; سنڌي شخصيتون: سائين الھبخش ٽيمڙو - عبدالسلام ٿھيم

18 July, 2021

سائين الھبخش ٽيمڙو - عبدالسلام ٿھيم

سائين الھبخش ٽيمڙو

سندس جھوريندڙ وڇوڙو

عبدالسلام ٿھيم



نه فقط سندس گھر ڀاتين، ڳوٺ راڄ لاءِ وڏو ھاڃو آھي، پر اھو ھر ان ماڻھو لاءِ نقصان آھي. جيڪو ھن وٽ ڪنھن به جائز مسئلي لاءِ ڪھي ايندو ھيو، ۽ ھو ان جي وس آھر مدد ڪندو ھيو. ھو پنھنجي ذات ۾ انتھائي شفيق ۽ مخلص انسان ھيو، سوين سورن ۽ بيمارين جي باوجود ھو ڪڏھن ورچي ڪونه ويٺو. ھن وڏي ڏاھپ ۽ سھپ سان پنھنجن ماڻھن کي منظم ڪرڻ لاءِ به وڏو ڪردار ادا ڪيو.


سائين الھبخش ٽيمڙو ۲۶ جون ۱۹۴۶ تي جاتي لڳ ڳوٺ عرس ٽيمڙو ۾ ھڪ غريب ڳوٺاڻي غلام محمد ٽيمڙو جي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.

۱۹۵۲ ۾ پرائمري اسڪول جاتي ۾ داخلا وٺي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو، سائين الھبخش ٽيمڙو ۱۹۵۹ ۾ سنڌي فائنل جو امتحان سائين محمد ابراھيم ٽيمڙو جي نگراني ۾ پاس ڪيو.

ھو پنھنجي ڳوٺ مان پھريون بطور استاد جولاءِ ۱۹۶۱ ۾ مقرر ٿيو، تنھن کان پوءِ سندس ڪوششن سان سندن ڳوٺ مان لڳ ڀڳ ۲۰ استاد تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيا.

سائين الھبخش ٽيمڙو ميرخانه لڳ پرائمري اسڪول محمد ھنڱورجو ۾ نو مھينا ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول گاسري، پرائمري اسڪول صديق گھنو، پرائمري اسڪول حاجي صادق ميمڻ تي ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۶۹ ۾ پرائمري اسڪول جاتي ۾ مقرر ٿيو.

تنھن کان پوءِ رٽائرٽمينٽ تائين.

پرائمري اسڪول جاتي جو ھيڊماستر، تعلقي ماستر، لازمي تعليم جي دوران اٽينڊنس پڻ رھيو.

ھن جون ۱۹۹۲ ۾ تعليم کاتي مان رٽائرٽمينٽ ورتي.

استاد تنظيم ۾ به ڪافي متحرڪ رھيو، ھو پ ٽ الف جاتي جو ٻه ڀيرا صدر رھيو.

سائين الھ بخش ٽيمڙو پھرين گھر واري جي وفات کان پوءِ ٻي شادي ڪئي، کيس ٻنھي گھر وارين مان پنج پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آھي..

ڳوٺ جي سڌاري لاءِ ھن پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سائين الھبخش جي ڪوششن سان سندس ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول، گرلس اسڪول، تلاءُ مليا، بجلي به منظور ڪرايائين.

ھڪ ڀيرو يونين ڪائونسل مغلڀين جو ڪائونسلر به چونڊيو.

سائين الھ بخش ٽيمڙو جي وڏي فرزند محمد اشرف ٽيمڙو سان دوستي جي سبب ھو مونکي ھميشه پنھنجن پٽن جيترو مان ڏيندو ھيو. مون ھن کي ويجھي کان ڏٺو. ڌڻي تعاليٰ کيس حوصلي، ھمت سان گڏ ليڊرشپ جون صلاحيتون ڏنيون ھيون، مسئلن کي سمجھڻ انھن کي سلجھائڻ جون ھڻ ۾ وڏو ڏانءُ ھيو. جيڪڏھن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه ايندي ھيس ته ھو چڱن ڀلن کي به منھن تي چئي ڏيندو ھيو.

ھن پنھنجو وقت غربت جي باوجود وڏي مان ۽ شان گذاريو. رات دير سان ھن ڪارڊيو سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪيو..

سندس جناره نماز اڄ صبح يارھين بجي ڳوٺ عرس ٽيمڙو ۾ ادا ڪئي ويندي.

1 comment: