; سنڌي شخصيتون: فقير ڪيھر لنجواڻي - فقير حاجن نظاماڻي

31 July, 2021

فقير ڪيھر لنجواڻي - فقير حاجن نظاماڻي

فقير ڪيھر لنجواڻي

لطيف سائينءَ جو راڳائي

فقير حاجن نظاماڻي



لطيف سائينءَ جي فقيرن بابت پاڻ اڳ به ڳالھ ڪئي آھي ته، سائين جي فقيرن پنھنجي حياتين جا نذرانا ڏيئي مرشد لطيف سائينءَ کي عقيدتن جي ڀيٽا ڏني آھي. لالچ کان بغير فقيرن پنھنجي پاڻ کي، مرشد جي حوالي ڪيو. اھڙن فقيرن مان فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻي به ھڪ ھو. فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻيءَ جو اصل ڳوٺ چٽوڙي لڳ سکر بئراج هو. چون ٿا ته فقير ڪيھر جا وڏڙا ٻئي طريقي جا مريد ھئا، پر فقير ڪيھر جي درگاھ تي اچڻ کان کانپوءِ سڀ لنجواڻي لطيفي طريقي جا مريد ٿي ويا. فقير چون ٿا ته ھڪ ڏينھن فقير مراد ٻگھيو، جيڪو جمع جي رات جو اڳواڻ راڳائي فقير ھو، اُھو ڪيھر جي ڳوٺ جي ڀر مان گذريو ته اُتي ھڪ نوجوان، پيهيءَ تي ٻاجھريءَ جي جھار ھڪلي رھيو ھو. ان جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل ھو، ڪافي دير تائين فقير مراد ٻگھيو ويھي غور سان آواز ٻڌو. چون ٿا ته جوھرين کي ھيرن جي سڃاڻپ ھوندي آھي. اھڙيءَ ريت فقير مراد ھن ھيري کي ڳولي لڌو. پوءِ ان نوجوان وٽ ويو، نالو پڇا ڪيائين ته جواب ڏنو منھنجو نالو ڪيھر آھي. دودي (ميرجت) لنجواڻيءَ جو پٽ آھيان. چون ٿا ته ھي ڪيھر فقير جي خاندان وارا اُٺن جو ڪم يعني مزدوري ڪندا ھئا، انڪر ي جت ڪوٺيا ويندا ھئا. باقي ذات سندن لنجواڻي ھئي. فقير ڪيھر جي پراڻي قطبي تي ميرجت لکيل آھي، پر ان ڳالھ جي پروڙ تحقيقدان ڪندا ته فقير ڪيھر ذات جي ڪير ھئا. پر فقيرن جي ڪھڙي ذات، جي آيا سي اگھيا واري ڳالھ آھي. فقير مراد ٻگھيو پنھنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ چيو ته ابا لطيف سائينءَ جو راڳ اوھان سکندؤ؟ تنھن تي چيائين بابا موڪل ڏئي ته آئون لطيفي راڳ ضرور سکندس. فقير مراد، فقير ڪيھر جي والد دودي (ميرجت) لنجواڻيءَ وٽ ويو. فقير چون ٿا، اُٺ چاري رھيو ھو، پوءِ اجازت ته ڏني، فقير مراد ٻگھي جي صحبت ۾ اچي، فقير ڪيھر راڳ سکڻ لڳو. فاصلو ڪافي ھو، ان ڪري چٽوڙي مان فقير ڪيھر لڏي اچي ڀٽ شاھ کان اولھ طرف ويجھو ٿي ويٺو. فقير ڪيھر مالوند ماڻھو ھو، ھارپي تي زمين ڪاھڻ لڳو، جتي سندس پاڻيءَ جو نار ھو، جنھن ۾ اُٺ وھندو ھو، ان مان زمين جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ٿيندي ھئي. سارنگ واھ جي ڪپ تي سندن ڳوٺ ٻڌو، جيڪو ھاڻي فقير ڪيھر لنجواڻيءَ جي نالي سان آباد آھي. فقير غلام حيدر نظاماڻي چوندو ھو ته سندس والد حاجي شير محمد نظاماڻي فقير ڪيھر لنجواڻي کي ڍڳن جي وانگار ڏيئي ٻني کيڙائڻ ۾ پڻ مدد ڪندو ھو. ھڪ قصو مختصر مشھور آھي ته ھڪ ڏينھن جھنڊو فقير چانڊيو، فقير ڪيھر ٻاجھري جي جھار رات جو ھڪلي رھيو ھو، ماڻھن چيو ته فقير رات جو پکي ڪونه آھن، چئين فقير جي ٻاجھري جھار ماڪڙ جي ھڪلي رھيو آھيان. چون ٿا ته ماڪڙ جا ڪٽڪ ٻئي ڏينھن اچي ويا. فقير ڪيھر جي ٻاجھري جي ھڪ سنگ کي به ڪجھ ڪونه ٿيو، ٻين جي ٻاجھرين کي ماڪڙ کائي چٽ ڪيو. فقير جھنڊي چانڊيي جي مزار خدا آباد ۾ آھي. چون ٿا ته وڏي پھتل بزرگ ھستي ھئا؛


جيئن سي کوھيءَ نار، وھن واريءَ گاڏئان،

ھينئڙو پريان ڌار، نبيريان نه نبري.

فقير چون ٿا ته، فقير ڪيھر ظاھري غربت واري زندگي گذاريندو ھو، پر فقر جي مقام ۾ تمام گھڻو امير ھو. خوش لباس ھئا، ڪاري کٿي پائيندا ھئا. ڪاري کٿي وارا پن سڏبا ھئا. شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري درگاھ تي پيرين پيادا پنڌ راڳ ڳائڻ ويندا ھئا. ھڪ ڳالھ فقير ڪيھر جي مشھور آھي ته فقير ڪيھر جي نار تي فقير مراد ٻگھيو سندس استاد روزانو راڳ سيکارڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ ايندو ھو، ھڪ ڏينھن ڪچھري ڪندي شام ٿي ويئي، فقير مراد، ڪيھر سان ڪچھري ڪري رھيو ھو، موڪلائڻ مھل، فقير مراد گھوڙيءَ تي سوار ھو، حقو پي رھيو ھو، حقو ڪيھر فقير جي ھٿ ۾ ھو، فقير مراد وٽ حقي جو نَڙَ ھو، ان مان سوٽا ڀري رھيو ھو ۽ فقير مراد کي ننڊ اچي ويئي ۽ گھوڙي ھلڻ شروع ڪيو. ننڊ واري خيال ۾ فقير مراد جي ھٿ ۾ حقي جو نَڙَ ھٿ ۾ قابو ورتل ھو. فقير ڪيھر پنھنجي استاد جي احترام ۾ گھوڙي سان گڏ ھلڻ شروع ڪيو، وڃي ڀٽ شاھ جي ويجھو پھتا. ننڍي ڪنڊي جي وڻ جي ڪنڊن ۾ جنھن کي (ڇاپري ڪنڊي) به چوندا آھن، فقير ڪيھر جا ڪپڙا ڦاسي پيا، سرڙاٽ جو آواز ٿيو، فقير مراد ننڊ مان بيدار ٿي ويو. فقير مراد حيران ٿي ويو ۽ چئين ته تون يڪو پنڌ پيو اچين؟ فقير ادب مان چيو ته استاد سائين اوھان جي ھٿ ۾ حقي جو نَڙَ ھو، اوھان کي ننڊ مان اٿارڻ مناسب نه سمجھيم، ان ڪري اوھان جي گھوڙيءَ سان مسلسل گڏ پنڌ ھلندو رھيس. فقير ڪيھر تي، فقير مراد کي تمام گھڻو فخر ٿيو، ايترو لائق شاگرد جيڪو منھنجي ننڊ جي ڪري، سفر ڪندو رھيو. فقير چون ٿا ته فقر جي راھ ۾ ادب جو تمام گھڻو ڪم آھي. جيئن لطيف سائينءَ جن فرمايو آھي ته؛

آديسين ادب، آھي اکڙين ۾،

تن جو حَسَبُ نسب ناھ ڪي، نه آبا نه اَبُ،

سامين کي سڀين پرئين، روح ۾ رھيو ربُ،

ريءَ لانگوٽي لبُ، پاڇي کڻن نه پاڻ سين.

فقير چون ٿا ته ڪجھ عرصي گذرڻ کان پوءِ فقير مراد، فقير تمر سائينءَ وارو دنبورو کنيو، فقير ڪيھر فقير روئڻ لڳو، ان دنبوري جي لاءِ روايت ھئي ته اڳواڻ کنيو ته ٻارھن مهينا ۽ پاسڙيي راڳائي کنيو ته ڇھه مھينا زندھ رھي سگھندو ھو. ان ۾ ڪھڙو راز ھو، ان کي ته رب سائين ڄاڻي، باقي اھا چوڻي مشھور ھئي. زارو قطار فقير ڪيھر کي روئندو ڏسي فقير مراد دلاسا ڏيڻ لڳو، ٻارھن مھينا مس گذريا ته فقير مراد جمعي جي رات، درگاھ تي راڳ جي شروعات ساڻ ئي سُر ديسيءَ جي تند وڄائڻ شروع ڪئي. سڀئي فقير حيران ٿي ويا پر اڳواڻ فقير کان ڪير پڇي ته ھُو ڇا ڪري رھيو آھي؟ فقير ڪيھر کي سڀني راڳاين چيو ته استاد مراد اڄ، سُرڪلياڻ جي بدران ديسي ڇو وڄائي رھيو آھي؟ چون ٿا ته فقير ڪيھر استاد مراد کان احترام واري لھجي ۾ پڇا ڪئي ته اُستاد، سُر ديسي وڄائي رھيا آھيو؟ جوابن فقير مراد وراڻيو، اڄ اسين پاڻ پرديسي آھيون، سُر ديسي جي تند وڄائي جَھڙَ جي تند وڄائي، سُر جو سڏ وجھي، بيت پڙھيو، جنھن ۾ فقير ڪيھر کي دعا ڪئي ھيائون، فقير مراد جيڪو سرديسي جو بيت چيو، اُھو ھي آھي.

جَتا شال جيو، جيو ٿا جاڙون ڪريو،

ٻانڀِڻ کي ٻروچ ريءَ، ٻيلي ناھ ٻيو،

پنھون منھنجو پاڻ سين، ناحق ٿا نيو،

ڇنڻ تان نه پيو، ھيءُ سنڱ نه ڇنڻ جھڙو.

فقير مراد ٻگھيي بيت پورو ڪري ھُونگارو ڪيو ته ھيٺ اَھلڻ لڳو. فقير ڪيھر استاد فقير مراد کي پنھنجي ھنجھه ۾ سمھاريو، فقير مراد پٺي تي ھٿ ھڻي، چيو ته اڳ تون ڪيھر (ميرجت) ھئين، ھاڻي تون راڳ ۾ ڪيھر شينھن آھين. فقير دعا ڪري، پيڙھي تي درگاھ لطيف سائينءَ جي سامھون دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

ڪيھر قصد ڪباب سين، مڇي مُور نه کاءِ.

فقير چون ٿا ته فقير مراد جو لاڏاڻو ڏسي سڀ فقير حيران ٿي ويا. فقيرن ۾ روايت ۽ عقيدت آھي ته پنھنجي زندگيءَ جي آخري جڳھه پيڙھي تي موت گُھرن ٿا. ڪجھ ٻين فقيرن جو لاڏاڻو پيڙھي تي ٿيو آھي پر فقير مراد جو واقعو ڪا عام ڳالھ ناھي. فقير چون ٿا ته، فقير ڪيھر پنھنجي استاد سان وفا جا سڀ تقاضا پورا ڪيا. نامور فقير ڪيھر جڏھن جمع جي رات راڳ ڳائيندو ھو ته ڀٽ شاھ جو ان وقت ھڪ ڳوٺ ھو، جنھن جا ماڻھو سمھي ڪين سگھندا ھئا، ڪيھر شينھن جيان گجگوڙ سان آواز فقير ڪيھر جو نڪرندو ھو. فقير جي راڳ جو آلاپ من موھيندڙ ھوندو ھو. فقير ڪيھر جا ڪيترائي قصا درگاھ لطيف بابت مشھور آھن، پر قصو جيڪو تمام گھڻو مقبول آھي ته ھڪ رات جڏھن فقير ڪيھر صبح جي وقت سُر مارئي آلاپي وائي ڪيائين جيڪا سُر جي اختتام جي علامت آھي، پر فقير چون ٿا ته وري فقير ڪيھر سُر مارئي جي تند وڄائي، وري سُر مارئي ڳائڻ لڳا فقير سڀ ششدر ٿي ويا ته ھي ڇا ٿي ويو. وري فقير ڪيھر سُر مارئي ڇو ڳائي رھيو آھي. فقير اڳواڻ فقير کان ڪير به پاسڙيو فقير سوال نه ڪري سگھندو ھو، ان ڪري ڪنھن کي به سوال ڪرڻ جي مجال نه ٿي. سُر مارئي کان پوءِ دعا گُھربي آھي، فقير ٻيھر سُر مارئي ڳائي دعا گُھري وڏي اوطاق تي پھتا ته اُتي سندس شاگرد فقير ابراھيم خاصخيلي جنھن کي گھڻو پيار ڪندا ھئا، ان پڇيو ته استاد اوھان سُر مارئي وري ٻيھر ڇو ڪيو؟ جڏھن ته لطيفي راڳ جي تقاضا آھي ته راڳ جو ڳايل سُر ٻيھر نه آلاپيو ويندو آھي. فقير ڪيھر جوابن وراڻيو ته ابراھيم مرشد سائينءَ چيو ته ڪيھر مھمان آيل آھن وري سر مارئي ٻڌاءِ، پوءِ ان ڪري سر مارئي ٻيھر ڳايو ھو. فقيرن جون ڳالهيون فقير سڃاڻن. فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻي جو دور ۱۳۰۴ ھ کان ۱۳۳۴ھ وارو دور آھي، پر ڪن ڪتابن ۾ وري فقير جي دورن تي مختلف رايا آھن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا