; سنڌي شخصيتون: حاجي انور علي کوکر

31 July, 2021

حاجي انور علي کوکر

حاجي انور علي کوکر

املهه انسان: - سلسلو ۳۹ هون

حفيظ چانڊيو



انسانيت جي پت رکندي سندس وار هاڻي چاندي ٿي چڪا آهن، سندس منهن تي گهڻا گهنج پئجي ويا آهن، پر هن گم ٿي ويل معصومن کي سندن والدين تائين پهچائڻ وارو قومي خدمت وارو ڪم ناهي ڇڏيو. لاڙڪاڻي ضلعي جي ان عظيم انساني خدمتگار کي اسان لاڙڪاڻي جي ايڌي طور سڃاڻندا آهيون.


حاجي علي انور کوکر کي هر ڪو سندس ڀلائي واري هن عظمت ڀرئي پورهئي جي ڪري عزت جي نگاه سان پيو ڏسندو آهي.

سائيڪل ڪرائي جي کڻي ان ۾ ڪرائي تي کنيل لائوڊ اسپيڪر تي گم ٿي ويل ٻارن لاءِ ايستائين پڙها ڏيندو آهي، جيستائين هن کي معصوم جا والدين نه ملن.

ليبر نظاماڻي هال جي آمهون سامهون اولاهين طرف سنهڙي گهٽي جي شروعات ۾ ئي سڄي هٿ تي هن جي سيلون وارو دوڪان آهي. جيڪو هڪ دوڪان نه پر سماجي ڀلائي وارو ادارو آهي.

لاڙڪاڻي شهر ڪيترائي انمول انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي پنهنجي فيلڊن ۾ نه صرف شهرت ماڻي آهي، پر سماج اندر مثالي بڻجي، ايندڙ نسلن لاءِ اتساهڪ بڻيا. اهڙن اتساهڪ ۽ تاريخي ڪردارن منجهاران حاجي انور علي کوکر پڻ هڪ آهي، جنهن سرديءَ گرميءَ جي پرواه ڪرڻ بغير يتيمن، اکين کان وڏن، گونگن، معذورن ۽ بي سهارا معصوم ٻارڙن کي هڪ محفوظ پناهگاهه مهيا ڪئي، سندن کاڌي پيتي جو به بندوبست ڪيائين.

انور علي کوکر سماجي خدمتن جي حوالي نهايت معتبر نالو آهي، جنهن جي حوالي کان بغير لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ اڌوري لڳندي.

هُن ۱۹۴۲ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس والدين مسڪين ۽ سچا ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن سادگيءَ سان رهڻ کي اوليت ڏني، هنن سادو کائڻ ۽ پائڻ کي ترجيح ڏني، هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ انسانيت سان پيار ڪيو.

حاجي انور علي کوکر جي مسلسل جدوجهد هن کي دنياداريءَ کان بنهه پري رکيو. هن کي انساني خدمت سبب هر ڪوئي ڀائيندو آهي، سندس ڳالهه کي اهميت ڏني ويندي آهي. خدمتِ معصومين سندس فلاحي اداري جو نالو آهي، جنهن وسيلي هو گذريل ڪيترن سالن کان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پاڻ ملهائيندو رهي ٿو. مٿس ڪيترائي الزام لڳا، پر انهن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو هئائين، ڪڏهن بي بنياد الزامن جي بار کي دل جو سور نه سمجهائي، پر سڀني الزامن کي انساني ڀلائيءَ جي ڀري ۾ ڳنڍ ٻڌي اهڙو سوگھو ڪيو هئائين جو مٿس طنزيه جملا اڇلائيندڙ سندس عظمت جا گيت ڳائڻ تي مجبور ٿيا.

انور علي کوکر صاحب ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ سرڪاري اسڪول مان پرائي، جيڪو هينئر لاهوري محلي ۾ واقع آهي.

هو هڪ غربت خاندان جو فرد هو، جنهن جا هڙئي درد دوست بڻجي هن کي ڪجهه منفرد ڪري ڏيکارڻ لئي اتساهيندا پئي رهيا.

زندگيءَ جي گاڏي کي گيڙڻ لاءِ هن سيلون کولي ته جيئن معاشي طور پاڻڀرو رهي، خاندان جي ڪفالت ڪري سگهي.

علي انور کوکر سيلون واري ڪم سان گڏ بي سهارن ۽ يتيم ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ رهايو، منجهن احساس پيدا ڪيو ته هو لاوارث ڪونهن، گهر ۾ جڳهه وڌيڪ نه هجڻ سبب هن انهن ٻارن کي قائم شاهه بخاري جي درگاھ تي رهائڻ شروع ڪيو.

اهو شايد مشرف جي آمريت وارو زمانو هو، جڏهن هن جي انساني خدمت واري سچائيءَ کي پسي ان وقت جي ڊي سي او محمد عارف کيس ۴۰۰۰ فٽ زمين الاٽ ڪري ڏني جتي هن مردِ مجاهد لڳ ڀڳ ۱۰ڪمرا ٺهرائي باضابطا پنهنجي هڪ ٽرسٽ کولي.

هن ان اداري کي ”خدمت معصوم ويلفيئر سينٽر“ جو نالو ڏئي ڀلائي واري ڪم ۾ الله تو آهر شروع ڪئي.علي انور کوکر جو ۴ هزار فوٽن تي آڌاريل اهو محظ سينٽر ئي نه هو پر بي سھارن، يتيمن، ٻوڙن، معذورن ۽ بيواهن عورتن جي لاءِ محفوظ پناهه گاه پڻ ھئي، جتي کين ڪڏهن به ڪوئي ڀئو محسوس نه ٿيو هو.

کيس سماجي خدمتن عيوض ۲۳ مارچ ۲۰۰۳ع تي ”هلالِ امتياز“ جي اعزاز سان پڻ نوازيو ويو.

علي انور لکين ماڻهن ۾ هڪ انوکو انسان آهي، اسڪول جي موڪل جي وقت سندس اها ڪرت سالن کان وٺي جاري رهي آهي ته هو شاگردن ۽ شاگردياڻين کي موڪل وقت سندن حفاظت ڪندو آهي، هنن کي روڊ ڪراس ڪرائيندو آهي. هو اهو ساڳيو ڪم هن عمر ۾ ڀي ڪندو رهي ٿو.

هن جي خدمت وارو جذبو مذهبي مت ڀيد کان الاهي مٿانهون رهيو آهي. هو جيڪو ڪجهه ڪندو رهيو آهي، اهو خدا تعالي جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو، ڪنهن کي وڻائڻ سندس وڙ ئي ناهي رهيو.

No comments:

راءِ ڏيندا