استاد عبدالفتاح خان ڏھر
غفار سومرو
اڻويھ سو ڇهانوي ۾ جيئن ئي پيرينٽس ڪوٽا تحت گهر ويٺي پرائمري ماستري جو آرڊر مليو ته مون وٺي منهن سڄايو. منهنجو خيال هو ته؛ ابو سائين به استاد، وڏا ٻه ڀائر به استاد. ڀلا ٻي ڪا نوڪري شوڪري ڪونهي ڇا؟ وٺي لڙ ڪيم ته ماستر ڪونه ٿيندس. تعليمي قابليت ۽ جسماني جاگرافي موجب، پوليس کاتي ۾ ڪا چڱيرڙي پوسٽ ملي ته واه واه نه ته ماستري ٻاستري پنهنجو شان ئي ڪونهي!
بھرحال گهر ۾ سڀني
کان ننڍو ۽ اٽي تي چٽي يعني بيروزگار هجڻ
سبب وڏن ڀائرن جي سمجهائڻ، ڌمڪائڻ تي آرڊر کڻي قبول ڪيم. تاريخ ۰۱.۳.۱۹۹۶ جي هڪڙي صبح جو ڪلهن تي اجرڪ ويڙھي نهال واھ جي ڪڙ وٺي
اوڀر منهن ڪري اڍائي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ئي پنڌ ڳوٺ مٺو ڀٽو پهتس. ڪکائين جهوپڙي ۾
قائم گ پ اسڪول مٺو ڀٽو ۾ يارنهن ٻارنهن شاگرد ٻه ٽي بينچون ۽ رڳو هڪڙي ڪاٺ جي ڪرسي
موجود هئي. تقريبن ٽي يا چار مهينا پابندي
سان اسڪول ويندو رهيس پر رسيس کان پوءِ سڌو گهر. ماني شاني کائي، ڌو ڏھرڪي سبزي منڊي
۾ دائم ڌانڌو جي هوٽل تي، انڊين فلمون ڏسي، شام جو گهر واپس پيو اچان.
منهنجي ڀائرن کي
منهجي افعالن جي خبر لڳي سو آرڊر ڪرايائون گ پ اسڪول مين ڏھرڪيءَ ۾، جيڪو ان وقت
باقائده سينرل جيل طور مشهور هو ۽ هيڊ ماستر هو سائين عبدالفتاح خان ڏھر. جنهن
صاحب لاء اهو به مشهور هو ته ڊيوٽي نه ڪندڙ ماسترن کان ڊيوٽي وٺڻ سندس ڏائي هٿ جو
کيل آھي.
عبدالفتاح ڏھر صاحب
پاڻ به ڊيوٽي جو باقائده پابند. اسڪول ٽائم کان اڌ ڪلاڪ اڳ اچي ڪرسي سنڀاري ۽ موڪل
کان پوءِ به گهڻو وقت اسڪول ۾ موجود رهي.آفيسر به ڳولهي ڳولهي گوسڙو ماسترن جي
بدلي سندس اسڪول ۾ ڪن، پوءِ يا ٻج کٽي يا سج. ماستر اثر رسوخ هلائي بدلي ڪرائي يا ڊيوٽي
جو پابند ٿي پاڻ مان ور وڪڙ سڌا ڪري. سائين پاڻ ڊيوٽي جو پابند اهڙو جو پوءِ ويهن
سالن جي عرصي ۾ مون هڪڙو ڏينهن به کيس ليٽ پريزنٽ ڪونه ڏٺو، اسان جا به اهڙا گهنج
سڌا ٿيا ڄڻ وڏي ٽانڊن واري لوهي استري ڪاٽن جي جوڙي تي گهمي وئي. غير حاضري ته پنهنجي
جاءِ تي پر هروڀرو ڪڏھن به هڪڙو ڏينهن ليٽ پريزنٽ ڪونه ٿيا سون، توڙي جو ڪجھ سالن
کان پاڻ رٽائرڊ ڪري ويا آھن پر اڄ به ڇرڪ نڪريو وڃن.
هڪڙي ڏينهن هڪ
استاد صبح سوير سهڪندو ڦڙڪندو اکيون ڳاڙهيون سڄيل ننڊاکيون مسٽر-رول تي صحيح پائيندي
هٿ ٻڌي سائين کي عرض ڪرڻ لڳو؛ ”سائين مان سڄي رات سمهي ڪونه سگهيو آھيان!”
”ابا ڇو، خير
ته هو؟” سائين پڇيس.
“سائين اوهان
هرروز رات جو خواب ۾ اچي ڌمڪائيندا آھيو ته اسڪول ٽائم تي پهچان، ان ڪري باقي رات
ننڊ به ڪونه ڪندو آھيان متان دير ٿي وڃي...”
سائين کيس سمجهائي ٻجهائي
خوف ختم ڪيو ۽ اهو استاد ڊيوٽي جو پابند ٿي ويو.
سائين ۾ ھڪڙي خوبي هي به هئي ته ڊيوٽي ادا نه ڪندڙ يا ڪلاس ۾ ڪم نه ڪندڙ نائب ماستر جي پاڻ خود پٽڪي ڌوڙ ڪندي دير نه ڪندو هو پر ڪنهن
آفيسر کي مجال ڪونه هئي جو ڪنهن استاد تي آڱر کڙي ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ چڱن ڀلن
آفيسرن سان به چوٽون کائي بيهندو هو. سال ۱۹۹۹ع ۾ پي ٽي سي پاس ڪري جوائنگ آرڊر وٺڻ لاء ايس ڊي او آفيس مير پور ماٿيلو پهتاسين. چون؛ “هزار
هزار رپيا ڏيندا وڃو جوائنگ آرڊر کڻندا وڃو.”
مون ڊوڙي اچي سائين عبدالفتاح ڏھرصاحب کي دانهن ڏني.
ٻئي ڏينهن سوير مون کي پنهنجي ياماها موٽر سائيڪل تي ويهاري اچي آفيس پهتو. آفيس
جي ورانڊي ۾ بيهي وڏي دهمان دڙڪي سان چوڻ لڳو؛ ”استادو ! ڪير آ جيڪو اوهان کان
هزار روپيا گهري ٿو؟” سائين جو آواز ٻڌي ان وقت جو ايس ڊي او صاحب ڪرسي ڇڏي ٻاهر نڪري
آيو چئي؛ “سائين! اوهان ڇو تڪليف ڪئي، حڪم ڪريو نه ڪنهن جو آرڊر ڪٿي ڪرڻو آھي!”
مون سميت پنجن
استادن جو آرڊر پنهنجي اسڪول ۾ ڪرائي باقين کي سندن مرضي موجب آرڊر هٿ ۾ ڏيئي آفيس
وارن کي جيب مان چانھ بسڪٽ کارائي هليو آيو.
نئون نئون جيئن
دخليڪار ٿيس، سنڌي چوٿون درجو مليم، مون پنهنجي خيال ۾ ويٺي ڪتاب کولي سبق ڏٺا، ڪنهن
مهل سائين اچي مٿان بيٺو.
چوڻ لڳو؛ ”استاد! ڇا
ٿو ڪرين؟”
ادب مان اٿي بيهي
چيم؛ ”سائين سنڌيءَ جو ڪتاب پيو پڙھان!”
چئين؛ ”شاگرد ڪٿي ٿئي؟”
نظر کڻي جو ڏسان ته
بينچن تي رڳو ڪتاب ۽ ٿيلھا رکيا آھن، ڇوڪرو هڪ نه لڀي. ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيم. سائين
چوڻ لڳو؛ ”ائين ڪم نه هلندو استاد! ڪلاس تي ڪنٽرول رک، ڇا سمجهيئه!”
پگهر اگهندي چيم؛ ”جي
سر!”
سائين عبالفتاح ڏھر
صاحب گ پ اسڪول مين ڏھرڪيء کي سنواريو سڌاريو، وڻ، ٻوٽا، گل پوکايا، اسڪول جي هر ڪلاس
روم جي ديوار تي استاد هريداس کان ڪيليگرافي، پينٽنگ، تصويرون، آيتون ۽ مختلف سبجيڪٽس
جا سبق آئل پينٽ سان لکرايا،جيڪي اڄ به سندس ياد تازه رکيون پيا اچن.
مٿي ٻڌايل سائين جي
نسبت سان دلچسپ واقعا ايترا ته آھن جو ڪتاب
لکي سگهجي ٿو.
هيڪر سنڌ ثقافت جو
پروگرام رٿيوسين، استاد شاگرد ٽوپيون اجرڪون پاء اچي گرائونڊ تي بيٺا، ڪٿان دهل
شرنائي وارا به گهڙي آيا،اصل دهل دماما ٿي ويا، سائين به آفيس ڇڏي اچي اسان سان
شامل ٿيا، بلوچي ڊريس پهريل استاد بهادر پتافي ۽ سنڌي ثقافتي ويس ۾ سائين
عبدالفتاح خان ڏھر واه جو جهمر لاءِ هٿ کنيا، تاڙين جي گونج ۾ جيئي سنڌ جا اڀ ڏاريندڙ
نعرا گونجي اٿيا.
ننڍي کان ننڍو، وڏي
کان وڏو ماڻھو ملاقاتي ٿي آيو ته اٿي بيهي ڀاڪر ڀري ملندس،چانھ به ضرور پياريندس،
مهمان ڀلي هڪ هجي يا ٻه هجن چانھ جو آرڊر ڪلو يا اڌ ڪلو کير ۾ دوڌ پتيءَ جو هوندو،
چانھ نه رڳو مهمان پر سڀني ويٺلن کي ملندي. سالياني امتحانن ۾ ديڳون چڙھي وينديون،
پوري ضلع جي تعليم کاتي جي آفيسرن، سپروائيزرن، هيڊ ماسترن کي دعوت هوندي، امتحان
به ڇڪي وٺرائيندو، آفيسرن کان وزٽ ڪرائيندو، محنتي، قابل استادن کي خوب اتساهيندو
باقي اسانجهڙن اڌ اکري ڪلاس ٽيچرن کي آفيس ۾ سڏائي پنهنجي مخصوص انداز ۽ طريقي ڪار
سان بهترين سمجهاڻيون ڏيندو!
آڌ کان مٿي ڏھرڪي
شهر جي ماڻھن جو استاد بلڪه استادن جو به استاد سائين عبدالفتاح ڏھر هڪ برجستو هيڊ
ماستر، ڪامياب تعليمدان، پنهنجي پيشي سان سورنهن آنا سچو، سخت ۽ تڪڙو منتظمين، ڪيترائي
سال پ ٽ الف تعلقه ڏھرڪي جو چونڊيل صدر،استادن جو هڏ ڏوکي، بنا لوڀ لالچ ۽ فرق جي
خدمت ڪندڙ،ٺيٺ قوم پرست، يار ويس، زنده دل، شاگردن سان پيار ڪندڙ، ٻاهران سخت ۽ اندران نرم ملائم!
هڪڙي ڀيري سالياني
امتحان دوران سپر وائيزر صاحب سان تکا مٺا ٿي پيا، پاڻ ٿورو زياده گرمي ڏيکاري ويٺا،
گهڙي کان پوءِ آفيس جو در بند ڪري هڪ ٻي کي ڏواراپا ڏيئي بس ڪيائون ته اسان وڃي ڏٺو
ته سائين هٿ رومال سان ڳوڙھا ويٺا اگهن ۽ سپروائيزر صاحب کين پرچائيندي پاڻ به ڳوڙھا
ويٺو ڳاڙي.
ڊگهڙو قد، ڀريل باڊي،
چهري تي خوبصورت سفيد ڏاڙھي، وڏڙيون مڇون، ڪڻڪائون رنگ، ساڄي هٿ ۾ هميشه رومال، سنڌي
ٽوپي، ڪيٽيء جو سفيد وڳو قميص تي اڳيان ڍڪڻ واريون ٻه جيبون، وڏي گهير واري شلوار،
پيرن ۾ هميشه بوٽ. ڪاوش اخبار پڙھندي اکين تي عينڪ، رعبدار شخصيت، گهڻو ڪري خاموش
پر ڳالهائڻ لڳي ته پوءِ ويٺو ٻڌجي، گفتگو رف ٽف، مزيدار، ٽھڪڙا، کل مذاق، ڪاوڙيل
ته پوءِ جيڪو ويجهو ويو سڙيو پيو هوندو، پر ڪاوڙ گهڙي پل جي، ڄڻ ڪکن جي باھ. سڏي سڏي
پيو پرچائيندو، چاهيون فروٽ پيو کارائيندو. سندس دور ۾ دڙڪا شڙڪا کاڌاسين پر
چانهيون به ڍو تي پيتيوسين. سندن اڻ ڳڻيا احسان آھن جو اسان کي ايمانداريءَ سان ڊيوٽي
ڪرڻ ۽ حق حلال کائڻ جو پابند ڪري ويا.
عبدالفتاح خان ڏھر
ولد حاجي عبدالقادر خان ڏھر جن جو جنم ۰۱.۹.۱۹۵۴ع تي ڳوٺ حافظ محمد سليمان خان ڏھر ۾ ٿيو ۔ پرائمري
تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاء گورنمينٽ پي ھاء اسڪول ۾ داخل ٿيا
۔ ڪاليج جي تعليم گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان حاصل ڪيائون. ۱۶،۱۰،۱۹7۴ تي کين سردار ڄام منير احمد خان ڏھر جن جي طرفان پرائمري استاد جو آرڊر مليو پنهنجي
ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ جوائننگ ڪيائون. ڪجھ سال
بعد رڳو ٽي منٽ اسڪول ليٽ ٿيڻ تي سزا طور سندن بدلي پير جو ڳوٺ شڪارپور ڪئي وئي
جتي ۹ مھينا ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ ڏھرڪي شھر جي مين پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿيا جتي
ئي بعد ۾ ۱۹.۱.۱۹۹۰ کانپوءِ ھيڊ ماستر طور پنھنجا فرض انجام ڏيڻ لڳا جتان ۲۰۱۴ ۰۱.۹ تي پنھنجي ڄمار جا ۶۰ سال پورا ڪرڻ کان پوءِ رٽائرڊ ٿيا۔ سندن رٽائرمنٽ
جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو. ضلع گهوٽڪيءَ جي آفيسرن تعلقي ڏھرڪي جي استادن ۽ سندس اسڪول جي
اسٽاف ۽ شاگردن پاران گلن جا هار، اجرڪن جا تحفا، سنڌي ٽوپيءَ جي سوکڙي ۽ تمام گهڻي
خراج تحسين پيش ڪئي وئي. ماشاءَ الله پاڻ حال حيات صحتمند سڪون واري زندگي گهاري
رهيا آھن.
(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا