; سنڌي شخصيتون: جشن پهلاج راءِ واسواڻي - ميوارام نجار

18 July, 2021

جشن پهلاج راءِ واسواڻي - ميوارام نجار

جشن پهلاج راءِ واسواڻي

دادا جي پي واسواڻي کي الوداع ۔۔۔!

ميوارام نجار



حيدرآباد سنڌ ۾۲ آگسٽ ۱۹۱۸ ع تي ڪرشنا ديوي جي ڪک مان جنم وٺندڙ جشنپهلاج راءِ واسواڻي ۱۳ سالن جي عمر ۾ پاس ڪئي. ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان گريجوئيٽ، ۱۹۳۷ ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۴۰ع  ۾ ايم ايس سي پاس ڪئي. پوني ۾ هي صاحب نينگرين جي پهرئين واحد ڪاليج  ئي سينٽ  ميران جو ڪيترن ئي سالن تائين پرنسپال پڻ ٿي رهيو.  هن جي گرو جو نالو ساڌو ٽي ايل واسواڻي هو. جنهن جي وفات کانپوءِ دادا جي پي واسواڻي پوني ڀارت ۾ ساڌو مشن جون ذميواريون سنڀاليون. هي واسواڻي جو وڏو اشاعتي پبلشر آهي جنهن مان ماهوار سنت مالها سنڌي ۾، ميرا، ايسٽ اينڊ ويسٽ انگريزي ميگزين، شام سنڌي ۾ نيوز ليٽر ۽ ٻيا ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن. دادا جي پي واسواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ليکڪ ۽  فلاسفر هو. هن ۱۵۰ کن ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. انهن ۾ ھرٽ آف گيتا، بريڪ فاسٽ وٿ گاڊ، ڀڳونت نوري گرنٿ، گرو ڪل، ڊسڪور يور سيلف، دي لائف بيوٽيفل، لو از نيور بلائينڊ وغيره شامل آهن۔ اهي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي کانسواء دنيا جي سترنهن کن ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن۔ سندس لکيل مقالي ”دي اسٽوري آف دي سمپل مين“ تي امريڪا انٽر نيشنل اڪيڊمي کيس ايم فل جي اعزازي ڊگري ڏني هئي۔


دادا کي انسانيت سان ته بيحد پيار هوندو ئي هو پر پکين ۽ جانورن سان بيحد پيار هو۔ انهن پسون جي خيال ۽ خدمت لا شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ اين جي اوز به کولي هئي ۔هوئنئن به هن جي آشرم تي پکين ۽ جانورن جي سنڀال لاءِ الڳ انتظام پڻ ٿيل آهن. ۱۹۶۱ع ۾ ڀارت ۾ آيل ٻوڏ دوران هن متاثرن جي بيحد مدد پڻ ڪئي هئي۔ ٻولي جي مٺاس ۽ کلمک چهري جي ڪشش ۾  بهترين زندگي جا هزارين گڻ هن مذهبي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي سڌاريا پڻ آھن۔ هو پنهنجي وڻندڙ رويي سبب زندگي جي انمول رتنن ۽ فلسفي تي گهانا، سينگاپور، آسٽريليا، آمريڪا، يورپ وغيره ملڪن ۾ به ليڪچرز ڏنا جنهن تي ڪيئي عالم انسان هن جي عقيدي کي مان ڏئي شانت زندگي گذارڻ جا وچن ڏنا. ان عمل مان متاثر ٿي يوناٽيڊ نيشن پاران ۱۹۹۸ع ۾ U Thant Peace Award سان نوازيو ويو۔

هن جا ليڪچرز دل جي روم روم کي ڇڪيندا آهن. جنهن جون به هزارين سي ڊيز مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيل ملن ٿيون. هو ڏيڍ  ڏهاڪو سال اڳ ۾ پنهجي ماتر ڀومي سنڌ ۾ به آيو هو۔ سندس وارتا لاڀ ان مهل علي قاضي صاحب پاڻ ڪي ٽي اين تان ڪئي هئي.  جنهن ۾ هن سنڌ سڀيتا سان ڀارت ۾ رهندي به ڀرپور پيارا جو اظهار ڪيو هو۔ هو وقت به وقت سنڌي ٻولي بابت چوندو رهندو هو؛ ”منهنجا پيارا سنڌيو، خواھ توهان ڪٿي به رهو پر پنهجي ٻولي کي نه ڇڏجو، ان ٻولي ۾ سنڌ امڙ جي ممتا ۽ مٺاس ڀريل آهي ۽ اها ديش وديش ۾ اسان جي سڃاڻپ آهي۔“ سنڌ ياترا تي هڪ عقيدتمند عورت ”وطن جي وڻن ڏي پڻ لکيو هو۔ ڀارت جي مشهور ٽي وي چينل سوني تان به هن جا ليڪچرز ٽيلي ڪاسٽ ٿيندا رهيا آهن. انهي ليڪچرز ۾ انسانيت ۽ زندگي سان پيار جا ڪيئي گس ڏنا آهن. جيئين ته ڀارت ۾ پوني ۾ رهڻ ڪري ڀارت جي وڏا ڪامورا اڳواڻ جڏهن به پوني اچن ته هن جي در تي اچي پيار جا شفقت ڀريا ٻول ضرور ٻڌي ويندا هئا. هن ۲ آگسٽ ۲۰۱۸ تي سرڪار پاران دادا جي پي واسواڻي جي هڪ سو جنم ڏڻ مها اتسوھ  ڪري ملهائڻ جون تياريون مڪمل هيون ۽ کائنس وڏو سولين ايوارڊ ”ڀارت رتنا“ ڏيڻ جو اعلان ٿيل هو پر هو گذريل ڪجهه ڏينهن کان طبيعت جي لاچاري سبب ۱۲جولا ۲۰۱۸ع جي صبح  پوني ۾ ۹۹سالن جي ڄمار ۾ هزارين گهرن کي سرڳ بڻائي پاڻ وڃي مالڪ حقيقي سان  مليو۔ شادي نه ڪيائين پر لکين عقيدتمند سندن اولاد جيان آھن. سندن طرز عمل زندگي ۽ هن جا انمول وچن جيڪو اپنائيدو هو راھ زندگي ۾ ڪڏهن به غلط رستي جو مسافر ٿي نه سگهندو.  

 

(روزاني ڪاوش حيدرآباد ۾ جمع ۱۳جولا ۲۰۱۸ع تي ڇپيل)



ٻه اکر دادا جشن واسواڻيءَ لاءِ

الطاف شيخ

اڄڪلهه دادا جشن پي واسواڻي ۵۶ سالن بعد پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي دؤري تي ويل آهن. دادا واسواڻي جنهن جا ليڪچر صبح جي وقت Sony چئنل تان اچن ٿا هو جڳ مشهور سنڌي فلاسفر، اسڪالر، سائنسدان، مقرر ۽ سماجي سيوا ڪندڙ شخص آهي. ان کان علاوه دانشور، اديب، شاعر، استاد تعليمي ماهر ۽ صوفي بزرگ طور پڻ مشهور آهي. هو پنهنجي چاچي ۽ مرشد ساڌو واسواڻي جو جاءِ نشين آهي.

دهليءَ ۾ ”ساڌو واسواڻي انٽر نيشل گرلس اسڪول“ گهمڻ جو احوال لکڻ دوران ساڌو واسواڻي (سڄو نالو، ساڌو ٿانور داس ليلارام واسواڻي خدا آبادي) جو احوال پڻ لکيو اٿم. هتي ٻه چار سٽون دادا جشن واسواڻي تي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. دهليءَ جي مٿين گرلس اسڪول جي کليل ميدان جي هڪ ڪنڊ مختلف رنگين گلن ۽ ٻوٽن سان جهنجهيل آهي. اسڪول جي صلاحڪار پروفيسر ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻيءَ اها ڏيکاريندي ٻڌايو هو ته ان ۾ اسڪول جون ڇوڪريون گلن پوکڻ جو شوق پورو ڪن ٿيون ۽ اها ڪنڊ ”جشن ڪارنر“ سڏجي ٿي، جيڪا دادا جشن واسواڻي جي نالي ڪيل آهي. هو ڪا دير هن نيڪ مرد بابت ٻڌائيندو رهيو جنهن جا جهيڻي پر صاف آواز ۾ پر مغز ۽ دل تي اثر ڪندڙ ليڪچر روزانو صبح جو ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ليڪچر بعد سوني چئنل تان ٻڌندو آهيان. گذريل ٻه چار ڏينهن دادا واسواڻي تي روچي رام، مدد علي سنڌي، امداد سومري ۽ ٻين جا مضمون انٽرنيٽ ذريعي ڪاوش، عبرت ۽ عوامي آواز اخبارن ۾ به پڙهندو رهيو آهيان.

دادا جي واسواڻي جيڪو هن وقت سنڌ جي ياترا تي پهتل آهي. حيدرآباد ۾ ۲ آگسٽ ۱۹۱۸ع ۾ جنم ورتو ۽ هن وقت ۸۷ ورهين جي ڄمار جو آهي. پاڻ نومبر ۱۹۴۸ع ۾ پنهنجي چاچي ساڌو واسواڻيءَ سان گڏ سنڌ ڇڏي بمبئي روانگي اختيار ڪئي.

جشن واسواڻي هن وقت پوني ۾ سيراني اسڪول ۽ ڪاليج کان علاوه ڪيترائي فلاحي ۽ جديد تعليمي ادارا هلائي ٿو. هن کي اقوام متحده ۽ انگلينڊ جي هائوس آف ڪامنس ۾ خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويندو آهي. دادا جشن واسواڻي بيحد ذهين شاگرد هو. هن ۱۳ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ان بعد ڪراچيءَ جي ”ڊي جي سائنس ڪاليج“ مان B.Sc فزڪس سترهن سالن جي ڄمار ۾ پاس ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو ۽ ساڳي ڪاليج ۾ فيلوشپ مليس. هن سائنس جي شعبي ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا. سندس هڪ مقالي کي نوبل انعام يافته ڊاڪٽر سي وي رامن چڪاس بعد بيحد پسند ڪيو هو. پاڻ ايل ايل بي بعد ۱۹۳۹ع ۾ M.Sc ڪئي.

 


No comments:

راءِ ڏيندا