; سنڌي شخصيتون: ممتاز علي خان ڀٽو

19 July, 2021

ممتاز علي خان ڀٽو

ممتاز علي خان ڀٽو

لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر سياستدان جي زندگيءَ تي هڪ نظر!

لاڙڪاڻو: 



سنڌ نيشنل فرنٽ جو سربراهه سردار ممتاز علي خان ڀٽو ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ممتاز علي ڀٽو گذريل ڪيتري عرصي کان بيماريءَ سبب ڪراچيءَ جي گهر اندر علاج هيٺ هو جتي هو فوت ٿي ويو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي فوت ٿيڻ جي خبر سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سندس چاهيندڙن ۽ ڀٽو خاندان ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي آهي. ممتاز علي ڀٽو ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع ۾ رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پير بخش ڀٽو ۾ ان وقت جي برٽش انڊيا واري دور ۾ نواب سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. سردار ممتاز علي ڀٽو سينٽ جارج ڪاليج مسوري، لارينس ڪاليج مري ۽ پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ ۱۹۵۹ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن مان حاصل ڪئي. ۳۲ سالن جي عمر ۾ هو پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان وقت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جي هو باني ميمبرن مان پڻ هو. ۲۲ ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ هو سنڌ جو اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته پهرين مئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو ۱۳ هون وڏو وزير چونڊيو ويو، جنهن دوران کيس ڏهيسر سنڌ جو لقب پڻ ڏنو ويو. ممتاز علي ڀٽو ۱۹۶۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداريءَ سان شادي ٿيڻ بعد اختلاف رکندي ۱۹۸۹ع ۾ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ مسلسل سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اليڪشن وڙهندو رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ممتاز علي ڀٽو عوامي اتحاد پارٽيءَ سان اتحادي رهيو جڏهن ته ۹ مئي ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي نواز ليگ سان ضم ڪري نواز ليگ جي حمايت ڪئي ۽ رتوديرو واري صوبائي تڪ پنهنجي پٽ امير بخش ڀٽو کي نواز ليگ پاران اميدوار پڻ نامزد ڪرايو. نواز ليگ سان پيدا ٿيل اختلافن کانپوءِ سردار ممتاز علي ڀٽو نواز ليگ کي الوداع ڪرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سنڌ نيشنل فرنٽ کي بحال ڪيو جنهن بعد ۲۰۱۷ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن بعد هن وقت تائين هو پي ٽي آءِ سان ئي سلهاڙيل رهيو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي وفات واري خبر پوڻ شرط نئون ديرو شهر سوڳ ۾ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. جڏهن ته ميرپور ڀٽو ۾ سندس رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي جتي ممتاز علي ڀٽو سان محبت ۽ عقيدت رکندڙ سياسي ڪارڪنن توڙي علائقي واسين ۽ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، علمي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن توڙي سڄاڻ ڌرين پاران پهچڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ممتاز علي خان ڀٽو

استاد خالد

ممتاز علي ڀٽو گذريل ڪيتري عرصي کان بيماريءَ سبب علاج هيٺ هو جتي هو فوت ٿي ويو. سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪجي ٿو، سوڳوار خاندان ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي ڪارڪنن سان دلي تعزيت ڪجي ٿي.

ناميارو سياستدان ممتاز علي ڀٽو ولد نواب نبي بخش خان ڀٽو ۲۹ نومبر ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽي، (مير پور ڀٽو) ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو پري جو سئوٽ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جو چيئرمين هو. ماضيءَ ۾ پيپلزپارٽيءَجو ميمبر، وفاقي وزير، گورنر ۽ سنڌ جو وڏو وزير بہ رهيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ باقي تعليم مسوري (ڀارت) مان حاصل ڪئي. ۱۹۵۹ع ۾ '’لنڪنس اِن” لنڊن مان “بار ايٽ لا'‘ ڪيائين ۽ ۱۹۶۳ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ورتي. مارچ ۱۹۶۵ع ۾ ۳۲ سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع تي پيپلز پارٽي ٺاهي تہ هي ان جو بنيادي ميمبر رهيو.

۱۹۷۰ع واري چونڊ ۾ سندس مقابلو بزرگ سياستدان قاضي فضل الله سان ٿيو ۽ هن اها چونڊ کٽي. ۲۴ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کيس سڏي، پهريان سنڌ جو گورنر ۽ پوءِ پهرين مئي ۱۹۷۲ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير طور هن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجي ڏيڻ جو سنڌ اسيمبليءَ مان ائڪٽ پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو پر ان جي ڪجھ نام نهاد اردو دان طبقن طرفان مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپر، گورنر سنڌ طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي بہ سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو.

ممتاز علي ڀٽو سٺي ايڊمنسٽريٽر طور مشهور ٿيو.۷ جنوري ۱۹۷۷ع تي ٿيل چونڊن ۾ هو هڪ دفعو وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.۱۹۷۷ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس ضياءُ الحق گرفتار ڪري ورتو. بعد ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ۳۱ مارچ ۱۹۸۵ع ۾ هن لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي نالي سان نئون اتحاد ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو ڪنوينر مقرر ٿيو. مارچ ۱۹۸۹ع ۾ حيدرآباد ۾ هن ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو، جنهن ۾ هن سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان سنڌ سطح تي نئين پارٽيءَ جوڙي، جنهن جو پاڻ چيئرمين ٿيو. پاڪستان ۾ ڪنفيڊرل نظام قائم ڪرڻ هن پارٽيءَ جي منشور جو مکيہ نقطو آهي. ۱۹۹۳ع ۾ لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ ۶ نومبر ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن صدر فاروق احمد لغاريءَ محترمہ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪيو تہ ان بعد ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجو “ ٽيلينٽِڊ ڪزن” سڏيندو هو. ويجهي ماضيءَ ۾ ممتاز علي ڀُٽي شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي پاليسين سان اختلاف رکيا، جڏهن تہ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ کي جو مسلم ليگ ن سان اتحاد ۽ بعد ۾ پارٽي کي ضم ڪيو، ڪجھ وقت کان پوءِ نواز شريف سان اختلاف ٿيڻ بعد الڳ ٿيو ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي. ممتاز علي ڀٽو نواز شريف جي حڪومت سميت هاڻوڪي حڪومت تي پڻ تنقيد ڪندو رهيو. شڪار جو شوقين ممتاز علي ڀٽو مطالعي جو ذوق بہ رکندڙ هو، هي سنڌ ۾ قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو ڪجھ  سال اڳ هن سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏجي “سنڌ قومي اتحاد” ۽ “يونائيٽيڊ نيشنل الائنس” ٺاهيو، جيڪو پائدار ثابت نہ ٿيو. آخري وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجا زمينداري  جا معاملا سنڀالي رهيو هو، جڏهن تہ پنهنجي فرزند امير بخش ڀُٽي سان گڏ پنهنجي پارٽيءَ” سنڌ نيشنل فرنٽ “کي پڻ متحرڪ رکندو اچي پيو. ممتاز علي بيماري سبب ڪجھ ڏينھن کان ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو، اڄ ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(استاد خالد چانڊيو جي فيسبڪ وال تان ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)


ممتاز علي خان ڀٽو

شهيد ڀٽو جي ٽئلينٽيڊ ڪزن جي پُڄاڻي

منير سومرو

سنڌ جي مٽي گهڻن انمول انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن نه صرف سنڌ لاءِ پر سڄي ملڪ لاءِ به گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن مان هڪ ممتاز علي ڀٽو به شامل آهي، هن لاءِ گهڻن ماڻهن جي راءِ هوندي هئي ۽ آھي ته ھو ڏنگو شخص آهي پر جيستائين منهنجي راءِ آھي ته ھو تمام گهڻو پيار ڪندڙ انسان هو، غريب ماڻهن سان اٿي بيهي ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ وڏن ماڻهن کي صرف هٿ ڏيندو هو. ممتاز علي خان ڀٽو صاحب انتهائي مزاح پسند هوندو هو، هو واندڪائي ۾ ڪتاب پڙهندو هو، ان ڪري سندس علمي ڄاڻ تمام گهڻي هوندي هيس.

ممتاز علي ڀٽو مارچ ۱۹۶۵ع ۾ ۳۲ سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع تي جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي ته ممتاز علي ڀٽو ان جو بنيادي ميمبر رهيو. ۱۹۷۰ع واري چونڊن ۾ ممتاز علي ڀٽو قاضي فضل الله سان مقابلو ڪري اها چونڊ کٽي ورتي. ۲۴ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کيس سڏي پهريان سنڌ جو گورنر ۽ پوءِ پهرين مئي ۱۹۷۲ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير طور هن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ جو سنڌ اسيمبليءَ مان ائڪٽ پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو پر ان جي ڪجهه نام نهاد اردو دان طبقن طرفان مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپر، گورنر سنڌ طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو.

ممتاز علي ڀٽو هڪ بهترين ايڊمنسٽريٽر طور مشهور ٿيو. ۷ جنوري ۱۹۷۷ع تي ٿيل چونڊن ۾ هو هڪ دفعو وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ۱۹۷۷ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس ضياءُ الحق گرفتار ڪري ورتو. بعد ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو. ۳۱ مارچ ۱۹۸۵ع ۾ هن لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جي نالي سان نئون اتحاد ٺاهيو ۽ پاڻ ان جو ڪنوينر مقرر ٿيو. مارچ ۱۹۸۹ع ۾ حيدرآباد ۾ هن ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو جنهن ۾ هن سنڌ نيشنل فرنٽ جي نالي سان سنڌ سطح تي نئين پارٽي جوڙي، جنهن جو پاڻ چيئرمين ٿيو. پاڪستان ۾ ڪنفيڊرل نظام قائم ڪرڻ هن پارٽيءَ جي منشور جو مکيه نقطو هو. ۱۹۹۳ع ۾ لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ ۶ نومبر ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن صدر فاروق احمد لغاريءَ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته ان بعد ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. 

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجو “ٽيلينٽِڊ ڪزن” سڏيندو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ممتاز علي ڀُٽو شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي پاليسين سان اختلاف رکيا. جنهن بعد پيپلزپارٽي ممتاز علي ڀٽو شڪار جو شوقين ۽ مطالعي جو ذوق رکندو هو. ممتاز ڀٽو سنڌ جي قومپرست پارٽين سان گڏجي “سنڌ قومي اتحاد” ٺاهيو، جيڪو پائيدار ثابت نه ٿيو. بهرحال، ممتاز علي ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا، سندس سڄي ڄمار هڪ تاريخ آهي، جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ جي حقن لاءِ سندس ڪيل جاکوڙ کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ممتاز علي ڀٽو

سنڌ جو ڏهيسر

نور سنڌي

گذريل ڏينهن ناميارو سياستدان ڏھيسرِ سنڌ پنھجي لکين چاھيندڙن کي ڇڏي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ممتاز ڀٽو سنڌ جو قومي اثاثو ھو، سندس لاڏاڻي تي اڄ سنڌ ھڪ جوڌي جوان کان محروم ٿي وئي، ممتاز ڀٽو سان پھرين ملاقات ان وقت ٿي، جڏھن ھن لنڊن ۾ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ قائم ڪرڻ بعد واپس وطن وريو ته ڪراچي ۾ ھڪ دوست سان گڏ ملاقات ٿي، ان بعد ملاقاتن جو سلسلو جاري رھيو، ڪڏھن ڪنھن جلسي ۾ ڪڏھن ڪنھن پروگرام ۾ شھيد راڻي جي شھادت بعد مون ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪري تعزيت ڪئي، ان موقعي تي مختلف اشوز تي ساڻس ڪچھري ٿي، آئون ممتاز ڀٽو جي شخصيت کان تمام گھڻو متاثر ھئس، سياست ۾ سندس عظيم ڪارناما ٻڌڻ ڪري شاگردي واري دور کان سندس چاھيندڙ ھئس، ان ڪري جڏھن به ساڻس ملاقات ٿيندي ھئي ته خوشي ٿيندي ھئي، ڳالھائڻ جو کرو بنا رک رکان جي ڳالھيون ڪندو ھو، سندس اھڙي ادا مون کي وڻندي ھئي، ان ڪري سانگھڙ ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ سندس جلسن ۽ عام پروگرامن ۾ ھڪ صحافي جي حيثيت سان ويندو ھئس ته ان دور ۾ آئون عبرت گروپ ۽ آفتاب سان وابسته ھوندو ھئس ۽ ادارن ۾ ذاتي ڪوشش وٺي به صرف نيوز اھميت سان ھلرائيندو ھئس پر جلسن جا اکين ڏٺا احوال لکندو ھئس، ان تي سندس پارٽي جي ويجھن دوستن کان خبر پوندي ھئي ته ھو مون کي بحيثيت صحافي سٺي نظر سان ڏسي ٿو، ڪڏهن پروگرام ۾ ملندو ھو ته نالو وٺي خوش خيريت پڇندو ھو، منھنجي تعريف ڪندو ھو. ممتاز علي ڀٽو ۲۹ نومبر ۱۹۳۳ع تي ماضي جي چانڊڪا ھاڻوڪي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ پير بخش ڀٽي ۾ سردار نبي بخش ڀٽو جي گھر ۾ جنم ورتو، پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سئوٽ ھو. سندس پڙ ڏاڏو دودا خان ڀٽو کي ٽي فرزند امير بخش ڀٽو، خدا بخش ڀٽو ۽ الاھي بخش ڀٽو ھئا، جن مان خدا بخش ڀٽو ڳوٺ ڳڙھي خدا بخش جو بنياد وڌو، خدا بخش ڀٽو کي غلام مرتضيٰ ڀٽو جنھن مان سر شاھنواز ڀٽو ان مان ذوالفقار علي ڀٽو جو گھراڻو آھي، الاھي بخش ڀٽو مان ٻه فرزند واحد بخش ڀٽو ۽ نبي بخش ڀٽو ھئا، ڀٽي خاندان جي سرداري واحد بخش ڀٽو کان پوءِ سردار پير بخش ڀٽو وٽ رھي کيس ٽي فرزند غلام مصطفي ڀٽو، معشوق علي ۽ ممتاز علي ڀٽو ھن خاندان جي ٻن سئوٽن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ممتاز علي ڀٽو برصغير ھند جي سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو، جيڪي سنڌ کي بھترين سياسي لاڙن ڏانھن وٺي ويا، سنڌ ھنن ٻنھي سئوٽن جي ڪارنامن ۽ ڪامابين تي فخر ڪري ٿي.

ممتاز ڀٽو کي سياست ورثي ۾ ملي، هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۽ باقي تعليم کيس پنھنجي والد ميسور (ڀارت) مان ڏياري. ۱۹۵۹ع ۾ ’لنڪنس اِن ‘مان ’بار ايٽ لا ‘ڪيائين ۽ ۱۹۶۳ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ماڻي، ان بعد ڳوٺ اچي زمين ۽ راڄ ڀاڳ سنڀاليو، کيس شڪار ڪرڻ جو ننڍي ھوندي کان شوق هو، ان دور ۾ وڏن نوابن سردارن جاگيردارن ۽ ڀوتارن ۽ سندس اولاد جو پسنديده شوق شڪار ڪرڻ ھو، ۵ مارچ ۱۹۶۵ع ۾ ۳۲ سالن جي عمر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پھريون ڀيرو قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور تقرير ڪئي. سندس اھا تقرير ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ (اونداهه ۾ آواز) جي عنوان سان ڇپائي وئي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع تي پيپلز پارٽي ٺاهي ته هي ان جو بنيادي ميمبر رهيو ۽ پاڻ صدر ايوب خان خلاف جمھوري جدوجھد ۾َ سرگرم رھيو، ان دوران پاڻ شھيد ڀٽو سان گڏ ۱۳ نومبر ۶۸ع تي گرفتار ٿي ساڻس گڏ چٽاگانگ ڍاڪا ۽ مري جي جيلن ۾ رھيو ۽ ۱۹۷۰ع واري چونڊ ۾ سندس مقابلو قاضي فضل الله سان ٿيو، جنهن ۾ کيس شڪست ڏني. ۲۴ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کيس پهريان سنڌ جو گورنر ۽ پوءِ پهرين مئي ۱۹۷۲ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير طور هن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجي ڏيڻ جو سنڌ اسيمبليءَ مان ايڪٽ پاس ڪرائي سنڌي زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏياريو، پر ان جي ڪجهه نام نهاد اردو دان طبقن طرفان مخالفت ٿيڻ سبب سنڌ ۾ لساني فساد ٿيا، ٿيو ائين ته اھڙو ٺھراءُ پاس ڪرائڻ بعد اردو پريس پنجابي پٺاڻ مھاجر پارٽي جنھن جو اڳواڻ نواب مظفر حسين خان ھو، ان پارٽي پاران ھڙتالون ڪري جلوس ڪڍيا ويا، پرتشدد واقعا ڪرايا ويا، ممتاز ڀٽو ان سازش کي وڏي جرئت سان منھن ڏنو، ھن انھن ڏينھن ۾ سنڌي ٻولي بابت اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ لاءِ ھڪ سر ته ڇا پر ڏھ سر به قربان آھن، سنڌي ٻولي لاءِ سندس اھڙي شاندار ڪردار ڪري کيس ڏھيسر سنڌ جو خطاب مليو، نتيجي طور مرڪز جي مداخلت تي مير رسول بخش ٽالپر، گورنر سنڌ طور سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ جي ٻي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان پاڻ ڪامياب انتظامي سربراهه طور مشھور ٿيو، جڏھن شھيد ڀٽو ليبر اصلاحات نافذ ڪري ڪارخانه پنھنجي تحويل ۾ ورتا ته ڪراچي ۾ من پسند پاڪيٽ يونينن کان ھڙتال ڪرائي وئي پر ممتاز ڀٽو پنھنجي ذھانت سان سخت فيصلا ڪري سخت قدم کڻي اھڙي سازش ناڪام بنائي، اھي ڪارخانا ھلرائي ڏيکاريا. 

ممتاز علي ڀٽو سٺي ايڊمنسٽريٽر طور مشهور ٿيو، ممتاز ڀٽو جا سنڌ جي وڏي وزير گورنر جي حيثيت سان  انتظامي مشينري کي حڪمن جو پابند ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجا دروازا کولي رکڻ جا حڪم ھوندا ھئا. جيڪڏهن ڪنهن به ڪاموري حڪم نه مڃيو ۽ غريبن شڪايت ڪئي ته ڪامورو هڪدم بدلي ٿي ويندو هيو نه صرف ايترو پر اهڙن بيورو ڪريسي جي بادشاهن کي سنڌ مان بدلي ڪري ٻين صوبن جي ننڍن شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي صاحب ضلعن ۾ امن امان قائم ڪرڻ جا ذميوار هوندا هئا. ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ ٻهراڙين جا دورا ڪري کليل ڪچهريون لڳائي عوام جا مسئلا حل ڪندو هو، پوءِ ڪنهن به ڪاموري جي مجال هئي جو ڪو غلط عوام دشمن قدم کڻي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي. سندس دور ۾ ڪامورا حاڪم نه پر خادم جو ڏيک ڏيندا هئا. اڄ جي دور وانگر ائين ڪو نه هو ته وزيراعليٰ ۽ ٻين وزيرن جا حڪم نه مڃيا وڃن ۽ وزير صاحب ڪامورن کي فون تي عرض ڪندا وتن. ڪو به آرڊر ٿيو ته ان تي عمل ٿيندو. نوڪري لاءِ به هڪ دفعو نوٽ لڳو ته نوڪري ملي ويندي. سندس دور ۾ پارٽي جي ورڪرن جي وڏي عزت اهميت ۽ حيثيت هوندي هئي. ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺن جا مسئلا ته اتي جا ورڪر حل ڪرائيندا هئا. هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر روزانو آفيس کولي عوام جا مسئلا حل ڪندو هو. پيپلز پارٽي جي ورڪر جي عزت ۽ شان جيڪو هن دور ۾هو، وري ڪڏهن نه نظر آيو، ھن پنهنجي منصوبابندي سان سنڌ جي ڳوٺن کي گهڻي ترقي وٺرائڻ لاءِ ضلعي رابطا ڪائونسل ۽ پيپلز ورڪس پروگرام تي تمام گهڻي محنت ڪندي ٻهراڙي ۾ شعور وڌائڻ لاءِ مفت ريڊيو ورهائڻ، نلڪا لڳائڻ، روڊ رستا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، بجلي ۽ فون پهچائڻ لاءِ وڏو پاڻ پتوڙيو. ائين محسوس ٿيندو هو ته ٻهراڙي جو غريب ماروئڙو ريڊيو فون، بجلي، رسي جي سهولت حاصل ٿيڻ سان رنگين دنيا جي شهري زندگي مان ڪجهه لاڀ ماڻيو. ٻهراڙي جو ماڻهو روزگار لاءِ شهرن ڏانهن آيو. سنڌ جي شهرن ۾ وڌيڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيا ۽ ڊاڪٽرن جو تعداد وڌيو. غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتو. شهر ۽ ٻهراڙي جو عوام اڳ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هئا پر هاڻي ٻهراڙين پڻ شهرن جون سهولتون ماڻي ترقي جي سوچ ۽ رستو ورتو. ممتاز صاحب وڏيرو هوندي به ٻهراڙي جي ماڻهن سان پيار ڪيو. ڳوٺن کي اهميت ۽ ڳوٺاڻن کي عزت ڏني. هن بند ڪمري ۾ ويهڻ سرڪاري پروٽوڪول کي ڇڏي اٻوجهه سنڌين سان سڌو سنئون رابطو رکيو. وڏيرن ۽ ڪامورن پاران ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل غريب هارين نارين کي آزاد ڪري ڇڏيو. سخت ايڊمنسٽريشن ۾ ۽ صوبي جي انتظامي معاملن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪري ڪامورا کيس پنهنجي وقت جو سخت گير حاڪم سڏيندا هئا. سندس ٻهراڙي جي عوام سان انتهائي گهڻي محبت جو مثال سال ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ وقت نظر آيو. جيئن ته ان سال سنڌ ۾ وڏو سيلاب آيو ۽ سنڌ جا ڳوٺ ٻڏي ويا. ماڻهو پنهنجي جان بچائي درياهه جي ڪناري تي ويٺا. کين ڪجهه به هٿ نه آيو. ممتاز صاحب اهو سيلاب جو سڄو مهينو درياهه جي ڪناري تي ويٺل ماروئڙن وٽ وڃي گذاريو. صبح کان وٺي رات تائين ننڊ ڦٽائي ستايلن وٽ پهچندو هو. سندس اهڙن طوفاني دورن ڪامورن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. ڪيترائي ڪامورا پاڻ گهر بدران درياهه جي ڪناري سمهندا هئا. ڪا به خبر ڪو نه هئي ته ڪهڙي وقت ممتاز صاحب پهچي ويندو. ممتاز صاحب جي هارين ۽ غريبن سان ايتري ته محبت هئي جو هو هر هنڌ سيلاب جي ستايلن لاءِ امداد جي نگراني ڪرڻ خاطر پاڻ پهچندو هيو. بند ٻڌڻ لاءِ پاڻ ڪوڏر هڻندو هيو. ننڊ آرام نه ڪرڻ ڪري سندس ڏاڙهي وڌي وئي هئي. هو سيلاب جي ستايلن بيوس ماروئڙن لاءِ هڪ ڇپر، ڇانو، آسرو، اميد، سهارو ۽ سرواڻ ٿي اڀريو، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کيس پنهنجي دلين ۾ جڳهه ڏني. شڪاري وڏيري بدران قابل احترام قومي هيرو بڻايو. هن کي هڪ غيرتمند ۽ سنڌ جي حقن جو محافظ يا ترجمان سياستدان سمجهڻ لڳا. پاڻ به هڪ مضبوط حوصلي وارو انتظامي سربراهه ثابت ٿيو. عام سنڌي نوجوانن کي لکن جي تعداد ۾ ملازمتون ڏنائين، سندس وڏ وزارت ۾ ڪراچي جي روڊن رستن تي سنڌي نظر اچڻ لڳا. هر هڪ دفتر ۾ سنڌي نوجوان ڳالهائيندو نظر آيو. ڪراچي اڳ سنڌين لاءِ اجنبي هئي پر سندس دور ۾ سنڌين جو شهر بڻجي ويو.

ممتاز علي ڀٽو پنهنجي مرضي جو مالڪ انتظامي سربراهه هو، تنهن ڪري پارٽي اندر سندس حمايت به گهڻي ۽ مخالفت به گهڻي هوندي هئي. اهو ئي سبب هو جو پ پ ۾ شامل سردارن ڀوتارن پاران هن جي مخالفت وڌي وئي. آخر انهن رئيسن وڏيرن کي خوش ڪرڻ لاءِ کانئس وڏ وزارت واپس ورتي وئي، کيس ڏک ته گهڻو پهتو پر وري به پنهنجي قائد ۽ پارٽي چيئرمين جو فيصلو قبول ڪندي خاموش رهيو، ڪا به تنظيمي خلاف ورزي ڪو نه ڪيائين. ممتاز علي ڀٽو کي ۱۹۷۵ع ۾ وفاقي وزير مواصلات جو منصب مليو هتي به پاڻ ملهايائين. هن صاحب پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، ڪراچي شپ يارڊ، ڊاڪ، ٽيليفون ۽ ريلوي جي محڪمن ۽ اڳ سنڌ لاءِ مخصوص ملازمتن واري ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح اسلام آباد، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪئي، هزارين سنڌين کي ملازمتون مليون ۽ گهر آباد ٿيا. هن صاحب مظلوم سنڌين کي حق ڏيارڻ لاءِ مرڪز ۾ ويهي دفاع ڪيو. پنهنجي وفاقي وزارتي دور ۾ سنڌين کي ايتريون ته گهڻيون نوڪريون ڏنيون جو اڄ ڏينهن تائين سندس رڪارڊ ڪنهن به وزير نه ٽوڙيو آهي. هن صاحب ريلوي پوسٽ آفيس ۾ ٽيليفون جون سهولتون سنڌ جي ڳوٺن تائين وڏي تعداد ۾ پهچايون. ريلوي جي وزارت دوران به هر اسٽيشن تي مسافرن لاءِ پاڻي، اسٽيشن ۽ ريل گاڏين ۾ صفائي، بجلي جو انتظام ۽ ريلوي انسپيڪشن انسپيڪٽر پارٽي پاران مقرر ڪيائين. سندن دور ۾ ريلوي محڪمي ۽ اصلاحات کي هر ڪنهن پسند ڪيو. جڏهن ريلوي ۾ خسارو ختم ڪرڻ بابت ڏنل وارننگ تي ٺيڪ نموني سان عمل ڪو نه ٿيو ته پاڻ ريلوي چيئرمين کي هٽايائين. جنهن سبب ان وقت سردار شوڪت حيات خان اپوزيشن اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي ۾ گهڻو ڳالهايو پر ممتاز صاحب پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو، آخر کانئس ريلوي جي وزارت واپس ورتي وئي. ۷ مارچ ۱۹۷۷ع واري اليڪشن ۾ هڪ دفعو وري ممتاز علي ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. پارٽي اليڪشن کٽي آئي پر پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جو شوشو پيدا ڪري نظام مصطفيٰ جي نالي پاڪستان ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائي، تحريڪ جو مرڪز ڪراچي ۽ لاهور هو. ڪراچي جون حالتون ان وقت جي وڏي وزير غلام مصطفيٰ جتوئي کان ڪنٽرول هيٺ نه آيون، ڇاڪاڻ ته ان وقت ماڻهو ۽ پارٽي سنڌ ۾ ممتاز صاحب کي ياد ڪندا هئا، پاڻ وفاقي وزير جي عهدي تي ۵ جولائي ۱۹۷۷ع تائين رهيو. هن تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق مارشل لا نافذ ڪري ختم ڪيو ته ڀٽو صاحب کان علاوه ممتاز ڀٽو کي به گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا دور جي شروعات ۾ ڀٽو خاندان جو هي اهو اڳواڻ هو جنهن آمريت ۽ نااهلي جي ٽربيونل سميت ڪيترين ئي مصيبتن سان منهن ڏنو پر هار نه مڃي.

ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ممتاز علي ڀٽو کي ۱۹۷۷ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر بڻايو. سندس جيل ۾ وڃڻ بعد غلام مصطفيٰ جتوئي قائم مقام صدر بڻيو. ممتاز صاحب اٽڪل ٻه سال جيل ۾ رهيو. جڏهن ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڀٽو صاحب کي شهيد ڪيو ويو، تنهن بعد پارٽِي سربراهه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه منتخب ٿي جنهن سنڌ جي صدارت ممتاز علي صاحب کان وٺي جتوئي صاحب کي ڏني. سال ۱۹۸۳ع ۾ وري ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ممتاز صاحب به “دما دم مست قلندر” جو نعرو بلند ڪيو. جلسا جلوس ڪڍيا ۽ حيدرآباد ڀرسان کيس گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. جيل ۾ قيد رهڻ وارن ڏينهن ۾ سياسي قيدين پاران ڏنل دعوت ۾ پاڻ پاڪستان لاءِ ۱۹۴۰ع واري مسلم ليگ جي “قرارداد پاڪستان” مطابق صوبن وچ ۾ “ڪنفيڊريشن” جو نئون نظريو پيش ڪيو. جيڪو سنڌ جي نوجوان طبقي ۽ سياسي ورڪرن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هن نظرئي مطابق ملڪ جي چئني صوبن درميان برابري جي بنياد تي نئون آئين ٺاهڻ شامل هو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي بلڪل نئون ۽ جديد نظريو هو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪنفيِڊرل نظام رائج آهي ۽ انهن ملڪن ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ قومون، صوبا يا رياستون هجن ملڪي آمدني جي ذريعن ۽ ورڇ تي اختلاف هجن، يا ننڍيون قومون، صوبا ۽ رياستون وفاق مان بد دل هجن ته ڪنفيڊريشن ذريعي ملڪي وجود يا وفاق کي قائم دائم رکي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ هن ڪنفيڊرل نظرئي جو خالق ۽ تعارف ڪرائيندڙ ڪنفيڊريشن نظام سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبن وچ ۾ ڪرڻو هو. تنهن ڪري ۳۱ مارچ ۱۹۸۵ع تي لنڊن ۾ باقاعدي سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ جو وجود پوءِ ڊسمبر ۱۹۸۵ ۾ باقاعدي ڪنوينشن منعقد ڪري قيام عمل ۾ آندائين. هن اتحاد جو هڪ نڪاتي پروگرام “ڪنفيڊريشن” هو.

ممتاز علي ڀٽو سنڌ جي مسئلن تي اڪيلي سر صوبائي اسيمبلي ۾ ڀرپور نموني نمائندگي ڪيائين. محترمه بينطير ڀٽو جي حڪومت تاريخ ۵ نومبر ۱۹۹۶ع تي ختم ڪئي وئي ته ممتاز علي نگران وڏي وزير جو حلف کنيو، اڳتي ھلي پاڻ مسلم ليگ (ن) سان انضمام ڪيو پر اصولي اختلافن ڪري ان کان الڳ ٿيو، بعد ۾ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو پر سندس قدر نه ڪيو ويو، سنڌ ۽ سنڌين جي حوالي سان عمران خان جيڪي ساڻس واعدا ڪيا اھي وفا نه ڪيا، پاڻ ڪافي وقت کان بيمار ھو ۽ ڪالهه ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ ۹۴ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي سان ملڪي سياست ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ممتاز علي خان ڀٽو

جيڪو واقعي “ممتاز” هو...!

مير اعظم علي ٽالپر

ڪالهه منجهند جو اچانڪ هڪ خبر جهنگ جي باهه وانگر سنڌ ۾ پکڙجي وئي ته اڳوڻي وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سئوٽ ۽ پاڪستان ۾ خاص حيثيت رکندڙ بيباڪ سياستدان ممتاز علي خان ڀٽو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ممتاز علي ڀٽو هڪ سياستدان هئڻ کانسواءِ انسان دوست ۽ انسانيت سان محبت رکندڙ انسان به هو. ممتاز علي ڀُٽي جي سياست ڪرڻ جو پنهنجو طرزِ انداز هوندو هو. جيڪو سياست واري خول کان ٻاهر نڪري هڪ عوامي سياست جي رنگ ۾ رنگيل سياست وارو هوندو هو. هي راقم جي اکين ڏٺي، ڪنن ٻڌي ڳالهه آهي ته جڏهن هو سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو هو ۽ گورنر مير رسول بخش خان ٿيو هو ته هو ٽنڊو ڄام ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي سڏ تي آيو هو ۽ ٽنڊو ڄام ۾ زرعي آبپاشي پاڻي ڏيندڙ جار شاخ ۾ سدائين پاڻي جي کوٽ سبب ان وقت جڏهن ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪڻڪ جا سڪل سنگ ڏيکاريا ۽ پاڻي لاءِ هڪ نئين شاخ لطيف نالي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ته ممتاز علي خان ڀٽو ان لاءِ ان وقت جي سنڌ جي پاڻي ۽ بجلي جي وزير مير اعجاز علي ٽالپر کي نئين شاخ کوٽڻ لاءِ چيو، جيڪا ان بعد کوٽي وئي ۽ تاحال قائم آهي. ان کانسواءِ ڪجهه سال اڳ ممتاز ڀُٽي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ پاڻي جي واٽر سپلاءِ جو معائنو ڪندي ڪيترائي ماڻهو مليا، جن ممتاز صاحب لاءِ ڳوٺ جا هئڻ ڪري عزت ۽ احترام سان سندس ذڪر ڪندي اهو به ٻڌايو ته ممتاز صاحب جڏهن اقتدار ۾ هو ته هن ڪو به ناجائز ڪم ته نه ڪيو پر جن کي به روزگار ڏنو انهن لاءِ ادارن کي اهو نه چيو ته فلاڻو منهنجو ماڻهو آهي، ان سان ڪا رعايت ڪئي وڃي. هو ملازمت ۾ رعايت جو مخالف هوندو هو. ميرپور ڀٽو جي واٽر سپلاءِ اسڪيم گرلس پرائمري اسڪول سان بلڪل گڏ آهي ۽ ان ۾ ڏينهن جو هڪ وڳي تائين مڪمل پڙهائي هلندي راقم ڏٺي. جيڪو اڪثر ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ٿيندو ڪونهي.

ممتاز علي ڀٽو جو جنم ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ پير بخش ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. ورهاڱي کان اڳ سندس والد نبي بخش خان ڀٽو به هڪ طاقتور سياستدان هو، جيڪو ان وقت ليجيسٽو اسيمبلي جو ميمبر به هو، ممتاز علي خان ڀٽو هڪ انتهائي تعليم يافته سياستدان هو ۽ هو سياست سان گڏ وسيع تر علم جي ڄاڻ به رکندڙ هو، هي جارج سينٽ ڪاليج ميسوري ۾ پڙهيو ۽ ان بعد لارينس ڪاليج مري ۾ به تعليم حاصل ڪئي. ان کانسواءِ قانون جي ڊگري بئريسٽر لنڪن اِن ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ انڊر گريجوئيٽ ماسٽر آڪسفورڊ مان ڪئي. ممتاز علي ڀٽو هڪ تعليم يافته شخص هوندي پنهنجي سئوٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪري سياست جي ميدان ۾ آيو، جيتوڻيڪ هو خانداني طرح سان موروثي وارث به ٿي سگهيو ٿي پر ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي جو سياست جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو بنيادي ميمبر بڻجي ويو ۽ پنهنجي سئوٽ ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سياست جي ميدان ۾ آيو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس نالو گونجڻ لڳو. پاڪستان جي پهرين عام اليڪشن ۱۹۷۰ع ۾ ان وقت جي صدر يحيٰ خان ڪرائي، ان ۾ ممتاز علي ڀٽو سنڌ جي صوبائي تڪ لاڙڪاڻي جي هڪ شهري تڪ تي بيٺو، جتي هن پيپلز پارٽي پاران پنهنجي مخالف اميدوار (طاقتور) محمد ايوب کهڙو کي شڪست ڏئي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو، ان کانپوءِ هو سنڌ جو اٺون نمبر گورنر ۲۲ ڊسمبر ۱۹۷۱ع (پاڪستان ٽٽڻ يعني مشرقي پاڪستان مان بنگلاديش ٿيڻ پنجن ڏينهن کانپوءِ) کان ۲۰ اپرريل ۱۹۷۲ع تائين مقرر رهيو.

ممتاز علي خان ڀٽو کان پهرين سنڌ جو گورنر رحمان گل هو ۽ ان کانپوءِ به پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع کان ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تائين به رهيو. ان کانسواءِ ممتاز ڀٽو جي گورنري کانپوءِ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيڻ بعد سنڌ جو نائون گورنر مير رسول بخش خان ٽالپر پهرين جون ۱۹۷۲ع کان ۱۴ فيبروري ۱۹۷۳ع تائين رهيو. ممتاز ڀٽو جي سنڌ جي وزيراعليٰ بڻجڻ کانپوءِ هن ئي جولاءِ جي مهيني ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻولي لاءِ بل پاس ڪيو ويو ته سنڌ جي سرڪاري زبان سنڌي هوندي پر ان بل تي ڪن نام نهاد ليڊرن ۽ ڌرين سنڌ ۾ اهڙو ٻائيتال ٻاريو جو سنڌ ۾ لساني فساد شروع ٿي ويا ۽ انهن فسادن جي باهه تي تيل جو ڪم ان وقت جي زرد صحافت پاران رئيس امروهي جو ۱۹۵۴ع وارو مشرقي پاڪستان ۾ اردو سان گڏ بنگالي زبان کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ هلچل وقت لکيل قطعو “اردو ڪا هي جنازا ذرا ڌوم سي نڪلي گا” هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي بل پاس ٿيڻ تي شايع ڪري ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪيو، جنهن ڪري ڪيترائي بيگناهه واٽ ويندي انسان ماريا ويا، ان سلسلي ۾ ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج جا ٻه شاگرد به بي گناهه ريلوي اسٽيشن تي شهيد ڪيا ويا هئا. آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جي سياستدانن کي اسلام آباد طلب ڪيو ۽ ان بعد سنڌ جي گورنر سنڌي سان گڏ اردو ٻولي هئڻ جو به آرڊيننس جاري ڪيو، ان کانپوءِ هٿ ٺوڪيا فساد بند ٿيا ۽ ٽين جولاءِ وارو بل ائين ئي رهيو. بهرحال مشهور ۽ مضبوط سياستدان طور ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ضياءُ الحق هٿان ختم ڪرڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو هڪ مڃيل سياستدان طور رهيو ۽ حڪومتن جو به حصو رهيو، پر ڪن سببن ۽ اختلافن جي ڪري ممتاز ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو واري پيپلز پارٽي کان ڪناره ڪش ٿي ويو، جيتوڻيڪ چون ٿا ته هن اهو فيصلو خوشي سان نه ڪيو هو پر حالتن سبب پ پ کان ڌار ٿي ويو ۽ پنهنجي نئين جدا پارٽي ٺاهي ۽ ان کانپوءِ مختلف اتحادن جو به حصو رهيو، حالانڪه سندس سياسي پارٽي نيشنل فرنٽ سنڌ ۾ ايترو گهڻو فعال نه رهي، ان جا ڪارڪن هر علائقي ۾ ضرور هئا ۽ هن وقت ممتاز ڀٽو جو سياسي جانشين سندس فرزند آهي.

ممتاز ڀُٽو جي پڳ مٽ يارن ۾ ڪنڌڪوٽ وارو سردار مير سندر خان سندراڻي هو، بهرحال ممتاز ڀٽو جي انسان دوست هئڻ جو واضح مثال اهو به آهي ته گذريل اليڪشن ۾ سندس مخالف اميدوار جي پولنگ سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪيٽي ممتاز ويل ورڪر جڏهن ممتاز ڀٽو جي ماڻهن پڪڙيا ته انهن کي هن پاڻ وٽ گهرائي کانئن معلوم ڪيو ۽ عزت سان رات رهائي مهمان بڻائي ماني ٽڪي کارائي پولنگ کانپوءِ باعزت روانو ڪري ڇڏيو. اهڙا انسان دوست عوامي سياست ڪرڻ وارا عوامي سياستدان تمام ٿورا هوندا آهن، جن ۾ هڪ لاڙڪاڻي جو لال ممتاز ڀٽو به واقعي هڪ “ممتاز” هو، جيڪو هاڻ سنڌ ۾ سنڌ واسين جي وچ ۾ باقي نه رهيو آهي پر سندس ڇڏيل سياست پٺيان نوجوان سياستدانن لاءِ هڪ مشعل راهه رهندي ۽ هن جهڙي بردبار سياسي انسان کي وسارڻ آسان نه آهي، جڏهن به ۱۸ جولاءِ سانوڻ جي برسات جي تاريخ ايندي ته ممتاز ڀٽو لاءِ به اکين ۾ ڳوڙها ايندا. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سردار ممتاز علي ڀٽو

اقتدار کان اڪيلائي تائين

نثار کوکر

اها ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته سردار ممتاز علي ڀٽو هاڻي اڪيلائي ۾ پنهنجي ميرپور واري گهر رهي ٿو. سندس روزاني جي معمول ۾ هاڻي اها قبر واري جڳهه به شامل آهي جتي هو صبح توڙي شام جون ڪجهه گهڙيون ويهي پکين کي داڻو ڏيندو آهي. اها ڳالهه ممتاز علي ڀٽي جي ويجهو رهندڙ سندس ماڻهن مان هڪ همراهه ٻڌائي پر مونکي يقين نه پئي آيو تنهنڪري کيس چيم ته ڀلا ڪڏهن هلي اها جڳهه ڏيکار يا پنهنجي سردار سان ڪچهري ڪرائي ته هن انڪا رڪندي چيو اهڙي ڪچهري هاڻي ممتاز صاحب نٿو ڪري. ممتاز ڀٽو مستقل بيمار هئڻ ڪري ايترو ڪمزور ٿي ويو هو جو گاڏيءَ مان لاهڻ وقت کيس ڪو نه ڪو ملازم کيس سهارو ضرور ڏيندو هو. ڳڙهي خدابخش واري روڊ تي واقع سندس ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ اهو شخص ميڪسيڪن پوڙهن وانگر اڪيلائي جا سال گذاري رهيو هو جنهن ستر واري ڏهاڪي ۾ اقتدار جو عروج ايترو ڏٺو جو کيس ڪجهه ماڻهن ڏهيسر قرار ڏنو ته ڪجهه ماڻهن لاءِ هو هو ناپسنديده شخصيت رهيو. ممتاز ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اهڙو سئوٽ هو جنهن کي هو فخر مان پنهنجي دوستن جي محفلن ۾ “مائي ٽلئينٽينڊ ڪزن” طور متعارف ڪرائيندو هو. ممتاز ڀٽو سنڌ جو زويراعليٰ توڙي گورنر ٿي گذريو سندس اقتدار واري دور ۾ سنڌي ٻولي وارو بل پاس ٿيو ته لساني هنگاما به ٿيا جنهنڪري سندس حڪومت کي ڪافي نقصان کڻڻو پر هو پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو.

رتيديري ۾ ڀٽن جي آمد بابت عالمي محقق ۽ ليکڪ اسٽينلي وولپرٽ پنهنجي ڪتاب “زلفي ڀٽو آف پاڪستان هز لائيف ائنڊ ٽائيمز” ۾ لکي ٿو ته ڀٽا ارڙهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ پاڻي جي تلاش ۾ راجپوتانه جي ريگستانن مان لڌي اچي سنڌو درياهه ڀرسان رتيديري ۾ ويٺا. سندن قبيلي جو سربراهه ڇٽو خان ان وقت تائين اسلام قبول ڪري چڪو هو ۽ مغلن تائين سندن رسائي هوندي هئي. رتيديري سميت سنڌ جي وسيع علائقن ۾ کين جاگيرون مليل هيون جن کي آباد ڪرڻ واسطي سندن وڏن محنت ڪرڻ شروع ڪئي. سردار پيربخش ڀٽي جو پٽ سردار دودا خان ته چارلس نيپيئر واري دور ۾ وڏي پهچ وارو هوندو هو ۽ نيپيئر جو صلاحڪار پڻ هو جنهن چانڊيو جاگير جي حدن جو تعين ڪرڻ وارو ڪم پڻ سرانجام ڏنو هو. ان ڪتاب جو ليکڪ اسٽينلي وولپرٽ خود ممتاز علي ڀٽي ۽ سندس بيگم سان ڪيترائي ڀيرا انٽرويو ڪري چڪو هو. ممتاز ڀٽي جي طبيعت ۾ هڪڙي هوڏ اها به هوندي هئي ته هو جنهن ڳالهه تي بيهجي ويو ڪجهه به ٿي وڃي پر ان ڳالهه تان هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ملڻ بعد هو ڪجهه وقت گرفتار رهيو پر ترت ئي پرڏيهه هليو جنهنڪري مٿس تنقيد پڻ ٿيندي رهي. ممتاز ڀٽي پنهنجي سئوٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي بينظير ڀٽو شهيد جي اڳواڻي ۾ نئين سر اڀري آيل پيپلزپارٽي کي شروع کان پسند نه ڪيو جنهن ڪري ان ۾ شامل ئي نه رهيو. ميرپور ڳوٺ وارا ڀٽا پنهنجو پاڻ کي سرداري گهراڻو سمجهندا آهن ڇو ته جڏهن سر شاهنواز ڀٽو ننڍو هو تڏهن هڪ انگريز ڪرنل مي هيو سندن گهر ساڙايو هو ته ننڍڙي سر شاهنواز ۽ سندس والده ميرپور ڀٽي جي سردار پير بخش وارن جي گهر پناهه ورتي ۽ پلجي وڏو ٿيو هو. ممتاز ڀٽو ڪچي جو وڏو زميندار هئڻ ڪري پاڻ جاگيردارانه قدرن جو پڻ سخت حامي رهيو. انهن ئي قدرن تحت هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آصف زرداري سان شادي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ هو جلسن ۾ پڻ آصف زرداري جي ڏاڏي بالو جي مذاق اڏائيندو هو. پيپلزپارٽي ڇڏڻ بعد هن سنڌي بلوچ پختون فرنٽ جي نالي سان تنظيم جوڙي ۽ اها نئين راءِ ڏني ته هي ملڪ ڪنفيڊريشن وسيلي هلي سگهي ٿو. ڪجهه وقت تائين ان تنظيم جون سرگرميون هلنديون رهيون پر جڏهن بلوچ پختون سرگرم نه رهيا ته هن صرف سنڌ نيشنل فرنٽ جوڙيو جنهن ۾ هاڻوڪو پي پي اڳواڻ گل محمد جکراڻي ۽ بلاول ڀٽي جو هاڻوڪو سياسي سيڪريٽري جميل سومرو پڻ شامل هئا. ممتاز علي ڀٽي پنهنجي الڳ پارٽي جون ڪافي سال سرگرميون جاري رکيون بعد ۾ هن مسلم ليگ نواز ۾ شموليت ۾ ڪئي پر نواز ليگ ۾ سندس ساٿ نه هلي سگهيو ته هن پي ٽي آئي ۾ سموليت اختيار ڪئي ۽ سنڌ ۾ پي پي مخالف سياسي ڪردار ادا ڪندو رهيو.

ممتاز علي ڀٽي کي پنهنجي سردار هئڻ تي ايئن فخر رهندو هو جيئن کيس ڪچي جو جاگيردار هئڻ تي فخر هوندو هو. سياست کان علاوه سندس شوقن ۾ شڪار ڪرڻ ۽ شڪاري ڪتا پالڻ پڻ شامل هو. سندس ميرپور واري بنگلي ۾ هر وقت اهي ڪتا گهمندا ڦرندا رهندا هئا.

هو نه صرف پاڻ شڪار ڪندو هو پر پنهنجي دوستن کي پڻ شڪار ڪرائيندو رهندو هو. سندس اهڙن دوستن ۾ پنجاب جو اڳواڻ غلام مصطفي کر پڻ شامل آهي جيڪو ساڻس شڪار ۾ گڏ گڏ هوندو هو. سردار ممتاز علي ڀٽو اڪثر پنهنجي ميرپور واري ڳوٺ رهندو هو جتي مختلف برادرين جا فيصلا ڪندو رهندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لاڙڪاڻي واري گهر پڻ ايندو هو جتي صحافين سان سندس ڪچهري ڪرائي ويندي هئي. جنهن ۾ پڻ هو ايئن کليل ڳالهائيندو تنهنڪري ڪيترائي صحافي منجهي پوندا هئا ته سندس ڪهڙيون ڳالهيون لکجن ۽ ڪهڙيون نه لکجن. صحافين يا ميڊيا جي ادارن سان هميشه سندس اختلاف رهندو هو ته هي ڳالهه هيئن نه پر هيئن شايع ٿيڻ گهرجي ها. هو پاڪستاني ميڊيا خاص ڪري سنڌي ميڊيا مان برطانوي ميڊيا جهڙي ذميوار صحافت جي اميد رکندو هو جنهنڪري هن مختلف اخباري ادارن تي سالن جا سال هتڪ عزت جا ڪيس به هلايا پر اهي برطانوي انداز سان نه هلي سگهيا.

سردار ممتاز علي ڀٽي پنهنجي سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيون آهن. سندس ٻن پٽن مان هڪ امير بخش ڀٽو ته اڳ ۾ ئي سياسي ميدان ۾ سرگرم آهي پر سندس ٻيو نمبر پٽ سياست کان دور ۽ صحافت ۾ وڌيڪ سرگرم آهي. هو مختلف انگريزي ميگزينن ۾ پنهنجون اسٽوريون شايع ڪرائيندو رهندو آهي ۽ سٺي فوٽوگرافي پڻ ڪندو رهي ٿو. سياست جي لاهن چاڙهن جا طويل وقت ڏسڻ بعد هاڻي جڏهن سردار ممتاز علي ڀٽو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميرپور ڀٽو واپس وريو آهي ته هو ايمبولينس ۾ ان قبر طرف واپس آيو آهي، جيڪا هن پنهنجي پسند سان تعمير ڪرائي، ان کي شيڊ ڏياريا هئا ۽ پکين کي پڻ هير وجهي ويو هو ته جيئن هو سندس قبر مٿان ولرن جي صورت ۾ ايندا رهن.

 

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ممتاز علي ڀٽو

سندس تاريخ ساز يادگيريون

عبداش پنھور

مون تاريخي ڪردار بابت اهو به ضرور پڙهيو آهي ته جيڪي انسان پنهنجي اندر ۾ پڄريل هوندا آهن، اهي عام زندگيءَ ۾ ڀوڳن ۽ چرچن جو سهارو وٺندا آهن. ويجهن ساٿين وچ ۾ اهي ڀوڳ ڪندا ۽ ٽهڪ ڏيندا آهن ته جيئن لوڪ پسي نه سگهي ته هو ڪو ڪٿي هيڻو آهي. اهي ڀوڳ اندر جي هيڻائيءَ مٿان ڇپر ۽ ڇانو ثابت ٿيندا آهن. ساڳيو منظر هڪڙي ڀيري سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ اڳوڻي نگران وزيرِ قانون وڪيل اڳواڻ مظفر ڀٽي، گل محمد خان جکراڻي، ايوب شر، امداد اڄڻ سميت ساٿين وچ ۾ ڀوڳن جو ماحول برپا ڪندي ممتاز علي ڀٽو کي مون اکين اڀياس ڪيو هو. پاڪستان جي عجيب سياست ۾ انوکو ڪردار ممتاز علي ڀٽو تي زمانو هاڻ ڪهڙا به دليل ڏئي پر هن جو دشمن به اها ڳالهه مڃڻ تي مجبور ٿيندو ته هن جي ڏيا ۽ ڏات جيتري انوکي هئي، اوترو ئي عجيب رهي آهي. مون کي خبر ناهي ته ۲۰ مئي ۲۰۱۸ع تي منهنجي ڳوٺ کي لڳل باهه واقعي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ برک صحافي اديب سيد علي محمد شاهه لڪياريءَ ڀوڳ ڪندي منهنجي البم مان سردار ممتاز علي خان ڀٽو جو فوٽو اهو چئي رپورٽ ڪرڻ کان پرهيز ڪيو ته ”هيءُ فوٽو هلائيندين ته تنهنجي ڳوٺ کي امداد نه ملندي. “ منهنجي ٽيٽ هائوس تائين اها ڪٿا لوڪ سياست جو منظر آهي ۽ ممتاز علي ڀٽو کي جيڪڏهن مان پنهنجي ڳوٺ کان پنهنجي شهر دوڙ تائين وٺي وڃان ته اُن مٿان بغاوت جو ڪيس ياد اچي ٿو. ممتاز ڀٽو انوکو ۽ عجيب ڪردار ان ڪري به آهي ته پ پ کي پسند نه ڪندي به هُو ڪڏهن به نه چاهيندو هو ته ووٽن ۾ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ سردار واحد بخش خان ڀيو کي شڪست ملي. سردار واحد بخش خان ڀيو جاڳڻ خان جو موڀي آهي، جنهن جاڳڻ خان جان جيڪب کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا هئا. سردار واحد بخش خان ڀيو سان ممتاز ڀٽو جي همدردي ٿورو سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي آهي ته جهونا ڳڙهه ۽ جيسلمير جي روحاني رشتي جي ڪري هي هڪٻئي جي ويجهو رهيا. ڇو ته جڏهن سردار واحد بخش خان ڀيو لاڏاڻو ڪري ويو ته اجمير شريف جو گادي نشين هُن جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو هو.

ها ته ڳالهه دوڙ جي پئي ڪئيسين جنهن ۾ بغاوت جو ڪيس شامل هو. پ پ جو هاڻوڪو اڳواڻ ناٺياڻي وارو بلاول خان ڪيريو سياست ۾ نئون ساماڻيو پئي. هڪڙي ڏينهن تنهن زماني ۾ ڊي ايس ايف پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين علي حسن چانڊيو سان ڪچهري ڪندي چيائين ته ”توهان ڪامريڊن جي سياست تکي آهي، قومپرستن جي سياست تي به خدشا آهن، مان سياست ڪرڻ چاهيان ٿو، ڪهڙي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيان؟“ علي حسن چانڊيو اُن کي دڳ ڏيکاريو ته ”سردار ممتاز علي ڀٽو لنڊن ۾ سنڌي، بلوچ پختون فرنٽ نئين پارٽي ٺاهي آهي، تون زميندار به آهين، وڏيرو به آهين، اها پارٽي تنهنجي لاءِ ڀلي آهي.“ ممتاز علي ڀٽو جڏهن اهو فرنٽ ٺاهيو، تڏهن نواب يوسف ٽالپر سميت ڪيترائي اڳواڻ هن جا ساٿي هئا ۽ سردار ممتاز علي خان ڀٽو سنڌ جو پهريون دورو رکيو، جنهن ۾ نوابشاهه کانپوءِ دوڙ آيو، هاري اڳواڻ چاچا ابراهيم بروهي جي اڳواڻيءَ ۾ ڏاند گاڏين جو وڏو جلوس علي حسن چانڊيو جي چوڻ تي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ساٿين فرنٽ جي ان قافلي جي آجيان ڪئي، جنهن ۾ سردار اختر مينگل، حفيظ پيرزادو سميت فرنٽ جا مرڪزي اڳواڻ سردار ممتاز علي ڀٽو سان گڏ هئا. انجنيئر باغ گرائونڊ دوڙ ۾ جلسو ٿيو، بغاوت جو ڪيس ٿيو، مشهور وڪيل علي محمد ڏاهري جيڪو پڻ فرنٽ جو ضلعي صدر هو، هُن ان ڪيس جي پيروي ڪئي، رڳو دوڙ نه پر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ممتاز علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين تي بغاوت جا ڪيس ٿيا ۽ اُهي گرفتار ٿي ويا. علي حسن چانڊيو روپوش ٿي ويو، ان صورت ۾ ممتاز علي ڀٽو هڪ باغي اڳواڻ هو، جنهن تي بغاوت جا ڪيس جڙيا ۽ هُن ڀوڳيا. ممتاز ڀٽو انوکو ۽ عجيب ڪردار انهيءَ ڪري به آهي ته هُو سياست جي مختلف دورن ۾ انوکا فيصلا پاڻ ڪندو هو، صحافت ۽ سياست جو پاڻ ۾ ضرور سنگم رهيو آهي پر خاص ڪري منهنجو ممتاز ڀٽو سان لاڳاپو پهريان سياسي آهي، پوءِ صحافتي رهيو. دوڙ واري جلسي ۾ ته اسان سڀ علي حسن چانڊيو جا ساٿي هئاسين، گڏيل جلسو ڪيوسين، پر جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پارٽي ڇڏي ۱۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع ريتي کان ڪراچي تائينءَ پيادل امن لانگ مارچ جو سياسي شيڊيول جوڙيو ته تنهن پيادل مارچ جي سياسي ڪاميابيءَ لاءِ ڪامريڊ ڄام ساقي مختلف سياسي مذهبي ڌرين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سياسي سهڪار ۽ تعاون جي اپيل ڪئي. جڏهن سنڌ جي آزادي واري تحريڪ جي برک عالم علامه شاهه محمود امروٽي کان مولانا ابوالڪلام آزاد تائين متحرڪ عالم علي محمد سومرو جي تعليمي درسگاهه (مدرسو) ۾ جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه خالد محمود سومرو (شهيد) سان ملاقات ڪئي، کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون، موڪلائڻ وقت ميزبان مهمانن کي چيو ته ڀلا ماني کائو، ته مهمانن مان گڏيل آواز جي نمائندگي ڪندي ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته ماني سردار ممتاز علي ڀٽو وٽ رکيل آهي. مختصر ڳالهه ته اُها ماني ته سردار ممتاز علي ڀٽو ڀلي کارائي پر سياسي سهڪار جي ايتري حامي نه ڀري جيتري جنيد سومرو شڪارپور، آغا ظفر شاهين سکر واري توڙي ڄام سيف الله ڌاريجو طرفان امن لانگ مارچ جو ساٿ ڏنو ويو هو. ميرپور ڀٽو مان رواني ٿيڻ وقت ڪامريڊ ڄام ساقيءَ چيو هو ته ممتاز علي ڀٽو سمجهي ٿو ته اسان جي سياست جي وک محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي عمل جي ويجهو آهي، تڏهن هُو پنهنجي پاڻ کي ٿورو پرڀرو رکڻ ٿو چاهي. واقعي پوءِ تاريخ ۾ ايئن ئي ٿيو، جو ٻنهي برک سياستدانن اُن هڪ ئي ملاقات ۾ هڪٻئي کي سمجهي ورتو هو. ان سياسي سڃاڻپ سبب جڏهن مون صحافت کي بيروزگاري کان روزگار جو ذريعو بڻايو ته سنڌ نيشنل فرنٽ جو چيئرمين ممتاز علي ڀٽو مان پنهنجي صحافتي سرگرمين دوران ان کي بطور نگران وڏو وزير عهدي تي ڏٺو هو پر ان واقعي کان ڪي مهينا اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي (شهيد) سميت سنڌ جي قومپرستن جي اتحاد سنڌ يونائيٽڊ اتحاد جو هي سربراهه هو. هڪڙي ڏينهن ان اتحاد جي گڏجاڻيءَ ۾ چڪڻ ۽ گپ ۾ ميري گاڏي ڪار ڪلفٽن واري ممتاز علي ڀٽو جي گهر داخل ٿي، جنهن ۾ بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا ته سردار ممتاز علي ڀٽو ان گاڏي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”هن گاڏي تي ڪهڙا ڪامريڊ چڙهي آيا آهن؟“ مون کي ياد آهي ته تنهن جملي تي بشير خان قريشي جواب ڏنو هو ته ”ڀلي اوهان اسان کي ڪامريڊ چئو، پر اسان سيد جا پيروڪار آهيون. “ تنهن ڳالهه تي مرحوم عبداللطيف ٻگهيو، گل محمد خان جکراڻي سان گڏ ٽهڪ ڏيندي چيائين ته ”يار جملو واهه جو آهي“. گل محمد خان جکراڻي، جڏهن سن ۾ سوڳ برپا ٿيو ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو باني رهبر سائين جي ايم سيد ڌرتيءَ پنهنجي هنج تي ورتو، تنهن وقت ڏري پيل ڏُونگر وانگر گل محمد جکراڻي کي منهنجي اکين اڀياس ڪيو هو ته هيءُ ڏونگر ڏري پيو آهي. انهيءَ رسم ۾ سيد امداد محمد شاهه جو هٿ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي هٿ ۾ ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو هٿ منهنجي هٿ ۾ ۽ منهنجو هٿ محترم استاد مهتاب شاهه جي هٿ ۾ هو، اسان سينا سوڳ سڏڪا لهر کي اکين سان ڏٺو هو، اهڙي ماحول مان گل محمد خان جکراڻي پوءِ تڪڙو ئي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شامل ٿيو ۽ اُن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سميت اهم عهدن تي رهيو. وقت جي وهڪري جڏهن گل محمد خان جکراڻيءَ جي سياسي رنج کي پ پ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، تڏهن به اڄ ساڳيو ئي گل محمد خان جکراڻي، سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي وڇوڙي تي ڏک ۾ سينا سوڳ بڻيل آواز ۾ کيس مون نجي ٽي وي چينل تي مختصر ڳالهه ٻولهه دوران محسوس ڪيو آهي.

ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ قرب جي ڪٿ ڪي سالڪ ڪندا آهن، هي عجيب ۽ انوکو سياست جو مثالي ڪردار ممتاز علي ڀٽو کي اُنهن لفظن کان ڪڏهن به ڌار نٿو ڪري سگهجي. هڪڙي ڏينهن سندس ڀائٽي محترمه بينظير ڀٽو (شهيد) اسلام آباد کان ڪراچي جي جهاز سفر جو ذڪر ڪندي پريس ڪانفرنس دوران سوالن جوابن جي وقفي ۾ سادو جملو ڳالهايو هو ته ”اڄ جڏهن مان ڪراچي آيس پئي ته سنڌ جو نگران وڏو وزير ۽ منهنجو چاچو پڻ ساڳئي جهاز ۾ سوار هو، بس اسان رڳو هڪٻئي کي ڏسي سگهيا هونداسين، باقي سياست رشتن کي گهڻو پري ڪري ڇڏيو آهي. “ بلاول هائوس ۾ اها پريس ڪانفرنس ۱۹۹۷ع واري چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ جي آهي، جڏهن سردار ممتاز علي خان ڀٽو نگران وڏو وزير هو، جيڪو پ پ جو باني اڳواڻ هو، پاڪستان جو صدر فاروق لغاري هو، جيڪو پ پ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد هو، جيڪو پ پ جو مرڪزي اڳواڻ رهي چڪو هو. پ پ جا اُهي سڀ اڳواڻ ۱۹۹۷ع ۾ بينظير کان سياسي رشتا ختم ڪري چڪا هئا. سال ۲۰۰۲ع عام چونڊن کان اڳ اهم سياسي دور آهي. جڏهن سنڌ ۾ پ پ مخالف ايس ڊي اي ٺهيو، جنهن ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي شامل هئي، امتياز شيخ مرڪزي ڪردار هو، جڏهن ته ايندڙ عام چونڊن جي ماحول کي ڏسندي سنڌ نيشنل فرنٽ پاران سگهارو چونڊ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ سالڊيرٽي ڪانفرنس ڪراچي ۾ سڏائي وئي، ٻين سان گڏ ان ڪانفرنس جي خاص اهميت اها آهي ته ورهين کانپوءِ ۽ منهنجي معلومات مطابق پهريون ۽ آخري ڀيرو ممتاز علي ڀٽو نائن زيرو ويو. نائن زيرو واري ان دوري بابت هڪ رات اڳ مرحوم عبداللطيف ٻگهيو مون کي فون تي ٻڌايو ته ”صاحب جي صبح جو اهم سياسي سرگرمي آهي، توهان ناشتو اسان وٽ اچي ڪيو. “ مان به صبح جو سوير ڪلفٽن اچي پهتس، ناشتو گڏ ڪيوسين، گاڏين تي سوار ٿياسين، گاڏين جي منزل ڪنگري هائوس طرف هئي، مون سمجهيو ته شايد ڪٿي پير صاحب پاڳاري سان ملاقات آهي، پر جڏهن گاڏيون ڪنگري هائوس پار ڪري اڳتي نڪري ويون، تڏهن مون پڇا ڪئي ته ڪاڏي ٿا هلون؟ مون کي جواب اهو مليو ته بس پاڻ گاڏي ۾ ويٺل آهيون، جتي گاڏيون بيهنديون اتي لهنداسين. سو اهي گاڏيون وڃي عائشه منزل کان مڪا چوڪ لياقت آباد لالو کيت واري علائقي ۾ واقعي نائن زيرو ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي بريڪ هنئي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن مرحوم آفتاب شيخ، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، منهنجي روبرو ٿيون، گل محمد خان جکراڻي، ايوب شر سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ هئا. پر ان ملاقات جو به سياسي نتيجو ڄام ساقيءَ جي ملاقات وارو رهيو، ٻيو واقعو انهيءَ ڪانفرنس ۾ اهو ٿيو ته بشمول پ پ اڳواڻ ڄام سيف الله ڌاريجو سميت سنڌ جي متحرڪ سياسي قيادت غلام مصطفيٰ جتوئي، الاهي بخش سومرو، جنيد سومرو، حفيظ پيرزادو، مجيد پيرزادو کان ارباب رحيم تائين اڳواڻ اسٽيج تي موجود هئا ۽ وقت جي پير صاحب پاڳاري جي احترام ۾ ڪرسي خالي پئي هئي. اليڪشن ڪميشن جو رڪارڊ ڏسڻ مان پتو پوندو ته انهن چونڊن ۾ سڀني کان وڏي پارٽي پ پ پ پ اڪثريت ضرور حاصل ڪئي هئي ۽ جڏهن حڪمران ڌرين وزيراعظم مير ظفرالله جمالي کي نامزد ڪيو هو، تڏهن پ پ پ طرفان مخدوم شاهه محمود قريشي مقابلي ۾ اميدوار هو، جيڪو هڪڙي ووٽ سان هارائي ويو ۽ مير ظفرالله خان جمالي وزيراعظم چونڊجي ويو هو. اهو به هڪڙو سياسي معجزو هو ته جڏهن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي وڏي وزير ٿيڻ جا اشارا مليا، تڏهن ان پهريان ممتاز علي ڀٽو سان اهم ملاقات ڪئي هئي. هڪڙي صحافي ممتاز علي ڀٽو کان مانيءَ ۾ لوڻ بابت پڇيو ته ورنديءَ ۾ جملو اهو مليو ته اها ڳالهه ارباب غلام رحيم کان پڇو. پر ڪراچيءَ جي سڀني انهن صحافين کي اها خبر آهي ته جڏهن امتياز شيخ خلاف ارباب غلام رحيم ايڪشن ورتو تڏهن ضرور ارباب رحيم اهو جملو ڳالهايو هو ته ”منهنجي اندر ۾ ممتاز علي ڀٽو ۽ ڄام صادق علي جو روح اچي ويو آهي“.

هڪڙي ڀيري چاچا ڪوڙو خان ڀيو، سردار مير منظور علي خان پنهور وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو ته ممتاز علي ڀٽو سان ملي آيو آهيان. پير صاحب پاڳاري وٽان اجهو ٿيو پيو اچان. غوث بخش مهر سان به مليو آهيان. اوهان وٽ پهتو آهيان ته شڪارپور مان امتياز شيخ اها چونڊ نه کٽي. ياد رهي امتياز شيخ تنهن وقت ايس ڊي اي سربراهه هو، تنهن جي ڪاميابيءَ لاءِ تمام وڏي مهم هلائي وئي هئي ته ايندڙ وقت اهوئي سنڌ جو وزير ٿيندو. هاڻ سڀني کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته امتياز شيخ انهي تڪ تي ڇو چونڊ هارائي ويو؟ صحافتي ۽ سياسي دور کي ڏسڻ سان کوڙ سارا اهڙي قسم جا حوالا ملي سگهن ٿا ته سنڌ بابت تمام وڏن وڏن فيصلن ۾ ممتاز علي ڀٽو سان ضرور رابطو ڪيو ويندو هو. پير صاحب پاڳاري سان رابطا ڪرڻ وارا ممتاز علي ڀٽو سان به ضرور رابطو ڪندا هئا. ۽ سياسي جديد تاريخ ۾ ممتاز علي ڀٽو جو هڪڙو دور پ پ وارو آهي، جنهن بابت هڪڙي ڀيري کاٻي ڌر جي اڳواڻ معراج محمد خان جيڪو پڻ پهريان پ پ پ ۾ ستر واري دور ۾ شامل هو، تنهن پهرين مئي ۱۹۹۸ع واري مون کي ڏنل انٽرويو ۾ هڪڙو حوالو ڏيندي چيو ته ڀٽو صاحب کي ممتاز علي ڀٽو چوڻ لڳو ته ادا جذباتي ڳالهيون ته تون ڪرين ٿو پر لڳي ٿو ته معراج محمد خان اسان کي ڪٿي ڏکيو نه لڳي. معراج محمد خان تنهن انٽرويو ۾ ممتاز علي ڀتو جي سياسي بصيرت تي تمام اهم ڳالهيون ڪيون هيون. اهو انٽرويو روزاني جاڳو ڪراچي ۾ شايع ٿيل آهي. ممتاز علي ڀٽو ڀوڳن ڀوڳن ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ جيڪو سمجهي اها تنهن اڳئين ماڻهوءَ جي سوچ تي ڇڏيل ڳالهه هئي. بس اها تاريخ ساز شخصيت جنهن ۱۹۷۳ع جي آئين تان اختلاف رکي ڪنفيڊريشن جو نعرو ڏنو، تنهن ڳالهه تي ممتاز علي ڀٽو هڪڙي ڀيري ٻڌايو ته پ پ پ جو ۱۹۹۳ع وارو چونڊ منشور نئون سماجي معاهدو ساڳئي ڳالهه آهي، انهن رڳو ڪن کي ابتو پڪڙيو آهي.   

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سردار ممتاز علي خان ڀٽو

سندس زندگيءَ جو مختصر احوال

احمد سلطان کوسو

سردار ممتاز علي خان ڀٽو تاريخ ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع تي سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ڳوٺ پير بخش خان ڀٽو (جيڪو هاڻوڪي تعلقي رتيديري ۾ شامل آهي) ۾ پيدا ٿيا۔ سندس والد سردار نبي بخش خان ڀٽو ان زماني جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر هيو جن کي MLA سڏيو ويندو هيو. ان جي ڪري ئي سردار ممتاز علي خان ڀٽو صاحب هڪ مضبوط سياسي پسمنظر رکندڙ سياستدان هيا۔ سندس شروعاتي تعليم پهريان سينٽ جارجز ڪاليج موسوري ۽ بعد ۾ لارنس ڪاليج مري ۽ پاڪستان ٺھڻ کن پوءِ انگلستان جي لنڪولنز اِن اداري مان بيرسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائون ۽ سال ۱۹۵۹ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلستان مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون۔

سياسي ڪيريئر جو آغاز ۳۲ ورهين جي عمر کان ڪيائون ۽ پهريون دفعو ۵ مارچ ۱۹۶۵ع تي قومي اسيمبلي جا رڪن منتخب ٿيا ۽ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سال ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو تہ سردار ممتاز علي خان ڀٽو نہ صرف ان جا باني رڪن بڻيا پر ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جا پڻ اهم رڪن مقرر ڪيا ويا۔ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستان جو پهريون منتخب وزير اعظم بڻيو تہ سردار ممتاز علي خان ڀٽو ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ۽ ڪجهہ عرصو گورنر رھڻ کان پوءِ مئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ٿيو۔۔سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ٿيڻ سان ئي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ صوبي جي سرڪاري  ٻولي بنائڻ لاءِ

سال ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ لينگئيج بل متعارف ڪرايائون جيتوڻيڪ بعد ۾ ان بل جي حوالي سان اختلافات کي بہ منهن ڏيڻو پيو۔

ان کان بعد ۾ وري اليڪشن ٿيا جنهن ۾ سردار ممتاز علي خان ڀٽو صاحب مارچ ۱۹۷۷ع ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿي وفاقي وزير بڻجي ويا ۽ ساڳي سال کيس پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۷ع جي مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي گرفتاري تي احتجاج ڪرڻ تي کيس بہ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهہ عرصو جلاوطن پڻ رهيا ۽ جيئن ئي پاڪستان واپس پهتا تہ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو۔

بعد ۾ مارچ ۱۹۸۹ع ۾ هڪ نئين پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ SNF جو بنياد وڌائون۔ سال ۱۹۹۳ع واري اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي منتخب ٿيا ۽ بعد ۾ سال ۱۹۹۶ع ۾ نگران وزير اعليٰ سنڌ مقرر ٿيا۔

سردار ممتاز علي ڀٽو صاحب سڄي زندگي پاڪستان جي سياست ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو کي ترجيح ڏيندا رهيا ۽ سنڌي ماڻهن جي هر ڏکي ويل تي هڙؤن وڙؤن مدد ڪندا رهيا نہ صرف مدد ڪندا رهيا پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اندر ۾ هڪ دردمند دل رکندڙ هيا۔ پاڻ سڄي زندگي صاف سٿري سياست ڪندا رهيا ۔ سڄي زندگي ڪنهن بہ بينڪ يا ڪنهن اداري جا ڊفالٽر نہ رهيا۔ توڻي جو مزاج جا سخت هيا ان باوجود بہ غريبن پاڙيوارن ۽ هارين نارين جي مدد ڪندا رهندا هئا۔ دوستي کي نوازڻ سندس بهترين خاصيت هئي شايد اهوئي سبب هيو جو گهڻو عرصو اقتدار کان ٻاهر رهڻ باوجود بہ دوستن ڪڏهن ان جو ساٿ نہ ڇڏيو۔ شڪار جو تمام گهڻو شوق هو ۽ جيستائين صحت ٺيڪ هئي شڪار تي ويندا رهيا۔ حقيقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سردار ممتاز علي ڀٽو ۽ محترمہ ڀينظير ڀٽو صاحبہ سنڌي ماڻهن کي تعليمي ميدان ۽ نوڪرين ۾ اڳتي آڻيندڙ اولين محسن شخصيتون آهن۔افسوس صد افسوس جو اڄ سردار ممتاز علي خان ڀٽو بہ اسان کان موڪلائي راهہ رباني روانا ٿيا آهن۔ هن طرح جون شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺنديون آهن ۽ سردار ممتاز علي خان ڀٽو صاحب جي وڇوڙي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو سوين سالن تائين محسوس ڪيو ويندو۔

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۰ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ممتاز علي ڀٽو

سنڌ جو هڪ تاريخي باب...!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

ڪنهن به ماڻهو کي تخلص، لقب يا تعارف تڏهن ملندو آهي، جڏهن انهي انسان ۾ اُهي خوبيون ڏٺيون وينديون آهن. قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي اڄ سوڌو جن ناليوارن شخصيتن پنهنجن ڪردارن ۽ ڪاوشن ذريعي جيڪي تاريخي لقب ورتا، تن ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي باباءِ قوم جو تڏهن لقب مليو، اهڙي طرح ۱۹۴۷ع کان اڄ تائين يا ان کان پهريان هن سرزمين تي سورهيه بادشاهه کان وٺي سنڌ جي ارڏي پُٽ ممتاز علي ڀٽو تائين جن به شخصيتن کي لقبن سان ڪوٺيو وڃي ٿو، انهن پٺيان جيڪي هن قوم لاءِ قربانيون ارپيل آهن تن کي لفظن سان ڀيٽا ڏيڻ مون لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي. سنڌ ڌرتي تي جتي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سميت اڻ ڳڻيون تاريخي شخصيتون پيدا ٿيون آهن، انهن ۾ هن ڌرتي تي رهندڙن جي لڄ ۽ لوئي جو تقدس رکندڙ سڄي زندگي سنڌي قوم کي ارپيندڙ بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سياست ڪندڙ، هر محاذ تي پنهنجو ڳاٽ اوچو رکي دشمنن سان اکيون اکين ۾ ملائي ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏيندڙ ۽ ڏهيسر سنڌ جو لقب ماڻيندڙ سينيئر سياستدان ممتاز علي ڀٽو جيڪو ۱۸ جولاءِ تي هن فاني دنيا مان منجهند ڌاري ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي هن ديس ڌڻين کي هميشه لاءِ اڪيلو ڪري هليو ويو.

ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جنهن ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع تي سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن جو اباڻو گهر ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جي ميرپور ڀٽو ۾ آهي. ممتاز علي ڀٽو جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سئوٽ هو، سياست جي شروعات به هن پنهنجي سئوٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ ڪئي، چيو پيو وڃي ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي وجود ۾ پئي آندي تڏهن جتي ٻيا پارٽي جا مکيه اڳواڻ ۽ صلاحڪار هُئا اُتي هي ارڏو پٽ ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو تنهن دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ سرفهرست هو. پاڻ سياسي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪيائون ۽ ۱۹۷۱ع ۾ وفاقي وزير رهيا، تنهن وقت شايد ممتاز علي ڀٽو جي عمر لڳ ڀڳ ۴۰ سال هُئي ۽ بعد ۾ هو مختلف وقتن تي وزيراعليٰ سنڌ توڙي سنڌ جو گورنر به رهيو. وقت جي رفتار سان جڏهن ملڪ جي چونڊيل پهرئين وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شهادت جو رتبو مليو ۽ تنهن وقت ملڪ اندر جيڪو ٻڙڌڪ متو، ان ۾ ڏهيسر ممتاز علي ڀٽو جو هڪ نمايان ڪردار هو. منهنجي هڪ مهربان دوست جيڪو ماضي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قربانين واري حقن ۾ چار قدم اڳيان رهيو آهي. هو ايم آر ڊي تحريڪ جون سختيون به سهي چڪو آهي پر اڄ سوڌو هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو واري نظرياتي پيپلز پارٽي جو حامي اڳواڻ ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ بڊاڻي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر امان الله ڀٽو ٻڌائي ٿو ته جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏئي هن ملڪ جي عوام کان هميشه لاءِ جدا ڪيو ويو هو ته ان وقت جتي پورو ملڪ سوڳوار هو اُتي سندس خاندان ۾ جيڪا تڪليف واري ڪيفيت ۽ گهڙي هُئي سا سارڻ جهڙي به ڪونه آهي، هو ٻڌائين ٿا ته تنهن وقت هي ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جتي پنهنجي سئوٽ جي وڇوڙي تي غمگين ٿي ويو. گڏوگڏ راتين جون راتيون ممتاز علي ڀٽو کي هن سٻاجهڙي سنڌي قوم جو فڪر هوندو هو ته آخر هاڻ هن سنڌي قوم کي ڪيئن سنڀاري پيرن تي بيهاربو. اهڙو درد ۽ فڪر رکندڙ اڄ هن ديس ڌڻين جي ڪروڙين اکين ۾ آب وهائي هميشه لاءِ موڪلائي چُڪو آهي.

منهنجي ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو سان پهرين ملاقات ۲۰۰۱ع ۾ جمعي ڏينهن ڪشمور ويجهو ڳوٺ رئيس محمد عمر ڀٽو ۾ ٿي هئي، جتي آئون صحافت سان سلهاڙيل هيس، ممتاز علي ڀٽو نهايت هڪ بهادر اڳواڻ ناتي پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي منفرد الفاظ استعمال ڪيا سي آئون ته انهن لفظن کي ڀيٽا به نٿو ڏئي سگهان، مون کي ياد ٿو اچي ته جنهن وقت مون هُن ارڏي ۽ بهادر پٽ کان چند سوال ڪيا، تنهن وقت منهنجو پورو جسم پگهرجي ويو هو، ڇو ته ڏهيسر سنڌ جي لفظن ۾ ايتري ته گجگوڙ هُئي جو آئون اها برداشت ڪرڻ کان گهٻرائي رهيو هئس.

ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جنهن وقت جي رفتار سان جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي کان راهون الڳ ڪيون ته ان بعد هُن پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جو آغاز ڪري ڪنفيڊريشن نظام جو نعرو لڳايو، هن ارڏي پٽ سڄي زندگي هڪڙي ئي قومي نظرياتي نعري هيٺ قومپرستي واري سياست ڪئي، آئون صحافت کان وٺي وڪالت تائين اهڙي جوڌي جوان ارڏي پُٽ بابت ڪڏهن به تجارتي سياست جو نالو ڪونه ٻڌو، ڇو ته هو خانداني طور ته رڳو سياستدان پر گڏوگڏ ملڪي ليول جو زميندار به هو، سندس لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن کي ڪيٽي ممتاز ڀٽو چيو ويندو آهي. پاڻ ڀٽو برادري جا سردار به هئا ۽ اتر سنڌ ۾ جيڪي طاقتور شخصيتون ۽ سردار آهن انهن ۾ هن جوان جو نالو به دبنگ سردار طور ڪوٺيو ويندو هو، هن سنڌي قوم جي حفاظت سان گڏوگڏ ڀٽو ڪميونٽي تي به شفقت واري نظر سان گڏوگڏ سونپيل ذميواريون نڀايون، ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ قانوني ڪهڙيون خوبيون سارجن، پاڻ لنڊن مان برائٽ لا به ڪيائين، پر سياسي قومي ذميوارين جو بار هجڻ ڪري هن شايد وڪالت تي توجهه نه ڏنو. ڇو ته اسان جي فيلڊ ۾ وقت جي تمام گهڻي ضرورت هجي ٿي.

ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جڏهن پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ وجود ۾ آندي، شروعاتي ڏينهن کان آخري لمحن تائين پنهنجن ڪارڪنن کي ڪلهن تي کڻي هليو ۽ هن مختلف وقتن تي سنڌ جي اِشوز بابت ۽ ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال توڙي جو سنڌ ڌرتي مٿان جن دشمنن جڏهن به ميري اک سان ڏٺو ته هو پاڻ اٿي کڙو ٿي نمايان رهيو ۽ انهن تحريڪن ۾ قومپرست پارٽين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي عوام سان سرخرو رهيو. ڏهيسر سنڌ سان پارٽي ۾ شامل اُهي سينيئر اڳواڻ جن شروعاتي ڏينهن کان وٺي اڄ سوڌو سندس حڪمن جي تابع رهيا انهن ۾ رئيس عطاءُ الله خان ڀٽو توڙي جو نوجوان دوست انجنيئر ايوب شر ڪڏهن به ساٿ نه ڇڏيو، هن اصولي سياست ڪئي ۽ پنهنجو موقف کير ۽ کنڊ جيان چٽو رکيو، ڀلي ڪنهن کان به وقتي طور برداشت نه ٿيندو هجي.

ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جون ڪجهه ٻيون منفرد ڪاوشون مون پنهنجي هڪ مهربان دوست سائين مظفر صادق ڀٽي کان به ٻڌيون، جيڪو پاڻ هن وقت هن جهان مان لاڏاڻو ڪري چُڪو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو بهادر سئوٽ ممتاز علي ڀٽو جون اڻ ڳڻيون ڪاوشون، قربانيون، بهادريون ۽ وفاداريون ته تاريخ جي ورقن ۾ سمايل آهن پر انهن خوبين سان گڏوگڏ اِها به هڪ منفرد ۽ عجيب خوبي هُئي جو هُن خانداني پٽ جيتوڻيڪ هاڻوڪي پيپلز پارٽي جو ته اينٽي رهيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي موقف تان نه هٽيو پر وقت جي رفتار سان هن پنهنجي سئوٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد جڏهن پيپلز پارٽي جون واڳون سنڀاليندڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يا سندن انهي ڪٽنب خلاف ناخوشگوار لفظ استعمال ڪونه ڪيا. هميشه هن صحافين پاران ڪيل سوالن جا جواب کلندي ۽ خوشگوار موڊ ۾ ڏنا. ڏهيسر سنڌ سان منهنجي ٻي ملاقات سال ۲۰۰۵ع ۾ حيدرآباد جي معروف ترين ايريا صدر ۾ قائم فاران هوٽل اندر ٿي، جتي اڄ جو وزيراعظم عمران خان مهمان خاص هو، انهي مختصر گڏجاڻي ۾ هي جوان جو پٽ جڏهن ڊائيس تي ڳالهائڻ لاءِ پهتو ته اُٿندي سنڌ جي اشوز جو ذڪر ڪيائين ۽ چٽو موقف رکيائون ته جيڪڏهن جنرل مشرف پنهنجي هوڏ تان هيٺ نه لٿو ته ڪراچي ايندڙ سڀ رستا بند ڪيا ويندا. ڏهيسر سنڌ نه رڳو اُهو جذباتي موقف رکيو پر گڏوگڏ تنهن وقت هن سنڌ دشمن منصوبن خلاف جيڪو ڇرڪائيندڙ چتاءُ ڏنو، تنهن وقت جي ويٺل خاص مهمان جا ته ڪَن به کُلي چُڪا هُئا. سنڌ جي ارڏي پٽ ڪروڙين سنڌين جي دِلين تي راڄ ڪندڙ ڏهيسر ممتاز علي ڀٽو اُها منفرد شخصيت هئي جنهن نه رڳو ٻين اِشوز تي دبنگ موقف رکيو پر جڏهن سنڌ دشمن نئين صوبي جي ڳالهه ڪئي ته هن ارڏي پُٽ هڪڙو ئي جواب ڏنو هُيو ته سنڌ مٿان ميري اک رکندڙن جون جايون سنڌ جي سمنڊ ۾ ٺاهيندس ته يقينن وڏي وقت تائين انهن احسان فراموشن هن ڌرتي جو نالو کڻڻ به وساري ڇڏيو ۽ سمجهي چُڪا هئا ته اڃان ممتاز علي ڀٽو ارڏائي موجود آهي.

بهرحال، انسان ذات کي هڪڙي ڏينهن موت جو مزو چکڻو آهي، بس ڏک اِهو ئي رهجي وڃي ٿو جڏهن پاڻ ڪنهن اوسيئڙي کان محروم ٿي وڃون ٿا، الله رب العزت کان دُعا آهي ته هن ديس جي ارڏي پٽ ڏهيسر سنڌ جو لقب ماڻيندڙ ممتاز علي ڀٽو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ممتاز علي ڀٽو

عبدالستار ڀٽي

مسٽر ممتاز علي ڀٽو صاحب تي تفصيل سان لکڻ کان اڳ سندس خانداني پس منظر جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ ضروري آهي، سندس پڙ ڏاڏو سنڌ جي نوابن ۽ سردارن ۾ ڀٽو خاندان جو نالو پيدا ڪرڻ واري شخصيت سردار دودا خان ڀٽو آهي. سردار دودا خان ڀٽو جي اولاد ۾ ئي نوابي، سرداري ۽ سياست جون شاخون قائم آهن. سردار دودا خان ڀٽو کي ٽي پٽ هيا جنهن مان  هڪ امير بخش خان ڀٽو، ٻيو خدا بخش خان ڀٽو جنهن پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڳوٺ جو بنياد وڌو. خدا بخش خان ڀٽو کي غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جنهن مان سر شاهنواز ڀٽو ۽ وري ان مان ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو گهراڻو آهي. ٽيون پٽ الاهي بخش خان ڀٽو هيو. جنهن مان ٻه پٽ هڪ واحد بخش خان ۽ ٻيو نبي بخش خان ڀٽو آهي. ڀٽو قبيلي جي سرداري سردار واحد بخش خان پوءِ سردار پير بخش خان ڀٽو صاحب وٽ آهي. نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي ٽي پٽ ٿيا هر هڪ غلام مصطفيٰ خان، ٻيو معشوق علي خان ۽ ٽيون ممتاز علي خان ڀٽو صاحب آهي. ڀٽو خاندان ۾ ٻن سوٽن برصغير هند جي سياست ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ سنڌ کي سياسي لاڙن ڏانهن وٺي ويا. سنڌ انهن ٻنهي سوٽن جي ڪارنامن ۽ ڪاميابين تي فخر ڪري ٿي. ٻئي سوٽ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ان وقت هند ۽ سنڌ جي سياست جا رهبر ۽ راڻا هيا. هر محاذ ۽ هر اليڪشن ۾ ڪامياب حڪمت عملي سبب سوڀ سندس مقدر هئي. نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي جو به مختصر جائزو ڏيڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ان بعد اهو ثابت ٿيندو ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب وانگر جناب ممتاز علي ڀٽو صاحب کي به سياست ورثي ۾ ملي آهي. نواب نبي بخش خان ڀٽو نواب هوندي به طبيعت جو سٻاجهڙو، سچو، نيڪ ۽ شريف انسان رهيو. زميندار هوندي به ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکويائين، ڪنهن سان به تکو نه ڳالهايائين گهٽ ڳالهائڻ ۽ وري خاموش طبيعت جو مالڪ، صاف ڪردار، وعدي جو سچو، پڪو انسان، سياست جي ميدان ۾ قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي، ڪڏهن به سياسي عهدي مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪيو. نواب نبي بخش خان ڀٽو جي سياسي سرگرمين کان اڳ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته پاڻ سنڌ جو واحد ناقابل شڪست سياستدان رهيو آهي. هو پنهنجي شان شوڪت مقبوليت ۽ عروج جي زماني ۾ ئي سياست تان رٽائر ٿيو، پوءِ وري اڄ ڏينهن تائين سياست واري رستي ڏانهن مڙي به نه ڏٺائين. نواب صاحب ضلعو لاڙڪاڻو لوڪل بورڊ جو صدر، چار سال کن بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ڏهه سال کن سينٽرل اسيمبلي جو ميمبر، ڏهه سال سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو پر ڪڏهن به وزارت يا ڪو خطاب نه ورتائين. ڪڏهن به پارٽي نه مٽايائين. هن ان وقت جي ناقابل شڪست سنڌ جي مرد آهن سياستدانن جهڙوڪ مسٽر محمد علي جناح، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ قاضي فضل ا﷢ صاحب کان اليڪشن ۾ مقابلا ڪري فتح ماڻي. پاڻ ۳۳-۱۹۳۴ع ۾ انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب پاران ضلعي لوڪلبورڊ جي صدارت ڇڏڻ بعد ان عهدي لاءِ نواب صاحب ۽ خانبهادر کهڙي جي وچ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سڄي سنڌ جي نوابن، سردارن، جاگيردارن ۽ سياست کي لوڏي ڇڏيو پر آخر نواب نبي بخش خان ڀٽو ڪاميابي ماڻي. مرڪزي اسيمبلي جي ٻن خالي سيٽن لاءِ ٽي اميدوار شيخ عبدالمجيد سنڌي، نواب صاحب ۽ سر عبدا﷢ هارون بيٺا، جڏهن ته ووٽ سڄي سنڌ کي ڏيڻو هيو. سر عبدا﷢ هارون ته اڳ اسيمبلي ميمبر رهڻ ڪري ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي خلافت تحريڪ يا سنڌي مسلمانن جي ترجمان اخبار الوحيد جي ايڊيٽر ڪري گهڻا مشهور هيا پر مقابلي ۾ سڄي سنڌ اول نمبر ووٽ نواب نبي بخش خان ڀٽو ۽ ٻئي نمبر سر عبدا﷢ هارون کي ڏئي ڪامياب ڪيو. رتوديرو ميرو خان تڪ واري سنڌ اسيمبلي جي سيٽ تي نواب صاحب ان وقت جي مقبول ۽ هر دلعزيز سياستدان قاضي فضل ا﷢ مرحوم کي شڪست ڏني.

هي دور اهو هيو جڏهن سرڪاري پارٽي، ڪانگريس پارٽي ۽ محمد علي جناح جي انڊپينڊنٽ پارٽي ميدان ۾ سرگرم هيون ڇاڪاڻ ته جناح صاحب جي مسلم ليگ اڃا قائم نه ٿي هئي. ان وقت انگريز سرڪار جي راڄ ۾ به نواب صاحب هندستان جي ريلوي صلاحڪار ڪميٽي ۽ مرڪزي صلاحڪار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ سرڪاري پارٽي ۽ جناح صاحب جي پارٽي کان سوڀ ماڻي. هن دور ۾ پارٽي جا قائد ۽ سينيئر اڳواڻ ميمبر ٿيندا هيا، جڏهن ته نواب صاحب جو ڪنهن پارٽي سان واسطو به نه هيو. نواب نبي بخش خان جون سياسي طرح همدرديون ڪانگريس پارٽي سان هونديون هيون. اهڙي ئي ناقابل شڪست سياستدان نواب نبي بخش خان ڀٽو صاحب کي تاريخ ۲۹ نومبر ۱۹۳۳ع تي ميرپور ڀٽو ڳوٺ ۾ هڪ سهڻو پٽ ممتاز علي ڀٽو صاحب ڄائو. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، پوءِ والد صاحب کين هندستان جي شهر مصوري ۾ تعليم ڏياري، جناب ممتاز علي ڀٽو سال ۱۹۵۹ع ۾ لنڪس ان يونيورسٽي لنڊن مان بئريسٽر ۽ پوءِ سال ۱۹۶۳ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. اباڻي ڳوٺ واپس اچڻ بعد هو صاحب پنهنجي زمين سنڀالڻ ۾ مصروف ٿي ويو. کيس شڪار ڪرڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هيو ڇاڪاڻ ته ڀٽو خاندان جا تمام سربراهه دعوتن، شڪار ۽ مهمان نوازي ۾ سنڌ اندر پنهنجي مقام رکندا هيا. ان دور ۾ وڏن نوابن، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن يا سندن اولاد جو پسنديده شوق شڪار ڪرڻ هوندو هيو پر ممتاز علي ڀٽو صاحب کي اهو شوق وڏي جنون جي حد تائين هيو. هو جهنگل ۾ ڪچي جي ظالم جانور سوئر جو شڪار وڏي شوق سان ڪندو هيو. وٽس اعليٰ شڪاري ڪتن جا ٽولا هوندا هيا. سوئر تي حملو ڪندو هيو پاڻ سنڌ جي دلير روايتي وڏيري جي طبيعت رکندڙ نوجوان هيو. سندس اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، رعب ۽ دٻدٻي واري شخصيت مان سنڌ جو ٺيٺ وڏيرڪو پڻ ظاهر ٿيندو آهي. ڪيٽي ڀٽو ۾ سندس ڪيتريون ئي شڪار لاءِ ڍنگرن جون پيهيون ۽ اوطاقون ٺهيل هونديون هيون. هن دور ۾ پاڻ هڪ سرگرم يارن دوستن جو وڏو حلقو رکندڙ نوجوان وڏيري جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هيو. سندس نوجوان سوٽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت سياست ۽ حڪومت جي ايوانن ۾ پاڻ مڃائي چڪو هيو. سال ۱۹۵۶ع ۾ ڪنوينشن مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي صدر جنرل محمد ايوب خان اليڪشن ڪرايون، ان وقت ملڪ ۾ پي ڊي سسٽم هيو ۽ قومي اسيمبلي جي سڌو سنئون چونڊ ڪو نه ٿيندي هئي. ان وقت جي وزير خارجه پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اليڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀٽو صاحب پنهنجي نوجوان بئريسٽر سوٽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو کي پاڻ سان سياست ۾ ٻانهن ٻيلي ڪندي ميدان ۾ آندو.

۵ مارچ ۱۹۶۵ع ۾ ۲۲ سالن جي عمر ۾ممتاز علي ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. جڏهن ڀٽو صاحب جا صدر جنرل محمد ايوب خان سان تاشقند معاهدي تي اختلاف ٿيا ۽ هن وزارت خارجه تان استعيفا ڏني تڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب پهريون دفعو قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور تقرير ڪندي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. ان دور ۾ سندس قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تاريخي تقرير کي هڪ ننڍي ڪتابچي ”اوندهه ۾ آواز“ جي عنوان سان شايع ڪرايو ويو. جڏهن جناب ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي پنهنجي الڳ سياسي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، تڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب کي پيپلز پارٽي جي باني ميمبر، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر کان علاوه پارٽي جي چئن اصولي ڪميٽي جي ميمبر مان هڪ هئڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ڀٽو صاحب سيپٽمبر ۱۹۶۸ع کان جنرل محمد ايوب خان صاحب خلاف جمهوري جدوجهد جو آغاز ڪيو ته هو به هن تحريڪ ۾ ٻانهن ٻيلي هيو ۽ پيپلز پارٽي جي قائد ڀٽو صاحب سان ۱۳ نومبر ۱۹۶۸ع تي پڻ ڊي پي آر تحت گرفتار ٿيو پوءِ چٽگانگ، ڍاڪا ۽ مري جي جيلن ۾ قيد رهيو. تاريخ ۱۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع جي پهرين عوامي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن تان سنڌ جا ٻه اڳوڻا وزيراعليٰ ۽ مرد آهن. دوست خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل ا﷢ صاحب اميدوار بيٺا، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ ٻه نوجوان سوٽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مسٽر ممتاز علي ڀٽو آمهون سامهون هيا. مسٽر ممتاز علي ڀٽو هن مقابلي ۾ قاضي صاحب کي تاريخي عبرتناڪ شڪست ڏني. مرڪز ۾ مغربي پاڪستان اندر پيپلز پارٽي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ عوامي ليگ اڪثريت حاصل ڪئي ته پوءِ شيخ مجيب الرحمان صاحب سان مذاڪراتي ٽيم ۾ پ پ پاران مسٽر ممتاز علي ڀٽو پڻ ڪميٽي جو ميمبر هيو. مذاڪرات دوران شيخ مجيب صاحب پاران ڇهه نڪاتي پروگرام ۽ صوبائي خودمختياري بابت ڳالهين مان ممتاز ڀٽو صاحب کي گهڻو تجربو ٿيو ۽ هن خودمختياري جو ويجهو جائزو ورتو. جڏهن ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ ڍاڪا جي شڪست بعد مشرقي پاڪستان الڳ ملڪ ٿي ويو تڏهن مغربي پاڪستان ۾ اقتدار پيپلز پارٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽو صاحب تڏهن مغربي پاڪستان ۾ اقتدار پيپلز پارٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽو صاحب پنهنجي ”ٽيلينٽيڊ ڪزن“ ممتاز ڀٽو صاحب کي سنڌ صوبي جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو. هن ۲۴ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي سنڌ جي گورنر ۽ چيف مارشل لا اينڊمنسٽريٽر جو حلف کنيو. پهريون ڀير پاڪستان جي حڪومتي سياست ۾ نوجوان قيادت کي صوبن جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو ويو. سياست ۾ نوجوان قيادت کي صوبن جو انتظامي سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾ ممتاز صاحب کان علاوه ملڪ غلام مصطفيٰ کر گورنر پنجاب ۽ حيات محمد خان شير پائو گورنر سرحد مقرر ٿيا. عارضي طرح سان صدارتي نظام هلائڻ بعد تمام پارٽين پارليامينٽري آئين ٺاهيو جنهن موجب پهرين مئي ۱۹۷۲ع تي پاڻ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ حلف کنيائين. بحيثيت وزيراعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو صاحب جي شخصيت هڪ بهترين ۽ ڪامياب انتظامي سربراهه جي اڀري. سندس دور حڪومت ۾ مرڪز ۾ ٿيندڙ ڀٽو صاحب جي انقلابي فيصلن کي عمل ڪرائڻ شامل هيو. جڏهن ڀٽو صاحب ليبر اصلاحات نافذ ڪيا ۽ ڪارخانا سرڪاري تحويل ۾ ورتا تڏهن ڪارخانيدارن پاران ڪراچي ۾ رد عمل طور من پسند پاڪيٽ يونين وسيلي مزدورن جي نالي تي هڙتالون ڪرائڻ، تالا بندي ۽ جلوس مظاهرا روزانو جو معمول ٿي ويو. مقصد حڪومتي مشينري کي ناڪام بڻائي ثابت ڪرڻ ته سرڪاري تحويل ۾ ڪارخانا هلي نه سگهندا پر ممتاز علي صاحب پنهنجي اعليٰ ذهانت ۽ فيصلي جي قوت سبب وڏا سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪري قدم کڻي ان سازش کي ناڪام بڻايو. سنڌي ٻولي کي سنڌ جي سرڪاري دفتري ٻولي جو بل اسيمبلي کان پاس ڪرايو ته اردو پريس ۽ نواب مظفر حسين خان جي پارٽي پنجابي پٺاڻ مهاجر محاذ پاران هڙتالون جلسا جلوس ڪڍيا ۽ تشدد واقعا پيش آيا. هن صاحب انهن بحرانن کي به وڏي جرئت سان منهن ڏنو ۽ سنڌي ٻولي بابت اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيائين ته ”سنڌ لاءِ هڪ سر ته ڇا پر ڏهه سر به قربان آهن.“ پوءِ کيس ”ڏهيسر سنڌ“ جو خطاب ڏنو ويو. هن صاحب سنڌ جي انتظامي مشينري کي حڪمن جو پابند ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجا دروازا کولي رکڻ جا حڪم ڏنا. جيڪڏهن ڪنهن به ڪاموري حڪم نه مڃيو ۽ غريبن شڪايت ڪئي ته ڪامورو هڪدم بدلي ٿي ويندو هيو نه صرف ايترو پر اهڙن بيورو ڪريسي جي بادشاهن کي سنڌ مان بدلي ڪري ٻين صوبن جي ننڍن شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي صاحب ضلعي امن امان قائم ڪرڻ جا ذميوار هوندا هئا. ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ ٻهراڙين جا دورا ڪري کليل ڪچهريون لڳائي عوام جا مسئلا حل ڪندو هيو پوءِ ڪنهن به ڪاموري جي مجال هئي جو ڪو غلط عوام دشمن قدم کڻي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي. سندس دور ۾ ڪامورا حاڪم نه پر خادم جو ڏيک ڏيندا هيا. اڄ جي دور وانگر ائين ڪو نه هيو ته وزيراعليٰ ۽ ٻين وزيرن جا حڪم نه مڃيا وڃن ۽ وزير صاحب ڪامورن کي فون تي عرض ڪندا وتن. ڪو به آرڊر ٿيو ته ان تي عمل ٿيندو.     

نوڪري لاءِ به هڪ دفعو نوٽ لڳو ته نوڪري ملي ويندي. سندس دور ۾ پارٽي جي ورڪرن جي وڏي عزت اهميت ۽ حيثيت هوندي هئي. ضلعي، تعلقي ۽ ڳوٺن جا مسئلا ته اتي جا ورڪر حل ڪرائيندا هيا. هر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر روزانو آفيس کولي عوام جا مسئلا حل ڪندو هيو ۽ پارٽي جي آفيس اهنج دور آفيس هوندي هئي. پيپلز پارٽي جي ورڪر جي عزت ۽ شان جيڪو هن دور ۾هيو وري ڪڏهن نه نظر آيو.

هن صاحب پنهنجي منصوبابندي سان سنڌ جي ڳوٺن کي گهڻي ترقي وٺرائڻ لاءِ ضلعي رابطا ڪائونسل ۽ پيپلز ورڪس پروگرام تي تمام گهڻي محنت ڪندي ٻهراڙي ۾ شعور وڌائڻ لاءِ مفت ريڊيا ورهائڻ، نلڪا لڳائڻ، روڊ رستا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهرائڻ، بجلي ۽ فون پهچائڻ لاءِ وڏو پاڻ پتوڙيو. ائين محسوس ٿيندو هيو ته ٻهراڙي جو غريب ماروئڙو ريڊيو فون، بجلي، رسي جي سهولت حاصل ٿيڻ سان رنگين دنيا جي شهري زندگي مان ڪجهه لاڀ ماڻيو. ٻهراڙي جو ماڻهو روزگار لاءِ شهرن ڏانهن آيو. سنڌ جو شهرن ۾ وڌيڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيا ۽ ڊاڪٽر جو تعداد وڌيو. غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪري سٺن عهدن تي پهتو. شهر ۽ ٻهراڙي جو عوام اڳ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هيا پر هاڻي ٻهراڙين پڻ شهرن جون سهولتون ماڻي ترقي جي سوچ ۽ رستو ورتو. ممتاز صاحب وڏيرو هوندي به ٻهراڙي جي ماڻهن سان پيار ڪيو. ڳوٺن کي اهميت ۽ ڳوٺاڻن کي عزت ڏني. هن بند ڪمري ۾ ويهڻ سرڪاري پروٽوڪول کي ڇڏي اٻوجهه سنڌين سان سڌو سنئون رابطو رکيو. وڏيرن ۽ ڪامورن پاران ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل غريب هارين نارين کي آزاد ڪري ڇڏيو. سخت ايڊمنسٽريشن ۾ ۽ صوبي جي انتظامي معاملن تي ڪنٽرول ڪري ڪامورا کيس پنهنجي وقت جو سخت گير حاڪم سڏيندا آهن. سندس ٻهراڙي جي عوام سان انتهائي گهڻي محبت جو مثال سال ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ صوبي ۾ آيل ٻوڏ وقت نظر آيو. جيئن ته ان سال سنڌ ۾ وڏو سيلاب آيو ۽ سنڌ جا ڳوٺ ٻڏي ويا. ماڻهو پنهنجي جان بچائي درياهه جي ڪناري تي ويٺا. کين ڪجهه به هٿ نه آيو. ممتاز صاحب اهو سيلاب جو سڄو مهينو درياهه جي ڪناري تي ويٺل ماروئڙن وٽ وڃي گذاريو. صبح کان وٺي رات تائين ننڊ حرام ڪري ستايلن وٽ پهچندو هيو. سندس اهڙي طوفاني دورن ڪامورن جون ننڊون حرام ۽ حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. ڪيترا ڪامورا پاڻ گهر بدران درياهه جي ڪناري سمهندا هيا. ڪا به خبر ڪو نه هئي ته ڪهڙي وقت ممتاز صاحب پهچي ويندو. ممتاز صاحب جي هارين ۽ غريبن سان ايتري ته محبت هئي جو هو هر هنڌ سيلاب جي ستايلن لاءِ امداد جي نگراني ڪرڻ خاطر پاڻ پهچندو هيو. بند ٻڌڻ لاءِ پاڻ ڪوڏر هڻندو هيو. ننڊ آرام نه ملڻ ڪري سندس ڏاڙهي وڌي وئي هئي. هو سيلاب جي ستايلن بيوس ماروئڙن لاءِ هڪ ڇپر، ڇانو، آسرو، اميد، سهارو ۽ سرواڻ ٿي اڀريو اهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کيس پنهنجي دلين ۾ جڳهه ڏني. شڪاري وڏيري بدران قابل احترام قومي هيرو بڻايو. هن کي هڪ غيرتمند ۽ سنڌ جي حقن جو محافظ يا ترجمان سياستدان سمجهڻ لڳا. پاڻ به هڪ مضبوط حوصلي وارو انتظامي سربراهه ثابت ٿيو. عام سنڌي نوجوانن کي لکن جي تعداد ۾ ملازمتون ڏنائين، سندس وڏ وزارت ۾ ڪراچي جي روڊن رستن تي سنڌي نظر اچڻ لڳا. هر هڪ دفتر ۾ سنڌي نوجوان ڳالهائيندو نظر آيو. ڪراچي اڳ سنڌين لاءِ اجنبي هئي پر سندس دور ۾ سنڌين جو شهر بڻجي ويو. جيئن ته ممتاز صاحب پنهنجي مرضي جو مالڪ انتظامي سربراهه هيو، تنهن ڪري پارٽي اندر سندس حمايت به گهڻي ۽ مخالفت به گهڻي هوندي هئي. اهو ئي سبب هيو جو سنڌ جي ڪجهه گادي نشينن ۽ رئيسن پاران هن جي مخالفت وڌي وئي. آخر انهن رئيسن وڏيرن کي خوش ڪرڻ لاءِ کانئس وڏ وزارت جو منصب تاريخ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۷۳ع تي واپس ورتو ويو. وڏ وزارت ڇڏڻ جو ٻيو وڏو سبب سنڌي ماڻهن، قوم ۽ سنڌ جي حاڪميت وارو حق مرڪز کان مڃرائڻ هيو. هي ڳالهه به ٻڌائڻ ضروري آهي ته جڏهن ممتاز صاحب وڏ وزارت تان هٽايو ويو تڏهن اها هن جي زندگي ۾ پهرين هار هئي. کيس ڏک ته گهڻو پهتو پر وري به پنهنجي قائد ۽ پارٽي چيئرمين جو فيصلو قبول ڪندي خاموش رهيو، ڪا به تنظيمي خلاف ورزي ڪو نه ڪيائين. ممتاز علي ڀٽو صاحب وڏ وزارت ڇڏڻ بعد پنهنجو سياسي تجزيو ڪندي محسوس ڪيو ته پيپلز پارٽي ۾ به زندهه رهڻ لاءِ پنهنجو گروپ هجي اهو سوچي جڏهن هو ميدان ۾ آيو ته سنڌ جي پارٽي ورڪر ۽ غريب عوام سندس شاندار آجيان ڪئي. ڪراچي ۾ تاريخ ۳۰-۳۱ ڊسمبر سال ۱۹۷۳ع پ پ سنڌ جو ڪنوينشن، هوشو باغ لاڙڪاڻو جو جلسو ۽ المنظر سئنيما لاڙڪاڻو ۾ پ پ ضلعي ڪنوينشن کان علاوه تاريخ ۲۰ آڪٽوبر سال ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻو اسٽيڊيم ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مان ۾ ڏنل آجياڻو جا نظارا سياسي ورڪرن کي ياد آهن. سندس احترام ۽ استقبال ۾ڪيترن منٽن تائين عوام تاڙيون وڄائي من موهيندڙ اڏر ڀاءُ ڪيو. انهن استقبالن ممتاز صاحب کي اقتدار کان ٻاهر اچڻ بعد محسوس ڪرايو ته ماڻهو کيس حڪومت ۾ چڱن ڪمن ڪرڻ بدلي ڪيترو چاهين ٿا. هي سندس شخصي استقبال هيو جنهن جو ڪو به اڳواٽ انتظام ڪو نه ڪيل هيو. ان بعد هن صاحب پنهنجي لاءِ شاگردن جي تنظيم سپاف (ممتاز گروپ) ٺاهي جنهن ۾ مان به سنڌ جو سينيئر وائيس چيئرمين هيس. شاگردن جي هن تنظيم سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪندي پيپلز پارٽي کي گهڻو پريشان ڪيو ڇاڪاڻ ته نوجوان شاگرد ۽ وري ممتاز صاحب جهڙو دلبر شخص هجي ته پوءِ هر هنڌ صرف سنڌ جا قومي مسئلا ئي موضوع بڻجي ويا.

سال ۱۹۷۵ع ۾ هن کي وري وفاقي وزير مواصلات جو منصب مليو هتي به پاڻ ملهايائين. هن صاحب پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، ڪراچي شپ يارڊ، ڊاڪ، ٽيليفون ۽ ريلوي جي محڪمن ۽ اڳ سنڌ لاءِ مخصوص ملازمتن واري ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح اسلام آباد، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪئي، هزار سنڌين کي ملازمتون مليون ۽ گهر آباد ٿيا. هن صاحب مظلوم سنڌين کي حق ڏيارڻ لاءِ مرڪز ۾ ويهي دفاع ڪيو. پنهنجي وفاقي وزارتي دور ۾ سنڌين کي ايتريون ته گهڻيون نوڪريون ڏنيون جو اڄ ڏينهن تائين سندس رڪارڊ ڪنهن به وزير نه ٽوڙيو آهي. هن صاحب ريلوي پوسٽ آفيس ۾ ٽيليفون جون سهولتون سنڌ جي ڳوٺن تائين وڏي تعداد ۾ پهچايون. ريلوي جي وزارت دوران به هر اسٽيشن تي مسافرن لاءِ پاڻي، اسٽيشن ۽ ريل گاڏين ۾ صفائي، بجلي جو انتظام ۽ ريلوي انسپيڪشن انسپيڪٽر پارٽي پاران مقرر ڪيائين. سندن دور ۾ ريلوي محڪمي ۽ اصلاحات کي هر ڪنهن پسند ڪيو. جڏهن ريلوي ۾ خسارو ختم ڪرڻ بابت ڏنل وارننگ تي ٺيڪ نموني سان عمل ڪو نه ٿيو ته پاڻ ريلوي چيئرمين کي هٽايائين. جنهن سبب ان وقت سردار شوڪت حيات خان اپوزيشن اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي ۾ گهڻو ڳالهائيو پر ممتاز صاحب پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو آخر کانئس ريلوي جي وزارت واپس ورتي وئي.

۷ مارچ سال ۱۹۷۷ع واري اليڪشن ۾ هڪ دفعو وري ممتاز علي ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿي ويو. پارٽي اليڪشن کٽي آئي پر پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جو شوشو پيدا ڪري نظام مصطفيٰ جي نالي پاڪستان ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائي، تحريڪ جو مرڪز ڪراچي ۽ لاهور هيو. ڪراچي جون حالتون ان وقت جي وڏي وزير جناب غلام مصطفيٰ جتوئي کان ڪنٽرول هيٺ نه آيو ڇاڪاڻ ته هو ان وقت ماڻهو ۽ پارٽي سنڌ ۾ ممتاز صاحب کي ياد ڪندا هيا.

پاڻ وفاقي وزير جي عهدي تي ۵ جولائي ۱۹۷۷ع تائين رهيو. هن تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق مارشل لا نافظ ڪري ختم ڪيو ته ڀٽو صاحب کان علاوه ممتاز صاحب کي به گرفتار ڪيو ويو. مارشل لا دور جي شروعات ۾ ڀٽو خاندان جو هي اهو اڳواڻ هيو جنهن آمريت ۽ نااهلي جي ٽربيونل سميت ڪيترين ئي مصيبتن سان منهن ڏنو پر آڻ نه مڃي.

ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کيس ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جو صدر بڻايو. سندس جيل ۾ وڃڻ بعد جناب غلام مصطفيٰ جتوئي قائم مقام صدر بڻيو. ممتاز صاحب اٽڪل ٻه سال جيل ۾ رهيو. جڏهن ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڀٽو صاحب کي شهيد ڪيو ويو تنهن بعد پارٽِي سربراهه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه منتخب ٿي جنهن سنڌ پارٽي صدارت ممتاز علي صاحب کان وٺي جناب جتوئي صاحب کي ڏني. سال ۱۹۸۳ع ۾ وري ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ته ممتاز صاحب به ”دما دم مست قلندر“ جو نعرو بلند ڪيو. جلسا جلوس ڪڍيا ۽ حيدرآباد ڀرسان کيس گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ قيد ڪيو ويو. جيل ۾ قيد رهڻ وارن ڏينهن ۾ سياسي قيدين پاران ڏنل دعوت ۾ پاڻ پاڪستان لاءِ ۱۹۴۰ع واري مسلم ليگ جي ”قرارداد پاڪستان“ مطابق صوبن وچ ۾ ”ڪنفيڊريشن“ جو نئون نظريو پيش ڪيو. جيڪو سنڌ جي نوجوان طبقي ۽ سياسي ورڪرن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هن نظرئي مطابق ملڪ جي چئني صوبن درميان برابري جي بنياد تي نئون آئين ٺاهڻ شامل هيو.

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي بلڪل نئون ۽ جديد نظريو هيو. دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڪنفيِڊرل نظام رائج آهي ۽ انهن ملڪن ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ قومون، صوبا يا رياستون هجن ملڪي آمدني جي ذريعن ۽ ورڇ تي اختلاف هجن، يا ننڍيون قومون، صوبا ۽ رياستون وفاق مان بد دل هجن ته ڪنفيڊريشن ذريعي ملڪي وجود يا وفاق کي قائم دائم رکي سگهجي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هن ڪنفيڊرل نظرئي جو خالق ۽ تعارف ڪرائيندڙ ڪنفيڊريشن نظام سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد صوبن وچ ۾ ڪرڻو هيو. تنهن ڪري تاريخ ۳۱ مارچ ۱۹۸۵ع تي پاڻ لنڊن ۾ باقاعدي سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ جو وجود پوءِ ڊسمبر ۱۹۸۵ ۾ باقاعدي ڪنوينشن منعقد ڪري قيام عمل ۾ آندائين. هن اتحاد جو هڪ نڪاتي پروگرام ”ڪنفيڊريشن“ هيو. هن تنظيم ۾ بلوچستان جو قومپرست اڳواڻ سردار عطاءُ ا﷢ مينگل، سرحد صوبي جو مير افضل خان بنگش، پنجاب جو خالد لغاري صاحب ۽ سنڌ مان مسٽر عبدالحفيظ پيرزادو، ڄام صادق علي صاحب خاص اڳواڻ هيا. ڪجهه عرصو لنڊن ۾ ويهي ڪنفيڊريشن جي نظرئي جي وضاحت ڪرڻ کان پوءِ آخر پاڻ ۷ فيبروري ۱۹۸۶ع تي ڪراچي پهتو. جتي ايئرپورٽ تي سندس شاندار آجيان ٿي. جلاوطن اڳواڻ جي لحاظ کان ڪنهن به قومپرست جو اهو وڏو استقبال هيو. پاڻ قانوني دائري ۾ رهندي سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ دورا ڪري ڪنفيڊرل فلسفي کي عام ماڻهن تائين پهچايائين. هن ڏس ۾ مارشل لا حڪومت جون سختيون وري شروع ٿيون. فرنٽ جي ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار ۽ خصوصي ڪورٽ ذريعي غداري جا ڪيس مڙهيا ويا. ممتاز علي ڀٽو صاحب هاڻي سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ اڳواڻن سان رابطا رکيا ۽ سنڌ قومي اتحاد ۾ شامل ٿيو. ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع واري اليڪشن ۾ فرنٽ کي ڪاميابي حاصل ڪو نه ٿي ۽ ممتاز علي ڀٽو صاحب پاڻ رتوديرو صوبائي سيٽ تي اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار سيد ديدار حسين شاهه صاحب کان هارائي ويو. ان عوامي فيصلي کان پوءِ سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ ختم ڪري ۳۱ مارچ ۱۹۸۹ع تي حيدرآباد جي فٽاز هوٽل ۾ منعقد ٿيندڙ ورڪرن جي سنڌ ڪنوينشن ۾ ”سنڏ نينشنل فرنٽ“ جي نالي سان نئين قومپرست پارٽي ٺاهي وئي، جنهن  جو چيئرمين جناب ممتاز علي ڀٽو چونڊيو ويو. پاڻ سنڌ جو دورو ڪري تنطيم سازي جو ڪم مڪمل ڪيائين. ۲۴ آڪٽوبر سال ۱۹۹۰ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ هن  پارٽي قومي اسيمبلي جي ۱۷ اميدوارن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ۱۹ اميدوارن کي بيهاريو پر ممتاز علي ڀٽو صاحب سميت ڪو به اليڪشن کٽي نه سگهيو. جڏهن ته ۶ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع وارين چونڊن ۾ کيس صوبائي اسيمبلي جي ساڳي سيٽ تي سوڀ حاصل ٿي. پاڻ سنڌ جي مسئلن تي اڪيلي سر صوبائي اسيمبلي ۾ ڀرپور نموني نمائندگي ڪيائين. جڏهن ته محترمه بينطير ڀٽو جي حڪومت تاريخ ۵ نومبر ۱۹۹۶ع تي ختم ڪئي وئي ته جناب ممتاز علي ڀٽو وري تاريخ ۶ نومبر ۱۹۹۶ع تي سنڌ جي نگران وزير اعليٰ جو حلف کنيو.

جيئن ته ممتاز علي ڀٽو صاحب سان مون کي ويجهو رهي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو تنهن ڪري مان سندس سياسي سفير تي ڪجهه تبصرو ڪندس. پاڻ اعليٰ تعليم ۽ سنجيده، بردبار، شخصيت جو مالڪ هئڻ کان علاوه بهترين طريقي سان دنيا جي نظامن، آئينن، فلسفن تي بحث مباحثو ڪري ڄاڻي. وٽس دنيا جي تمام نظرين جي ڄاڻ آهي، ڊاڙ ڊڇ اداڪاري ڪرڻ ۽ ڪوڙن دلاسن ۽ نعرن واري سياست ڪرڻ کان پري آهي. هو سنڌ جو بهترين باصلاحيت، لائق ۽ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر آهي. زندگي ۾ ياري دوستي جو تمام گهڻو پڪو، سچو شخص، خوبصورت جاهه ۽ جلال واري شخصيت، رعب دٻدٻو روزانو جي زندگي ۾ قائم رکيو اچي پوءِ اقتدار ۾ هجي يا ٻاهر، دنيا جي بهترين شڪارين  ۾ سندس  شمار ٿئي ٿو. سندس رهڻي ڪرڻي باوجود بئسٽريٽر ايٽ لا هئڻ جي مڪمل طرح ٺيٺ ۽ نج وڏيرڪي آهي. قومپرست ۽ برسر اقتدار سياسي حلقن ۾ هڪجهڙو هر دلعزيز ۽ محترم، نرالي انداز جو سياستدان، سنڌ جو مڃيل قابل انتظامي اڳواڻ، پنهنجي خاص دوستي واري انداز سان سڃاتو ويندڙ، پنهنجي سياسي نظرين کان وڌيڪ مقبول شخصيت جو مالڪ، گفتگو ۽ بحث مباحثي ۾ باوقار انداز، ڪچهريءَ واري انداز ۾ تقرير ڪندڙ، هر ڳالهه ۽ مسئلي کي سمجهائڻ وقت پهاڪن کي گهڻو استعمال ڪندڙ، نج سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، مسئلن تي مختصر نموني ۾ دليل ڏيندڙ، ڪم ۽ مقصد جي ڳالهه ڪندڙ قومپرست يا ملڪي سياست ۾ ليڊر يا قائد جي لحاظ کان ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي ڇاڪاڻ ته هو تمام گهڻو محدود رهڻ، گوڙ گهمسان ۽ لٻاڙي سياست کان پري نفاست واري طبيعت ڪري پنهنجي دوستن ۽ ورڪرن ۾ گهڻو قابل احترام ته آهي پر پارٽِي جي تنظيم اندر ڪجهه مشهور معروف هر دلعزيز سياسي شخصيتن کي عهدن تي ڪو نه آڻي سگهيو آهي. ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ وڃڻ بعد پويان تنظيم جي ڪا به سرگرمي ڪو نه ٿي رهي. تنظيم ۾ ذاتي دوست وڏيرن کي عهدا ڏيڻ ۽ جدوجهد ڪندڙ ورڪر کي اڳتي نه آڻڻ کان علاوه ايترو عرصو صرف هڪ نڪتي ”ڪنفيڊريشن“ بابت سياست ڪرڻ وارو فيصلو به درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عام ماڻهو جنهن ۾ هاري مزدور، بيروزگار نوجوان ۽ ٻيو مڊل ڪلاس طبقو به پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ سياسي حمايت چاهي ۽ ڪري ٿو تنهن ڪري ممتاز علي ڀٽو صاحب کي به پنهنجي پارٽي طرفان باقاعدي پروگرام يا منشور ڏيڻ جي ضرورت آهي. مخصوص وڏيرن کان علاوه عام ماڻهن هارين نارين ۾ وڃڻ ۽ سندن سياست ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيون ته سندس سياسي واٽ ٻن مضبوط پارٽين وچ ۾ آهي. هڪ سنڌي ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي محبت ۾ پيپلز پارٽي ڏانهن گذريل ٽيهن سالن کان لاڳاپيل آهي جڏهن ته ٻي قومپرست تنظيم محترم جي ايم سيد جي قيادت ۾ سنڌو ديش جي نالي سان گذريل چوويهه سالن کان سرگرم آهي. انهن ٻنهي پارٽين کي هڪ طرف سياسي پروگرام نظريا به آهن ته ٻئي طرف مشهور شخصيتون اديب، دانشور ۽ گهڻا سياسي ڪارڪن ورڪر آهن جيڪي هر موقعي تي پارٽي مسئلن لاءِ سڀ ڪجهه ڪري وڃن ٿا. مٿس تنقيد ڪندڙ سندس وڏ وزارت واري زماني ۾ قومپرستن شاگردن ۽ ليڊرن کي وڏي پيماني تي گرفتار ڪري رکڻ، سنڌي رسالن تي گهڻي عرصي لاءِ پابندين کان علاوه مخالفن سان انتهائي سخت سلوڪ کي هميشه ياد ڪندا آهن. بهرحال ممتاز علي ڀٽو صاحب پنهنجي شخصيت ۾ هڪ سحرا نگيز ۽ قابل احترام قومپرست ليڊر جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو سنڌ ۾ هر هڪ لاءِ محترم آهي. کيس ٻه پٽ هر هڪ امير بخش ڀٽو ۽ علي آهن.

 

(لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل)


ممتاز علي ڀٽو

سينيئر سياستدان - وڇوڙي تي لکيل مختصر تعارفي ليک

ساجد رند

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سوٽ ممتاز علي ڀٽو ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رئيس نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو.

پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان،  وڌيڪ تعليم اتر پرديش جي ميسوري شهر جي جيوز جيس ڪاليج ۽ گوڙا گلي جي لارنس ڪاليج مان، ايم اي  ( جيوريس پروڊنس ۾) انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪارسٽڪ ڪاليج مان ۽ لنڪنسن مان بئرسٽري جو امتحان پاس ڪيو.

ممتاز علي ڀٽي وطن موٽي ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪئي پر ذوالفقار علي ڀٽي کيس وڪالت ڪرڻ نه ڏني ۽ سياست ۾ آندو.

پاڻ ۱۹۶۴ع۾ ڪنوينشن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي مان ايم اين اي چونڊيو، ۱۹۶۵ع ۾ لاڙڪاڻي مان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو.

نومبر ۱۹۶۷ع ۾ پ پ جو بنياد وجهڻ وقت هو پ پ جو باني اڳواڻ  ۽ سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو

 ۱۹۷۱ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ کيس ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ جو گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو،  بعد ۾ جڏهن عبوري آئين لاڳو ڪيو ويو تہ کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو،  بعد ۾ کيس ۱۹۷۵ع ۾  مواصلات جو وفاقي وزير ڪيو ويو.

۵ جولاءِ ۱۹۷۷ ۾ جنرل ضياءَ پاران ڀٽو حڪومت ختم ڪرڻ وقت کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ۲ سال هُو ڪراچي جيل ۾ رهيو،  ذوالفقار علي ڀٽو سان جيل ۾ سندس ۳ ملاقاتون ٿيون جنهن دوران هن عالمي سطح جي سياستدانن سان ڀٽو جي ڦاهيءَ کي روڪڻ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪيو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ هن جلاوطني اختيار ڪئي ۽ نون ماڻھن کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ تي اختلاف راءِ رکڻ تان کيس پ پ پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي.

ممتاز علي ڀٽو جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ گرفتار ٿيو ۽ ساڍا چار سال جيل ۾ رکيو ويو ۽ جيل ۾ بيمار ٿيڻ ڪري کيس ۱۹۸۴ع ۾ ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ موڪليو ويو.

۳۱مارچ ۱۹۸۵ ۾ لنڊن جي ڪائونٽي هال ڪنوينشن

۾ سردار عطاءُالله مينگل، افضل خان بنگش، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻين سان گڏ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جو بنياد رکيو ۽ ۱۹۸۶ع جي شروع ۾ کيس پاڪستان ۾ فرنٽ جو باقاعده ڪنوينر چونڊيو ويو، ۱۹۸۹ع ۾ هن سنڌي- بلوچ ۽ پختون فرنٽ کي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ تبديل ڪيو.

۱۹۸۸ دوران سائين جي ايم سيد سان پڻ اتحادي طور ڪم ڪيائين، نومبر ۱۹۹۷ ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ شرط کيس سنڌ جو نگران وزيراعليٰ پڻ بڻايو ويو.

پيپلز پارٽي جي پهرئين حڪومت ۾ ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو وڏو وزير هوندي مشهور ٻوليءَ وارو بل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو تہ مهاجر پنجابي پختون اتحاد پاران سنڌ ۾ نسلي فساد ڪرايا ويا ۽ جنگ اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا دهوم سي نکلي“ لکيو ويو، جنهن بعد ممتاز علي ڀٽي کي ڏهيسر سنڌ جو لقب مليو.

ممتاز علي ڀٽي ۲۰۱۲ ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي مسلم ليگ ن ۾ هڪ تحريري معاهدي تحت ضم ڪيو پر نواز شريف پاران واعدا پورا نه ڪرڻ سبب ن ليگ کي الوداع ڪيو تہ گذريل عام چونڊن ۾ سندس پٽ امير بخش ڀٽي پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي ۽ ممتاز علي ڀٽو اڻ اعلانيل طور سياست کي الوداع ڪيو.

ممتاز ڀٽو پارليامينت جي سياست ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي حقن لاءِ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ڪري ”سنڌ قومي اتحاد“ جو بنياد وڌو تہ کيس اتحاد جو چيئرمين ڪيو ويو،  پر بعد ۾ ساڻس اتحاد ۾ ويٺل ڌرين پاران مخالفت وڌڻ ۽ سهڪار نه ڪرڻ سبب هن چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني.

سنڌ جي ھن قومي سوچ رکندڙ سياسي اڳواڻ جو ڪراچي جي خانگي اسپتال مان دل ۽ ڦڦڙن جي تڪليف جو علاج هلندڙ هيو، پر ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي پنھنجي ڪراچي جي ڊفينس واري گهر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ميرپور ڀٽو جي  اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ممتاز علي ڀٽي پنھنجي سياسي سفر ۾ ھڪ ڪتاب به لکيو، سندس علمي، ادبي خدمت ھيٺين ڪتاب جي صورت ۾ موجود آھي.

(۱) ڪنفيڊريشن (سياسي ادب)

No comments:

راءِ ڏيندا