; سنڌي شخصيتون: استاد محمد رمضان ملڪ - غفار سومرو

29 July, 2021

استاد محمد رمضان ملڪ - غفار سومرو

استاد محمد رمضان ملڪ

غفار سومرو



هيڏو وڏو ٺُڳ سارو اچي ٿيو هوس، ڳوٺ جي گهٽين، گهرن پاڙن، ٻنين ٻارن، نهال واھ جي ڪپرن تي گهمندي، رلندي، پاڻيء ۾ تڙڳندي وقت ڪٽيندو ٿي رهيس. مٽيء مان ڍڳا ڍڳيون، اُٺ اُٺڙيون ٺاهي سڪائي کيڏندو خوش ٿيندو رهيس، ڪاٺين ڪانن جون  ڏاند گاڏيون، لوهي تارن مان ڦيٽا ٺاهي بابا سائين جي وڏي موٽر سائيڪل جا پراڻا ٽائر مٿي ماڙي واري ڪمري مان لاهي ڦيرائيندو ٿي رهيس، هڪ جيڏن سان رانديون، رولاڪيون، رنج رساما، مار ڪٽ، جهيڙا، گاريون ڏيندو، ٻڌندو، سهندو ٿي رهيس، ڳوٺن ۾ کيڏيون ويندڙ سڀئي رانديون ۽ شرارتون  ڪندو ٿي رهيس. 


هڪڙي ڏينهن ڀر واري ڳوٺ گ پ اسڪول حافظ سيمان خان ڏھر ۾  پنجون  درجو پڙھندڙ ماسات سان گڏجي وڃي  ڪلاس جي بينچ تي ويٺس. استاد عبدالجبار خان ڏھر سهڻو سيبتو، قداور بارعب شخصيت، ڪلاس کي پڙھائيندي پڙھائيندي ڪاوڙجي پيو هڪ ٻن ڇوڪرن کي ڪٽڪو ڏنائين، ڪن کي ڪُڪڙ بڻائي بيهاريائين. منهنجو اسڪول جو پهريون ڏينهن، ڇوڪرن کي هيڏو ڪٽڪو ڏسي ڊڄي ويس، توڙي جو سائين مون کي هٿ ڪونه لاتو هو ۽ پيار سان ڳالهائي پيو پر پوء به پاڻ سندس ڪلاس کان اهڙو اچي خوفزده ٿيس جو ٻي ڏينهن وري ساڳئي اسڪول جو منهن به ڪونه ڏٺم. سچ چوندا آھن جتي عزت نه هجي اتي وڃڻ ئي بيڪار!

هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا ساڳيا ئي پرڪار، يعني اهي لاٽون اهي چُگھ، ساڳيون حرڪتون، گليل، چدا، ڦيٿا، اٽي ڏڪر، صبح منجهند  سانجهي هل پنهل!

 هڪڙي ڏينهن وري بابا سائين ٻانهن کان وٺي گهلي جي ٽي  روڊ جي ڀرسان قائم  گ پرائمري مڊل اسڪول گل محمد ملڪ ۾ پنهنجي شاگرد استاد محمد رمضان ملڪ جي هٿ ۾ وڃي ڏنو. سائينء ڏاڍو پيار ڪيو، نالو داخل ٿي ويو. الائي استاد جو پيار الائي روڊ تان گذرندڙ ٽرڪون، بسون، ڪارون يا وري ٽانگا ڏسي خوش ٿيس، اسڪول وڻي ويو. ٻي ڏينهن وري ڪچي پهرين جو ڪتاب، سليٽ ڪڇ ۾ کڻي وقت تي اسڪول وڃي پهتس. پوري وقت تي اسيمبلي ٿي، سڀ ٻار قطارون ٺاهي بيٺا، سامهون پاڪستان جي سائي اڇي چنڊ تاري واري جهنڊي هيٺان استاد به هڪ ٻئي جي ڀر ۾ صف ٻڌي بيٺا، قومي تراني کان پوء استاد محمد رمضان ملڪ صاحب ننڍڙي تقرير ڪندي ٻڌايو ته؛ “ٻارو اڄ ۱۴ اگسٽ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو ڏينهن آھي، هن ڏينهن تي اسان قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ آزادي حاصل ڪئي هئي؛ “هڪ استاد پاڪستان زنده آباد جو زوردار نعرو هنيو ۽ هيڏانهن سڀني شاگردن به گڏيل آواز ۾ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. بعد ۾ ٽڙي پکڙي اسڪول جي ميدان ۾ گهمندا ڦرندا کيڏندا زنده باد زنده باد ڪندا سوير موڪل ڪري گهر روانا ٿياسين.

استاد محمد رمضان ملڪ صاحب اھڙو پيار ڏنم جو پهرين کان اٺين درجي تائين گ پرائمري مڊل اسڪول گل محمد ملڪ  مان اڪثر ڪري ڪلاس مانيٽر طور پاس ڪيم. پهرين درجي جو ڪلاس ٽيچر استاد امداد علي کوکر صاحب، ٻئين درجي جو استاد عبدالرؤف اعواڻ، ٽئين درجي جو استاد مولا بخش ڪلهوڙو، چوٿين پنجي درجي جو استاد سيد گلاب شاه صاحب ۽ استاد محمد رمضان ملڪ صاحب ڏاڍي پيار توجه ۽ ڌيان سان پڙھايو.

ڇهين ستين اٺين تائين وري استاد غوث ڏنو صاحب ۽ استاد شوڪت علي ڪورائي صاحب ۽ ڪن ٻين استادن ڏاڍي محنت ۽ لگن سان پڙھايو.

استاد محمد رمضان ملڪ صاحب پهرين ڪنهن اسڪول ۾ پٽيوالو هو بعد ۾ ڪنهن آفيسر سندس هوشياري ۽ تعليم سان چاھ ڏسي ماستري جو آرڊر ڏنس، پاڻ توڙي جو گهڻو ڊگري يافته ڪونه هو شايد فائنل پاس هو پر ڏاڍو هوشيار، پڙھائي جو بهترين هنرمند، نائب استادن کان ڇڪي ڪم وٺندڙ ھو.

 ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ اڄ واري انهيءَ منحوس اصطلاح ”گوسڙو ماستر“ جو نالو نشان به ڪونه هو. ان وقت جيڪي به ماستر ڏٺاسين اهي سڀ مڪمل “استاد“ هئا.

استاد محمد رمضان ملڪ، پڙھائي جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت، باقي ٻي هر طرح دلچسپ شخصيت جو مالڪ، زنده دل، کل مذاق، رهلي وارو ماڻھو هو.

جڏھن ڪاوڙ ۾ هوندو هو ته گارين جا ڌوڙيا لائي ڏيندو هو، خاص ڪري گهامي ملڪن تي اها نوازش جام ٿيندي هئي. جڏھن ڪنهن ڳالھ تي خوش ٿيندو هو ته پوء پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾  چوندو هو؛ “واھ چنڊي! اسين ان هڪڙي لفظ ٻڌڻ لاء سڪندا هئاسين.“

بهادر، دلير، بي خوف، سچو، کرو، منهن تي چئي ڏيڻ وارو ماڻھو  هو. هيڪر گڏ پڙھندڙ دلدار شر جيڪو آڌي بنگلي کان بس تي ايندو هو، ڪلينر ساڻس عشقي مشقي ڪرڻ چاهي، دلدار شر اچي استاد سائينءَ کي دانهن ڏني. ٻي ڏينهن صبح سان دلدار شر ساڳي بس مان لهي اڳ ۾  تيار استادن کي جيئن ڪلينر ڏي اشارو ڪيو ته وٺ وٺ ٿي وئي، استاد محمد رمضان ملڪ جي حڪم سان ڊرائيور، ڪلينر ته ڪٽجي سٽجي ويا پر ويچاري بس جا به شيشا پرزا پرزا ٿي ويا.

ٻي ڀيري ڪنهن اٺ گاڏي واري ڪنهن سهڻي ڇوڪري جي ڳلن تي هٿ ڦيريو، وٺ وٺان ٿي وئي، اُٺ جيڏو گاڏي وارو دسجي ويو، استاد محمد رمضان ملڪ جي هڪل مٿي هڪل هجي؛ “ڇورو! هڻوس پادر، منهنجي شاگردن سان ٿو کيچلون ڪري.”

 هڪڙي ڏينهن هڪڙي نئين آيل استاد سائين ٻن چئن ڇوڪرن کي ڪڇي مار ڏني، استاد محمد رمضان صاحب کي خبر لڳي وئي، استاد سائين کان پڇيائين؛ “ابا! ڇوڪرن سان ڇو وڙھيو آھين?”

 استاد سائين چوڻ لڳو؛ “سائين ڇوڪرن کي کوڙا به ياد ڪونه آھن،، ،، ، “

 استاد محمد رمضان ملڪ صاحب چيس؛ “پهرين تون مون کي ٻه جو کوڙو ته ٻڌائي “

 قدرت خدا جي نئي استاد سائينء کي به ٻه جو کوڙو پڙھڻ ڪونه آيو.  استاد محمد رمضان ملڪ چيس؛ “پهرين تون پاڻ ڏهين تائين کوڙا ياد ڪر پوء ڇوڪرا ٻڌائيندا ايستائين متان ڇوڪرن کي هٿ لاتو ٿئي!'

اسان جي کوڙن ياد ڪرڻ مان جند آجي ٿي، ڪجھ ڏينهن بعد اهو نئون استاد صاحب صبح جو اچڻ سان چوڻ لڳو؛ “سائين هڻ مين ڏڪي دا کوڙا ياد ڪر آيان!”

 استاد محمد رمضان ملڪ خوش ٿي پنهنجي مخصوص ٻوليء ۾ چوڻ لڳو؛ “ واه چنڊي!؛ “

ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي جريب کن ذاتي ٻنيء تي سڀني ڇوڪرن کي وٺي ويندو هو پاڻ به هر لڳل ٻنيء مان گند گاھ ميڙيندو هو ته اسان کي به چوندو هو؛ “شروع ٿي وڃو منهنجا ٻچڙا شاباس!”

 جڏھن ٻارو زمين جو صاف ٿي وڃي ته پوء چئي؛ “واھ چنڊي! هاڻي هلو پنهنجي پنهنجي گهر ڀڄو.”

مينهن برسات ۾ اسڪول جي ڪچن ڪمرن جي ڇت ٽمي پئي سڀ وڏا وڏا ڇوڪرا سڏجي اچن، گارو ٺهي وڃي ليپو شروع ٿي وڃي يا تلائن، واهن مان پني ڪٽي ڇت رکجي وڃي. اڻھوند مان هوند بنائي اسڪول جي مرمت سان گڏ شاگردن لاء ڇانو ڇپر اڏجي وڃي.

گ پرائمري مڊل اسڪول گل محمد ملڪ جي ويجهڙائي وارن پنجن اٺن ڳوٺن جي گه گهر ۾ جيڪي علم جون شمعون ٻرندڙ آھن انهن ۾ تيل استاد محمد رمضان ملڪ صاحب جي محنت جو پيل آھي ۽ انشاءَالله اهي شمائون وسامڻ جون به ڪونه آھن ڇو ته استاد  محمد رمضان ملڪ صاحب جا شاگرد مختلف نوڪرين کان سواءِ ججهي تعدا ۾ استادي پيشي سان وابسته آھن ۽ وڏي ڳالھ اها آھي جو سندس سڀ جا سڀ شاگرد محترم  استاد صاحب جي نقش قدم تي هلندي ماشاء الله مڪمل استاد آھن.

پورو قد، مناسب باڊي، گهڻو سانورو رنگ، ڪلين شيو، وڏڙيون مڇون، شلوار قميص، مٿي تي سنڌي ٽوپي پيرن ۾ بوٽ گهر کان اسڪول تائين پنڌ ايندو هو. واپسي تي پاڻ اڳيان اسان شاگردن جي قطار پٺيان. يا وري اتان ئي ٽانگي تي چڙھي سائين عبدالفتاح صاحب جي ڏھرڪي شھر واري بيٺڪ تي هليو ويندو هو. 

استاد محمد رمضان ملڪ ولد مظهر علي ملڪ جو جنم ۰۱.۰۳.۱۹۴۸ تي ڳوٺ سائينڏنو ملڪ تعلقه ڏھرڪيء ۾ ٿيو. تعليم کاتي ۾ پٽيوالي مان ماستري ۾ مقرري ۰۴.۱۰.۱۹۷۴ ٿيس. ريٽائرمنٽ کان ڪجھ سال بعد سن ۱۵.۴.۲۰۰۴ تي وفات ڪيائين. الله پاڪ جون مٿس ڪروڙين رحمتون هجن!


No comments:

راءِ ڏيندا