; سنڌي شخصيتون: استاد عبدالفتاح خان ڏھر، غفار سومرو، ڏھرڪي،
Showing posts with label استاد عبدالفتاح خان ڏھر، غفار سومرو، ڏھرڪي،. Show all posts
Showing posts with label استاد عبدالفتاح خان ڏھر، غفار سومرو، ڏھرڪي،. Show all posts

18 July, 2021

استاد عبدالفتاح خان ڏھر - غفار سومرو

استاد عبدالفتاح خان ڏھر

غفار سومرو


اڻويھ سو ڇهانوي  ۾ جيئن ئي پيرينٽس ڪوٽا تحت گهر ويٺي پرائمري ماستري جو آرڊر مليو ته مون وٺي منهن سڄايو. منهنجو خيال هو ته؛ ابو سائين به استاد، وڏا ٻه ڀائر به استاد. ڀلا ٻي ڪا نوڪري شوڪري ڪونهي ڇا؟ وٺي لڙ ڪيم ته ماستر ڪونه ٿيندس. تعليمي قابليت ۽ جسماني جاگرافي موجب، پوليس کاتي ۾ ڪا چڱيرڙي پوسٽ ملي ته واه واه نه ته ماستري ٻاستري پنهنجو شان ئي ڪونهي!

بھرحال گهر ۾ سڀني کان  ننڍو ۽ اٽي تي چٽي يعني بيروزگار هجڻ سبب وڏن ڀائرن جي سمجهائڻ، ڌمڪائڻ تي آرڊر کڻي قبول ڪيم. تاريخ ۰۱.۳.۱۹۹۶ جي هڪڙي صبح جو ڪلهن تي اجرڪ ويڙھي نهال واھ جي ڪڙ وٺي اوڀر منهن ڪري اڍائي ٽي  ڪلوميٽر  پنڌ ئي پنڌ ڳوٺ مٺو ڀٽو پهتس. ڪکائين جهوپڙي ۾ قائم گ پ اسڪول مٺو ڀٽو ۾ يارنهن ٻارنهن شاگرد ٻه ٽي بينچون ۽ رڳو هڪڙي ڪاٺ جي ڪرسي موجود هئي. تقريبن ٽي يا چار مهينا پابندي سان اسڪول ويندو رهيس پر رسيس کان پوءِ سڌو گهر. ماني شاني کائي، ڌو ڏھرڪي سبزي منڊي ۾ دائم ڌانڌو جي هوٽل تي، انڊين فلمون ڏسي، شام جو گهر واپس پيو اچان.