آهه! پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ جو لاڏاڻو
مٺل جسڪاڻي
ھر ماڻھو جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي،
پر ھر ماڻھو کي، ماڻھو پنھنجي ڄاڻ مطابق سڃاڻندا آھن. پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ
ھو ته سجاول (ھاڻوڪي ضلعي) لڳ ميرپور بٺوري جي ڀر واري دڙي شھر جو، جيڪو سنڌو ندي
جي کاٻي ڪپ تي آھي، پر اتان اسڪولي تعليم مڪمل ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج، جيڪو ھاڻ سنڌ
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام آھي، ان ۾ پڙھڻ، ان ۾ ئي استاد طور مقرر ٿيڻ ۽ مختلف
ذميواريون نڀائيندي، وائيس چانسلر ٿيڻ تائين، لاڳيتو ٽنڊي ڄام ۾ رھي، ڄڻ ته ٽنڊي ڄام
جو به ٿي ويو، رھائش حيدرآباد ۾ ھجڻ ڪري حيدرآباد واسي به ٿي ويو. ان نسبت سان ته ڊاڪٽر
رجب کي دڙي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد جي اڪثريت سڃاڻي، پر ڇا سڃاڻي؟ ڪيترو سڃاڻي؟ آئون
ڄائو نپنو ٽنڊي ڄام کي ويجهي ڳوٺ ۾، پرائمري کان ايم. ايس. سي. تائين پڙھڻ ۽ پوءِ
تازو سٺ سال عمر ٿيڻ تي رٽائر ٿيڻ تائين، صرف ستن سالن جا ڏينھن نه، باقي سڄي عمر
انھن ساڳين پٽن ۾ گذاريم، جتان پروفيسر ڊاڪٽر موجودہ سڃاڻپ تائين پھتو. ان پروفيسر
ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ کي ماڻھو کل مک، خوش اخلاق، ھمدرد، ھڏ ڏوکي طور سڃاڻين. رھبر،
رھنما، نگران، مددگار، صلح پسند، صالح طور سڃاڻين. سائين جون سڃاڻپون گهڻيون آهن.
سنڌ زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي
شاگرد، استاد ۽ وائيس چانسلر ھجڻ ناتي، پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ جي لاڏاڻي تي
انيڪ اکيون آليون آهن. جنھن جو سبب ڪو ھڪ نه، انيڪ ٺوس سبب آهن. جن مان تمام گهڻو
اھم ڪارڻ، ڊاڪٽر جون تخليقي صلاحيتون رکندڙ اڻ ورچ عملي ڪارڪن ھجڻ رھيو. ڊاڪٽر رجب
علي ميمڻ زرعي تعليم ته حاصل به ڪئي ۽ ڏني به، پر ھو ته گهڻ پڙھيو شخص ھو. ان ڪري
مدبر ھو، ڏاھو ھو، جاکوڙي ھو، اڻ ورچ ھو. رٿابندي ڪندڙ، مثبت سوچيندڙ، عملي طور رٿيل
ڪم ڪري ڏيکاريندڙ ھو. انيڪ عملي ۽ علمي منصوبا رٿيائين به، ته پايئه تڪميل به
رسايائين.
مون ته ائين به ٻڌو، ته ھو عام ڀلائي
لاءِ گهڻو سوچڻ ۽ ڪرڻ جي ڏوھه ۾، ڪجهه عرصو عتاب ۾ به رھيو. لڪي لڪي ساھ کنيائين!
انھن ڏينھن ۾ ھن جهر جهنگ جو مشاھدو ۽ گهڻ پاسائون مطالعو به ڪيو. بنيادي طور
تعليم دوست شخصيت هو. محبتون ونڊيندڙ ۽ ٻين ۾ ھمٿون ۽ حوصلا وڌائيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر
رجب علي ميمڻ، اعليٰ تعليم جي حوالي سان، پهرين پي. ايڇ. ڊي. زرعي يونيورسٽي فيصل
آباد مان ڪئي. ان کان پوءِ ٻي پي. ايڇ. ڊي. منيسوٽا يونيورسٽي آمريڪا مان ڪيائين ۽
پوسٽ ڊاڪٽوريٽ آئيوا يونيورسٽي آمريڪا مان ڪئي. هن بحيثيت عملي استاد، يونيورسٽي ۾
نوان تدريسي ۽ تحقيقي شعبا ۽ ادارا قائم ڪرايا. جيڪي وي. سي ٿيڻ کان به اڳ ۾، نه
صرف قائم ٿيا، پر پنھنجو مثالي ڪردار به ادا ڪيو. زرعي تعليم، توسيع ۽ ننڍي مُدي
وارا ڪورس ڪرائيندڙ شعبو ھن قائم ڪرايو، سوشل سائنس فيڪلٽي جو بنياد وجهڻ ۾ پڻ
سندس ئي اھم ۽ عملي ڪردار رھيو، ته ھاڻ ان فيڪلٽي جي مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي به ڪرائي
ويندي آھي.
ڊاڪٽر رجب پاڻ ته ناميارو پر جن
کي پڙھايائين، جن جي تربيت ڪيائين، ته اھي به ملڪ جون نامياريون شخصيتون ٿي پيون.
سندس شاگردن جو ھڪ سٺو تعداد، ملڪ جي مختلف ادارن ۾ اهم عهدن تي خدمتون انجام ڏئي
رهيو آهي. ڪچھرين جو ڪوڏيو، ٻين کي ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي صلاحيت رکندڙ پروفيسر ڊاڪٽر
رجب علي ميمڻ نه صرف صوبائي، بلڪه ملڪي سطح جي به تمام وڏن منصوبن لاءِ ڪم ڪيو ۽
پنهنجي قابليت ۽ خدمتن وسيلي، ملڪ ۽ صوبي جي خدمت ڪئي. بين الاقوامي معيار جي
تحقيقي سرگرمين سبب بين الاقوامي سڃاڻپ ماڻي.
پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ رٽائر ٿيڻ
کانپوءِ به، نه صرف سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام، پر سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ پڻ
پي. ايڇ. ڊي. اسڪالرس جي رهنمائي پئي ڪئي. درس ۽ تدريس جي مد ۾، منعقد ٿيندڙ مختلف
تربيتي ڪورسز ۾ ليڪچرس به ڏيندو رهيو. مختلف تحقيقي منصوبا جوڙيندو به رھيو ته
مختلف تحقيقي منصوبن جو موثر تجزئي نگار به رھيو. ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري، سندس
ماھراڻين راين سبب ممڪن بڻي.
بھترين استاد ۽ منتظم ھجڻ ناتي،
پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ جو لاڏاڻو صوبي ۽ ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي. سنڌ صوبو هڪ
قابل ۽ مدبر تعليمدان ۽ محقق کان محروم ٿي ويو آهي. ھونئن نه ته ڊاڪٽر اديب به ھو،
شاعر به ھو، سماجي ۽ سياسي حوالي سان پڻ نشامبر ۽ عملي سڃاڻپ رکندڙ شخص ھو. سنڌ
ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي عھديدار به رھيو. پارٽي ٽڪيٽ تان چونڊن ۾ به حصو ورتو.
پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي جي وڇوڙي تي، ڊاڪٽر جي سڀني گهڻگهرن سان تعزيت ڪندي، آئون
دعاڳو آھيان ته رب پاڪ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عطا ٿئي، سندس درجات بلند ٿين ۽ سندس
پونئيرن کي صبر جميل عطا ٿئي ۽ پڻ اھا دعا ته ھن مثبت ۽ عملي ڪردار جي پيروي ۾ اھڙا
ٻيا مثالي ڪردار به جنم وٺن.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ
جنہيں جرم عشق پہ ناز تھا
اياز لطيف پليجو
اسانجو پيارو دوست ۽ استاد ڊاڪٽر
رجب ميمڻ ھڪ نرالو، نھٺو، شرميلو، ڏاھو ۽ ساڳي وقت بلنٽ، تيز ۽ بولڊ عوام دوست اسڪالر
۽ ماڊرن عالم ھو. نعپ، عزيز السلام بخاري گروپ، ھاري ڪميٽي ۽ سنڌ متحده محاذ کان جڏھين
ڪجهھ ڪميٽيڊ سنڌي اڳواڻ ڌار ٿيا ته انھن محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾
نئين پارٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو. انھن اھم ٿنڪرز مان ڊاڪٽر رجب ميمڻ به محترم رسول
بخش پليجي، حفيظ قريشي، ظفر اڄڻ، رشيد ڀٽي، قاضي غفار، ابن حيات پنهور، نذير چنا،
شھيد فاضل راھو، پٿر سنڌي، سيد عالم شاھ، غلام نبي بھراڻي، مير علي بخش ٽالپر، جيجي
زرينه بلوچ، شير خان لنڊ، حاجي ستابي ميرجت، ڦوٽي رستماڻي، يوسف ڪيڙاني ۽ ٻين اھم
سينيئر ساٿين سان گڏ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وجھندڙ اھم اڳواڻ ھو. ھو سنڌي
عوامي تحريڪ جي انڊرگرائونڊ ڪميونسٽ پارٽي جو پھريون سيڪريٽري به رھيو ھو.
آمريڪا ۾ پڙھائي دوران ۽ پوءِ
زرعي يونيورسٽي ۾ رجب صاحب سوين نوجوانن جي علمي رھنمائي جو بنياد بڻيو، شاھ لطيف
يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر پروين شاھ، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر صاحب سميت درجنين
استادن کي ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر رجب صاحب بي لوث ۽ بي پناھ مدد ڪئي.
وي سي شپ واري دور کان اڳ ھر ٽين چوٿين مھيني سندس پھرين گھر واري، پنھنجي وڏي پٽ
ذلفي ۽ نياڻي سان اسان جي گھر ايندي رھندي ھئي ۽ امان سان سندن انتھائي پنھنجائپ
وارو رشتو ھو. آئون کيس، شھيد فاضل جي گھر واري ۽ سائين عالم شاھ جي گھر واري، ٽنھي
کي چاچي سڏيندو ھئس.
منھنجي ۲۰۰۹ ۾ پارٽي صدر چونڊجڻ کان پوءِ مون رجب صاحب جي بابا سان تفصيلي ملاقات جو
بندوبست ڪيو جنھن ۾ بابا کيس ۽ پوءِ لکاني بھراڻي وڪيل کي ٻيھر پارٽي جوائن ڪرڻ
لاءِ چيو، پر ٻنھي جو چوڻ ھو ته اسين ذھني ۽ فڪري طور اڪثر معاملن تي اوھان سان گڏ
آھيون، پر ھاڻ ٻيھر اوچتو خارج ٿيڻ لاءِ تيار ناھيون. ڊاڪٽر رجب ته مرڪندي اھو به
چيو ھو ته سائين ھاڻ مون ۾ انڊرگرائونڊ پارٽي جي فولادي پابندين، شڪ شُبھن ۽ آڏين
پڇائن کي منھن ڏيڻ جو جھلو ناھي، باقي اوھان اسان جا استاد آھيو، سنڌ ۾ سياسي حڪمت
عملي اھا ئي فالو ڪنداسين جيڪا اوھان چاھيو ٿا. ھو دل سان پليجي صاحب کي پيار به ڪندو
ھو ۽ سندن بي انتھا عزت به ڪندو ھو، پر منجھس اھا سياسي جرئت به ھئي جو ھن ھڪ ڀيرو
منھنجي روبرو بابا کي ھڪ شخص کان پري رھڻ جي گذارش ڪئي ۽ چيو ته ان جي اثر جي ڪري
پارٽي کي نقصان ٿي سگھي ٿو، بابا به سندس ڳالھه دل ۾ نه ڪئي. کيس ڪتاب پڙھڻ جو بي
انتھا شوق ھو ۽ بابا جي ٻڌايل ھر ڪتاب کي ڳولي ھٿ ڪري نه صرف پڙھندو ھو بلڪه کين
فون ڪري يا ملي ان ڪتاب تي تفصيلي تبصرو پڻ ڪندو ھو. رجب صاحب جا آبجيڪٽو سياسي
تجزيه، انگريزي زبان جي مھارت، ڊرافٽنگ اسڪلز ۽ اقتصاديات بابت اينالسز ڪمال جا
ھوندا ھئا ۽ پليجو صاحب به سندس انھن صلاحيتن کان متاثر ھوندو ھو.
اليڪشن ۲۰۱۳ ۾ ھو مون سان گڏ ڏھ جماعتي اتحاد جو قومي اسيمبلي جو اميدوار ھو، ان چونڊ
مھم دوران ھو انتھائي بيزار، مجبور ۽ ناخوش نظر آيو ۽ ان جا سبب به ٻڌايائين انھن ٻن
مھينن ۾ ساڻس وقت به وقت جام ڪچھريون ٿينديون رھيون. اڳتي ھلي ۲۰۱۵، ۱۶، ۱۷ ۽ ۱۸ ۾ منھنجي دوستن امتياز ۽ نذير
جي قاسم آباد، جي ايم بيراج ڪالوني ۽ لنڊن ٽائون وارن گھرن تي پنج ڇهھ انتھائي اھم
ڪچھريون ٿيون. انھن ڪچھرين ۾ امتياز، نذير ۽ بشير جيڪي ساڻس بي انتھا پيار به ڪندا
ھئا ته کل ڀوڳ به ڪندا رھندا ھئا، تن سنجيده گفتگو دوران کيس قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل
ٿيڻ لاءِ زور ڀريو. ھن پھرين سوچڻ لاءِ ڪجهھ وقت گھريو ۽ پوءِ ٻي ميٽنگ ۾ ھن سندس ڪي
مجبوريون ٻڌايون ۽ سندس عمر، طبيعت، لک پڙھ جي ڪمن، مائيٽين، ٻي گھر واريءَ جي
بيماري ۽ ڪجھ ٻين اھم مسئلن جي تفصيلي نشاندھي پڻ ڪئي، جيڪي اڃا تائين امتياز ۽
نذير کي ياد ھوندا.
وائيس چانسلر ٿيڻ باوجود ڊاڪٽر
رجب صاحب ٻين ڪيترن وي سيز جيان مال نه ٺاھيو، ميرٽ جي لتاڙ قبول نه ڪئي ۽ غلط ڪم
نه ڪيا ۽ توڙ تائين سادي، شفاف ۽ ايماندارانه حياتي گذاريندو رھيو. ھن هميشه نه
صرف مونکي ھمٿايو، رھنمائي ڪئي، بلڪه ھڪ ٻي پارٽي ۾ ھوندي به منھنجي حق ۾ پوسٽون ۽
موقف رکيا ۽ چيو ته اياز جي ٽرانسپيرنٽ سياست نوجوانن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي، نه صرف
ايترو بلڪ جڏھين شاگردي واري دور ۾ مون برطانوي اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيو ته اھا
منظور ٿيڻ جو مُک سبب ڊاڪٽر رجب صاحب جو طويل عالمانه ريفرينس ليٽر ھو. ھو ڄام
ساقي صاحب ۽ قادر مگسي صاحب جي به عزت ڪندو ھو ۽ اسان کي ٻڌايائين ته بيماري دوران
قادر مگسي سندس گھر واري کي وٺي مزاج پرسي لاءِ سندن گھر ايندو آھي ۽ سندس صحت جو ڪافي
خيال رکندو آھي. سائين جي ايم سيد جي ڪافي موقفن ۽ پاليسين تي تنقيد ڪرڻ باوجود
رجب صاحب سندس علمي ۽ فڪري ڪنٽريبيوشنز کي ھميشه ساراھيندو ھو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي
صاحب تي پڻ سخت تنقيد سان گڏ سندس ڪيترن پيش قدمين کي پسند ڪندو ھو. محترم رسول
بخش پليجي کي ته ھو صرف سنڌ جو نه پر سائوٿ ايشيا جو وڏو عالم، مفڪر ۽ تنظيمڪار
قرار ڏيندو ھو. ھو اسانجي تنظيمي ساٿين
مان سائين اشرف لاکي، ڪريم چنا ۽ پناھ جگر سنڌي کي گھڻو ساراھيندو ھو.
طويل ڪچھرين دوران اڪثر سندس
اھو تجزيو ۽ خيال ھوندو ھو ته جيتوڻيڪ سوشلزم اڃا تائين مڪمل طور آزمائجي نه سگھيو
آھي، ۽ ان جي ڪيترن ئي پھلوئن جي اڄ به عوام کي سخت ضرورت آھي پر ان جي باوجود
ايشيا، سائوٿ آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ ھاڻ خالص ھيٺين طبقن واري سياست ۽ پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ
وارو ماڊل اسپيس نه ٺاھي سگھندا ۽ ھن ڊرون ٽيڪنالاجي، نيوڪليئر بمن، انٽيليجنس
صلاحيتن ۽ جديد ھٿيارن واري دور ۾ اقتدار تي راتو رات مڪمل قبضو ڪندڙ ڪو عوامي ھٿياربند
انقلاب به ممڪن ناھي، ان ڪري ڪنھن قوم، ملڪ يا سماج ۾ گھڻ طبقاتي تحريڪون،مڊل ڪلاس،
مٿين وچولي طبقي ۽ پورھيت عوام کي گڏي کڻي ھلندڙ پارٽيون ئي سروائيو ڪري سگھنديون.
زرعي يونيورسٽي جي وي سي شپ
واري دور کي رجب صاحب هميشه اسٽريس وارو دور قرار ڏنو ۽ ان وقت جي شاگرد سياست کيس
ڪافي آزاريو. دڙي ۽ ٺٽي جي سياست تي سندس تبصرا مشتاق يوسفي جي مزاح وارا شيڊز
رکندڙ ھئا. ڪڏھين ڪڏھين اسماعيل سوھو، عزيز ڪينجھرائي، زٽو زنگيجو، سيٺ عيسيٰ،
محسن عباسي، پٿر سنڌي، شير خان لنڊ، قادر ڏني شاھ، محمد خان سومري، مامون خان ملڪاڻي،
سيد اڪبر شاھ ۽ ٻين بابت ڪي دلچسپ ۽ ڪي اتساھيندڙ ڳالھيون پڻ ٻڌائيندو رھندو ھو.
آخري وقت ۾ عمر ۽ بيماري سان گڏ گھر واريءَ جي وفات کيس اندران ٽوڙي ڇڏيو ۽ ھو ان
صدمي مان نه نڪري سگھيو. سنڌ جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن کي رسول بخش پليجي صاحب،
ابراھيم جويي صاحب، ڊاڪٽر رجب صاحب ۽ ممتاز ڀٽي صاحب جي آتم ڪھاڻين جي شديد گھرج
ھئي، پر ھو چار ئي اھو اھم ترين ڪم نه ڪري سگھيا. افسوس سندن ذھنن ۾ قيد ھزارين
يادون،سوين راز ۽ واقعا هميشه لاءِ دفن ٿي ايندڙ نسلن لاءِ ناياب ٿي ويا. سائين
رجب صاحب جي موڪلاڻي سنڌ جي پروگريسو ۽ قوم دوست سياست جي ھڪ دور جي پڄاڻي آھي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶
جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر رجب ميمڻ
گهڻ رخي شخصيت جو لاڏاڻو
پروفيسر اعجاز قريشي
دل اڄ تمام گهڻي ڏکويل آهي ۽ ڳالهه
سمجهه کان مٿاهين آهي. اسان جو دوست، سنڌ جو هڪ کرو ۽ سچو انسان پروفيسر ڊاڪٽر رجب
ميمڻ پڻ وڇڙي هميشه لاءِ پنهنجي اصل ماڳ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو لاڏاڻو
بي وقتو چئجي ته صحيح ٿيندو.
ڊاڪٽر صاحب سڄي ڄمار سچ سان واڳيل رهيو ۽ منجهس ڪا به ٻيائي يا ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي جنهن مان سنڌ يا سنڌي ماڻهن کي ڪو نقصان پهتو هجي. هو انسان ذات سان پيار ڪندڙ شخص هو. خاص طور تي سنڌ جي غريب ماڻهن لاءِ سندس دل هميشه تڙپندي هئي. ساڻس ملاقاتين ۾ هو پاڻ ملڪ جي ڊاوانڊول ٿيل نظام ۽ سنڌ جي بدحالي ڏسي ڏکارو ٿي ويندو هو. نه رڳو اهو پر ڊاڪٽر رجب ميمڻ صاحب هڪ بهترين استاد، سماجي ڪارڪن ۽ رهنما ۽ اعليٰ پايي جو محقق هو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سڄي زندگي تعليم، تدريس، علم جي ڦهلاءَ ۽ عمل ۾ گذاري. هن پنهنجون گوناگون صلاحيتون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي شاگردن جي ٽئلنٽ کي اجاگر ڪرڻ ۾ صرف ڪيون. سندس علميت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڊبل پي ايڇ ڊي پروفيسر هو ۽ هن وي سي شپ دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. سندس ئي دؤر ۾ ڪيترائي استاد پي ايڇ ڊيز ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪليا ويا. جن مان گهڻا ئي واپس اچي پنهنجي مادر علمي جي خدمت ڪرڻ لڳا. سندس دؤر کي يونيورسٽيءَ جو هڪ معياري تعليمي دؤر سڏي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو هڪ ڏاهو، سمجهه ڀريو دانشور ۽ تعليمدان هو. هن سنڌ جي ڪيترن ئي ڏکين ۽ پيچيده مسئلن تي اڻ ڳڻيا مضمون لکيا ۽ مختلف وقتن تي ڪيتريون تجويزون ۽ رٿائون حڪومت جي اڳيان پيش ڪيون. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نوجوانيءَ جي دؤر ۾ چڱي شاعري پڻ ڪئي. شاعريءَ ۾ سندن تخلص ’ضيا‘ هو ۽ ڪو وقت رجب ’ضيا‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.
سنڌ جي قومي تحريڪن ۾ هميشه
سرگرم ۽ اڳڀرو رهيو، جن ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ واري تحريڪ، چوٿين مارچ واري جدوجهد، سنڌي ٻوليءَ
جي دفاع ۽ ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو
جدوجهد، ڪالاباغ ڊئم خلاف تحريڪ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو سياسي طور سرگرم ڪارڪن
هو پر شاگرديءَ واري زماني ۾ اڳواڻ واري حيثيت ۾ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن کي
شاگرد سياست ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو. اِهو اُهو ئي ’شاگرد سياست‘ جو يادگار دؤر آهي،
جڏهن سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج
(هاڻي يونيورسٽي) حيدرآباد جي سمورن وڏن ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تحريڪ ۾
شامل هيا. ۽ آخرڪار سنڌ جي انهيءَ ڀرپور تحريڪ هڻي وڃي هنڌ ڪيو جو ون يونٽ جو ڳٽ
سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي ڳچيءَ مان لٿو ۽ انهن جي اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. ون يونٽ هڪ
اهڙو سياسي نظام هو، جنهن ۾ اولهه پاڪستان جي صوبن کي گڏائي هڪ ايڪائي مغربي پاڪستان
جو صوبو ٺاهيو، جنهن ۾ ننڍن صوبن کي سابق صوبن جي نالن سان سڏيو ويو ۽ انهن جا ڪيترائي
سياسي، مالي حق ڦٻايا ويا. جنهن ۾ سرڪاري نوڪريون ۽ زرعي زمينون ڌارين جي حوالي ڪيون
ويون ۽ گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان هٽائي لاهور مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب ڪو وقت
رسول بخش پليجي صاحب جي عوامي تحريڪ ۽ ان جي اسٽڊي سرڪل سان ڪم ڪيو. جنهن جي ذريعي
سنڌ جي نوجوانن کي سياسي تعليم، تربيت ۽ تعظيم ڏني وئي. جنهن مان اڻ ڳڻيا نوجوان
تيار ٿي نڪتا ۽ انهن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب، ڊاڪٽر قادر مگسي
صاحب جي پارٽي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو پڻ سينئر وائس چئرمين رهيو ۽ پارٽيءَ جي
معاملن ۽ انتظامن ۾ ڀرپور مدد ڪيائين. عام طور تي چونڊن جي سياست پئسي جي چمڪ، وڏيرڪي
داٻي جي ماتحت آهي پر ڊاڪٽر صاحب ترقي پسند پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان پنهنجي ذاتي
شرافت ۽ سماجي ڪردار سان ۲۰۱۳ع جي
عام چونڊن ۾ حيدرآباد قاسم آباد جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ تان چونڊ وڙهي ۽ اليڪشن
سياست ۾ نئون هجڻ جي باوجود هڪ سگهاري پارٽيءَ جي اميدوار اڳيان چونڊن ۾ ۲۲ هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا. توڙي جو پاڻ ڪامياب نه ٿي سگهيا پر سندن اليڪشن
ورڪ ۽ حوصلي سان چونڊ وڙهڻ عوام ۾ هڪ شعور، اتساهه ۽ امنگ جي لهر جاڳائي ۽ اقتداري
ايوانن ۾ ڦرڦوٽ پئجي وئي ۽ هُن پاران چونڊ وڙهڻ سان تڪ جي عام ماڻهن کي آواز مليو.
ڊاڪٽر صاحب هڪ تمام سٺو ليکڪ پڻ
هو. نه رڳو سنڌي پر انگريزي ٻوليءَ جو پڻ ڄاڻو هو. هن پنهنجي مهارت کي استعمال ڪندي
ڪيترائي مضمون ۽ رپورٽون لکيون.
ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو واسطو لڳ
ڀڳ ۵۰ سال رهيو. شاگرديءَ واري دؤر
کان وٺي سندس وفات تائين تمام سٺا تعلقات رهيا. حقيقت ۾ مون ڊاڪٽر صاحب کان گهڻو ڪجهه
پرايو. ڊاڪٽر صاحب ۽ اسان ڪيترن ئي ادارن ۾ گڏجي ڪم ڪيو، جيڪي ٻيا محترم اسان سان
ساٿ ۾ رهيا تن ۾ محمد ابراهيم جويو صاحب، نذير ميمڻ صاحب، اسلم بلوچ، مير امان
الله ٽالپر، سائين ابراهيم منشي، ڊاڪٽر اقبال پنهور صاحب، سائين مشتاق ميراڻي،
سائين يامين ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل رهيا. اسان گڏيل طور تي
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌ ڊولپمنٽ اسٽڊي سينٽر قائم ڪيو، جنهن ۾ تعليم ۽ تدريس لاءِ
تمام گهڻو ڪم گڏجي ڪيو ويو. هن سينٽر جي مکيه خاصيت اها هئي ته ان جو ڳانڍاپو
يونيورسٽي آف لنڊن سان ٿيو ۽ هڪ ايم ايس سي رورل ڊولپمنٽ جو ڪورس برپا ڪيو ويو، جيڪو
سنڌ يونيورسٽي ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ طرفان گڏيل طور تي پڙهايو ويو، جنهن جي لاءِ
برطانوي سرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي طور مدد پڻ ڪئي ۽ اتان استاد پڻ پڙهائڻ
لاءِ مقرر ڪيا ويا. جيڪو ڪم اسان جي گڏيل حاصلات هئي.
ڊاڪٽر صاحب ۽ اسان دوستن گڏجي
ايل بي او ڊي (ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين) جو سماجي ۽ اقتصادي اڀياس ڪري سنڌ سرڪار
کي زرعي ترقي ۽ شهري ترقيءَ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون پڻ ڏنيون. انهيءَ کانسواءِ
اسلام آباد ۾ قائم ٿيل پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ جيڪو حڪومتِ پاڪستان جو ورلڊ
بئنڪ جي گڏيل سهڪار سان ٺهيل آهي، ان ۾ ڊاڪٽر صاحب ۽ مون گڏيل طور چونڊ وڙهي ۽ بورڊ
جا ڊائريڪٽر ٿياسون. انهي اداري ۾ اسان سان گڏ، فضل الله قريشي، سائين نذير ميمڻ،
سائين سليمان شيخ، سائين ڊاڪٽر سونو کنگاراڻي گڏيل طور به واري واري تي چونڊن ۾ ڪامياب
ٿيڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر ٿيندا رهياسين، جيڪو سلسلو اڄ به هلندڙ آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي
سال بورڊ ۾ رهيو ۽ وفات تائين هن اداري جي جنرل باڊي جو ميمبر رهيو. مٿيون ڄاڻايل
ادارو PPAF ملڪ اندر غربت گهٽائڻ جو ادارو
آهي، جيڪو ننڍين وڏين ڳوٺاڻين تنظيمن ۽ ڳوٺن ۾ سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن،
ادارن کي گهٽ اگهه تي امداد، قرض ڏيندو آهي ۽ وڏي حد تائين سماجي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن
جون ٽريننگون پڻ ڪرائيندو آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي بين الاقوامي
تعليمي ۽ سماجي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو.
مٿين ڳالهين مان اهو ظاهر ٿئي ٿو
ته ڊاڪٽر صاحب واقعي به هڪ ترقي پسند اعليٰ ظرف جو مالڪ ۽ شريف النفس انسان،
محنتي، شفيق جاکوڙي شخص هو ۽ ڪنهن حد تائين سنڌ جي هن پوئتي پيل يا بيٺل سماج ۾ هن
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي سماج کي نئين سر جوڙڻ لاءِ ڪوشان رهيو. سندس ياد
هميشه قائم ۽ دائم رهندي ۽ اسان جا نوجوان سندس ڇڏيل قدمن ۽ روايتن مان لاڀ حاصل ڪندا
۽ مستقبل کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندا.
ڊاڪٽر صاحب ضلعي ٺٽي جي هڪ ننڍي
شهر دڙي ۾ ۰۵ اپريل ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان بعد حيدرآباد، ٽنڊوڄام،
فيصل آباد ۽ آمريڪا مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. پاڻ ۲۵ جولاءِ آچر ڏهاڙي فجر مهل لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ کيس حيدرآباد ۾ تاريخ ۲۶ جولاءِ صبح جو مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا