; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو- دليپ ڪوٺاري

31 July, 2021

ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو- دليپ ڪوٺاري

ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي (راز) لوهاڻو

خيالن جي همه گيريت سان انسانيت جو علم اُوچو رکندڙ - پنج ٻولين جو شاعر

دليپ ڪوٺاري



ڀٽن سان گهيريل ڀونءِ ’ٿر‘ جي شهر مٺيءَ کي پنهنجي ’جنم ڀومي‘ ۽ هماليه جي پهاڙي سلسلي بدولت سڄي دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏي ڇڪيندڙ نينهن نگري ’نيپال‘ کي پنهنجي ’ڪرم ڀوميءَ‘ ڪوٺيندڙ؛ پروفيسر ڊاڪٽر راڻي مل پِرياڻي لاءِ اسان پنهنجي ساهتڪ سانڀر ۾ راڻو ’راز‘ جو قلمي نالو ڪتب آڻڻ بابت به ٻڌو. لوهاڻه جاتيءَ جي هڪ انتهائي غريب گهراڻي مان پنهنجي مسلسل محنت واري بل بوتي تي مٿي اڀري آيل؛ هن سادي سٻاجهي ماهر طب، عملي محقق، مدرس، منتظم ۽ ‘گفتوان شاعر‘ جي شناسائيءَ جا ڪيترائي ٻيا همٿائيندڙ حوالا آهن. ماضيءَ جو راڻو ’راز‘ ۽ حال جو ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي؛ سنڌي، اردو، انگريزي، نيپالي۽ هندي سميت پنجن ٻولين ۾، اڪثر نظماڻي نثر وارو ساءُ رکندڙ شعرن تي طبع آزمائي ڪري ٿو. هيلتائين هن جو پنج ٻوليائي شعري مجموعو ’ڌيئر آهن ڪيڏيون مهان‘ (Daughters are Great) ۽ هندي سواءِ چار ٻولين ۾ رچيل شاعريءَ جو ڳٽڪو ’ڪورونا جو زمانو‘ (Corona Era) ڇپجي چڪا آهن.


سِلهه توڙي ڦڦڙن ۽ سيني جي ٻين باطني بيمارين جي تدريس، علمِ تشخيص ۽ جديد علاج جي هن ماهر مشاورت ڪار جو جنم ۰۴-جنوري ۱۹۶۰ع ڌاري مٺيءَ ۾  ٽِلُو مل ولد پِرين مل لوهاڻي جي گهر ۾ ٿيو، ڏاڏي جي نانءُ پٺيان هنن جو پريوار ’پِرياڻي‘ ڪوٺرائي ٿو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنهنجي ڄم شهر ۾ وٺڻ بعد؛ ۱۹۷۸ع ۾ سروري ڪاليج هالا مان انٽرميڊئيٽ جو امتحان نمايان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين. واضح رهي ته ۱۹۷۵ع ڌاري مئٽرڪ ڏيڻ بعد غربت سببان؛ هڪ سال پهلاج راءِ ڀيماڻيءَ جي سئنيما ائڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي ڪراچيءَ واري مُک آفيس ۾ سال کن عارضي مُلازمت به ڪئي هئائين.

۱۹۸۶ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم.بي.بي.ايس ڪورس تحت ڊاڪٽري جي سند ماڻي، خصُوصي صحت رِٿا جي عمدرآمديءَ هيٺ سرڪاري نوڪريءَ ۾ بطور ميڊيڪل آفيسر گهڙيو. مُلڪ ۾ پي.اين.اي جي هلندڙ تحريڪ ۽ سياسي اُٿل پُٿل جي ڪري سندس ميڊيڪل جي داخلا دير سان ٿي ۽ پڙهائيءَ ۾ رخنو پوڻ ڪري ڊگري ملڻ ۾ به ٿورڙو وڌيڪ وقت لڳي ويو. پهرين مقرري تعلقه اسپتال ڏيپلي ۾ ٿي، پوءِ مٺيءَ آيو، جتي ڪجهه عرصو خانگي اسپتال کولي غريب ۽ نادار بيمارن کي معياري علاج جون سستيون سهوليتون به ڏنائين.

ساڍا ۱۵ سال پاڪستان ۾ پيشيور خدمتون سرانجام ڏيڻ بعد ڊاڪٽر راڻي سارڪ جي پليٽ فارم تان هلندڙ ’سِلهه ۽ ايڇ آءِ وِي/ ائڊز متعلق سجاڳي‘ ڦهلائڻ واري هڪ منصوبي وسيلي ٻُڌِ بِکشوئن جي ڀومي نيپال کي جو پنهنجو ٻيو گهر ٺاهيو ته ساڍا ۱۷ سالن جي وڏي عرصي تائين اتي ئي مقيم ٿي ويو. ڪِسٽ ميڊيڪل ڪاليج، للِت پُور، ’چِتوان ميڊيڪل ڪاليج، ڀرت پُور سُوڌو نيپال جي ٻين طبي تعليم جي ادارن ۾ هن بطور پروفيسر پاڙهيو ۽ پنهنجي سڀاءُ ۽ صلاحيتن بدولت نيپالي شاگردن ۽ شهرين جي ذهنن ۽ دلين تي هميشه لاءِ پنهنجي يادگيرين جا نه مِٽجندڙ نقش چِٽي گذريل سال جي پڇاڙيءَ ۾ واپس ڏيهه موٽي آيو آهي ۽ هاڻ بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ اُستادن جي تربيت ۽ تعميرِ استعداد (صلاحيتن ۾ واڌاري) ڪرڻ واري ميڊيڪل ايجُوڪيشن جي شعبي ۽ ساهه جي بيمارين بابت شاگردن کي پڙهائڻ واري شعبي، ٻنهن ۾؛ پروفيسر جي حيثيت سان پنهنجا فرض بجا آڻي رهيو آهي. هن پنهنجي قيام دوران نه صرف نيپالي ڀاشا سِکي پر ’نيپالي ۽ اُردو هڪجهڙن لفظن جي لُغت‘، ’نيپالي ۽ سِنڌِي هڪجهڙن لفظن جي لُغت‘ سميت هارياڻي ’مائي بختاور شهيد‘ جي ڪهاڻيءَ جو نيپالي ٻوليءَ ۾ اُلٿو ڪري تحقيق ۽ ترجمي جا ٽيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين.

ميڊيسن جي  شعبن ۾ خوب مهارت رکندي ۽ عملي تجربن مان ماڻيل حاصلاتن کي سهيڙيندي، هن پنهنجي پُٽ ڊاڪٽر سنيل پِرياڻي ساڻ؛ ’مريض کان بيماريءَ متعلق ڄاڻ وٺڻ ۽ موزون طِبي تشخيص ڪرڻ جي طريقيڪار‘ بابت جيڪو انگريزي دستي ڪتاب لکيو؛ تنهن اُتي وڏي مڃتا ماڻي ۽ ان جا هيلتائين ٽي ڇاپا ڇپجي طبي وِديارٿين ۾ واهه واهه پائي چڪا آهن. هن ٿر ۾ سگريٽ، ٻيڙي ۽ تماڪ جي وڌيڪ واهپي ڪري مرتب ٿيندڙ ناڪاري سماجي اثرن تي جامع تحقيق ڪئي ۽ ملڪي توڙي عالمي فورمن تي ساهه جي بيمارين جا معاشرتي ڪارڻ کولي سمجهايا ۽ انهن جا جوڳا حل ڏسيا.

هن نيپال ۾ پنهنجي ڄاپ نگري ’ٿر‘ ئي نه پر’سنڌ‘ پرڳڻي سميت سموري مملڪتِ پاڪستان جو مان مٿاهون ڪيو. هن نه صرف نيپال ۽ سنڌ ۾ ثقافتي ۽ تهذيبي ناتن جي مٽا سٽا ۽ مضبوطيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو پر محبتي ۽ وهنواري هڪجهڙاين جا لساني بنياد به نروار ڪيا. ڊاڪٽر راڻو پرياڻي تعلق جي هر تند کي جوڙي رکڻ، سنڌ جي مانائتن مشاهيرن وٽ هلي وڃي حال احوال وٺڻ، ديس ۽ ڌرتيءَ جي ثقافتي يگانيت سان پختو نينهن ناتو رکڻ، رشتن ناتن جو ڀرم رکڻ، دوستين دلبرن وٽ بعضي بعضي ڀيرو ڀڃڻ، مڙني واقف ڪارن سان وقت بوقت ڏيٺ ويٺ ڪرڻ ۽ سوکڙيون پاکڙيون ونڊڻ ۽ سٻنڌ جي سريي کي زنگ نه لڳڻ وارن جيون اتساهڪ پهلوئن کي هميشه پئي اهميت ڏني آهي. سنڌ جي نرم ۽ نهٺي مٽيءَ جو هيءُ خمير پنهنجي ڏيک ويک ۽ سهج سڀاءُ ۾ جيترو سادو آهي اوترو ئي ڳُوڙهو ۽ ويچار- واٽون ووڙيندڙ.

ڊاڪٽر راڻي جِي شاعري هن جي امنگن، احساسن ۽ شعوري ردعملن جِي سُڀاويڪ تصويرڪشي آهي، ڊاڪٽر راڻو ڪونئري مٽيءَ جو جڙيل خمير آهي. هن جي شعري ۽ شعوري اظهار کي دل جي اکين سان پڙهڻ ٿو جڳائي. پنهنجي سموري جيون جي ڪارگذارين ۾ عمل جا انيڪ پرتوا پسائيندڙ هن تن طبيب لاءِ؛ ڪو عليل ساهوارو يا مرضن ۽ محرومين ۾ وڪوڙيل وجود محض طبي سِکيا جو سامان (Learning Object) ناهي، پر فرد جي سماجي ۽ نفسياتي هيکلائپ دور ڪرڻ لاءِ مڙني معاشرتي پهلوئن جو ادراڪ ڪرڻ کي به هن جي دل هميشه اهميت پئي ڏني آهي.

ٿر سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر راڻو پِرياڻي ۽ گُڙدن (بُڪين) جي بيمارين جو غريب پرور ماهر شڪارپور ڄائو ڊاڪٽر مُرلي ڌر؛  سنڌ امڙ جا ٻه اهڙا با عمل ۽ سچا سپوٽ پٽ آهن جن پنهنجي پيشيوراڻي کيتر ڊاڪٽري يا طب ۾ ته بجا طور ڏيهه پرڏيهه ۾ نالو ڪمايو ئي آهي پر هنن جو مرضن متعلق عوامي شعوري آگاهيءَ کي زور وٺرائڻ وارو مشن به باعث فخر آهي ۽ گڏوگڏ اهي ٻئي اهڙي ساده لوح شعر گوئي پڻ ڪن ٿا، جن لاءِ هنن کي اُتساهه جا اڪثر محرڪ (Sources of Inspirations) پنهنجين طبي نوعيت وارين معالجي، تشخيصي، ملاقاتي يا تدريسي ڪِرتن مهابي ئي ميسر ٿي ويندا هوندا، نه ته باقاعده شاعرن جي مشاهداتي مشقن ۽ ڪيفيتي تجربن جون ڪهاڻيون هوند ڪيڏيون طويل ۽ ترسائيندڙ هونديون آهن. ڪميونٽي ميڊيسن جي شعبي سان واڳيل هڪ ٻيو ٿريو ڊاڪٽر گُلزار عثمان به خلق جا وهم وسوسن وارا اجايا خلقشار هڪالي ڪڍڻ ۽ عام ماڻهن کي نج سائنسي ۽ طبي تحقيقي بنيادن تي تز نموني ايجُوڪيٽ ڪرڻ ۾ اَڄڪلهه پاڻ موکي رهيو آهي،

ڊاڪٽر راڻي جي شعر کي موزونيت جي پئمانن (بحر وزن جي سخت ترين پابندين) تي جانچڻ بجاءِ؛ اُن جي سادگي، ان مان جهلڪندڙ فڪر، خيالي ندرٿ، حساس پڻي ۽ ڪنهن  اهل درد دل جي وقت به وقت اوريل وارتائن جي پيرائي ۾ پرکڻ ئي سونهائيندڙ سعيو آهي. هن جون ڪوتائون من-اُڇل، ماندڪائي، ناسٽلجيا، احترامي سيمائن، ماڻهپي جي مثبت قدرن، رشتن جي ڀرم، نباهه جي نيت، انياءَ تي ڪڙهڻ، ديس جي ڏک کي پنهنجي ذات جو ڏک ڪري ڄاڻڻ، ڏيهه واسين جي خوشين ۾ خوش ٿيڻ، پنهنجي شاندار ثقافت ۽ تهذيب تي سرهو ٿيڻ ۽ ٺڳيءَ جي ٺاهن توڙي حق تلفين سامهون پنهنجي صدا بلند ڪري باشعوري جو ثبوت ڏيڻ جهڙا ڪيترائي موضوع پاڻ ۾ سمائي رکن ٿيون.

ڊاڪٽر راڻي پِرياڻيءَ جي پهرئين پنج ٻوليائي شعري مجموعي ’ڌيئر آهن ڪيڏيون مهان‘ (Daughters are Great)  جي سنڌي واري وڏي حصي جي جڏهن ورق گرداني ڪجي ٿي ته سادڙي نوع جي قافيائي پابندين ۾ پِروئيل ۽ ردم رواني ساڻ کڻي هلندڙ هن جا نظم، گيت ۽ غزل توڙي آزاد اظهار سان اڳتي وڌندڙ نثري نظم جابجا رُڪجڻ، اک ٽِڪائڻ ۽ سوچڻ تي هرکائي ٿا وجهن:

معاشرن مان محبتن جي معدوميت ۽ روين ۾ آيل رُکائي تي ڊاڪٽر راڻي جو نظم ’ڇا تون بدلين! يا مان بدليس؟‘ ٻن دلين درميان آيل دُوريءَ جي اهڙي اندر اُکيل آهي جنهن ۾ چنڊ، تارن، ڪتين، ماڪ ڦڙن، باک سمي، سج جي اُڀرڻ، آوازِ اَذان، مندر جي گهنڊڻين ۽ ٻين فطرتي مظهرن سميت سڪ ۽ ڇڪ جي ساڳي ريت روايت ۽ ڪيفيتي ڪٿا کي بيان ڪندي؛ زماني سازين، اختيارن، مرتبن، آسُودگين ۽ روين ۾ آيل ڦيري کي سادي ۽ اثرائتي انداز ۾ رقم ڪيو ويو آهي.هن جي رومانوي شعرن ۾ هڪڙي معصوميت بَکي ٿي، جيڪا لوڪ رنگ شعر سازيءَ جا اهڃاڻ پسائيندي؛الفت جي انبارن کي ئي جياپي جا جچندڙ جتن ڪري مڃي ٿي:

توهان  جي اکين ۾  ڪهڙو  جادُو  آهي،

ڪيو تن منهنجي جذبن کي قابُو آهي.



جيئڻ جون  ادائون  توهان  کان  سکياسين،

ڪرڻ واعدا وفائون توهان کان سکياسين.



آهي  توسان  منهنجو  نينهن  لڳو،

تون آهين منهنجي ساهه جو سڳو.

هن جو نظم ’پاڻي: نه ڀيد ڀاوَ ڄاڻي...!‘ آب جهڙي اُجري عنصر جي اُن خاصيت جو تعارف ڪرائي ٿو، جنهن ۾ جڳ جهان جي واپرائيندڙ ساهوارن سان تِرُ جيتري تفريق ڪنهن هڪ ماليڪيول ۾ به مرڪوب نه ٿيل هجڻ جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ نه ئي اُن کي سمائيندڙ ۽ وهائيندڙ نديون درياهه سنڌُوءَ، گنگا، جمنا ۽ برهمپترا ڪنهن پِراڻيءَ جي جل-آشا پُورن ڪرڻ ۽  اُڃ اُساٽ اُجهائڻ ۾ ڪو ڀيد ڀاوَ يا ڦند ڦير روا رکن ٿيون؛ اسان جو روح راڻو پاڻيءَ کان بنا تفريق وارو محبت ۽ انسانيت جو سبق سکڻ جي تلقين هينئن ڪري ٿو:

نه سنڌُوءَ جو پاڻي

نه گنگا جو پاڻي

نه جمنا جو پاڻي،

نه برهمپترا جو پاڻي

نه ڀيد ڀاوَ ڄاڻي

نه فرق ڦير ڄاڻي

نه ذات پات سڃاڻي

نه دين ڌرم پڇاڻي

ڪريون ڇو ٿا ڀيد

اسين پوءِ ٽاڻي ٽاڻي

سکون جيڪر هڪ سبق

اسين پاڻيءَ کان هاڻي!

اسين پاڻيءَ کان هاڻي!

ڊاڪٽر راڻي پِرياڻيءَ جو مختصر نظم ’تنهنجي سارُوڻي‘يادن جي ڳنڍ کي کوليندڙ وارتا جو ورنن هينئن ڪري ٿي:

آئي ٻيهر ياد

اڄ تنهنجي ساروڻي،

ٽِمُ ٽِمُ ٽِميو آهه

اکين مان پاڻي.

کولي پڙهيم تنهنجي

چِٺي هڪ پُراڻي،

چِٺي ته آهي سچ پچ

هڪ ڪهاڻي....!

روشن خياليءَ جو پيغامبر بڻجندي ڊاڪٽر راڻو پنهنجي هڪ آزاد نظم ۾ اظهاري ٿو:

ٻيهر ملايون هٿ سان هٿ

وڌايون پنهنجي سنگت سٿ

روشن خيالي آهي پنهنجي

منزل مقصد زيارت تيرٿ.....

ايترو آسان به ناهي

ايترو مشڪل به ناهي

رستي ۾ آهن رڪاوٽون

هلائڻو آهي وچان رٿ...!

هن نظم جي خوبصورت پڄاڻي صاف سچي سارٿ جي ساٿ سان نئين سجاڳيءَ جي سفر کي تسلسل ارپڻ ساڻ ٿئي ٿي، ڊاڪٽر راڻو اهو اعزاز پنهنجي جيون سنگني کي ڏيندي نظر اچي ٿو. واقعي جاگِرت جيون وارِي جُهدِ مسلسل ارڌانگِيءَ (ڌرم پتني)جي پوتر ۽ سچي ساٿ سان ڪيڏي نه سهل، سهنجي ۽ سڦل ٿي پوي ٿي.

ڊاڪٽر راڻو عام جيون وهنواري واقعن ۽ فرد جي انفرادي ڪردار کي تاريخ جي تناظر ۾ جانچڻ جي جِسارت ڪري ٿو، ’تاريخ توکي معاف نه ڪندي، توکان ضرور حساب وٺندي....!‘ جي سِري وارو نظم اِهو ڀلي ڀت لکائي ٿو. حالانڪه اِن نظم نه ئي ڪنهن وڏي قومي ڏوهاري يا ڀومي لڄائيندڙ اَڻاسي آدمي جو ذڪر آهي بس هڪڙي پاڙو مٿي تي کڻندڙ هچا جو ذڪر آهي جنهن جو پرچار نسوري پاڻپڻي تي محيط ۽ صرف اونڌاهي رستي تي گهيلي وڃڻ وارو آهي.

اسان جي معاشري ۾ چڙهندڙ عمر جي چريائيءَ تي ڪيترائي محاورا، مقولا، چوڻيون ۽ پهاڪا دهرائي بزرگ جي گهٽتائي ڪئي وڃي ٿي يا انهن کان ڪن لاٽار ڪندي، پاسو ڏنو وڃي ٿو. انهن جي عمر ڀر جي ٻليدانن، ارپنائن، تجربن، مشاهدن، حاصلاتن، ماڻيل سبقن مان سکڻ بدران کين اڪيلو ڪري ڇڏي ڏنو وڃي ٿو، اِگنور ڪري لاتعلقيءَ وارِي هلت هلي وڃي ٿي. اهڙن مقولن ۾؛ ’اَسي، مَتِ کَسِي!‘، ’اَڇي ڏاڙهي، اَٽو خراب!‘، ’پوڙهو مٿو کائي ويو آهي!‘، ’مَڙهِيءَ جي بڙ بڙ بند ئي ڪو نه ٿي ٿئي!‘، ’ٻوڙي مان لوهه اچي ٿيا آهيون!‘، ’مئو نڪو ٿو مري، نڪو ٿو منجو خالي ڪري!‘، ’هوڙهه لڀي ڪا نه، هليو آهي حلوو کائڻ!‘، ’پڳ (پير) کڄي ڪو نه ٿو، پوءِ به گهرين (گهر ۾) نٿا جُهريا (پيا) رهن ماريا!‘، ’ڏوڪري جي کانگهارن ۽ هانڀارن اصل ننڊ ئي ڦِٽائي ڇڏي آهي!‘.......وغيره

پر ڊاڪٽر راڻي پنهنجي اڇي مٿي ۽ چاندي پيل وارن کي علامت بڻائي؛ پنهنجي هڪ پابند نظم ۾، بُزرگن جي جيڪا عزت افزائي ڪئي آهي، تنهن سان نه صرف ’سَچُو عشق ٻُڍا نه ٿيوي، توڻي چِٽڙِي هوويس ڏاڙهِي...!‘ واري سرمستي درشائجي ٿي پر ان ڳالهه کي به هٿي ملي ٿي وِرڌُ-اوسٿا يا وڏي آيُو ٿيڻ سان ماڻهوءَ جي دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڪو نه ٿي ڏئي، عمر جي هر مرحلي تي جذبا ۽ احساس معنائون رکن ٿا، عضون جي ڪمزوري يا جُسي جو جهيڻو ٿيڻ جيوت سان چاهُه جو موڪلائي وڃڻ ناهي.

پيري پريوار جي ويتر اوني ۽ اُلڪي جو نانءُ آهي. پوڙهائپ کي محض کنگهه کُلڪو ڪري نه وٺجي پر محبت جو مَلڪو ۽ آسيس جو در ڪري ڀانئجي ته سندن جيون دڳن جي مسافتن مان ڪيترائي لال لڀي سگهن ٿا. جيئن بيزاري ۽ بوريت جو احساس ڪهڙي به عمر واري سان؛ بي مقصد ڊگهي گفتگو ڪرڻ سان پلئه پئي سگهجي ٿو، بلڪل ايئن حِظُ جي حاصلات ۽ معنيٰ جا موتي ميڙائڻ ۾ عمر درازي ڪا به رڪاوٽ حائل نٿي ڪري سگهي. سکڻ وارو ٻار جي حرڪتن ۽ شرارتن مان سنسار جا ڳُجهه ڳولي سگهي ٿو، هُو پوڙهي ۽ پوڙهيءَ جي عام ڪچهرين ۽ خبرچاري ورت وهنوار مان به جيون جون وڏيون وٿون ماڻي سگهي ٿو، باقي يقيني حاصلات ته دانش ۽ فلسفي جي هر دعويداريءَ مان به ڪو نه هڙ حاصل ٿيندي آهي.

اسين   آهيون  ڀلي  پوڙها،

پر دلين جا ناهيون سوڙها.

ڀلي  پايون   ٿا   اسين   اڄ   چشما،

ڪري سگهون ٿا اڃا به ڪرشما.

هلون    ٿا     ڀلي  کڻي   لٺ،

پر ناهيون جوانن کان گهٽ.

اڇا  ٿي  ويا آهن ڀلي اڄ وار،

پر آهن اسان جا اڃا کوڙ يار.

ٿي  مٿي  ۾  ويئي  ڀلي  آهه  ٽال،

پر رکون ٿا اڄ به سڀن جو خيال.

ٿڙڪون ٿا آٿڙڪون به ٿا،

پر رکون وشواس ۽ آسٿا.

پئي  ويا  آهن  چمڙي   ۾  سر،

پر ناهي اسان کي ڪو فڪر.

ڳايون ۽ پرچايون به اڄ،

آهي اسان ۾ شرم حيا لڄ.

اسين   آهيون  ڀلي  پوڙها،

پر دلين جا ناهيون سوڙها.

’ڪارونجهر ٿو ڪٽجي يا، ٿو ڪٽجي اسان جو نڪ...!‘ جهڙيون سٽون لکي هن جهڙي نموني پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي وارثي ڪئي آهي، ان عمل ۾ نه فقط ملامت ۽ للڪار شامل آهي پر پونجي واد طبقي جي نه کُٽندڙ حرص کي پڻ پڌرو ڪري ٿو. استغراقي (حِسابياتي يا انگن تي آڌاريل)تهذيب ۾؛ هر شيءِ وکر، رشتي ناتي ۽ قدر اخلاق کي وڪري جو وکر بڻجندو ڏسي؛ راڻو پرياڻي پنهنجي روح جي رُوداد هينئن سلي ٿو:

نه چنڊ وڪڻي پنهنجي چاندني،

نه سُورج وڪڻي پنهنجي روشني،

نه وڻ وڪڻي پنهنجي ڇانو،

نه تارا وڪڻن پنهنجي ٽم ٽم،

نه بارش وڪڻي پنهنجي رم جهم،

نه ڪويل وڪڻي پنهنجي ڪُوڪِ،

نه مور وڪڻي پنهنجو ناچ کيڙو،

نه پوپٽ وڪڻي پنهنجو رنگ رُوپ.

پر اِهو انسان

اشرف المخلوقات

ڇا ڇا نٿو وڪڻي

ويس وڪڻي ديس وڪڻي،

ڪارا پنهنجا ڪيسُ وڪڻي،

گهر وڪڻي ٻار وڪڻي

پنهنجا سڀ اختيار وڪڻي

مان وڪڻي شان وڪڻي

اخلاقي سڀ اقدار وڪڻي،

ڪنهن جي ڪارڻ!

ڇا ٿو وڪڻي!

ڇو ٿو وڪڻي!

اهو ئي ڄاڻي...!

ڊاڪٽر راڻي جو ڪتاب جي نالي وارو شعر ’ڌيئر آهن ڪيڏيون مهان‘ نياڻين جي سُرت سڀاءُ، سٻنڌي حساس پڻي ۽ پريوار لاءِ پاڻ ارپڻ واري دل درشٽي رکڻ وارن گُڻن جو خوب احاطو ڪري ٿو.

ڌيئر    آهن    ڪيڏيون    مهان،

آهن لڪشمي سرسوتي سمان.

ماءُ پيءُ جي دل جي ڌڙڪن،

ڇو  آهن پوءِ  به اُهي مهمان.

خيال  رکن  وڏڙن  ۽  پاڙيسرين  جو،

آهن ڪيڏيون آدرش صفت انسان،.

اُلڪو رکن پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ ڀاڄائي جو،

آهن ڪيڏيون نيڪ سيرت ۽ گُڻوان.

پڙهڻ لکڻ ۾ سدائين اڳڀريون،

آهن   دانشور  ڪوي   ۽   وِدوان.

خرچي پنهنجي مان بچائي پئسا،

وٺيو   اچن  ننڍن  وڏن  لاءِ  سامان.

انسان جي ڪيفيتي ڪٿا کي رُوپ ٻهروپ جي ڪارب يا سانچي ۾ گهڙي؛ ڊاڪٽر راڻي پِرياڻي ’انسان آهي رنگيلو‘ جي پيرائي ۾ انساني فطرتن، حسرتن ۽ ورتاءُ وهنوارن جي جيڪا نقش گيري ڪئي آهي، اُها به من موهيندڙ ۽ تُز بند ڀاسجي ٿي:

رنگولي رنگن جيان،

انسان آهي رنگيلو،

ڪڏهن لال ڳاڙهو،

ڪڏهن نيلو پيلو،.

ڪوئي درد ڏي دلين،

ڪوئي بنجي آٿت وسيلو.

ڪوئي سوچي ۽ لوچي،

ڪوئي رهي مدهوش ۽ نشيلو.

پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ،

ڪوئي گهيلي گاڏو ٺيلو.

ڪوئي ريجهائي رُٺن کي،

وڄائي سُر ساز سُريلو.

ڪوئي ڪڍي نه ڪاڻ ڪائِي،

رکي همت ڪري حِيلو.

رنگولي رنگن جيان،

انسان آهي رنگيلو،

’رُس تون نه راڻا، نه ڪر آڻا ماڻا....!‘ وارو گيت ته سُر راڻي جي ڀرپور بندش ۾ آلاپن، سرگرمن، مينڊن ۽ مُرڪين سان گُنگُنائڻ جهڙو آهي. جنم ڀُومي (ڌرتي ماتا)، جنني (پنهنجي ماتا شري) ۽ پنهنجي آدرشي اڏڻهار (اُستاد) جي عظمتن کي به ڊاڪٽر راڻي دليان جانيان ڀيٽا ڏني آهي. هُو چوي ٿو ته ڌرتيءَ جا احسان ۽ امڙ جون دعائون ڪائنات جي ڪنهن به ماڻ ماپي ۽ تور ڪٿ کان گهڻو گهڻو مٿڀرا ۽ ماورا هوندا آهن، اُنهن کي ڪڏهين به ڳڻي ساري حسابي نٿو سگهجي. هن جي نظر ۾ ماڻهوءَ کي آدرشي انسان بڻائڻ ۾ نمايان ۽ نرالو يوگدان سندس سچن ۽ فرض شناس اُستادن جو ئي هوندو آهي.

ڊاڪٽر راڻي جو نثري نظم ’اِهو منهنجو ڪرم ڌرم ۽ ڪرتويه (فرض) آهي!‘ ۾ انسان کي سُرخُرو ڪندڙ وڙُ جو وستارُ انتهائي سڀاويڪ انداز ۾ ڪيو آهي، جنهن تي سوچڻ سان ڪنن جا ڪپاٽ کُلي سگهن ٿا:

سُڌِ آهي ته ڪنڊا لڳندا، پوءِ به چونڊيان ٿو گُلِ گُلاب.

خبر آهي ته ٻُڏڻ جو قوي امڪان آهي، پوءِ به سيويان ٿو سمنڊ.

احساس آهي ته پير پٿون ٿي پوندا، پوءِ به جهاڳيان ٿو جبل.

ڄاڻان ٿو مريض مرڻ جو انديشو آهي، پوءِ به اگهن جي عِلاج ۾ ڪا ڪسر ڪو نه ٿو ڇڏيان.

معلوم آهي ته ٽياس تي ٽنگيو ويندس، پوءِ به ڳالهايان ٿو سچ.

پُوري طرح پتو آهي ته پابندِ سلاسل ڪيو ويندس، پوءِ به لکان ٿو حقيقت...!

نه سمجهاءِ مون کي، آئون سڃاڻان ٿو پنهنجو پاڻ کي،

آئون انسان آهيان، جيڪو به ڪيان ٿو:

اِهو منهنجو ڪرم ڌرم ۽ ڪرتويه آهي،

فهم فڪر ۽ ويچار آهي.

ڊاڪٽر راڻي پنهنجي مختصر ترين نظم ’بندو‘ ۾ ماڻهوءَ جي ناشُڪرِيءَ کي جنهن نفاست سان ”گهاگر ۾ ساگر“ جي مصداق پيش ڪيو آهي اُن مان ”لکها ڪروڙها جيون شُمارين جِي پاڇِي ٻُڙيءَ...!“ جو پوتاميل پڌرو ٿئي ٿو:

بندو

نه ڀَرِيءَ ۾ خُوش

نه ڀاڪُرِ ۾

کيس خبر به آهي،

ملي ٿو ڇا

آخر ۾...!

هن ڪتاب ۾ راڻي صاحب جا ڀُونڪمپ (زلزلي) جي موضُوع تي جيڪي ڏهاڪو نظم ملن ٿا، انهن مان ڪي ته ذهن جي ٽيڪٽونِڪ پليٽن ۾ اُٿل پُٿل پئدا ڪرڻ جهڙو اثر پڻ رکن ٿا ته ڪن ۾ وري ’ڪئنڊيڊ‘ وارا سوال به اُٿاريل آهن:

”اي زلزلا انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي، ته تون مڪمل سيڪيولر آهين، تون ته سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿو ڪرين، تنهنجا جَهٽڪا سڀني کي هلايو ٿا ڇڏين، چاهي ڪو امير هجي يا غريب، شاهه هجي يا گدا...!“

۽ آخر ۾ پر آخرين طور نه؛ ايئن چئجي ته ڊاڪٽر راڻي جي سنڌي شاعري ڪومل احساسن جي همه گيريت، سچن جذبن جي نينهن اُڇل ۽ اُجرن خيالن جي پنن تي پلٽاءُ جو پڌرنامو آهي، جنهن ۾ انسانيت جي اعليٰ وصفن لاءِ وڏي دل سان تسليمي قبوليت موجود آهي. سندس اُردو، هندي، نيپالي ۽ انگريزي سميت چئن ٻين ٻولين ۾ ڪيل شعري طبع آزمائي به ڌيان ۽ مان جوڳي آهي.سندس اردو ۽ انگريزي شاعري ءَ جو تجزيو ۽ حوالا ڪڏهن وري ڪنهن ٻئي ليک ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي. اُن سواءِ سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا ڪتاب پڻ ترت طباعتي مرحلن مان گذاري پڌرا ڪرڻ جا قوي امڪان آهن. وقت، حالتن، صحت ۽ زندگي اجازت ڏني ته اُنهن جي به دل سان ڪٿ ڪري ڊاڪٽر راڻي پِرياڻي جي اعليٰ پائي جي ڪوتائن کي ڀرپُور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

 

(ڪاوش دنيا حيدرآباد ۾ ۴ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا