; سنڌي شخصيتون: فقير ڪيھر لنجواڻي، لطيف سائين، راڳائي، فقير حاجن نظاماڻي،
Showing posts with label فقير ڪيھر لنجواڻي، لطيف سائين، راڳائي، فقير حاجن نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label فقير ڪيھر لنجواڻي، لطيف سائين، راڳائي، فقير حاجن نظاماڻي،. Show all posts

31 July, 2021

فقير ڪيھر لنجواڻي - فقير حاجن نظاماڻي

فقير ڪيھر لنجواڻي

لطيف سائينءَ جو راڳائي

فقير حاجن نظاماڻي



لطيف سائينءَ جي فقيرن بابت پاڻ اڳ به ڳالھ ڪئي آھي ته، سائين جي فقيرن پنھنجي حياتين جا نذرانا ڏيئي مرشد لطيف سائينءَ کي عقيدتن جي ڀيٽا ڏني آھي. لالچ کان بغير فقيرن پنھنجي پاڻ کي، مرشد جي حوالي ڪيو. اھڙن فقيرن مان فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻي به ھڪ ھو. فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻيءَ جو اصل ڳوٺ چٽوڙي لڳ سکر بئراج هو. چون ٿا ته فقير ڪيھر جا وڏڙا ٻئي طريقي جا مريد ھئا، پر فقير ڪيھر جي درگاھ تي اچڻ کان کانپوءِ سڀ لنجواڻي لطيفي طريقي جا مريد ٿي ويا. فقير چون ٿا ته ھڪ ڏينھن فقير مراد ٻگھيو، جيڪو جمع جي رات جو اڳواڻ راڳائي فقير ھو، اُھو ڪيھر جي ڳوٺ جي ڀر مان گذريو ته اُتي ھڪ نوجوان، پيهيءَ تي ٻاجھريءَ جي جھار ھڪلي رھيو ھو. ان جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل ھو، ڪافي دير تائين فقير مراد ٻگھيو ويھي غور سان آواز ٻڌو. چون ٿا ته جوھرين کي ھيرن جي سڃاڻپ ھوندي آھي. اھڙيءَ ريت فقير مراد ھن ھيري کي ڳولي لڌو. پوءِ ان نوجوان وٽ ويو، نالو پڇا ڪيائين ته جواب ڏنو منھنجو نالو ڪيھر آھي. دودي (ميرجت) لنجواڻيءَ جو پٽ آھيان. چون ٿا ته ھي ڪيھر فقير جي خاندان وارا اُٺن جو ڪم يعني مزدوري ڪندا ھئا، انڪر ي جت ڪوٺيا ويندا ھئا. باقي ذات سندن لنجواڻي ھئي. فقير ڪيھر جي پراڻي قطبي تي ميرجت لکيل آھي، پر ان ڳالھ جي پروڙ تحقيقدان ڪندا ته فقير ڪيھر ذات جي ڪير ھئا. پر فقيرن جي ڪھڙي ذات، جي آيا سي اگھيا واري ڳالھ آھي. فقير مراد ٻگھيو پنھنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ چيو ته ابا لطيف سائينءَ جو راڳ اوھان سکندؤ؟ تنھن تي چيائين بابا موڪل ڏئي ته آئون لطيفي راڳ ضرور سکندس. فقير مراد، فقير ڪيھر جي والد دودي (ميرجت) لنجواڻيءَ وٽ ويو. فقير چون ٿا، اُٺ چاري رھيو ھو، پوءِ اجازت ته ڏني، فقير مراد ٻگھي جي صحبت ۾ اچي، فقير ڪيھر راڳ سکڻ لڳو. فاصلو ڪافي ھو، ان ڪري چٽوڙي مان فقير ڪيھر لڏي اچي ڀٽ شاھ کان اولھ طرف ويجھو ٿي ويٺو. فقير ڪيھر مالوند ماڻھو ھو، ھارپي تي زمين ڪاھڻ لڳو، جتي سندس پاڻيءَ جو نار ھو، جنھن ۾ اُٺ وھندو ھو، ان مان زمين جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ٿيندي ھئي. سارنگ واھ جي ڪپ تي سندن ڳوٺ ٻڌو، جيڪو ھاڻي فقير ڪيھر لنجواڻيءَ جي نالي سان آباد آھي. فقير غلام حيدر نظاماڻي چوندو ھو ته سندس والد حاجي شير محمد نظاماڻي فقير ڪيھر لنجواڻي کي ڍڳن جي وانگار ڏيئي ٻني کيڙائڻ ۾ پڻ مدد ڪندو ھو. ھڪ قصو مختصر مشھور آھي ته ھڪ ڏينھن جھنڊو فقير چانڊيو، فقير ڪيھر ٻاجھري جي جھار رات جو ھڪلي رھيو ھو، ماڻھن چيو ته فقير رات جو پکي ڪونه آھن، چئين فقير جي ٻاجھري جھار ماڪڙ جي ھڪلي رھيو آھيان. چون ٿا ته ماڪڙ جا ڪٽڪ ٻئي ڏينھن اچي ويا. فقير ڪيھر جي ٻاجھري جي ھڪ سنگ کي به ڪجھ ڪونه ٿيو، ٻين جي ٻاجھرين کي ماڪڙ کائي چٽ ڪيو. فقير جھنڊي چانڊيي جي مزار خدا آباد ۾ آھي. چون ٿا ته وڏي پھتل بزرگ ھستي ھئا؛