فقير خان محمد چانڊيو
لطيف سائينءَ جو راڳائي
فقير حاجن نظاماڻي
فقير چون ٿا ته، لطيف سائينءَ
جي فقيرن پنھنجي زندگيءَ جا سودا ڪري مرشد جي راڳ جي حاضري ڏني آھي. لطيف سائينءَ
جا راڳائي فقير صدين جا مسافر آھن، ھنن جي مٿان چئن صدين جي راڳ ۽ لطيفي طريقت جي
مسافريءَ جو بار آھي. ۱۱۴۴ ھجري
کان وٺي ۱۴۴۲ ھجريءَ تائين ھي لطيفي راڳ جو
سفر ھلندڙ آھي، جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي رڪاوٽ نه پئي آھي. حالتون ڪيتريون به سخت ٿيون
ھجن پر لطيفي راڳ مٿان ڪڏھن به حاوي نه ٿيون آھن ۽ لطيفي راڳ جي ھن سنگھر جو حصو ڪيترائي
انسان ٿيا، جن تاريخ جي ڪتاب ۾ پنھنجي جاءِ والاري آھي. لطيف سائين، لطيفي راڳ جي
سلسلي جي سرواڻي پنھنجي فقير تمر کي ڏني ھئي. لطيف سائينءَ پنھنجي گھر جي حويلي به
پنھنجي فقيرن جي حوالي ڪئي، جيڪا اڃان تائين سندن خاندان وٽ موجود آھي. راڳ جون
رسمون، سماع جون رسمون جيئن جون تيئن ھلندڙ آھن. لطيف سائين جي راڳ جي عظيم تسلسل
۾ ڪيترائي راڳائي فقير ٿيا آھن، انھن فقيرن مان، فقير خان محمد چانڊيو به ھڪ ھو،
جنھن پنھنجي حياتي پنھنجي مرشد جي حوالي ڪئي. فقير خان محمد چانڊيو اصل ڳوٺ ڪڙيو
گھنور کان ويجھو دليل خان چانڊيو جو ھو. فقير خان محمد جي والد جو نالو عرس خان
چانڊيو ھو. فقير خان محمد چانديو جو جنم ۰۱.۰۱.۱۹۴۷ع تي ٿيو. فقير خان محمد چانڊيو، لطيفي راڳ ڳائڻ کان اڳ يڪتاري تي راڳ
آلاپيندو ھو؛
اُت ڪيرت
وارا ڪيترا، ڪيرت ڪبو ڪوھُ،
جيڪو
بندو ڪم ڪري، سو سڀوئي ڏوھُ،
تُون
پارس آئون لوھُ، سڃين ته سون ٿيان.
فقير خان محمد چانڊيو، سائين
علي مير شاھ جي چوڻ تي ۱۹۷۱ع ڌاري
لطيفي راڳ سکڻ لاءِ ڀٽ شاھ پھتو، جتي سائين غلام شاھ کان لطيفي راڳ جي سکيا ورتي ۽
سائين غلام شاھ جي وفات کان پوءِ سائين غلام حيدر شاھ کان راڳ جي سکيا جو سلسلو
جاري رکيو ھو. فقير خان محمد چانڊيو مختلف راتين تي لطيفي راڳ ڳائيندو ھو. جمعي جي
ڏينھن ۽ آچر ڏينھن شام جو پڻ لطيفي راڳ جي سرن جي ورکا ڪندو ھو. اڪثر گرام ۾ راڳ ڳائيندو
ھو. کرج واري سَپتڪ جو فقير راڳائي ھو. ڳرو آواز تمام گھڻو مٺو ھوندو ھئس. فقير
خان محمد چانڊيو دنيا جي ڪيترين ئي ملڪن ۾ پڻ لطيفي راڳ ڳايو ھو، ڪجھ اُتي جي
مئگزينن ۾ پڻ فقير خان محمد کي ساراھيو ويو ھو. ثقافت کاتي، نور آرٽ ۽ ڪلچر وارن
طرفان فقير خان محمد کي لطيفي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ھو. ان کان علاوه فقير خان
محمد چانڊيو، لطيف سائينءَ جي درگاھ تي (خادم) جي سرڪاري نوڪري به ڪئي. ان
کانسواءِ عبدالله شاھ غازيءَ جي درٻار، عبدالله شاھ اصحابيءَ جي درگاھ تي به نوڪريءَ
جون خدمتون ڏنيو ھيون. ڪجھ وقت فقير خان محمد چانڊيو، لطيف سائينءَ جي درگاھ تي
روضي جي دروازي کولڻ ۽ بند ڪرڻ، شام واري حلقي جي ذڪر ڪرڻ واريون حاضريون پڻ ڀريون
ھيون.
فقير خان محمد چانڊيو، پنھنجي
زندگي جا اَيام آخر تائين مرشد سائينءَ جي صحن ۾ گذاريا. دل جو باءِ پاس ٿيل ھئڻ
سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي آپريشون ٿيل ھيون پر فقير خان محمد مرشد جي حاضريءَ کي
ترجيع ڏني ھئي، پنھنجي جان ڏي نه ليکيندو ھو.
جيھي
جي تيھي، ٻانھي ٻاروچن جي،
هُجت
ھوت پنھونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيھي،
ھو جي
پائين پير ۾، تنھن جُتي نه جيھي،
وساري
ويھي، تَن ڪيچين کي ڪين رَھان.
فقير خان محمد چانڊيو پنھنجي
زندگيءَ جون سڀ بھارون مرشد جي اڱڻ تي ويھي گذاريون. ڏکيا سکيا لمحا زندگي جا ٿي
گذاريا پر فقير ڪڏھن مرشد جي دَر کان منھن نه مٽيو. فقير چيو ته منھنجي زندگيءَ جو
ھڪ ڏکئي ۾ ڏکيو صدمو آيو، جنھن سان مونکي دل جي تڪليف ٿي ھئي، پر مون مرشد کي
دانھن ڏني، ٻئي ڪنھن سان حال نه سليو ھو. مرشد جي در تي رھيس. فقير چوندو ھو ته جيڪو
غم يا خوشي ملندي آھي، اُھا آئون پنھنجي مرشد لطيف سائينءَ جي روضي مبارڪ تي وڃي
دل جون ڳالھيون سليندو آھيان.
ڀائي
حال ھلي ويا، ڪنھن سين سور سليان،
کنيو لڄ
لطيف چئي، لڪن منجھ لڇان،
پانڌي
روز پڇان، ويھان تان نه وس پيو.
فقير چون ٿا ته، لطيف جي راڳ جي
حاضري، فقير خان محمد چانڊيو دل سان ڀريندو ھو. ڪيترائي دفعا فقير خان محمد جي طبيعت
راڳ ڳائيندي خراب ٿي ويئي پر وري به لطيف سائينءَ جي راڳ کان پري نه رھيو ھو. فقير
خان محمد چانڊيو لطيفي سُرن جي تندن جو ماھر ڪاريگر ھو. لطيفي تند جي سکيا فقير،
سائين غلام شاھ لطيفيءَ کان ورتي ھئي، جنھن ۾ تمام گھڻي مھارت به فقير رکندو ھو.
لطيفي تند ٻن لھجن ۾ وڄائي وڃي ٿي، جنھن کي فقيرن جي زبان ۾ ھڪ کي لاڙي، ٻئي کي
اُترادي لھجو چون ٿا. پر لطيفي تند جي ڳولا ڪبي ته تند درگاھ لطيف سائينءَ تان ئي
شروع ٿي آھي، جنھن ۾ فقير الياس پنھور جيڪو جمعي جي رات جو اڳواڻ ھو، فقير يعقوب
شھيد، فقير ڪيھر لنجواڻي، فقير لائق ڏنو تمراڻي، سيد علي بخش شاھ عرف علڻ سائين،
لطيفي تند جا ماھر ھئا. لطيفي تند تي تفصيل سان ٻيھر ڪچھري ڪبي. لاڙي لجھي وارا
فقير ٿورڙي تڪڙي تند وڄائين ٿا، فقير چون ٿا ته فقير ابراھيم سومري لاڙيءَ کي
سائين غلام شاھ لطيفي تند سيکاري ھئي، جيڪو شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو راڳائي
فقير ھو، پر سائين غلام شاھ تمام گھڻي تعريف پنھنجي شاگردن جي ڪندو ھو. سائين غلام
شاھ پنھنجي شاگرد کي ائين چوڻ ۾ دير نه ڪندو هو ته اوھان مونکان ڀلي تند وڄائي
رھيا آھيو. ان جو مقصد اِھو ڪونه آھي ته ھُو ڄاڻو ھئا پر پنھنجي شاگردن جي همت
افزائي ڪندو ھو. پاڻ ڳالھ پئي ڪئي فقير خان محمد چانڊيو جي تند جي، جيڪا ھو فقير غلام
شاھ کان سکيو ھو، پر سائين غلام شاھ پنھنجن شاگردن کي لاڙي لهجي ۾ تند نه
سيکاريندو ھو. فقير خان محمد به لاڙي نموني جي تند نه وڄائي، ھُو آرام سان تند مان
سُرن جي ورکا ڪندو ھو. فقير خان محمد سان اڪثر ملاقاتون درگاھ لطيف سائينءَ تي ۽
سائين غلام حيدر شاھ جي بنگلي تي ٿينديون ھيون.
فقير خان محمد چانڊيو ھڪ صابرين
انسان ھو، ڪيترائي سفر ساڻ ڪيا، فقير خان محمد چانڊيو سان گڏ راڳ حيدرآباد ۽ درگاھ
تي ڳايو. فقير خان محمد چانڊيو ۾ تمام گھڻي سھپ ھوندي ھئي. مونکي ڏاڏا ڪري ڪوٺيندو
ھو. ڪڏھن به منھنجو نالو نه ورتائين، عزت ڏيڻ جو فن فقير وٽ موجود ھو. لطيف سائين
جا فقير پنھنجي نسلن کي لطيف سائينءَ جي راڳ سان سلھاڙيندا اچن پيا. انھي سلسلي ۾
فقير خان محمد جي خاندان ۾ سندس فرزند مومن علي چانڊيو ۽ محسن علي ٻئي لطيفي راڳ ڳائين
ٿا. جمعي جي ڏينھن شام جو ۽ آچر جي ڏينھن جي شام جو. فقير ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي ڇنڇر جي ڏينھن، ۲۵ محرم تي وصال ڪري وڃي مالڪِ حقيقيءَ سان مليو. محرم شريف جي ڪري اڳ ۾ ئي اڄ
فقير جي ورسي ڀٽ شاھ ۾ ڪئي پئي وڃي، جنھن ۾ لطيفي راڳ ڳايو ويندو. سندس دوست، راڳائي
فقير، شرڪت ڪندا.
ڇڏيم
حُج ھلڻ جي، چاڙھيڪا چُڪيام،
آري
سندي آسري، ڏونگر ڏينھن لڳام،
پھچ
پرين سندام، ويٺيس وک نه اُپڙي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا