هند ويو. سنڌ ڇڏڻ وقت
هيرو ڇهون درجو سنڌي (ٻيو درجو انگريزي) پڙهندو هو. هيري شيوڪاڻي ادب جي دنيا ۾ هڪ ڪهاڻيڪار طور پير پاتو. هن ۱۹۵۴ع جي ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيون ۽ ۱۹۵۵ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “راج فلمستان” ۾ ڇپي
پر پوءِ گذر معاش جي تلاش ۽ وڌيڪ تعليم جي حاصلات لاءِ ۵ سال خاموش رهيو. هيري ٿوريون ئي پر بهترين ڪهاڻيون
لکيون جن ۾ زندگي ۽ ڪئڪٽس، پورٽريٽ هڪ پيءُ جو، آتم هتيا ۽ سراپيل ستارن جي دوري
سندس اهم ڪهاڻين ۾ ليکجن ٿيون. سندس ڪهاڻي “هڪ اڪيلي جو سفر،” وڻندڙ لهجي، اثرائتي
انداز، پختي ٻولي ۽ نين تخليقي تشبيهن جي حوالي سان ڪافي مشهور ٿي. سندس ڪهاڻين جا
۲ مجموعا زندگي ۽ ڪئڪٽس (۱۹۷۵ع) ۽ ڪارڻ جي تلاش (۲۰۰۸ع) ڇپيل آهن. زندگي ۽ ڪئڪٽس جو ٻيو ڇاپو سنڌ
۾ ڪنول پبلشرز حيدرآباد ۱۹۸۱ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. مشهور نقاد ۽ ڪهاڻيڪار شيام جئسنگهاڻي هيري جي ڪهاڻين
۽ سندس ڪهاڻيڪار واري پد بابت راءِ ڏيندي لکيو ته “هيري جو ڪهاڻيڪار پنهنجي آتم
ساز کي تمام هيٺين سُرن يعني لوئر ڪيز تي وڄائيندي به تمام خون خوار سريئلسٽڪ نوع
۾ لکيل ڪهاڻيون پيش ڪري ٿو.” هيري شيوڪاڻي جون ڪهاڻيون ٿوري تعداد ۾ ٻين ٻولين ۾
ترجمون ٿيون ۽ داد حاصل ڪري چڪيون آهن. هيرو شيوڪاڻي ناميارو تعليمدان به رهيو ۽ ٽن
ڏهاڪن تائين تعليم ۽ تدريس ۽ سنڌي ٻولي لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنائين. هو
تعليمي لحاظ کان بي اي (آنرس سنڌي) ساهتيه رتن (هندي) ۽ ايم اي (هندي ۽ گجراتي)
هو. هو ۱۹۵۵ع کان ۱۹۶۴ع تائين هاءِ اسڪول ٽيچر رهيو. ۱۹۶۴ع کان ۱۹۷۵ع (رٽائرڊ ٿيڻ تائين) ايس ڪي تلريجا ڪاليج الهاس نگر ۾
سنڌي جو ليڪچرار، اسسٽنٽ پروفيسر، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ، وائيس پرنسپال ۽ آخر پرنسپال
جي پد تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ لاڳيتو ۸ سال آديپور گانڌي ڌام ۾ تولاڻي ڪاليج ڪامپليڪس
۾ سيڪريٽري طور خدمتون ڏنائين ۽ اتي ئي رهائش پذير رهيو. ڪجهه سال اڳ هو الهاس نگر
موٽي آيو هو جتي سندس پريوار موجود آهي. هيرو شيوڪاڻي سنڌي ادب جو وڏو نقاد هو.
موهن ڪلپنا لکيو آهي ته “سنڌي جاتيءَ هيري شيوڪاڻي جي معيار جو نقاد پيدا ڪرڻ ۾ ۳ ڏهاڪا لڳايا آهن. اهڙي معيار جو ٻيو نقاد پيدا ڪرڻ ۾ ٻيا به ۳ ڏهاڪا لڳائڻا پوندا”. سندس تنقيدي ادب جا هي ڪتاب ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا
آهن. جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي (۱۹۷۵ع)، جائزو (۱۹۸۱)، نقطهء نظر (۱۹۹۲ع)، لوڪ لهوارو وهي، تون اوچو وهه اوڀار (۲۰۰۳ع)، سرجڻ جو سنڪٽ ۽ سنڌي ڪهاڻي (۲۰۰۴)، سنڌي ڪهاڻين ۾ جدا موضوع (۲۰۰۰)، سنڌي ناول ڪٺ گهري ۾ (۲۰۰۷) ۽ ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب (سنڌ ۾ ۲۰۱۳ع). ان کانسواءِ سندس ڪيترائي تنقيدي مضمون
۽ جائزا رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپيل آهن. هن جو پهريون تنقيدي ليک نئون سنڌي سهائت، سوال
۽ دائرا جي عنوان سان ۱۹۶۲ع ۾ احمد آباد مان نڪرندڙ ادبي مخزن “چوڏس” ۾ ڇپيو هو. ان کانپوءِ اڄ تائين
هن جو تنقيدي قلم خاموش نه رهيو. هيري شيوڪاڻي جي سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعري تي به
گهري نظر رهي. ان ڏس ۾ (۱)، شاهه لطيف ۽ ڀڳتي هلچل، (۲)، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلاسيڪي شاعري تي هڪ نظر، (۳)، روي ۽ ڪوي، ٻرڻ ٻنهي لاءِ لازمي (اندر ڀوڄواڻي
جي شاعري ۽ زندگي جو اڀياس)، (۴) ڪوي هوند راج، دکايل گيت رچنا، (۵) شيخ اياز جي شاعري، سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ هڪ ڪڙي
۽ ٻيا ڪيترا ئي تنقيدي اڀياس سندس اعليٰ تنقيدي شعور جي نشاندهي ڪن ٿا. هيري شيوڪاڻي
مشهور عالم ۽ اديب لال سنگهه اجواڻي جي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ‘History Of Sindh Literature’
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو “سنڌي ادب جي تاريخ” جي نالي سان ڪيو هو جيڪو ۱۹۹۴ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي دهلي ڇپايو هو ۽ ان جو ٻيو
ڇاپو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب تي هيري شيوڪاڻي کي ۱۹۹۷ع ۾ ترجمي جو ايوارڊ مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي پڻ
ڏنو هو. ان کانسواءِ کيس گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊي (۲۰۰۰)، اکل ڀارت سنڌي ۽ ساهت سڀا (۲۰۰۵) ۽ مرڪزي ساهتيه اڪيڊي، دهلي (۲۰۰۸ع) به ايوارڊ ڏنا هئا. هو مهاراشٽر سنڌي
ساهتيه اڪيڊمي جو ۶ سال ميمبر، مهاراشٽر راجيا سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري بورڊ جي سنڌي ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ جو ۱۹۸۱ع کان ۱۹۹۵ع تائين ڪنوينر، ممبئي يونيورسٽي جي سينيٽ جو ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۵ع تائين ميمبر ۽ ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي
بورڊ آف اسٽيڊيز جو ۱۹۷۴ع کان ۱۹۹۵ع تائين ميمبر ۽ آخري ۳ سال چيئرمين به رهيو. هيرو شيوڪاڻي ڊسمبر ۲۰۰۴ع ۾ هند جي ٻين ڪيترن ئي اديبن سان گڏ
“شاهه، سچل، سامي-امن ڪانفرنس” ڪراچي ۾ شريڪ ٿيو هو. سنڌ ۾ رهڻ دوران کين سنڌ جي
مختلف علائقن جو دورو ڪرايو ويو. ان دوران هو چوهڙ جمالي وڃي پنهنجو گهر به ڏسي
آيو هو ۽ واپس وڃڻ بعد هن مختصر سفر نامو “گلاب جي گلن جو ديس” لکيو ۽ ان سفر نامي
جي فوٽو ڪاپي مون کي رکيل مورائي معرفت ڏياري موڪلي هئي جنهن کي مون “ڪرزما ڊائيجسٽ”ڪراچي
جي جون-جولاءِ ۲۰۰۷ع واري پرچي ۾ ڇپرايو هو. هيري شيوڪاڻي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا “سچ
بنام سوچ” به لکي ڇپائي هئي ۽ ان جو ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ ڇپائڻ جي حسرت سيني ۾ سانڍي هن
۳۰ جولاءِ جي صبح جو ۸:۳۰ وڳي دم ڏنو ۽ سنڌ ۽ هند ۾ سوين سوڳوار اديب ڇڏي ويو آهي
جيڪي کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ذڪر ھيرو شيوڪاڻي
جي ترجمي ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جو
گل محمد عمراڻي
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۷ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا