; سنڌي شخصيتون: مُنور ٻُٽ

31 July, 2021

مُنور ٻُٽ

مُنور ٻُٽ

مختصر تعارف



نالو:                     مُنور علي ٻُٽ

ادبي نالو:              مُنور ٻُٽ

پيءُ جو نالو:          جان محمد ٻُٽ

ڳوٺ:                 ٻُٽ سرائي، تعلقو ميهڙ، ضلع دادو.

ادبي دنيا: انگريزي ناول “رٽرن ان دي اسٽارس؛ دي اسٽوري آف سوڪي (Written in the Stars. The Story of Suki) جو سنڌي ۾ “ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي” نالي سان ترجمو ڪري ادبي دنيا ۾ پير رکيو.

تعارف: مُنور ٻُٽ ميهڙ تعلقو، ضلع دادو، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ “ٻُٽ سرائي” ۾ پهرين جولاءِ ۱۹۵۵ع تي جان محمدٻُٽ جي گهر اک کولي. اسڪولي تعليم جي شروعات پنهنجي ئي ڳوٺ “پرائمري اسڪول، ٻُٽ سرائي” مان ڪئي. پرائمري جا پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “مڊل اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول) ٿرڙي محبت ۾ داخلا ورتي. جتان مڊل اسٽئنڊرڊ امتحان ۱۹۷۰ع ۾ پاس ڪري، گورنمنٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول نمبر ۱)، ميهڙ ۾ نائين جماعت ۾ داخلا ورتي. ميهڙ هاءِ اسڪول مان ۱۹۷۲ع ۾ ڏهين جماعت (ميٽرڪ)سائنس ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. البت، ريگيولر تعليم ۾ ڪامياب نه ٿيڻ سبب، پرائويٽ امتحان ڏئي ۱۹۸۲ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ٿوري ٿوري عرصي لاءِ مختلف نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڀرتي ٿيو ۽ ان پوسٽ تان ترقي ڪندو ۳۰ جون ۲۰۱۵ع تي سيڪشن آفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.


اسڪولي تعليم دوران ئي پنهنجي ڳوٺ جي استادن محترم محمد صالح خاصخيلي (مرحوم) ۽ محترم محمد ابراهيم ميراڻي (مرحوم) جي صحبت ۾ رهندي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو، جنهنڪري کيس ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. پهريان اردو ڊائجيسٽن تان ڪهاڻيون ۽ افسانا ترجمو ڪيائين، پوءِ مستقل طور تي همت ٻڌي انگريزي ۽ اردو مان مڪمل ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيائين.

ڪنهن کي کڙڪ ئي نه ڏيڻ ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪتاب ترجما ڪري پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ڇپرائي نوجوانن ۾ مفت ڪتاب ورهائيندڙ مُنور ٻُٽ جا ترجمو ڪيل ڪتاب توڙي جو موضوعاتي حوالي کان اسلامي آهن، پر هي ڪتاب تنگ نظريءَ بجاءِ تبديليءَ، ترقيءَ ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏيندڙ آهن. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ڪردار نگاريءَ جي چوڌاري گهمندي نظر اچن ٿا ۽ اهي ڪردار ايترا ته اثرائتا آهن جو دنيا جي گهڻي ڀاڱي فردن تي هاڪاري اثر ڇڏيندڙ آهن.

مُنورٻُٽ انگريزي ۽ اردو مان جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، اهي ڪتاب موضوعاتي حوالي کان ناول، سوانح عمريون (سيرت)، تاريخي ۽ اسلامي ڪتاب آهن. سندس ترجمي جي ٻولي سولي ۽ سليس آهي، جيڪا پڙهندڙ کي رواني سان پاڻ سان کنيون ٿي هلي. مُنورٻُٽ هيٺيان ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، جيڪي ڇپجي ماڻهن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن:

 

۱. ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي. (۲۰۰۰ع)

انگريزي تان ترجمو.

اصل انگريزي: (رٽن ان دَ اسٽارس. دَ اسٽوري آف سوڪي.)

Written in the Stars. The Story of Suki

By: Erna Engberg Moen

۲. ڪربلا جي بهادر عورت (۲۰۰۵ع)

(حضرت زينب سلام الله تعاليٰ عليها)

اصل عربي: بطلہ الڪربلا (ڊاڪٽر عائشه بنت شاطي، مصر)

اردو تان ترجمو: ڪربلا ڪي شيردل خاتون

اردو مترجم:سيد محمدعباس زيدي، انديا

 

۳. سيرت حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام (۲۰۰۶ع)

مختلف ڪتابن تان چونڊ ڪري ترتيب ڏنل

 

۴. حضرت محمّد جو آفاقي پيغام (۲۰۱۰ع)

اصل عربي: الرساله الخالده (عبدالرحمان عزام، مصر)

انگريزي تان ترجمو: ايٽرنل ميسيج آف محمد

Eternal Message of Muhammad    

 ِEnglish translation by: Caesar E. Farah Ph.D

 

۵. رڻ سڄو ئي رت ڦڙا (۲۰۱۰ع)

          (ميدانِ ڪربلا)

اصل اردو: اِڪ قطره خون (عصمت چغتائي)

 

۶. هاشمين جو چنڊ (۲۰۱۲ع)

(غازي علمدار عباس عليه السلام)

مختلف ڪتابن تان چونڊ ڪري ترتيب ڏنل

 

۷. اسلام جي تاريخ (۲۰۱۲ع)

انگريزي ڪتاب “دي اسپرٽ آف اسلام” جو ترجمو

The spirit of Islam: By Syed Ameer Ali

 

۸. شانِ حضور (۲۰۱۴)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

مئولف: محمد اسلم ملڪ

 

۹. پير ڪامل (۲۰۱۴ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

ليکڪا: عميره احمد

۱۰. خدا جي تاريخ (۲۰۱۴ع)

اصل انگريزي ڪتاب “اَ هسٽري آف گاڊ” جو ترجمو

A History of God: By Karen Armstrong

 

۱۱. ايمان اُمِيد ۽ محبت (۲۰۱۵ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

ليکڪا: عميره احمد

 

۱۲. فُتوح الغيب (۲۰۱۵)

اردو تان ترجمو

اصل عربي مؤلف: پيران پير سيد عبدالقادر گيلاني

 

۱۳. فاطمهعه فاطمهعه آهي. (۲۰۱۵ع)

اصل فارسي: فاطمه فاطمه است

ليکڪ: ڊاڪٽر علي شريعتي

اردو ترجمي “فاطمه فاطمه ہے” جو ترجمو

اردو مترجم: پروفيسر سردار نقوي

 

۱۴. انساني ضمير جو آواز (۲۰۱۶ع)

            (امام علي عليه السلام)

اصل عربي: الصوت العدالت الانسانيه

ليکڪ: جارج جرداق (عيسائي، لبنان)

انگريزي “دي وائس آف هيومن جسٽس” تان سنڌي ترجمو

The Voice of human Justice: Muhammad Fazal Haq

 

 

۱۵. محسنِ انسانيت (۲۰۱۷ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

اردو ليکڪ: نعيم صديقي

 

۱۶. حضرت خديجه رضه (۲۰۱۸ع)

پهرين مسلمان ۽

پيغمبر محمد جي پهرين گهرواري

اصل ترڪي ۾ : ليکڪ ريست هيلامز (Resit Haylamaz)

انگريزي تان ترجمو: “خديجه دي فرسٽ مسلم

ائنڊ دي وائيف آف پرافيٽ محمد

Khadija the First Muslim and

Wife of Prophet Muhammad

انگريزي مترجم: هوليا ڪوثر(Hulya Cosar)

 

۱۷. علي عليه السلام ۽ اڪيلائي  (۲۰۱۸ع)

اصل فارسي: علي تنها است (ڊاڪٽر علي شريعتي)

اردو تان ترجمو: علي اور تنهائي

اردو مترجم: اديب الهندي

 

۱۸. انوارِ زهرا سلام الله عليها (۲۰۱۹ع)

اصل ساڳي نالي وارو فارسي ۽ اردو ترجمي جو ترجمو

فارسي ليکڪ: سيد حسن ابطحي

اردو مترجم: مولانا اثير جاڙوي ۽ مولانا صفدرعباس طاهري

 

۱۹. سِڌي واٽَ جو ڏَسُ (۲۰۱۹ع)

 (قرآن شريف جو سولو سنڌي ترجمو)

 

ڪتابن جو مختصر تعارف ۽ تبصرو

 

۱. ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي: هي ترجمن مان پهريون ڪتاب آهي جيڪو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو ويو. هي ناول آمريڪن ليکڪا ايرنا انجبرگ موئن جو تخليق ڪيل آهي. هي ناول ۱۹۵۳ع ۾ ڪوريا ۾ لڳل لڙائي ۽ ان جي الميي جي پسمنظر م لکيل هڪڙي دل ڏاريندڙ حقيقت پسنديءَ جي ڪهاڻي سان تعلق رکي ٿو. اهو ڪتاب سنڌي ادب ۾ پهرين عورت پبلشر آپا نذيرناز جي اداري ناري پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ڇپرايل آهي. هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جي حوالي سان هڪڙو منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ سوڪيءَ جي ڪهاڻي/ ڪردار حيرت انگيز آهي.

۲. ڪربلا جي بهادر عورت: حضرت بيبي زينب سلام الله عليها جي بهادريءَ جو مثال ڪربلا جي پسمنظر ۾ امام حسين عليه السلام کان پوءِ صفِ اول تي آهي. ان جڏهن وقت جي ظالم حڪمران جي درٻار ۾ تاريخي خطبو ڏنو ته سندس بهادريءَ جا پڙاڏا ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ ٻُڌا ويا. جنهن کان پوءِ يزيد لاءِ مسئلا کڙا ٿيا ۽ ماڻهن کي ان واقعي جي صحيح رُخ جو پتو پيو.

هي ترجمو ڪيل ڪتاب اصل ۾ عربي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر عائشه الشاطي، مصري جو لکيل آهي، جنهن جي اردو ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

۳. سيرت علي المرتضيٰ عليه السلام: هي ڪتاب ڪنهن هڪڙي ليکڪ جو ناهي، بلڪ مختلف ڪتابن جي حصن جو ترجمو ۽ ترتيب آهي. هن ڪتاب جي لاءِ انهن ڪتابن مان مواد کڻڻ جي مدد ورتي وئي آهي جيڪي حضرت علي عليه السلام جي سيرت ۽ ڪردار بابت لکيل آهن. هي ڪتاب مختلف ڪتابن جي مختلف حصن جو هڪڙو حسين گلدستو آهي.

۴. حضرت محمد جو آفاقي پيغام: مصر جي امير گهراڻي جي فرد، عرب ليگ جو بنياد وجهندڙ، ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون انجام ڏيندڙ عبدالرحمان عزام جي جڳ مشهور عربي ڪتاب “الرساله الخالده” جو ڊاڪٽر قيصر اي. فرح انگريزي ۾ “دي ايٽرنل ميسيج آف محمد ” جي نالي سان ترجمو ڪيو. انگريزي ترجمي تان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب “حضرت محمد جو آفاقي پيغام” هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو تمام گهڻن انتشارن جو سلجهاءُ پڻ آهي ۽ هيءُ ڪتاب نه رڳو اسلام جي روشنائي ۽ اجرائي بيان ڪري ٿو، پر هيءُ ڪتاب حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سيرت ۽ پيغام جو سهڻو سليقو سمجهائي ٿو.

هيءُ ڪتاب اسلامي تعليمات جو هڪ نچوڙ آهي ۽ هيءُ ڪتاب لکيو ئي ان لاءِ ويو آهي ته جن ماڻهن جي من ۾ اسلام جي باري ۾ دهشت جي باهه ٻرندي آهي، ان باهه کي وسائڻ لاءِ هن ڪتاب جي ليکڪ جديد سائنسي علم ۽ ادب جي حوالي سان اسلام کي بيان ڪيو آهي.

۵. رڻ سڄو ئي رت ڦڙا: هن ڌرتيءَ تي ڪربلا جي واقعي جا ڏکوئيندڙ اثر صدين کان رهندا پيا اچن؛ ڇا خبر ته اهي ڏک جا ڪڪر اڃا ڪيترو وقت ڇانيل رهندا؟ ڪربلا جو وقعو ايترو گهرو صدمو ڇوٿو لڳي ۽ ان سوال جو ڪهڙو جواب آهي. اصل ۾ ڪربلا جي واقعي تي هر اک ان ڪري آلي آهي جو ان واقعي ۾ محسنِ انسانيت جي پاڪ اولاد تي تڪليفن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. کين رڻ ۾ رلائي اڃيو بکيو ماريو ويو.

اصل ۾ هي ڪتاب اردو ۾ “اِڪ قطره خون” جي نالي سان ڪربلا جي واقعي جي پسمنظر ۾ برصغير جي تمام وڏي ليکڪا عصمت چغتائي لکيو آهي. هن ڪتاب کي پڙهندي هڪڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ ڪربلا جو دل سوز واقعو اکين آڏو اچي وڃي ٿو.

۶. هاشمين جو چنڊ: “هاشمين جو چنڊ” غازي عباس علمدار عليه السلام جي سوانح عمر آهي ۽ هي ڪتاب انساني سيرت کي سهڻو، سليقي ۽ بهادريءَ جو دڳ ڏيکاري ٿو. هن ڪتاب لاءِ مختلف ڪتابن کي نظر مان ڪڍي حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام جي سوانح عمري ترتيب ڏني وئي آهي.

۷. اسلام جي تاريخ: اسلام سلامتيءَ جو دين آهي. اهو پاڻ پهريان ٻڌوسين ۽ پوءِ پڙهيوسين ۽ آخر ۾ عالمي طور تي جيڪو اسلام جي باري ۾ تاثر اڀريو اهو ڏاڍو خطرناڪ طور سامهون آيو.

اسلام جي تاريخ تي وِل ڊيورنٽ (Will Durant) جي تحقيق ٻين محققن ۽ تاريخدانن کان گهڻو مختلف آهي. هو ڏاڍو کرو تاريخدان آهي ۽ جڏهن هن کي پڙهجي ٿو ته ائين ڀانئجي ٿو ته هو هڪ حقيقت پسند ليکڪ آهي ۽ هڪڙي تاريخ جي شاگرد کي وِل ڊيورنٽ کي پڙهڻ گهرجي، جنهن وِل ڊيورنٽ ناهي پڙهيو ته ڄڻ ان اڌوري تاريخ پڙهي آهي.

“اسلام جي تاريخ” ترجمو ڪيل ڪتاب آهي. سيد اميرعلي جو هي اصل انگريزي ڪتاب “دي اسپرٽ آف اسلام” پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسلام جو اصلي روح ڏيکارڻ سان گڏ مغربي ليکڪن طرفان حضور جي سيرت ۽ اسلام خلاف منفي راءِ جو چڱي نموني سان جواب ڏنو آهي.

۸. پير ڪامل : پير ڪامل ناول اردو ادب جي حال ۾ جڳ مشهور ليکڪا عميره احمد جو لکيل آهي ۽ ناول جو پلاٽ ختم نبوت ۽ حضور جي سيرت تي ٻڌل آهي. پير ڪامل گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي ۽ هي ناول ايترو ته مقبول ٿيو جو ليکڪا پاڻ ان کي انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪيو آهي. هي اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.

۹. خدا جي تاريخ: خدا جي تاريخ برطانوي ڄائي ڪيرن آرمسٽرانگ جو لکيل ڪتاب آهي. هڪ ضخيم ۽ ڳورن خيالن وارو هي ڪتاب ڪو هڪ دفعو پڙهي سمجهڻ جهڙو قطع ناهي. هي ڪتاب ڳولا جو جهڙوڪ داستان آهي، جيڪو ڪيرن آرمسٽرانگ سان منسوب آهي. ڪي ڪتاب، ڪي موضوع اهڙا هوندا آهن جيڪي سوال ڇڏي ويندا آهن؛ ۽ اهڙائي موضوع ڪارائتا هوندا آهن، جيڪي مثبت سوالن کي جنم ڏيندا آهن. هيءُ ڪتاب خدا جي تاريخ به انهن ڪتابن ۽ موضوعن مان آهي، جيڪي اهڙا مثبت سوال اٿارين ٿا.

۱۰. ايمان اُمِيد ۽ محبت: اردو ادب ۾ مذهب جي داخل ٿيڻ سان گهڻن ئي معاشرتي پهلوئن تان پردو کڄڻ لڳو آهي. عميره احمد کان ويندي هاشم نديم جي ڊرامن ۽ ناولن ۾ پيار ۽ محبت جي موضوعاتي ڊرامن ۽ ناولن ۾ هلندي هلندي مذهب جو داخل ٿيڻ پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته انسان جي تعليم سان گڏ تربيت ۾ مذهب جو ڪيڏو اثر آهي جو اهو اثر ان کي وڏين آزمائشن ۽ ڌٻڻين مان پار ڪرائي ٿو ڇڏي.

۱۱. فاطمهعه فاطمهعه آهي: هي ڪتاب ڊاڪٽر علي شريعتي جي فارسي ٻولي ۾ لکيل ڪتاب “فاطمهعه فاطمهعه است” جنهن کي اردو ۾ پروفيسر سردار نقوي ترجمو ڪيو آهي، ان اردو ترجمي جو سنڌي ترجمو آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي جي لکيل ڪتابن مان هي ڪتاب تمام گهڻو مقبول ۽ شاندار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي ڪيڏو وڏو ڏاهو آهي، اهو هن ڪتاب کي پڙهي پروڙي سگهجي ٿو. هي ڪتاب اسلام ۾ عورت جي مٿانهين مقام کي معتبر ثابت ڪري ٿو.

۱۲. انساني ضمير جو آواز: اسان سنڌين جي محبت جو انداز نرالو آهي، جنهن سان محبت ڪيون ته ان سان نڀائي ڄاڻون. احمد فراز جي هڪڙي شعر جو مفهوم آهي “فراز اڃا توکي ڪهڙو اعزاز کپي جو ماڻهن پنهنجي ٻچن تي تنهنجو نالو رکيو آهي” ۽ ائين ئي اسان حضرت علي عليه السلام سان محبت ڪيون ٿا ۽ پنهنجن ٻچن جو نالو “علي” چاهه سان رکندا آهيون.

انساني ضمير جو آواز (حضرت علي عليه السلام) ڪيڏو قيمتي ڪتاب آهي ان جو اندازو اوهان هن مان لڳائي سگهو ٿا ته هن ڪتاب کي ڏکڻ لبنان جي هڪڙي عيسائي عرب جارج جرداق عربي ٻوليءَ ۾ ۱۹۵۸ع ۾ لکيو، جنهن کان پوءِ هي ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. هن ڪتاب کي انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. “انساني ضمير جو آواز” ڪتاب حضرت علي عليه السلام جي سيرت پاڪ تي هڪ جامع ڪتاب آهي ۽ هن ڪتاب جي ضخامت ڏسي ڪري ۽ ان جو شاندار تحقيقي ڪم ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته جارج جرداق هي ڪتاب هٿن سان نه پر دل سان لکيو آهي.

۱۳. محسنِ انسانيت : حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن انسانيت جا سرچشما آهن. سندن سيرت مبارڪ عالم انسان لاءِ هڪ روشن راهه آهي. هي اصل ڪتاب اردو ۾ لکيل آهي، جنهن جو ليکڪ نعيم صديقي (مرحوم) جماعت اسلامي سان وابسته هو ۽ بي ڊپو ليکڪ هو. هن هي ڪتاب ايوبي آمريت ۾ لکيو ۽ هي ڪتاب گهڻو پڙهيو ويندڙ  ۽ سٺ جي ڏهاڪي کان هر سال شايع ٿيندڙ ڪتاب آهي. ڪتاب موضوع جي حوالي سان رسول الله جي سيرت آهي ۽ ڪتاب محسنِ انسانيت جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو.

۱۴. حضرت خديجه رضي الله عنها: هي ڪتاب ان ڀاڳواري ۽ نيڪ سيرت خاتون جي سيرت جي باري ۾ آهي، جنهن کي الله تعاليٰ پهرين مسلمان هجڻ ۽ آخري رسول ۽ محسنِ انسانيت حضرت محمد جي پهرين گهرواري ٿيڻ جو عظيم شرف عطا ڪيو. پاڻ سڳورن سان لاڳاپيل شخصيتن جي سيرت جو بيان اصل ۾ پاڻ سڳورن جي سيرت پاڪ جو هڪڙو حصو هوندو آهي. امڙ سيده خديجه رضي الله عنها جي سيرت به پاڻ سڳورن جي سيرت جو هڪڙو سهڻو باب آهي.

پاڻ سڳورا هڪڙا اهڙا انقلابي اڳواڻ ۽ روحاني رهبر هيا، جن ڪنهن به جذباتي قدم کڻڻ کان سواءِ مڪي ۾ غيرانساني طورطريقن تي لاڳو ٿيل نظام کي قرآن شريف جي الاهي پيغام ذريعي ختم ڪري انساني آدرشن تي ٻڌل نئون نظام نافذ ڪيو. سيده خديجه رضي الله عنها پنهنجي پيغمبر وَر تي ايمان آڻي ان نئين نظام کي لاڳو ڪرڻ جي جدوجهد ۾ تن، من ۽ ڌن جي قرباني ڏيڻ سان ساٿ ڏنو.

۱۵. انوارِ زهرا سلام الله عليها: هي ڪتاب اصل ۾ ساڳئي نالي سان فارسي زبان ۾ جناب سيدحسن ابطحي جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ان ڪتاب جي مولانا اثير جاڙوي ۽ مولانا صفدر عباس طاهري طرفان اردو ۾ ڪيل ترجمي تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ نه رڳو سيده فاطمه الزهرا سلام الله عليها جي سيرت بيان ڪئي وئي آهي پر آلِ رسول جي محبت جي حوالي سان به نهايت مدلل بحث ڪيو ويو آهي.

۱۶. سِڌي واٽَ جو ڏَسُ: هي ڪتاب اصل ۾ قرآن شريف جي ترجمي جو صرف سنڌي متن آهي، جنهن کي سورتن جي عنوان سان گڏ آيتن جي نمبرن سان ڇپرايو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ واري لاءِ آساني ٿئي.

قرآن شريف نبي ڪريم وسيلي بنيادي طور تي مسلمان امت ۽ عام طور تي انساني لڏي جي پڙهڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ لازمي آهي ته عربي ٻوليءَ جي ڪجهه ڄاڻ هجڻ گهرجي. اسلام جيئن ته وقت جي وهڪري سان گڏ پوري دنيا جي ملڪن ۾ پکڙجي ويو آهي ۽ مسلمان امت مختلف قومن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري ضرورت محسوس ڪئي وئي ته قرآن شريف جو عربي مان ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ڪيو وڃي، جيئن ٻين ٻولين وارا به قرآن شريف جي احڪام ۽ پيغام کي چڱيءَ طرح سمجهي عمل ڪري سگهن. انهيءَ ضرورت پٽاندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ به قرآن شريف جا ترجما ٿيا.

جيئن ته قرآن شريف جا سنڌي ترجما ٻوليءَ جي مروجه سٽاءُ موجب لکيل ۽ ڇپيل ڪونه آهن، جنهن سبب گهٽ پڙهيل ماڻهو اندازو نٿو ڪري سگهي ته آيت جي سنڌي معنيٰ اندر ڪهڙا لفظ ڪهڙن لفظن کان اڳ يا پوءِ پڙهڻ گهرجن ته مطلب سمجهه ۾ اچي وڃي. جڏهن ته قرآن شريف کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ذريعي قرآن جي تعليم ۽ پيغام کي سمجهي، مونجهاري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري احڪام تي عمل ڪن. انهيءَ سوچ پٽاندڙ قرآن شريف جي موجود سنڌي ترجمن جي ڀيٽ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي موجودهه ادبي سٽاءُ موجب ترجمي کي منفرد نموني سان ترتيب ڏئي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

 

اڻ ڇپيل ڪتاب:

1.    اسلام جي مختصر تاريخ: سيد امير علي جي مشهور انگريزي ڪتاب “اي شارٽ هسٽري آف ساراسينس” (A Short History of Saracens) جو سنڌي ترجمو.

2.    سيرتِ رسول : ايران جي موجودهه مذهبي ۽ روحاني اڳواڻ آيت الله سيد علي خامنائي دائم برڪاتہ جي اتحاد بين المسلمين جي موضوع تي مختلف موقعن تي ڪيل تقريرن جي اردو ترجمي جو سنڌي ترجمو.

3.    محمد : مارٽن لنگس (ابوبڪرسراج الدين) جي مشهور انگريزي ڪتاب “محمد ” (Muhammad: his life based on the earliest sources) جو سنڌي ترجمو.

4.    نور الثقلين: عربي ڪتاب فرائد السمطين جي اردو ترجمي نور الثقلين جو سنڌي ترجمو. (بائينڊر وٽ آهي)

5.    نبي ڪريم عظيم ماهرِ نفسيات: مشهور اردو ڪتاب نبي اڪرم بطور ماهرِ نفسيات جو سنڌي ترجمو.  (ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي)




سنڌي ادب کي ۲۲ ڪتاب ارپيندڙ

سنڌيڪار مُنور ٻُٽ جا ترجمو ٿيل ڪتاب



نالو:                   مُنور علي ٻُٽ.

ادبي نالو:             “مُنور ٻُٽ”

پيءُ جو نالو:         جان محمد ٻُٽ

ڳوٺ:                  ٻُٽ سرائي، تعلقو ميهڙ، ضلع دادو.

سنڌ جي شهر ميهڙ جي سرزمين جتي عالم، اديب، دانشور، سياستدان ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ٿيا. اتي سنڌي ادب کي پاڻ ارپيندڙ خاموش ۽ سٻاجهڙي انسان مُنور ٻُٽ جهڙا سنڌيڪار به پيدا ٿيا آهن. جنهن سنڌي ادب ۾ ۲۲ ڪتابن جو تحفو ڏئي پاڻ ملهايو آهي. مُنور ٻُٽ کي ڪتاب ترجمو ڪرڻ جو شوق اسڪولي تعليم جي ڏينهن کان هو. فضل احمد بچاڻي مرحوم جا ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهڻ سان سندس شوق هيڪاري وڌي ويو. کيس دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه مان به ڪتاب ترجمو ڪريان. ۱۹۹۲ کان هن اهو ڪم شروع ڪيو.

انگريزي ناول “رٽن ان دي اسٽارس. دي اسٽوري آف سوڪي” (Written in the Stars. The Story of Suki) جو سنڌي ۾ “ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي” نالي سان ترجمو ڪري ادبي دنيا ۾ پير رکيو. هن ٻڌايو ته ڪوريا جي جنگ ۾، جنهن ۾ ڪوريا ٻه اڌ ٿي ويو، جنگ جي نتيجي ۾ بک ۽ بدحالي سبب آمريڪي فوجين جي ڏيهي عورتن سان جنسي لاڳاپن جي صورت ۾ جيڪي نسل پيدا ٿيو هن ناول ۾ هڪڙي عورت مان پيدا ٿيندڙ هڪڙي ڇوڪريءَ جي الميي جي داستان کي قلم بند ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو داستان اسان جي معاشري سان ملندڙ جلندڙ آهي ڇو ته شاهوڪار ماڻهن جي بي راهه روي ڪري اسان جي معاشري ۾ به اهڙا ٻار پيدا ٿيندا رهن ٿا. فرق صرف ايترو آهي ته اها ڇوڪري همدرد هٿن ۾ پهچي ٿي، جنهن کي سندس پيءُ وٽ پهچايو وڃي ٿو ۽ اهو آمريڪي پيءُ به ان کي قبول ڪري پنهنجو ڪري ٿو. جڏهن ته اسان جي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ اهڙا ٻار معاشري جي غلط هٿن جو شڪار ٿيندا رهن ٿا.

تعارف:

مُنور ٻُٽ ميهڙ تعلقو، ضلع دادو، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ “ٻُٽ سرائي” ۾ پهرين جولاءِ ۱۹۵۵ع تي جان محمد ٻُٽ جي گهر اک کولي. اسڪولي تعليم جي شروعات پنهنجي ئي ڳوٺ “پرائمري اسڪول، ٻُٽ سرائي” مان ڪئي. پرائمري جا پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “مڊل اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول) ٿرڙي محبت ۾ داخلا ورتي، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ امتحان ۱۹۷۰ع ۾ پاس ڪري، گورنمنٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول نمبر ۱)، ميهڙ ۾ نائين جماعت ۾ داخلا ورتي. ميهڙ هاءِ اسڪول مان ۱۹۷۲ع ۾ ڏهين جماعت (ميٽرڪ) سائنس ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. البت، ريگيولر تعليم ۾ ڪامياب نه ٿيڻ سبب پرائويٽ امتحان ڏئي ۱۹۸۲ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ٿوري ٿوري عرصي لاءِ مختلف نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڀرتي ٿيو ۽ ان پوسٽ تان ترقي ڪندو ۳۰ جون ۲۰۱۵ع تي سيڪشن آفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

اسڪولي تعليم دوران ئي پنهنجي ڳوٺ جي استادن محترم محمد صالح خاصخيلي (مرحوم) ۽ محترم محمد ابراهيم ميراڻي (مرحوم) جي صحبت ۾ رهندي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو، جنهنڪري کيس ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. هن پهريان اردو ڊائجيسٽ تان ڪهاڻيون ۽ افسانا ترجمو ڪيا. پوءِ مستقل طور تي همت ٻڌي انگريزي ۽ اردو مان مڪمل ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا.

مُنور ٻُٽ ڏک ملڻ جي صورت ۾ غمگين ٿيندو آهي ۽ خوشي ملڻ جي صورت ۾ خوش ٿيندو آهي. قدرتي منظر وڻندا اٿس. سفيد، هلڪو بلو ۽ ڀورو ناسي رنگ پسند اٿس. سادا ۽ سچا ماڻهو وڻندا اٿس ۽ منافقن کان نفرت اٿس. زندگي کان ڪا به شڪايت نه اٿس. الله جو شڪر ڪري ٿو. دولت، عزت، شهرت ۽ محبت مان عزت جي چونڊ ڪري ٿو. نوڪري تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٻين جي مدد ڪرڻ کي اهم ڳالهه سمجهي ٿو. عام ماڻهن ۽ نوجوانن لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چوي ٿو ته بنا ڪنهن مت ڀيد جي انسانيت جي خدمت ڪن. آخري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي آل جي عزت ۽ احترام ڪن. هر حال ۾ صبر ۽ شڪر ڪن ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارين.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ۱۹۹۳ع ۾ امڙ سان گڏ عمري ۽ حج جي سعادت نصيب ٿيڻ ۽ مڪي مديني جي زيارتن کان پوءِ سندس خيال تبديل ٿي ويو ۽ مذهبي ڪتاب ترجمو ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿي ويو. جنهن سبب مختلف ڪتاب ترجمو ڪندو رهيو. جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

ترجمو ٿيل ڪتاب

۱. ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي. (۲۰۰۰ع)

انگريزي تان ترجمو.

اصل انگريزي: (رٽن ان دَ اسٽارس. دَ اسٽوري آف سوڪي.)

Written in the Stars. The Story of Suki

By: Erna Engberg Moen

۲. ڪربلا جي بهادر عورت (۲۰۰۵ع)

(حضرت زينب سلام الله تعاليٰ عليها)

اصل عربي: بطلھ الڪربلا (ڊاڪٽر عائشه بنت شاطي، مصر)

اردو تان ترجمو: ڪربلا ڪي شيردل خاتون

اردو مترجم:سيد محمدعباس زيدي، انڊيا

۳. سيرت حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام (۲۰۰۶ع)

مختلف اردو ڪتابن تان چونڊ ڪري ترتيب ڏنل

۴. حضرت محمّد ﷺ جو آفاقي پيغام (۲۰۱۰ع)

اصل عربي: الرساله الخالده (عبدالرحمان عزام، مصر)

انگريزي تان ترجمو: ايٽرنل ميسيج آف محمد ﷺ

Eternal Message of Muhammad

 ِEnglish translation by: Caesar E. Farah Ph.D

۵. رڻ سڄو ئي رت ڦڙا (۲۰۱۰ع)

 (ميدانِ ڪربلا)

اصل اردو: اِڪ قطره خون (عصمت چغتائي)

هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن وارن “داستان ڪربلا” جي نالي سان ڇپرايو آهي.

۶. هاشمين جو چنڊ (۲۰۱۲ع)

(غازي علمدار عباس عليه السلام)

مختلف اردو ڪتابن تان چونڊ ڪري ترتيب ڏنل

۷. اسلام جي تاريخ (۲۰۱۲ع)

انگريزي ڪتاب “دي اسپرٽ آف اسلام” جو ترجمو

The spirit of Islam: By Syed Ameer Ali

۸. شانِ حضور ﷺ (۲۰۱۴)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

مئولف: محمد اسلم ملڪ

۹. پير ڪامل ﷺ (۲۰۱۴ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

ليکڪا: عميره احمد

۱۰. خدا جي تاريخ (۲۰۱۴ع)

اصل انگريزي ڪتاب “اَ هسٽري آف گاڊ” جو ترجمو

A History of God: By Karen Armstrong

۱۱. ايمان اُمِيد ۽ محبت (۲۰۱۵ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

ليکڪا: عميره احمد

۱۲. فُتوح الغيب (۲۰۱۵)

اردو تان ترجمو

اصل عربي مئولف: پيران پير سيدعبدالقادر گيلاني

۱۳. فاطمه عه فاطمه عه آهي. (۲۰۱۵ع)

اصل فارسي: فاطمه فاطمه است

ليکڪ: ڊاڪٽر علي شريعتي

اردو ترجمي “فاطمه فاطمه ہے” جو سنڌي ترجمو

اردو مترجم: پروفيسر سردار نقوي

۱۴. انساني ضمير جو آواز (۲۰۱۶ع)

 (امام علي عليه السلام )

اصل عربي: الصوت العدالت الانسانيه

ليکڪ: جارج جرداق (عيسائي، لبنان)

انگريزي “دي وائس آف هيومن جسٽس” تان سنڌي ترجمو

The Voice of human Justice: Muhammad Fazal Haq

۱۵. محسنِ انسانيت ﷺ (۲۰۱۷ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

اردو ليکڪ: نعيم صديقي

۱۶. حضرت خديجه رضه (۲۰۱۸ع)

پهرين مسلمان ۽

پيغمبر محمد ﷺ جي پهرين گهرواري

اصل ترڪي ۾: ليکڪ ريست هيلامز (Resit Haylamaz)

انگريزي تان ترجمو: “خديجه دي فرسٽ مسلم

ائنڊ دي وائيف آف پرافيٽ محمد ﷺ

Khadija the First Muslim and

Wife of Prophet Muhammad

انگريزي مترجم: هوليا ڪوثر (Hulya Cosar)

۱۷. علي عليه السلام ۽ اڪيلائي (۲۰۱۸ع)

اصل فارسي: علي تنها است (ڊاڪٽر علي شريعتي)

اردو تان ترجمو: علي اور تنهائي

اردو مترجم: اديب الهندي

۱۸. انوارِ زهرا سلام الله عليها (۲۰۱۹ع)

اصل ساڳي نالي وارو فارسي ۽ اردو ترجمي جو ترجمو

فارسي ليکڪ: سيد حسن ابطحي

اردو مترجم: مولانا اثير جاڙوي ۽ مولانا صفدرعباس طاهري

۱۹. سِڌي واٽَ جو ڏَسُ (۲۰۱۹ع)

 (قرآن شريف جو سولو سنڌي ترجمو)

قرآن شريف جي مختلف سنڌي ترجمن جي نئين جوڙجڪ

۲۰. نبي ڪريم ﷺ (جون۲۰۲۱ع)

عظيم ماهرِ نفسيات

اردو ڪتاب: نبي اڪرم ﷺ بطور ماهر نفسيات

سيده سعديه غزنوي جي صدارتي ايوارڊ مليل اردو ڪتاب جو ترجمو

۲۱. نُورالثَقلين (آگسٽ ۲۰۲۱)

اصل عربي ڪتاب: فرائدالسمطين

عربي ليکڪ: ابراهيم بن محمد الجويني خراساني

اردو ترجمو: نورالثقلين

اردو مترجم: علامه صفدر رضا قادري

۲۲. سيرتِ رسول اڪرم ﷺ

(رسول اڪرم ﷺ جي ولادت ۽ بعثت تي ڪيل فارسي تقريرون)

از: آيت الله سيد علي خامنائي دائم برڪاته

اسوه رسول اڪرم ﷺ (اردو)

اردو مترجم: سيد ڪوثرعباس موسوي

سنڌيڪار جا ايندڙ ڪتاب

۱. اسلام جي مختصر تاريخ: سيد امير علي جي مشهور انگريزي ڪتاب “اي شارٽ هسٽري آف ساراسينس” (A Short History of Saraceans) جو سنڌي ترجمو.

۲. محمد ﷺ: مارٽن لنگس (ابوبڪر سراج الدين) جي مشهور انگريزي ڪتاب “محمد ﷺ” (Muhammad: his life based on the earliest sources) جو سنڌي ترجمو.

۳. مودة القربيٰ

سيد علي همداني شافعي جي عربي ڪتاب مودة القربيٰ جي اردو ترجمي تان ترجمو

زادالعقبيٰ (اردو): اردو مترجم: سيد شريف حسين سبزواري

۴. باطني خلافت

قاري ظهوراحمد فيضي جي اردو ڪتاب خلافته الباطنيه جو ترجمو

۵. گَهر وارا ۽ در وارا

قاري ظهوراحمد فيضي جي اردو ڪتاب گھروالے اور دروالے جو ترجمو

۶. آفتابِ نبوت ﷺ

مولانا قاري محمدطيب جي اردو ڪتاب آفتابِ نبوت ﷺ جو ترجمو.

قرآن شريف جي آيت پاڪ مان نبوت محمديه ﷺ جي شان جي رفعت (بلندي) جو حڪيماڻو تجزيو. هن ڪتاب جو مطالعو حضور ﷺ جي عقيدت، عظمت ۽ محبت کي توهان جي دل ۾ وڌيڪ مضبوط ڪندو.

۷. وارثِ پيغمبر ﷺ

 (علي بن ابوطالب عليه السلام)

سيد حسن عباس جي انگريزي ڪتاب “دي پرافيٽس هيئر. دي لائيف آف علي بن ابوطالب عليه السلام

The Prophet’s Heir. The life of Ali bin Abi Taalib.

جو سنڌي ترجمو

 




مُنور ٻُٽ

مختصر تعارف

احمد رضا آگرو

نالو: مُنور علي ٻُٽ

ادبي نالو: مُنور ٻُٽ

پيءُ جو نالو: جان محمد ٻُٽ

ڳوٺ: ٻُٽ سرائي، تعلقو ميهڙ، ضلع دادو.

ادبي دنيا: انگريزي ناول “رٽرن ان دي اسٽارس؛ دي اسٽوري آف سوڪي” (Written in the Stars. The Story of Suki) جو سنڌي ۾ “ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي” نالي سان ترجمو ڪري ادبي دنيا ۾ پير رکيو.

تعارف: مُنور ٻُٽ ميهڙ تعلقو، ضلع دادو، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ “ٻُٽ سرائي” ۾ پهرين جولاءِ ۱۹۵۵ع تي جان محمد ٻُٽ جي گهر اک کولي. اسڪولي تعليم جي شروعات پنهنجي ئي ڳوٺ “پرائمري اسڪول، ٻُٽ سرائي” مان ڪئي. پرائمري جا پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “مڊل اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول) ٿرڙي محبت ۾ داخلا ورتي. جتان مڊل اسٽئنڊرڊ امتحان ۱۹۷۰ع ۾ پاس ڪري، گورنمنٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول نمبر ۱)، ميهڙ ۾ نائين جماعت ۾ داخلا ورتي. ميهڙ هاءِ اسڪول مان ۱۹۷۲ع ۾ ڏهين جماعت (ميٽرڪ)سائنس ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. البت، ريگيولر تعليم ۾ ڪامياب نه ٿيڻ سبب، پرائويٽ امتحان ڏئي ۱۹۸۲ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ٿوري ٿوري عرصي لاءِ مختلف نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڀرتي ٿيو ۽ ان پوسٽ تان ترقي ڪندو ۳۰ جون ۲۰۱۵ع تي سيڪشن آفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

اسڪولي تعليم دوران ئي پنهنجي ڳوٺ جي استادن محترم محمد صالح خاصخيلي (مرحوم) ۽ محترم محمد ابراهيم ميراڻي (مرحوم) جي صحبت ۾ رهندي مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو، جنهنڪري کيس ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. پهريان اردو ڊائجيسٽن تان ڪهاڻيون ۽ افسانا ترجمو ڪيائين، پوءِ مستقل طور تي همت ٻڌي انگريزي ۽ اردو مان مڪمل ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيائين.

ڪنهن کي کڙڪ ئي نه ڏيڻ ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪتاب ترجما ڪري پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ڇپرائي نوجوانن ۾ مفت ڪتاب ورهائيندڙ مُنور ٻُٽ جا ترجمو ڪيل ڪتاب توڙي جو موضوعاتي حوالي کان اسلامي آهن، پر هي ڪتاب تنگ نظريءَ بجاءِ تبديليءَ، ترقيءَ ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏيندڙ آهن. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ڪردار نگاريءَ جي چوڌاري گهمندي نظر اچن ٿا ۽ اهي ڪردار ايترا ته اثرائتا آهن جو دنيا جي گهڻي ڀاڱي فردن تي هاڪاري اثر ڇڏيندڙ آهن.

مُنورٻُٽ انگريزي ۽ اردو مان جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، اهي ڪتاب موضوعاتي حوالي کان ناول، سوانح عمريون (سيرت)، تاريخي ۽ اسلامي ڪتاب آهن. سندس ترجمي جي ٻولي سولي ۽ سليس آهي، جيڪا پڙهندڙ کي رواني سان پاڻ سان کنيون ٿي هلي. مُنورٻُٽ هيٺيان ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، جيڪي ڇپجي ماڻهن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن:

۱. ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي. (۲۰۰۰ع)

انگريزي تان ترجمو.

اصل انگريزي: (رٽن ان دَ اسٽارس. دَ اسٽوري آف سوڪي.)

Written in the Stars. The Story of Suki

By: Erna Engberg Moen

 

۲. ڪربلا جي بهادر عورت (۲۰۰۵ع)

(حضرت زينب سلام الله تعاليٰ عليها)

اصل عربي: بطلہ الڪربلا (ڊاڪٽر عائشه بنت شاطي، مصر)

اردو تان ترجمو: ڪربلا ڪي شيردل خاتون

اردو مترجم: سيد محمدعباس زيدي، انديا

 

۳. سيرت حضرت علي المرتضيٰ عليه السلام (۲۰۰۶ع)

مختلف ڪتابن تان چونڊ ڪري ترتيب ڏنل

 

۴. حضرت محمّد ﷺ جو آفاقي پيغام (۲۰۱۰ع)

اصل عربي: الرساله الخالده (عبدالرحمان عزام، مصر)

انگريزي تان ترجمو: ايٽرنل ميسيج آف محمد ﷺ

Eternal Message of Muhammad

 ِEnglish translation by: Caesar E. Farah Ph.D

 

۵. رڻ سڄو ئي رت ڦڙا (۲۰۱۰ع)

(ميدانِ ڪربلا)

اصل اردو: اِڪ قطره خون (عصمت چغتائي)

هي ڪتاب روشني پبليڪيشن داستان ڪربلا جي نالي سان به ڇپرايو آهي.

 

۶. هاشمين جو چنڊ (۲۰۱۲ع)

(غازي علمدار عباس عليه السلام)

مختلف ڪتابن تان چونڊ ڪري ترتيب ڏنل

 

۷. اسلام جي تاريخ (۲۰۱۲ع)

انگريزي ڪتاب “دي اسپرٽ آف اسلام” جو ترجمو

The Spirit of Islam: By Syed Ameer Ali

 

۸. شانِ حضور ﷺ (۲۰۱۴)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

مؤلف: محمد اسلم ملڪ

 

۹. پير ڪامل ﷺ (۲۰۱۴ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

ليکڪا: عميره احمد

 

۱۰. خدا جي تاريخ (۲۰۱۴ع)

اصل انگريزي ڪتاب “اَ هسٽري آف گاڊ” جو ترجمو

A History of God: By Karen Armstrong

 

۱۱. ايمان اُمِيد ۽ محبت (۲۰۱۵ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

ليکڪا: عميره احمد

 

۱۲. فُتوح الغيب (۲۰۱۵)

اردو تان ترجمو

اصل عربي مؤلف: پيران پير سيد عبدالقادر گيلاني

 

۱۳. فاطمه عه فاطمه عه آهي. (۲۰۱۵ع)

اصل فارسي: فاطمه فاطمه است

ليکڪ: ڊاڪٽر علي شريعتي

اردو ترجمي “فاطمه فاطمه ہے” جو ترجمو

اردو مترجم: پروفيسر سردار نقوي

 

۱۴. انساني ضمير جو آواز (۲۰۱۶ع)

(امام علي عليه السلام)

اصل عربي: الصوت العدالت الانسانيه

ليکڪ: جارج جرداڪ (عيسائي، لبنان)

انگريزي “دي وائس آف هيومن جسٽس” تان سنڌي ترجمو

The Voice of human Justice: Muhammad Fazal Haq

 

۱۵. محسنِ انسانيت ﷺ (۲۰۱۷ع)

ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو

اردو ليکڪ: نعيم صديقي

 

۱۶. حضرت خديجه رضه (۲۰۱۸ع)

پهرين مسلمان ۽

پيغمبر محمد ﷺ جي پهرين گهر واري

اصل ترڪي ۾ : ليکڪ ريست هيلامز (Resit Haylamaz)

انگريزي تان ترجمو: “خديجه: دي فرسٽ مسلم

ائنڊ دي وائيف آف پرافيٽ محمد ﷺ

Khadija the First Muslim and

Wife of Prophet Muhammad

انگريزي مترجم: هوليا ڪوثر (Hulya Cosar)

 

۱۷. علي عليه السلام ۽ اڪيلائي (۲۰۱۸ع)

اصل فارسي: علي تنها است (ڊاڪٽر علي شريعتي)

اردو تان ترجمو: علي اور تنهائي

اردو مترجم: اديب الهندي

 

۱۸. انوارِ زهرا سلام الله عليها (۲۰۱۹ع)

اصل ساڳي نالي وارو فارسي ۽ اردو ڪتاب. اردو ترجمي جو سنڌي ترجمو

فارسي ليکڪ: سيد حسن ابطحي

اردو مترجم: مولانا اثير جاڙوي ۽ مولانا صفدرعباس طاهري

 

۱۹. سِڌي واٽَ جو ڏَسُ (۲۰۱۹ع)

 (قرآن شريف جو سولو سنڌي ترجمو)

مختلف سنڌي ترجمن جي نئين سهيڙ (ترتيب)

 

٢٠. نبي ڪريم ﷺ عظيم ماهرِ نفسيات: مشهور اردو ڪتاب نبي اڪرم ﷺ بطور ماهرِ نفسيات جو سنڌي ترجمو. ليکڪا: سيدا سعديا غزنوي

 

٢١. نور الثقلين: عربي ڪتاب فرائد السمطين جي اردو ترجمي نور الثقلين جو سنڌي ترجمو

 عربي ليکڪ: شيخ السلام محدث ابراھيم بن محمد جويني خراساني.

 اردو مترجم: علاما صفدر رضا قادري

 

٢٢ سيرت رسول اڪرم ﷺ

 آيت الله سيد علي خامنائي مد ظل العالي چي فارسي تقريرن جي اردو ترجمي جو سنڌي ترجمو

 اردو مترجم: سيد ڪوثر عباس موسوي

 

۲۴. اسلام جي مختصر تاريخ (فبروري ۲۰۲۳ع) پي ڊي ايف جاري ڪيو. سيداميرعلي جي انگريزي ڪتاب شارٽ هسٽري آف ساراشينس Short History of Saraceans جو ترجمو

۲۳. مودت القربي (آڪٽوبر ۲۰۲۲ع) ساڳي نالي واري عربي ڪتاب جي اردو ترجمي تان ترجمو

عربي ليکڪ: سيد علي همداني شافعي

اردو ڪتاب: زادالعقبي. اردو مترجم: سيد شريف حسين سبزواري

 

۲۵. باطني خلافت (فبروري ۲۰۲۳ع) قاري ظهوراحمد فيضي جي اردو ڪتاب خلافت الباطنيه جو ترجمو.

 

۲۶. گهروارا ۽ دروارا (اپريل ۲۰۲۳ع)

قاري ظهوراحمد فيضي جي اردو ڪتاب گھروالے اور دروالے جو ترجمو.

 

ڪتابن جو مختصر تعارف ۽ تبصرو

 

۱. ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي: هي ترجمن مان پهريون ڪتاب آهي جيڪو انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو ويو. هي ناول آمريڪن ليکڪا ايرنا انجبرگ موئن جو تخليق ڪيل آهي. هي ناول ۱۹۵۳ع ۾ ڪوريا ۾ لڳل لڙائي ۽ ان جي الميي جي پسمنظر م لکيل هڪڙي دل ڏاريندڙ حقيقت پسنديءَ جي ڪهاڻي سان تعلق رکي ٿو. اهو ڪتاب سنڌي ادب ۾ پهرين عورت پبلشر آپا نذيرناز جي اداري ناري پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ڇپرايل آهي. هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جي حوالي سان هڪڙو منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ سوڪيءَ جي ڪهاڻي/ ڪردار حيرت انگيز آهي.

 

۲. ڪربلا جي بهادر عورت: حضرت بيبي زينب سلام الله عليها جي بهادريءَ جو مثال ڪربلا جي پسمنظر ۾ امام حسين عليه السلام کان پوءِ صفِ اول تي آهي. ان جڏهن وقت جي ظالم حڪمران جي درٻار ۾ تاريخي خطبو ڏنو ته سندس بهادريءَ جا پڙاڏا ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ ٻُڌا ويا. جنهن کان پوءِ يزيد لاءِ مسئلا کڙا ٿيا ۽ ماڻهن کي ان واقعي جي صحيح رُخ جو پتو پيو.

هي ترجمو ڪيل ڪتاب اصل ۾ عربي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر عائشه الشاطي، مصري جو لکيل آهي، جنهن جي اردو ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

 

۳. سيرت علي المرتضيٰ عليه السلام: هي ڪتاب ڪنهن هڪڙي ليکڪ جو ناهي، بلڪ مختلف ڪتابن جي حصن جو ترجمو ۽ ترتيب آهي. هن ڪتاب جي لاءِ انهن ڪتابن مان مواد کڻڻ جي مدد ورتي وئي آهي جيڪي حضرت علي عليه السلام جي سيرت ۽ ڪردار بابت لکيل آهن. هي ڪتاب مختلف ڪتابن جي مختلف حصن جو هڪڙو حسين گلدستو آهي.

 

۴. حضرت محمد ﷺ جو آفاقي پيغام: مصر جي امير گهراڻي جي فرد، عرب ليگ جو بنياد وجهندڙ، ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون انجام ڏيندڙ عبدالرحمان عزام جي جڳ مشهور عربي ڪتاب “الرساله الخالده” جو ڊاڪٽر قيصر اي. فرح انگريزي ۾ “دي ايٽرنل ميسيج آف محمد ﷺ” جي نالي سان ترجمو ڪيو. انگريزي ترجمي تان سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب “حضرت محمد ﷺ جو آفاقي پيغام” هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو تمام گهڻن انتشارن جو سلجهاءُ پڻ آهي ۽ هيءُ ڪتاب نه رڳو اسلام جي روشنائي ۽ اجرائي بيان ڪري ٿو، پر هيءُ ڪتاب حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سيرت ۽ پيغام جو سهڻو سليقو سمجهائي ٿو.

هيءُ ڪتاب اسلامي تعليمات جو هڪ نچوڙ آهي ۽ هيءُ ڪتاب لکيو ئي ان لاءِ ويو آهي ته جن ماڻهن جي من ۾ اسلام جي باري ۾ دهشت جي باهه ٻرندي آهي، ان باهه کي وسائڻ لاءِ هن ڪتاب جي ليکڪ جديد سائنسي علم ۽ ادب جي حوالي سان اسلام کي بيان ڪيو آهي.

 

۵. رڻ سڄو ئي رت ڦڙا: هن ڌرتيءَ تي ڪربلا جي واقعي جا ڏکوئيندڙ اثر صدين کان رهندا پيا اچن؛ ڇا خبر ته اهي ڏک جا ڪڪر اڃا ڪيترو وقت ڇانيل رهندا؟ ڪربلا جو واقعو ايترو گهرو صدمو ڇوٿو لڳي ۽ ان سوال جو ڪهڙو جواب آهي. اصل ۾ ڪربلا جي واقعي تي هر اک ان ڪري آلي آهي جو ان واقعي ۾ محسنِ انسانيت ﷺ جي پاڪ اولاد تي تڪليفن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. کين رڻ ۾ رلائي اڃيو بکيو ماريو ويو.

اصل ۾ هي ڪتاب اردو ۾ “اِڪ قطره خون” جي نالي سان ڪربلا جي واقعي جي پسمنظر ۾ برصغير جي تمام وڏي ليکڪا عصمت چغتائي لکيو آهي. هن ڪتاب کي پڙهندي هڪڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ ڪربلا جو دل سوز واقعو اکين آڏو اچي وڃي ٿو.

 

۶. هاشمين جو چنڊ: “هاشمين جو چنڊ” غازي عباس علمدار عليه السلام جي سوانح عمر آهي ۽ هي ڪتاب انساني سيرت کي سهڻو، سليقي ۽ بهادريءَ جو دڳ ڏيکاري ٿو. هن ڪتاب لاءِ مختلف ڪتابن کي نظر مان ڪڍي حضرت غازي عباس علمدار عليه السلام جي سوانح عمري ترتيب ڏني وئي آهي.

 

۷. اسلام جي تاريخ: اسلام سلامتيءَ جو دين آهي. اهو پاڻ پهريان ٻڌوسين ۽ پوءِ پڙهيوسين ۽ آخر ۾ عالمي طور تي جيڪو اسلام جي باري ۾ تاثر اڀريو اهو ڏاڍو خطرناڪ طور سامهون آيو.

اسلام جي تاريخ تي وِل ڊيورنٽ (Will Durant) جي تحقيق ٻين محققن ۽ تاريخدانن کان گهڻو مختلف آهي. هو ڏاڍو کرو تاريخدان آهي ۽ جڏهن هن کي پڙهجي ٿو ته ائين ڀانئجي ٿو ته هو هڪ حقيقت پسند ليکڪ آهي ۽ هڪڙي تاريخ جي شاگرد کي وِل ڊيورنٽ کي پڙهڻ گهرجي، جنهن وِل ڊيورنٽ ناهي پڙهيو ته ڄڻ ان اڌوري تاريخ پڙهي آهي.

“اسلام جي تاريخ” ترجمو ڪيل ڪتاب آهي. سيد اميرعلي جو هي اصل انگريزي ڪتاب “دي اسپرٽ آف اسلام” پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسلام جو اصلي روح ڏيکارڻ سان گڏ مغربي ليکڪن طرفان حضور ﷺ جي سيرت ۽ اسلام خلاف منفي راءِ جو چڱي نموني سان جواب ڏنو آهي.

 

۸. پير ڪامل ﷺ: پير ڪامل ﷺ ناول اردو ادب جي حال ۾ جڳ مشهور ليکڪا عميره احمد جو لکيل آهي ۽ ناول جو پلاٽ ختم نبوت ۽ حضور ﷺ جي سيرت تي ٻڌل آهي. پير ڪامل ﷺ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي ۽ هي ناول ايترو ته مقبول ٿيو جو ليکڪا پاڻ ان کي انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪيو آهي. هي اردو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي.

 

۹. خدا جي تاريخ: خدا جي تاريخ برطانوي ڄائي ڪيرن آرمسٽرانگ جو لکيل ڪتاب آهي. هڪ ضخيم ۽ ڳورن خيالن وارو هي ڪتاب ڪو هڪ دفعو پڙهي سمجهڻ جهڙو قطع ناهي. هي ڪتاب ڳولا جو جهڙوڪ داستان آهي، جيڪو ڪيرن آرمسٽرانگ سان منسوب آهي. ڪي ڪتاب، ڪي موضوع اهڙا هوندا آهن جيڪي سوال ڇڏي ويندا آهن؛ ۽ اهڙائي موضوع ڪارائتا هوندا آهن، جيڪي مثبت سوالن کي جنم ڏيندا آهن. هيءُ ڪتاب خدا جي تاريخ به انهن ڪتابن ۽ موضوعن مان آهي، جيڪي اهڙا مثبت سوال اٿارين ٿا.

 

۱۰. ايمان اُمِيد ۽ محبت: اردو ادب ۾ مذهب جي داخل ٿيڻ سان گهڻن ئي معاشرتي پهلوئن تان پردو کڄڻ لڳو آهي. عميره احمد کان ويندي هاشم نديم جي ڊرامن ۽ ناولن ۾ پيار ۽ محبت جي موضوعاتي ڊرامن ۽ ناولن ۾ هلندي هلندي مذهب جو داخل ٿيڻ پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته انسان جي تعليم سان گڏ تربيت ۾ مذهب جو ڪيڏو اثر آهي جو اهو اثر ان کي وڏين آزمائشن ۽ ڌٻڻين مان پار ڪرائي ٿو ڇڏي.

 

۱۱. فاطمه عه فاطمه عه آهي: هي ڪتاب ڊاڪٽر علي شريعتي جي فارسي ٻولي ۾ لکيل ڪتاب “فاطمهعه فاطمهعه است” جنهن کي اردو ۾ پروفيسر سردار نقوي ترجمو ڪيو آهي، ان اردو ترجمي جو سنڌي ترجمو آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي جي لکيل ڪتابن مان هي ڪتاب تمام گهڻو مقبول ۽ شاندار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي ڪيڏو وڏو ڏاهو آهي، اهو هن ڪتاب کي پڙهي پروڙي سگهجي ٿو. هي ڪتاب اسلام ۾ عورت جي مٿانهين مقام کي معتبر ثابت ڪري ٿو.

 

۱۲. انساني ضمير جو آواز: اسان سنڌين جي محبت جو انداز نرالو آهي، جنهن سان محبت ڪيون ته ان سان نڀائي ڄاڻون. احمد فراز جي هڪڙي شعر جو مفهوم آهي “فراز اڃا توکي ڪهڙو اعزاز کپي جو ماڻهن پنهنجي ٻچن تي تنهنجو نالو رکيو آهي” ۽ ائين ئي اسان حضرت علي عليه السلام سان محبت ڪيون ٿا ۽ پنهنجن ٻچن جو نالو “علي” چاهه سان رکندا آهيون.

انساني ضمير جو آواز (حضرت علي عليه السلام) ڪيڏو قيمتي ڪتاب آهي ان جو اندازو اوهان هن مان لڳائي سگهو ٿا ته هن ڪتاب کي ڏکڻ لبنان جي هڪڙي عيسائي عرب جارج جرداڪ عربي ٻوليءَ ۾ ۱۹۵۸ع ۾ لکيو، جنهن کان پوءِ هي ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. هن ڪتاب کي انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. “انساني ضمير جو آواز” ڪتاب حضرت علي عليه السلام جي سيرت پاڪ تي هڪ جامع ڪتاب آهي ۽ هن ڪتاب جي ضخامت ڏسي ڪري ۽ ان جو شاندار تحقيقي ڪم ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته جارج جرداڪ هي ڪتاب هٿن سان نه پر دل سان لکيو آهي.

 

۱۳. محسنِ انسانيت ﷺ: حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن انسانيت جا سرچشما آهن. سندن سيرت مبارڪ عالم انسان لاءِ هڪ روشن راهه آهي. هي اصل ڪتاب اردو ۾ لکيل آهي، جنهن جو ليکڪ نعيم صديقي (مرحوم) جماعت اسلامي سان وابسته هو ۽ بي ڊپو ليکڪ هو. هن هي ڪتاب ايوبي آمريت ۾ لکيو ۽ هي ڪتاب گهڻو پڙهيو ويندڙ ۽ سٺ جي ڏهاڪي کان هر سال شايع ٿيندڙ ڪتاب آهي. ڪتاب موضوع جي حوالي سان رسول الله ﷺ جي سيرت آهي ۽ ڪتاب محسنِ انسانيت ﷺ جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو.

 

۱۴. حضرت خديجه رضي الله عنها: هي ڪتاب ان ڀاڳواري ۽ نيڪ سيرت خاتون جي سيرت جي باري ۾ آهي، جنهن کي الله تعاليٰ پهرين مسلمان هجڻ ۽ آخري رسول ۽ محسنِ انسانيت حضرت محمد ﷺ جي پهرين گهرواري ٿيڻ جو عظيم شرف عطا ڪيو. پاڻ سڳورن سان لاڳاپيل شخصيتن جي سيرت جو بيان اصل ۾ پاڻ سڳورن جي سيرت پاڪ جو هڪڙو حصو هوندو آهي. امڙ سيده خديجه رضي الله عنها جي سيرت به پاڻ سڳورن جي سيرت جو هڪڙو سهڻو باب آهي.

پاڻ سڳورا هڪڙا اهڙا انقلابي اڳواڻ ۽ روحاني رهبر هيا، جن ڪنهن به جذباتي قدم کڻڻ کان سواءِ مڪي ۾ غيرانساني طورطريقن تي لاڳو ٿيل نظام کي قرآن شريف جي الاهي پيغام ذريعي ختم ڪري انساني آدرشن تي ٻڌل نئون نظام نافذ ڪيو. سيده خديجه رضي الله عنها پنهنجي پيغمبر وَر تي ايمان آڻي ان نئين نظام کي لاڳو ڪرڻ جي جدوجهد ۾ تن، من ۽ ڌن جي قرباني ڏيڻ سان ساٿ ڏنو.

 

۱۵. انوارِ زهرا سلام الله عليها: هي ڪتاب اصل ۾ ساڳئي نالي سان فارسي زبان ۾ جناب سيدحسن ابطحي جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ان ڪتاب جي مولانا اثير جاڙوي ۽ مولانا صفدر عباس طاهري طرفان اردو ۾ ڪيل ترجمي تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ نه رڳو سيده فاطمه الزهرا سلام الله عليها جي سيرت بيان ڪئي وئي آهي پر آلِ رسول ﷺ جي محبت جي حوالي سان به نهايت مدلل بحث ڪيو ويو آهي.

 

۱۶. سِڌي واٽَ جو ڏَسُ: هي ڪتاب اصل ۾ قرآن شريف جي ترجمي جو صرف سنڌي متن آهي، جنهن کي سورتن جي عنوان سان گڏ آيتن جي نمبرن سان ڇپرايو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ واري لاءِ آساني ٿئي.

قرآن شريف نبي ڪريم ﷺ وسيلي بنيادي طور تي مسلمان امت ۽ عام طور تي انساني لڏي جي پڙهڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي. ان کي سمجهڻ لاءِ لازمي آهي ته عربي ٻوليءَ جي ڪجهه ڄاڻ هجڻ گهرجي. اسلام جيئن ته وقت جي وهڪري سان گڏ پوري دنيا جي ملڪن ۾ پکڙجي ويو آهي ۽ مسلمان امت مختلف قومن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري ضرورت محسوس ڪئي وئي ته قرآن شريف جو عربي مان ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ڪيو وڃي، جيئن ٻين ٻولين وارا به قرآن شريف جي احڪام ۽ پيغام کي چڱيءَ طرح سمجهي عمل ڪري سگهن. انهيءَ ضرورت پٽاندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ به قرآن شريف جا ترجما ٿيا.

جيئن ته قرآن شريف جا سنڌي ترجما ٻوليءَ جي مروجه سٽاءُ موجب لکيل ۽ ڇپيل ڪونه آهن، جنهن سبب گهٽ پڙهيل ماڻهو اندازو نٿو ڪري سگهي ته آيت جي سنڌي معنيٰ اندر ڪهڙا لفظ ڪهڙن لفظن کان اڳ يا پوءِ پڙهڻ گهرجن ته مطلب سمجهه ۾ اچي وڃي. جڏهن ته قرآن شريف کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ذريعي قرآن جي تعليم ۽ پيغام کي سمجهي، مونجهاري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري احڪام تي عمل ڪن. انهيءَ سوچ پٽ-اندر قرآن شريف جي موجود سنڌي ترجمن جي ڀيٽ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي موجودهه ادبي سٽاءُ موجب ترجمي کي منفرد نموني سان ترتيب ڏئي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

 

۱۷. نبي ڪريم عظيم ماهر نفسيات

 

۱۸. نورالثقلين

 

۱۹. سيرت رسول اڪرم

 

۲۰. مودت القربي

 

۲۱. اسلام جي مختصر تاريخ

 

۲۲. باطني خلافت

 

۲۳. گهروارا ۽ دروار

 

اڻ ڇپيل ڪتاب:

۱. اسلام جي مختصر تاريخ: سيد امير علي جي مشهور انگريزي ڪتاب “اي شارٽ هسٽري آف ساراسينس” (A Short History of Saracens) جو سنڌي ترجمو.

۲. آفتاب نبوت علامه محمد طيب (انڊيا) جي ساڳي نالي واري اردو ڪتاب جو ترجمو؛

۳. محمد ﷺ: مارٽن لنگس (ابوبڪرسراج الدين) جي مشهور انگريزي ڪتاب “محمد ﷺ” (Muhammad: his life based on the earliest sources) جو سنڌي ترجمو.

۴. وارثِ پيغمبر (علي بن ابوطالب)

سيد حسن عباس جي انگريزي ڪتاب دَ هيئر آف پرافيٽ (علي بن ابوطالب) The Heir of Prophet. Ali bin Abu Talib جو ترجمو. 




منور علي ٻٽ

عبدالحسين موسوي

اڄڪلھ منھنجي عارضي تعيناتي ذوالفقار آباد ٽرمينل تي آهي. اتان موٽيس ٿي تہ سائين مھدي شاھ جو برقي سڏ ٿيڻ لڳو. اسر ويل اسھڻ، پوء وري سڄي ڏينھن جي ساندھ هڻ هڻ ۽ ٿڪ سبب اوڏي مھل سڏ جي ور جي همٿ ڪونہ ٿي. گھر پھچي هٿ منھن ڌوئي ڪپڙا مٽائي سيد کي برقي سڏ ڏنم. ٿڏي تي ئي چيائين بابا! سائين سان ڳالھايو، ھوڏانھن همراھ سلام ڪري چيو منور ٻٽ ٿو ڳالھايان جي واندڪائي آهي تہ ڪٿي ويھي گھڙي سوا ڪچھري ڪريون. ڏاڍي سرهائي ٿي. چيومان مون وٽ هليا اچو، پر پوء طئي ٿيو تہ آرڪائيوز ۾ ملجي. منور سائين سان برقي رابطو اڳ ئي هيو، پاڻ مھربانيون ڪندي پنھنجا ڪي ڪتاب بہ ٽپال ذريعي موڪليا هئائون. ڀلا ڀاڳ منھنجا جو اھلبيت عليهم السلام جي هن سچي عاشق سان ڪالھ اڪويھين نومبر ۲۰۲۳ع جي پھرين منھن ملاقات ٿي. انھي دوران پاڻ پنھنجو تازو ڇپرايل ڪتاب - “آفتاب نبوت” پڻ عنايت ڪيائين.

سائين منور علي ٻٽ شانائتي شخصيت جو مالڪ آهي. پاڻ سيڪشن آفيسر ٿي ٽين جون ۲۰۱۵ع ۾ رٽائر ٿيو. پاڻ ابي ڏاڏي قادري طريقت سان واڳيل آهي. سندن والد - جناب جان محمد (پرائمري استاد) سيد امام شاھ راشدي کان دست بيعت هو، البت منور سائين پاڻ نورائي شريف جي پير منور علي شاھ جيلاني جو دست بيعت آهي. اها بيعت ۱۹۸۴ع ۾ ڪيائون. حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رح جي اولاد مان شيخ عبدالقادر (بن) منصور الدين [بن صفاء الدين بن عبدالرحمن المحض] جن بغداد مان سال ۱۹۹۴ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا تہ منور سائين سندن دست گرفتہ ٿيو. تڏھن ڌاري عراق ۾ سياسي دگرگوني سبب پير صاحب اتان پلاڻي ڪوالالمپور ۾ اقامت اختيار ڪئي. بزرگ جو مٽي پنوڙو بہ ڪوالالمپور ملائشيا ۾ جڙيو. سندن فرزند پير عفيف الدين هن وقت ڪوالالمپور ۾ سڪونت پذير آهي.

سائين منور ٻٽ جي ڪيل علمي پورهي جي فھرست هيٺ ونڊجي ٿي:

▪︎”سڌي واٽ جو ڏس”

[قرآن شريف جو سولو سنڌي ترجمو]

▪︎”ستارن ۾ لکيل سوكي جي ڪھاڻي”

[رٽن ان دي اسٽارس. د اسٽوري آف سوكي]

▪︎”ڪربلا جي بھادر عورت”

[حضرت زينب سلام الله عليها]

▪︎”سيرت حضرت علي المرتضي عليه السلام”

▪︎”حضرت محمد صلى الله عليه و آله وسلم جو آفاقي پيغام”

▪︎”رڻ سڄوئي رت ڦڙا”

[داستان ڪربلا]

▪︎”هاشمين جو چنڊ”

[غازي علمدار عباس عليہ السلام]

▪︎”اسلام جي تاريخ”

 [دي اسپرٽ آف اسلام]

▪︎”شان حضور صلي الله عليه وآله وسلم”

▪︎”پير ڪامل صلي الله عليه وآله وسلم”

▪︎”خدا جي تاريخ”

[هسٽري آف گاڊ]

▪︎”ايمان اميد محبت”

▪︎”فتوح الغيب”

▪︎”فاطمه، فاطمه (سلام الله عليها) آهي”

▪︎”انساني ضمير جو آواز”

(امام علي عليه السلام)

▪︎”محسن انسانيت صلي الله عليه وآله وسلم”

▪︎حضرت خديجہ (سلام الله عليها)

[پھرين مسلمان ۽ پيغمبر محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي پھرين گھرواري]

▪︎”علي (عليه السلام) ۽ اڪيلائي”

▪︎”انوار زهرا سلام الله عليها”

▪︎”نبي ڪريم (صلي الله عليه وآله وسلم) - عظيم ماهر نفسيات”

▪︎”نور الثقلين”

▪︎”سيرت رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم”

▪︎”مودت القربي”

▪︎”باطني خلافت”

▪︎”گھر وارا در وارا

الله عز و جل منور سائين کي صحت ۽ سلامتي سان وڏا ڏينھن ڏئي ۽ پاڻ ائين علمي خدمتون سرانجام ڏيندي سنڌي علم ۽ ادب جا گھڙا ڀريندو رهي.

 

(عبدالحسين موسوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ نومبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا