; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو، دليپ ڪوٺاري، شاعر، مٺي، ٿر، پارڪر،
Showing posts with label ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو، دليپ ڪوٺاري، شاعر، مٺي، ٿر، پارڪر،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو، دليپ ڪوٺاري، شاعر، مٺي، ٿر، پارڪر،. Show all posts

31 July, 2021

ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو- دليپ ڪوٺاري

ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي (راز) لوهاڻو

خيالن جي همه گيريت سان انسانيت جو علم اُوچو رکندڙ - پنج ٻولين جو شاعر

دليپ ڪوٺاري



ڀٽن سان گهيريل ڀونءِ ’ٿر‘ جي شهر مٺيءَ کي پنهنجي ’جنم ڀومي‘ ۽ هماليه جي پهاڙي سلسلي بدولت سڄي دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏي ڇڪيندڙ نينهن نگري ’نيپال‘ کي پنهنجي ’ڪرم ڀوميءَ‘ ڪوٺيندڙ؛ پروفيسر ڊاڪٽر راڻي مل پِرياڻي لاءِ اسان پنهنجي ساهتڪ سانڀر ۾ راڻو ’راز‘ جو قلمي نالو ڪتب آڻڻ بابت به ٻڌو. لوهاڻه جاتيءَ جي هڪ انتهائي غريب گهراڻي مان پنهنجي مسلسل محنت واري بل بوتي تي مٿي اڀري آيل؛ هن سادي سٻاجهي ماهر طب، عملي محقق، مدرس، منتظم ۽ ‘گفتوان شاعر‘ جي شناسائيءَ جا ڪيترائي ٻيا همٿائيندڙ حوالا آهن. ماضيءَ جو راڻو ’راز‘ ۽ حال جو ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي؛ سنڌي، اردو، انگريزي، نيپالي۽ هندي سميت پنجن ٻولين ۾، اڪثر نظماڻي نثر وارو ساءُ رکندڙ شعرن تي طبع آزمائي ڪري ٿو. هيلتائين هن جو پنج ٻوليائي شعري مجموعو ’ڌيئر آهن ڪيڏيون مهان‘ (Daughters are Great) ۽ هندي سواءِ چار ٻولين ۾ رچيل شاعريءَ جو ڳٽڪو ’ڪورونا جو زمانو‘ (Corona Era) ڇپجي چڪا آهن.