ارشاد احمد شيخ آدرش
ارشاد احمد آدرش ڪير سڏائي!؟
زاھد علي ڀُٽو
لِکڻ! سو به دِل کي ڇُھندڙ لکڻيون
لِکڻ ڪنھن جھڙي تھڙي جي وس جي ڳالھ ئي ناھي، بالڪل ايئن ئي سنڌي ٻولي جو خوبصورت
قلمڪار، جيڪو ڪائنات ۾ خلقيل ھر شيءِ کي باريڪ بيني سان جانچي ٿو، غور ڪري ٿو،
پرکي ٿو، پنھنجي اندر جي اک سان مطالعو، مُشاھدو ڪري جيڪو به لکندو آھي ته سندس
لکيل لفظ لفظ پڙھندڙ جي دل جي پار پيھي ٿا وڃن.
شڪارپور جيڪو سنڌ جو پيرس سڏيو
ويندو ھو، جنھن کي علم ادب ۽ ڏات ڌڻين جو شھر چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.
شيخ اياز کان وٺي بيدل مسرور تائين، اعجاز منگي کان وٺي، اشفاق آذر تائين، توڙي
سجاد مھر، سليمان سومرو، زبير سومرو سينئير ۽ جونيئر جو تعلق به ھن ئي علمي ادبي
زرخيز شھر شڪارپور سان آھي ته بي لاڳ تجزيه ڪندڙ تجزيه نگار، ڪالم نگار عديل مھر
جو شھر به شڪارپور آھي. ائي... ھا... يار ڪالمن يا سوشل ميڊيا تي لکڻين ذريعي توڙي
ڪچھرين ۾ لفظن جي لٺين سان گھڻن جي لاک لاھيندڙ بھترين ڪالم نگار، ليکڪ سائين
ارشاد احمد شيخ عرف آدرش جيڪو بي زبان تصويرن کي زبان ڏيڻ جو ڏانء به خوب رکي ٿو، سو به ته شڪارپور جي سونھن آھي.!
انھي علمي ادبي زرخيز ۽ سنڌ جي
تاريخي سھڻي شھر شڪارپور کان سڪ منجھان ڪھي آيل سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ناميارن قلمڪارن،
مانائتي ادبي دوستن لفظن جي جادوگر۽ حاضر دماغي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ سائين ارشاد احمد
آدرش، غزل جو بھترين شاعر سجاد مھر،نثر جي خوبصورت نانءُ آزاد جوکيو، بھترين تجزيه
نگار، ڪالم نگار عديل مھر، پروفيسر سليمان سومرو جا ڪروڙين قرب جو پوئين سال ۲۰۲۰ع جي يارهين مهيني نومبر ۾ قرب جا قدم ڀري ڏھرڪي پھتا ۽ اسان ڏھرڪي جي
دوستن کي ملاقات ۽ ڪچھري جو شرف بخشيو.
سائين مفتون ڪورائي، فدا ملڪ، حقنواز
شيراز چانڊيو، محمد بخش ملزم سومرو، غفار سومرو، علي اڪبر سومرو، شاھنواز مسافر
پتافي سميت سڄي سنگت سان خوب ڀوڳ چرچن ۽ ٽھڪڙن ڀري ڪچھري نصيب ٿي.
توڙي جو آيل معزز مھمانن سان
زندگي ۾ پھريون ڀيرو ئي ملاقات ٿي پر ساڻن ڪچھري ڪندي ايئن لڳو ڄڻ ڪيئي سالن کان ھڪٻئي
سان سونھان ھجون، بنا جھجھڪ ڪچھري ڀوڳ چرچا،ٽھڪڙا وکيرجي پيا.
زماني جي ھڻ وٺ، تيز رفتار
زندگي ۾ اھڙن زنده دل، کلمک دوستن سان ملي سچ ۾ تازه توانا ٿي وياسين. ڄڻ پڃري ۾
قيد پکين کي آزاد فضا نصيب ٿي ھجي.
ھا.......... سائين ارشاد احمد شيخ
صاحب! جنھن کي پڙھندڙ سندس تخلص آدرش سان سڃاڻين ٿا، کيس پنھنجي آسپاس جي ماحول ۾
موجود شين جو ادراڪ، ۽ بھترين پرک آھي، مٿس ڪائنات جي ڏات ڌڻيء جو ڏاڍو راز آھي
جنھن کيس ڏات جي خزاني مان ڏات جا خرار ڀري تحفي ۾ عطا ڪيا آھن. جو ساڳيو ارشاد
شيخ صاحب عرف آدرش جنھنکي دنيا ھڪئي وقت زبردست خاڪا رائيٽر طور به سڃاڻي ٿي.
ھو جيڪو ڏات جي ڏيھ جو پنھنجي
جھان ۾ جيئندڙ منفرد قلم ڌڻي آھي، جيڪو سڀ کي ھڪ ئي نظر سان ڏسندو آھي يعني سندس
قلم جي نوڪ ھيٺان دوست يا دشمن جيڪو اچي ويو ته مِٺي ڇُريءَ سان رھڙجي ويندو. اھڙي
خوبي خاص ڪري سندس ڪالم سلسلي ”ڀتين جي وِٿين مان نڪتل پنا“ ۾ خوب ڏسڻ ۾ آئي آھي.
ھو پنھنجي ڪالم سلسلي، لکڻين ۾ سڌو يا اڻسڌو ٺوڪو ضرور ڏيندُس پوءِ جيڪو واري ۾
اچي ويُس، ته واھ جو ياد ڪندو.
اڙي...! ھا جائي ھڪ ڳالھ نه بلڪه
ٻه ڳالھيون ته منھنجي دماغ جي دٻلي مان ئي نڪري ويون جيڪي سندس ڳوٺائي ۽ نامور
صوفي، انقلابي ڳائڪ، شاعر، موسيقار سائين بيدِل مسرور بدوي صاحب ياد ڏياريون ته
شيخ ارشاد صاحب پنھنجي شيخ ذات واري مشھور پڪائي کان گھڻو، گھڻو پري آھي، سندس ان
شاھ خرچين جو مثال اھو ڏنو ٿو وڃي ته ھُو سگريٽ تمام گھڻا پيئندو آھي ۽ انگريزن
پاران سازش طور ڇڏيل چانھ سان به ڏاڍو چاھ اٿس. شايد ان ڳالھ ۾ سندس پختو ايمان
آھي ته چانھ ۽ چُمي جا انڪاري ڪافر آھن. جو ڏينھن ۾ ڪيئي ڀيرا چپن کي چانھ جو چسڪو
ضرور چکرائيندو.!
شيخ اياز جي خوبصورت شھر ۽ علمي
ادبي سياسي طور زرخيز شھر شڪارپور جو رھندڙ آدرش ڪرنٽ افيئرز يعني حالات حاضره کان
وٺي ملڪ جي سياسي صورتحال تي زبردست تجزياتي نگاھ رکي ٿو، ساڳي وقت سماج جي ڌڪاريل،
ڏکايل، ھيسيل حراسيل طبقن جو ترجمان بڻجي به لکي ٿو، ته پنھنجي سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتي
واسين جا درد پنھنجي لکڻين ذريعي دنيا آڏو رکي ٿو، ھو حُسن جو ديوانو به آھي جيڪو
پنھنجي لکڻين ۾ سونھن کي ساراھي ٿو، مظلوم ماڻھن تي ظلم خلاف للڪار بڻجي لکـــــي ٿو
ته ڪنھن دردمند جي دردن تي به سندس قلم ڀرجھلو ٿي بيھي ٿو. ھو شاعر به آھي ته ليکڪ
به آھي، ڪالمنگار به آھي ته تجزيه نگار به آھي.
رب پاڪ سندس ڏات ۾ ڏھوڻو اضافو ڪري
۽ سندس پڙھندڙ۽ پرستار سندس لکڻيون پڙھي سدائين وڌ کان وڌ پرائيندا رھن.
)زاھد علي ڀُٽو فيسبڪ وال تان ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)
آدرش
يگانو ليکڪ
مخمور رضا لاڙڪاڻو
روايتي لفظ “هيلو” چوڻ
بدران ڪال اٽينڊ ڪندي ئي پنهنجي مخصوص انداز ۾ چئي ڏيندو “مخمور رضا ميمڻ” اُن کان
پو هلڪا هلڪا ٽهڪَ فضا ۾ ايئن اُڏائيندو ڄڻ ڪوئي ڪبوترائي، هوا ۾ ڪبوتر اڏائيندو
هجي، هن يگاني ليکڪ جنهن جي ڇٺيءَ جو اسم ارشاد احمد شيخ آهي پر اسان سڀ کيس آدرش سان
ئي سڃاڻو ٿا ان آدرش جا ٽهڪَ بلڪل ڪبوتر جي اڏارن واري ڦڙ ڦڙ واري آواز جهڙا محسوس
ٿيندا آهن، آدرش جي چهري تي مرڪن جا ملاکڙا نظر ايندا آهن، آردش جا وڏا وڏا ٽهڪ
زندگيءَ ۾ کن پل لاءِ رونقن جا رنگ ڀري ڇڏيندا آهن، ۽ دل جا اُجڙيل کيت سرسبز ٿي
ويندا آهن، اهي ٽهڪَ اُتساھ بخشيندا آهن ساھ کڻڻ ۾ سڪون ارپيندا آهن، هن محبوب ليکڪ
جي ذاتي زندگيءَ ۾ يا سندس لکڻين ۾ ڪڏهن به مايوسيءَ يا اداسي جهڙي ڪا به ڳالھ
ڪَرُ کڻندي ناهي ڏٺي، بلڪ اهڙيون ته ڳالهيون ڳائيندو آهي جو کِلي کِلي پيٽ ۾ سور پئجي
ويندو آهي، ۽ اُهو پيٽ جو سور به ڪيڏو وڻندڙ هوندو آهي.
جنهن شهر جو آچار اسان
عزيزن، دل وارن کي کي خوشيءَ سان سوکڙي طور پيش ڪندا آهيون، ان شهر شڪارپور سان
تعلق رکندڙ هي يگانو شاعر، ليکڪ ڪتابن ۽ رسالن جو عاشق آهي، سندس ڪتابَ ئي چاهت
آهن، سندسَ ڪتابَ ئي بندگي، جهڙي خلوص ۽ محنت سان هڪ ليکڪ ڪتابَ لکندو آهي، آدرش پڻ
اهڙي دلچسپيءَ سان ڪتاب جو مطالعو ڪندو آهي.
آدرش مذاحيه انداز ۾
سنجيدگيءَ ڀريون ڳالهيون ڪندڙ وقت جو وتايو فقير لڳندو آهي، هن مذاحيه انداز رکندڙ
سنڌ جي ليکڪ جون لکڻيون وقت جون آرسيون آهن جن ۾ سماجي بڇڙائن جون صورتون پَسي سگهجن
ٿيون.
مون کي ذاتي طور
اهڙا ماڻهو متاثر ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا جيڪي ڪنهن جي به خوش آمد جا گيت ڳائڻ جا قائل
ناهن هوندا، جيڪي درٻاري ناهن هوندا، جيڪي ارڏائيءَ جي آڌار تي هميشه پنهنجي دل جي
پيچ پڪڙي اڳتي وڌندا رهندا آهن، انهن مان هڪ آردش پڻ آهي.
آردش جي هڪ ڳالھ
انمول لڳندي اٿم ۽ ڏاڍي پسند به آ، هن کي جيڪو ڪتاب يا رسالو پسند ايندو آهي ته شڪارپور
جي ڳلين ۾ کڻي گهمندو ڦرندو آهي جتي ڪو اديب نظر اچي ويس ته سلام ڪري کيس چوندو هي
ڪتاب وٺ ضرور پڙهجان، ۽ جن دوستن تائين پهچي ناهي سگهندو ته انهن کي ڪال ڪري ڪتاب
پڙهڻ جو مشوَرو ڏيندو آهي، آدرش جنهن انداز سان دوستن کي ڪتابُ پڙهڻ لاءِ پيش ڪندو
آهي يا مشوَرو ڏيندو آهي ته اڳلي جي دل هرڪي پوندي آهي ڪتابُ جو واس وٺڻ لاءِ، نه
ته اڪثر هتي هڪ ٻئي جي پيرن هيٺان ڌرتي کِسڪائڻ وارا موجود آهن. ٻين جي سٺي ڪم جي
ساراھ ڪرڻ ۽ ٻين کي اُتساھ جو نور ڏيندڙ ماڻهن جو هلڪو تمام ننڍڙو آهي.
آدرش نثري نظم جهڙي
سهڻي صنف جو هڪ سيبتو ڪوي آهي.
نثري نظم جو ڪتاب” بارش ۾ وسارڻ جهڙيون ڳالهيون”
پڙهبو ته اندازو ٿي ويندو ته آدرش وٽ ڪيترو نثري نظم جو فن موجود آهي. هن ڪتابَ ۾ ڪو
اهڙو نظم موجود ناهي جنهن کي پڙهجي ته مزو نه ڏي ته اڌ ۾ ڇڏي ورق اُٿلائي وري ٻيو
نظم اکين سامهون رکي پڙهڻ لڳجي، بلڪ سڀ اهڙا نظم شامل آهن جن کي جيترا ڀيرا پڙهبو
ايتري ئي تشنگي وڌندي رهندي.
هن ارڏي ڪويءَ جي نظمن
۾ احساسن جا اولڙا جرڪا ڏيندي ملن ٿا، هن جي نثري نظمن کي ڪوڙي واکاڻ جي مالها
پارائڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
اگر قدر واري نگاھ
کڻي هڪ ڀيرو نظمن تي ڌيان ڌبو ته نظم پاڻ ٻڌائيندا ته اسان جي رڳن ۾ ڪيترو شاعراڻو
فن ڀريل آهي، منهنجي مٿي ڪيل ڳالھ درست لڳندي اگر هن نظم تي نظر رکبي ته:
“فيصلو نه ٿو
ڪري سگهجي،
چشمي ڀرسان
هڪ ٽوڪريءَ ۾ سفيد
گل پيو آهي،
اُها ٽوڪري
چشمي ۾ تڙ ڪندڙ ڇوڪريءَ
جي آهي،
گهوڙي تي ويندڙ
مسافر،
فيصلو نه ٿو ڪري سگهي
ته،
گل ٽوڪريءَ ۾ آهي يا
چمشمي ۾؟”
هي روناموي نظم پڙهجي
ٿو ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ذهن جي پردي تي ڪا رومانوي مووي پروجيڪيٽر ذريعي پيش ٿي رهي
هجي، اُهي سڀ خيال، چشمو، گل، ٽوڪري، ڇوڪري گهوڙي سوار مسافر هي سڀ عڪس جرڪي پون
ٿا ۽ جيڪي روح کي ڪتڪتائي وجهن ٿا، پوءِ هلڪي گلابي لبن تي مسڪراهٽ ڦهلجي وڃي ٿي. ايتري
۾ بي ساخته دل جي زبان مان واه واه جا آواز گونجڻ لڳن ٿا.
آدرش جا نثري نظم
غربت ۽ مفلسيءَ جا پورٽريٽ آهن جن کي محسوس ڪرڻ سان گڏ ڇُهي به سگهجي ٿو، جن کي پڙهي
اندر ۾ ڳوڙها پڻ ڳاڙي سگهجن ٿا،
هن نظم ۾ غربت جو عڪس
هنياءُ ڏاري ڇڏي ٿو:
“اسان
رات جو
ائين سمهندا آهيون،
جيئن ماچيس ۾
تيليون پيون هونديون
آهن، ”
آدرش شين کي پرکي پيش
ڪرڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو،
هڪ هي نظم به واه واه
ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو:
“هن جي نيڻن ۾
ڏٺم سمنڊ ننڍڙو لڳو،
ماءُ کي گهر ۾ ڏٺم بشت
ننڍڙو لڳو،
محبوب کي جاءِ نماز
تي ڏٺم، خود خدا ننڍڙو لڳو. ”
آردش جيتري نثري نظم
۾ دسترس رکي ٿو ايتري ئي نثر ۾ پختگي پڻ رکي ٿو،
آدرش جي مضمونن جي
گهر جو بنياد سچ ۽ سچائيءَ تي رکيل آهي، هي هر ڪوڙي يا دوکي سان ڀريل ڳالھ جي مُنهن
تي سچائي جي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو، ڪنهن به راڪاس جو خوف سيني ۾ نه ٿو پالي، بلڪ ڪُڌي
بُلائن کي للڪارڻ عبادت سمجهي ٿو،
آدرش هڪ اصول پرست
انسان آهن هن انسان کان منافقت گهڻي دور رهندي آهي يا کڻي ايئن چوان ته هن کي منافقت
۽ منافقن کان سخت نفرت آهي.
تڏهن ته نام نهاد ماڻهو
ڪوڙ جي آڌار تي اڄ به آردش جي لکڻين جون راهون روڪڻ جي جستجو ڪندا رهن ٿا. اُهي
شايد بي خبر آهن ان ڳاله کان ته سچ پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي هلندو آهي، سچ جي هڪ واٽ
تي ڍينگهر يا ڪاوا وڇائبا ته سچ وري نئين راھ جوڙي منزل طرف وڌڻ لڳندو.
آدرش هڪ سٺو تنقيد نگار
به آهي. هي شڪارپور جو مست تنقيد ۾ ڪا رعايت ناهي رکندو جيڪا ڳالھ درست هوندي ان
کي گهمائي ڦيرائي چوڻ بدران چِٽي کِري ٻوليءَ ۾ چئي ڏيندو پويان اهو به نه سوچيندو
ته تعلقات تي ته خراب اثر نه پوندو يا دوستيءَ جي شيشي ۾ ڏار ته نه ايندو، بس اللّٰه
توهار ڪري ڏيندو آهي.
اچو ته هن وقت جي وتائي
جي تنزيه ۽ مذاحيه ڳالهين ۾ پنهنجي پرڪارن جون حقيقي صورتون پسيون ۽ جنهن انا جي
خول ۾ رهون ٿا ان مان ٻاهر نڪري اچون!
(ٻارھين جولاءِ ۲۰۲۰ع،
آچر تي ڪاوش سنڊي ميگ ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا